ڄام شورو، سنڌ ٻه اَکر
ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جو ڪمپوز ٿيل اسڪرپٽ پڙهي، اهي ويچار منهنجي ذهن ۾ آيا. اهي ڪهاڻيون مختلف وقتن تي لکيون ويون ۽ مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن، جهڙوڪ پارس، مومل، سرتيون ۽ ٽِه- ماهي مهراڻ.
ثمينه 1980 وري ڏهاڪي کان لکي رهي آهي ۽ سندس چوڻ موجب هن جي ڪهاڻين جو ڳچ تعداد آهي، پر هن مجموعي ”تِروِرو“ ۾ ڪُل 15 ڪهاڻيون آهن. انهن ڪهاڻين جا ڪردار، وقت/حالتن ۽ پنهنجي عمل جي ڪري ڏک سهن ٿا. پوءِ اُها ”تِروِرو“ ڪهاڻي جي انيتا هجي، يا ”آٿت“ ڪهاڻيءَ جو مُک ڪردار!
”آٿت“ ڪهاڻيءَ جون شروعاتي سِٽون هيءُ آهن:
”سڪينه مڙس جي ڀر ۾ ليٽي پئي هئي، پر ننڊ سندس اکين کان ڪوهين ڏور هئي.“
۽ ان ڪهاڻيءَ جي پُڄاڻي هنن سِٽن تي ٿئي ٿي:
”محسوس ڪيائين ڄڻ ايترن ڏينهن کان پوءِ هوءَ اڄ سٺي ننڊ ڪري سگهندي…“
انهيءَ شروعات ۽ پڄاڻيءَ جي وچ واري ڪٿا انهيءَ ڪردار جي ڀوڳنا آهي، جيڪا هُن جي ئي هڪ فيصلي/ضد/اڳ ڳڻتيءَ جي ڪري اُن کي ڀوڳڻي پئي ٿي. اها وچ واري ڪٿا هڪ ماءُ جي ڪٿا آهي، جنهن کي هڪ پُٽ آهي، اڳئين مڙس مان، جنهن کان هوءَ طلاق وٺي چڪي آهي ۽ اُن پُٽ جي سٺي آئيندي لاءِ وري به شاديءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ وجهي ٿي ۽ پاڻ کان وڏي ۽ رنڙ مڙد جي چونڊ ڪري ٿي، جنهن کي اڳيئي ٻار آهن. اُهو مڙد، اڳتي هلي، هن کي پُٽ ۽ اڳئين مڙس جا مهڻا ٿو ڏئي ته هوءَ اندر ۾ ڀڄي ڀُري ٿي وڃي! ۽ اُن رات، جنهن تي ڪهاڻي پُڄي ٿي، جڏهن دير تائين پٽهنس گهر نه آيو آهي، تڏهن هوءَ کونگهرا هڻندڙ مڙس کي اُٿاري پڇيس ٿي ته مظهر (پُٽ) اڃا گهر نه آيو آهي ته هُو کيس ٻڌائي ٿو ته اُهو پنهنجي پيءُ ڏانهن هليو ويو آهي! ۽ هُن کي ڄڻ هڪ آٿت ملي ٿو وڃي!
”لڳيس جنهن جي لامَ“ ۾ زينيءَ جو هڪ اهڙو ئي ڪردار آهي، جيڪو مڙس جي هر زيادتي برداشت ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ٿو ڪري، اهو سوچي ته:
”هن کي خاموش رهڻو آهي هميشه لاءِ پنهنجي اولاد جي لاءِ، سندس سڀ گس اتيئي ختم ٿيڻا آهن.“
اسان جي سماج ۾ عورت پهرين مائٽن جا ظلم سهي ٿي ۽ پوءِ زينيءَ وانگر پنهنجي مڙس جا، جيڪو هن جي پسند پڻ آهي، ظلم سهي ٿي ۽ پوءِ پنهنجي ٻارن لاءِ سڀڪجهه برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي.
