اندر روحَ رهيام
”جيءُ پٽ… ڇا ٿيو؟“ حُسنا، عليءَ کي خوش ڏسندي چيو. ”امان! هيءَ ڪارڊ ڏسو، منهنجي دوست جي شاديءَ جو آهي…۽ توهان کي به ضرور هلڻو آهي.“
حُسنا جڏهن ڪارڊ ڏٺو ته ڳوٺ جو نالو پڙهي هٿ ڏڪڻ لڳس. مُنهن سڄو ڪاراٽجي ويس.
”امان! توهان کي ڇا ٿيو؟“ علي، ماءُ جي چهري کي ڏسندي چيو.
”ڪجهه نه پُٽ! سوچيم پئي ته ڳوٺ ڪيترو نه پري آهي. ايڏو پري ڪيئن هلبو!“ حُسنا ڳالهه ٺاهيندي چيو.
امان! هڪڙوئي دوست آهي منهنجو، هن جو ڳوٺ به ساڳيو آهي ۽ شادي به پنهنجي سؤٽ سان ڪري رهيو آهي. مٽ مائٽ، راڄ ڀاڳ به اتي ئي اٿس ته پوءِ شادي به اُتي ٿيندي.
”هونئن به مون کي ڳوٺ ۾ ٿيندڙ شادين ڏسڻ جو شوق آهي.“ علي خوش ٿيندي چيو.
”چڱو پُٽ! ٺيڪ آ، تون ئي وڃجانءِ، باقي مان نه هلي سگهندم. ايڏو سفر ڪرڻ مون کان نه ٿيندو. توکي ته خبر آهي ته منهنجي طبيعت به ٺيڪ نٿي رهي.“ حُسنا عليءَ کي سمجهائيندي چيو.
”ٺيڪ آ امان، مان ئي دوستن سان گڏ هليو ويندس.“
علي اهو چئي ڪمري ڏانهن ويو. علي ته هليو ويو، پر حُسنا جي هٿ ۾ اڃا اهو ڪارڊ هو. هـِن کي ڪارڊ مان ڄڻ پنهنجي ڳوٺ جي خوشبو اچڻ لڳي ۽ ڳوٺ لاءِ جيڪا سالن جي سـِڪ هن جي من ۾ سانڍيل هئي اُها ڄڻ هٿن ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هجي. ۽ هن کي ائين لڳو هو ته ڄڻ اڄ ئي هن سڀڪجهه وڃايو آهي. ڇا ڇا نه وڃايو هئائين! ڪهڙي ڪهڙي سڱ سياڪي تان هٿ کڻڻو پيو هئس. هڪ اهڙي ڏوهه جي سزا جيڪو هن ڪيو به نه هو، اڄ تائين ڀوڳڻو پيو هئس. پڙهيل هوندي به هوءَ اڄ تائين پنهنجي سڃاڻپ ڪنهن کي نه ڏئي سگهي هئي. هوءَ اندر ۾ ڀڄندي ڀُرندي رهي هئي. هر وقت خوف هن جي مٿان طاري رهندو هو. حُسنا ته پنهنجي مُڙس کي واپس وطن ورڻ کان به جهليو هو، پر اُن جو ڪارڻ به ته نه ڏئي سگهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن رات جو ننڊ ۾ رڙيون ڪرڻ لڳندي هئي. هاڻ ته الاهي بيمار به رهڻ لڳي هئي ۽ عمر کان وڏي لڳندي هئي. مڙس ته گهڻو خيال رکندو هئس. سٺو ڪاروبار هئس. پيسي ڏوڪڙ جي ڪابه تنگي نه هوندي هئس. پر جيءَ ۾ مائٽن جو جهوراڻو هئس ۽ اندر ۾ ڦوڙائي جو ڦٽ ڪڏهن نه ڇٽيس ۽ وقت کان اڳ هوءَ پوڙهي ٿي چڪي هئي. اڄ ورهين پڄاڻان ڪارڊ کي ڏسندي هن جو روح رڙيو هو مائٽن لاءِ، پر هن جا رستا ته ختم ٿي چڪا هئا. هن جو وجود ئي پنهنجو نه رهيو هو. حُسنا جي هٿ ۾ شادي ڪارڊ هو. هوءَ هر هر اُن کي ڏسندي ٿي رهي- ۽ حال جي تيز هوا ماضيءَ جي ڪتاب جا ورق ورائيندي پئي وئي!
* * * *
رات پوئين پهر ۾ هئي. اوچتو در کڙڪڻ جو آواز ٿيو، حُسنا ۽ سندس ماءُ جي اک کلي.
”سؤٽَ در تي ڏس ڪير آهي؟“ امان در کڙڪڻ جي آواز تي بابا کي چيو.
بابا در ڏانهن ويو. ماسات حميد بيٺو هو.