ڪهاڻي نه لکڻ/نه لکي سگهڻ، يا گهٽ لکڻ جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا ۽ جواز به- مثلاً: سُٺن رسالن جو نه هئڻ، ڪهاڻيءَ مان ڪوبه مالي اپڙاسو نه هئڻ، تنقيد جو نه هئڻ وغيره. منهنجي خيال ۾ پنهنجي ٻوليءَ، ساهت ۽ سماج ڏانهن جيڪي اسان جون ذميواريون آهن، انهن کي سنجيدگيءَ سان نه کڻڻ به ان جو ڪارڻ آهي. ”روح رڙيو جنهن لاءِ“ جي ڪردار کان به لکڻ ڇڏائجي ٿو وڃي:
”هن جي هٿن ۾ پين ڪيتري دير کان آهي، پنا اڳيان پيا اٿس، لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر الائي ڇو ائين ٿو محسوس ٿئيس، ڄڻ لفظ پوپٽن جيان پنهنجا پرڙا ڦڙڪائي ڪيڏانهن پري تائين هليا ويا آهن ۽ هوءَ بي وسيءَ سان انهن کي اُڏامندي ڏسندي ٿي رهي.“
اهو ڪردار نه لکي سگهڻ واري ڪيفيت به لکت ۾ ٿو ٻڌائي ۽ ائين پوري ڪهاڻي ٻڌائي ٿو وڃي، ادب کي زندگيءَ/سماج جي آرسي چيو وڃي ٿو، اهڙي ئي زندگي/سماج جو اولڙو آهي ”اندر روح رهيام“، هڪ بيوس ۽ مجبور پيءُ، ماءُ ۽ ڌيءَ. ڌيءَ جنهن کي پنهنجي ڪاري ڪيل ماسات جي صلاحي ٿيڻ جي ڪوڙي تهمت جي ڪري، حسنا جو پيءُ کيس پري ڪنهن سڃاڻوءَ وٽ ڇڏي ٿو اچي، هميشه لاءِ، ته جيئن سندس زندگي بچي وڃي. وقت گذري ٿو وڃي ۽ هڪ ڏينهن جڏهن سندس پُٽ پنهنجي دوست جي شاديءَ جو ڪارڊ آڻي کيس ٿو ڏئي ته سندس ڇٽُل ڦٽ وري ڇڙي ٿا پون! شادي سندس ڳوٺ ۾ ٿي رهي آهي! هوءَ نه وڃڻ جو بهانو ٿو ڪري ۽ بصر وڍڻ ٿي لڳي ته جيئن اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جو جواز ملي سگهيس!
منهنجي خيال ۾ هڪ ڪهاڻيڪار کي ڪهاڻيءَ کي لکندو رهڻ کپي. مستقل طور، ڇاڪاڻ ته مسلسل لکڻ سان هن کي تجرباتي مرحلن مان گذرڻو پئي ٿو- ائين هن جو diction وڌيڪ سڌري ٿو- ۽ ظاهر آهي ته لکيل ڪهاڻيءَ جو ڇپجڻ به ضروري آهي ۽ ڇپجڻ کان پوءِ اُن تي راين (تنقيد) جو اچڻ به لازمي آهي. پر جيسين ائين ٿئي، يعني ڇپجڻ ۽ تنقيد جو مرحلو اچي جيسين، تيسين ڪهاڻيڪار کي به ڪهاڻيءَ کي لکندو رهڻ گهرجي ۽ ثمينه کي انهيءَ پهرئين مرحلي کي ڪڏهن به هٿان نه وڃائڻ گهرجي- ٻيا سڀ مرحلا پوءِ جا آهن ۽ ائين ئي اسين، ثمينه سوڌا، سمورا ليکڪ پنهنجي ٻوليءَ ادب، سماج ۽ ماڻهن ڏانهن پنهنجون ذميواريون سنجيدگيءَ سان محسوس ڪري، انهن کي نڀائي سگهنداسين.
امداد حسيني
ڄام شورو، سنڌ