”ابا خير ته آهي، هن مهل!“ بابا چيو.
”ها خير آهي…!“ هو لُوهه پائي اندر گهڙيو.
کٽن تي سڀني کي سُتل ڏٺائين.
”ڇو ابا، ڇا پيو ڳولين؟“ بابا پريشان ٿيندي پڇيو.
”ماسڙ، ٿورو هيڏانهن اچ.“ حميد بابا کي ڏيڍيءَ ڏانهن وٺي ويو.
مان ۽ امان آوازن تي اُٿي ويٺاسين.
”ماسڙ هڪڙي ڳالهه پڇڻي هئي توکان؟“
”ها پڇ! ڇا ڳالهه آهي؟“ بابا اُلڪي مان چيو.
”ماسڙ! اڄ ماسي ۽ ماسات حُسنا وڏيرن جي لاڏن تي ويون هيون ڪي نه؟
”نه ابا! اڄ لاڏن جو سَڏُ ته هو، پر ماسهين جي طبيعت ٺيڪ ڪانه هئي، سو پوءِ حُسنا به نه وئي. ڇو ڇا ڳالهه آهي“، بابا حميد کان پڇيو.
”ته پوءِ ماسڙ، هوءَ چادريءَ ۾ ڪهڙي عورت هئي، جيڪا وڏيري جي اوطاق مان نڪتي ۽ وري هن ئي گهر ۾ وئي!“ حميد اچرج مان چيو.
”چوين ڇا پيو؟“ بابا اهو ٻڌي الاهي جذباتي ٿي ويو.
جڏهن امان ۽ مون اها ڳالهه ٻڌي ته امان کٽ تان اُٿي ڏيڍيءَ ڏانهن وئي.
”ابا حميد، حُسنا جي چادري ته تنهنجي ڀيڻ زيبو پائي وئي هئي. پنهنجي هـِت ڇڏي وئي هئي. اهو چئي ته پراڻي آهي، پوءِ واپسيءَ تي وري پنهنجي چادري پائي به وئي. هڪ ساهيڙي به گڏ هئس.“ امان حميد کي پيرائتي ڳالهه ٻڌائي.
منهنجو ساهه هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. يا خدا…هيءُ ڇا آهي…زيبو…نه نه…ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي! مان سوچڻ لڳس. حميد جو مُنهن تپي باهه ٿي ويو ۽ هن کي ڄڻ يقين ئي نه آيو، پر پنهنجي گهر ڏانهن ويندي مهل چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن زيبو هئي ته ضرور حُسنا به اُن ڳالهه ۾ ٻڌل هوندي، مان ٻنهي کي نه ڇڏيندس.“
”گهڻو نه ڳالهاءِ، منهنجي ڌيءَ تي وري الزام ٿو هڻين، جڏهن ته منهنجي ڌيءُ گهر مان نڪتي ئي نه آهي. ۽ مون کي پنهنجي ڌيءُ تي ڀروسو آهي، منهنجي ڌيءُ اهڙو ڪُڌو ڪم ڪري نه ٿي سگهي.“ بابا الاهي جذباتي ٿيندي حميد کي چيو، ۽ ماسات حميد چـِڙ ۾ اتان هليو ويو ۽ اُن ئي رات هن زيبوءَ کي ڪهاڙيءَ سان ماري ڇڏيو ۽ ڪيڏانهن ڀڄي ويو، ۽ چڱي عرصي تائين غائب رهيو. سڄي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو. منهنجي ننڍپڻ جي ماسات زيبو، جنهن سان گڏ مون رانديون ڪيون ۽ گڏ ننڍيون ٿي وڏيون ٿيوسين، پرائمري گڏ پڙهيوسين، پر ماسات حميد زيبوءَ کي وڌيڪ پڙهڻ نه ڏنو، ۽ ٿوري ئي وڏي ٿي ته گهر ۾ اندر ويهاري ڇڏيائين. جنهن جو ڏک زيبوءَ کي به ٿيو، پر مون کي وڌيڪ ٿيو. ڇو ته مان اڪيلي ٿي ويس، پر منهنجي بابا مون کي وڌيڪ پڙهڻ جي اجازت ڏني. مون مئٽرڪ پنهنجي ڳوٺ مان ڪئي. منهنجيون ننڍيون ڀينر ۽ ڀائر به پڙهڻ لڳا. ماسات حميد کي ڪاوڙ ته ڏاڍي هئي اسان تي، پر هن جو زور پنهنجي گهر تي هليو ۽ بابا هُن جي ڳالهين ۾ نه آيو.
پر هُو جڏهن به گهر ايندو هو ته بابا کي برغلائيندو هو، اِهو چئي ته ”ماسڙ حُسنا کي پڙهائي ٺيڪ نه پيو ڪرين. سڀاڻي تون ئي ڪنڊا ڪڍندين، جڏهن مُڙس به آخر ۾ توکي ڳولي ڏيندي.“ بابا کي چڙ ته ڏاڍي وٺندي هئي، پر بابا ٿڌي دماغ وارو ۽ سمجهه وارو هو پر، اهو ضرور چوندو هئس ته ”ابا حميد! پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن. علم ڪڏهن به غلط رستو نه ڏيکاريندو آهي. پُٽن کي پڙهائجي ٿو. باقي نياڻين ڏوهه ڪيو آهي ڇا؟“
بابا جون ڳالهيون ماسات حميد تي ڪو اثر نه ڪنديون هيون. چڙ ۾ اُٿي بيهي رهندو هو ۽ مان ڪمري ۾ سڀڪجهه ٻڌندي پنهنجي بابا تي دل ئي دل ۾ فخر ڪرڻ لڳندي هئس. ۽ مون به اهوئي سوچي ڇڏيو هو ته بابا جيترو اعتماد مون تي ڪيو آ، مون کي اُن کان وڌيڪ اعتماد ڏيڻو به آهي.
منهنجا انٽر جا امتحان جڏهن ٿيا ته سينٽر ٻئي شهر ۾ لڳو هو ته بابا مون کي روز پنهنجي ڊيوٽي سمجهي اوڏانهن وٺي ويندو هو. بابا کي ڏسندي هئس ته خوشيءَ مان ڳوڙها ڳڙي ايندا هئا ۽ وري جڏهن ماسات زيبوءَ جي باري ۾ سوچيندي هئس ته هوءَ ڪيڏي نه مجبور هئي پنهنجي ڀاءُ جي اڳيان. ماسڙ ته هن دنيا ۾ نه هو، سڄي گهر تي حڪمراني حميد جي هوندي هئي. پاڻ به گهٽ پڙهيو هو، سڄو ڏينهن ويٺو هوٽلن تي شرطون رکندو هو. زيبو چاهيندي به تعليم نه پرائي سگهي، ائين مون انٽر به ڪري ڇڏي ۽ نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ به ڪيو ۽ منهنجي خوشنصيبي هئي جو مون کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ماستري ملي وئي. مون پنهنجي ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن کي انهيءَ شوق سان پڙهائڻ شروع ڪيو. ائين وقت گذرندو رهيو ته اوچتو اڄ زيبوءَ واري واقعي سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. ڪجهه ڏينهن ته ڳوٺ ۾ هراس ڇانيل هو ۽ مون کي ته زيبو ڪڏهن به نه ٿي وسري سگهي. پر هڪ رات ۾ جيئن زيبوءَ جي زندگيءَ جو فيصلو ڪيو ويو ته منهنجي به زندگيءَ جو شايد اُنهيءَ رات ئي فيصلو ٿي چڪو هو! هن جي ته زندگي ختم ٿي چڪي هئي، پر مون کي جيئري ئي زندگيءَ تان هٿ کڻايو ويو. ڏوهه جيڪو مون ڪيو به نه هو، ان جي سزا مون کي ڏني وئي. ان زندگيءَ منهنجي سڃاڻپ ئي کسي ورتي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اوچتو رات جو بابا، امان کي اُٿاريو. اهو چئي ته ”امان حُسنا کي اُٿار، حميد ڪنهن جي هٿان چواريو آهي ته هو حُسنا کي به نه ڇڏيندو. ”بس حُسنا جي ماءُ هن کي اڄ ئي رات ڪيڏنهن وٺي وڃڻو آهي. هُو وڏو ظالم آهي“ بابا پريشانيءَ مان امان کي چيو. امان جي ته پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. مون جڏهن ٻڌو ته اُٿي بابا کي چيو: ”مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو ماسات حميد اچي مون کي ماريندو! اڃا مون ۾ همت آهي. اچي ته ڏسان ڪيئن ٿو مون کي ماري.“ مان الاهي جذباتي ٿي ويس ”بابا مان ڪيڏانهن به نه وينديس.“
”پٽ! مون کي خبر آهي تنهنجو ڪو ڏوهه نه آهي.“ بابا چيو ”پر هُو وڏو قهاري آهي، هُن پنهنجي سڳيءَ ڀيڻ کي ئي ماري ڇڏيو ته پوءِ توکي ڪيئن بخش ڪندو!“
”بابا زيبوءَ جو ڏوهه هو يا نه، پر منهنجو ته ڪو به ڏوهه نه آهي!“
”ها پُٽ! مان سمجهان ٿو. بس توکي اڄ ئي رات مون سان هلڻو آ. منهنجي مجبوري ڏس. مان نٿو چاهيان ته منهنجي بي ڏوهي ڌيءَ ماري وڃي.“
”پوءِ بابا، توهان مون کي ڇو ٿا ڪيڏانهن موڪليو؟“ اُها زندگي ڪهڙي هوندي، جتي سڄي عمر جيئري ئي مري وڃان! انهيءَ کان ته مون کي موت قبول آهي.“
”پُٽ، تون مون کي ڏس ۽ ماءُ کي ڏس!“ سندن نماڻن نيڻن جي ڪُٺل نهار مون کي به ري ڪاتيءَ ڪهي وئي. ڇو ته منهنجو زنده رهڻ ئي هُنن لاءِ غنيمت هو. ۽ اُها رات منهنجي زندگيءَ جي آخري رات هئي. جنهن مون کان منهنجا ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ ڀائر کسي ورتا. ۽ اُن ئي رات اڻڄاتل سفر ڏانهن منهنجي مقدر جو فيصلو به ٿي چڪو هو. اُهي بابا جا پري جا ڄاڻ سڃاڻ وارا هئا، جن وٽ بابا مون کي ڇڏي ويو ۽ موٽي وري سارَ نه لڌائين يا شايد هنن منهنجي حياتيءَ جو سودو ائين قبول ڪيو هو.
ان ڪٽنب ۾ بس زال مڙس هئا، جن کي اولاد به نه هو. بابا کين سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هُنن به بابا کي الاهي ڏَڍُ ڏنو، ته هيءَ اسان جي ڌيءَ آهي تون ڪوبه اُلڪو نه ڪر. هنن کي اولاد ته هو ڪو نه سو مون کي ڏسي ڄڻ جي پيا. بابا في الحال ته مطمئن ٿيو هو، پر اندر ۾ هو به اڌ ٿي چڪو هو! هن جي بيوسيءَ جي آخري نهار منهنجي اندر کي به ڪوري ڇڏيو هو، پر ڪجهه نه ڪُڇي سگهيس. بُت بڻجي ڏسندي رهيس پاڻ کي تسلي ڏيندي رهيس، اِهو سوچي ته ماءُ پيءُ جو اولاد سان رشتو ڪيڏو نه اڻٽٽ ٿئي ٿو، جنهن ۾ اولاد جي زندگي ئي ڪيڏي نه وڏي وَٿ آهي، مائٽ لاءِ.
پهرين ته مان رڳو روئيندي رهندي هئس. سمجهه ۾ نه ايندو هو ته ڇا ٿيندو؟ وري ڪڏهن پنهنجن مائٽن سان ملنديس يا نه…!پڙهيل ڳڙهيل هوندي به اُنهن رسمن جي ور چڙهي وئي هئس مان! سوچيم ته نوڪري ڪريان، پر وري ماسات حميد جو خيال ايندو هو ۽ بابا جي بيوسي. بس چپ ڪري گهر ويهي رهيس ۽ سال گذرندا ويا. ۽ ائين هيءَ فيملي ٻاهرين ملڪ شفٽ ٿي. مون کي به اُنهن سان گڏ وڃڻو پيو ۽ منهنجي پنهنجي سڃاڻپ سالن پڄاڻان ائين ختم ٿيندي وئي. سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بند رهندي دماغ ئي ڪم نه ڪندو هو. هنن جي به ذميواري هئي. جڏهن بابا وري سارَ نه لڌي ته هنن مناسب جاءِ تي منهنجو رشتو مون کان پڇي طيءِ ڪيو. ڇو ته هاڻ ڪو اوهي واهي نه رهيو هو منهنجو! منهنجا سڀڪجهه اُهي ئي ته هئا ۽ اُنهن اُتي سڀن کي اهوئي ٻڌايو ته ڌيءَ آهي اسان جي. مان به انڪاري نه هئس ان رشتي کان ڇو ته هو هاڻ منهنجا سڀڪجهه هئا.
ائين زندگي گذرندي رهي. مائٽن جي سارَ ته هڪ ڏينهن نه وسرندي هئي. هر وقت ماءُ، پيءُ، ڀائر ۽ ڀيڻون اکين اڳيان اچي ويندا هئا، پر عليءَ جي ڄمڻ کان پوءِ خوشيءَ جي احساس وري مون کي نئين زندگي ڏني، جنهن ۾ ڪجهه ڦٽ ميٽجڻ لڳا هئا ۽ اُن خوشيءَ ۾ پاڻ کي گُم ڪري ڇڏيم.
حُسنا جي هٿ ۾ ڪارڊ اڃا تائين هو، جيڪو سڄو پگهر ۾ آلو ٿي چڪو هو. هن پاڻ کي خيالن کان آجو تڏهن ڪيو، جڏهن علي بُک جون رڙيون ڪندو رڌڻي ڏانهن آيو. حُسنا جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا، جيڪي ڪارڊ کي پُسائيندا رهيا.
حُسنا ڪارڊ کي پاسي ڪري رکيو ۽ بصر وڍڻ لڳي.