ڪھاڻيون

ترورو

ثمينه ميمڻ جي هڪ سُڃاڻپ هڪ ذميدار ۽ ڏاهي ايڊيٽر واري آهي، جنھن سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماھي رسالي ”مھراڻ“ کي سنڀاليندي اچي، پَرَ ساڳي ئي وقت هُوءَ جڏهن ڪهاڻي لکي ٿي ته سندس ڪهاڻي پڙهندڙن جي مَنَ ۾ لَهي وڃي ٿي. هوءَ سماجَ تي گهري نگاههَ رکي ٿي ۽ سماجي المين کي نهايت خبرداريءَ سان ڪهاڻيءَ جو موضوع بنائي ٿي. ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون سماجَ جو آئينو آهن، جنهن ۾ سماجَ جي خوبصورتين ۽ بدصورتين کي پَسي سگهجي ٿو. ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جا موضوع نرالا ۽ انهن ڪهاڻين جا ڪردار ڏٺل وائٺل محسوس ٿيندا.
  • 4.5/5.0
  • 1350
  • 527
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ثمينه ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ترورو

اڻ ڇپيل ڏُکن جو پڙلاءُ

ڪهاڻي ادب جي هڪ منفرد صنف آهي، ڪهاڻي، لوڪ ادب، قصا ڪهاڻيون، زندگيءَ جي وارتا، ارتقا جو سفر ۽ تبديلي جو حصو آهي، ڪهاڻيءَ کي سماجي ۽ معاشرتي دستاويز به چئي سگهجي ٿو، ايڊگر ايلن پو مطابق ”مختصر ڪهاڻي هڪ اهڙو اختصار جو فن آهي، جنهن جا سڀئي پهلو گڏجي هڪ ڀرپور ۽ واحد تاثر پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا، ڪهاڻيءَ ۾ سماج جو عڪس واضح نظر اچي ٿو.
ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون به سنڌي سماج جي مسئلن ۽ مونجهارن جي صحيح ترجماني ڪن ٿيون، سنڌي سماج مختلف دورن ۾ سماجي، سياسي و معاشي مسئلن جو شڪار رهيو آهي، اهي مسئلا سماجي سرشتي کي اندران کوکلو ڪندا رهيا آهن، اهي ڪهاڻيون هيٺين ۽ وچولي طبقن سان تعلق رکن ٿيون، اهي طبقا آبادي جو وڏو حصو آهن، انهن ماڻهن جي اڪثريت ٻهراڙين ۾ رهي ٿي، انهن ماڻهن جي ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻي سادي ۽ نِج آهي، انهن جون خوشيون به ساديون ۽ سچيون آهن. ائين ڏک به سٻاجها، خاموش ۽ اڻچيل محسوس ٿين ٿا، سندن خون ۾ ويڙهيل ڊنل احساس، کين رشتن جي سونهن کي محسوس ڪرڻ نه ٿو ڏيئي. اهي ڪردار، هڪٻئي سان کلي ڳالهائي نه ٿا سگهن، ساهه ۾ ڏک سانڍي جيءَ ۾ جُهرندا رهن ٿا، ثمينه جي ڪهاڻين ۾ جابجا اهڙا ڪردار ملن ٿا، سندس ڪهاڻيءَ جي خوبصورتي زندگيءَ جا سچا پچا ڪردار آهن، سندن ٻولي به سٻاجهي ۽ اثرائتي آهي، ڪهاڻيءَ ۾ ٻولي يا انداز بيان جي وڏي اهميت آهي، اها ٻولي، ڪهاڻيڪار جو انر ڊائيلاگ آهي ته هُو پنهنجي پاڻ سان ڪيئن ٿو ڳالهائي، هُو ساڳي فطري ٻولي ٿو لکي يا ان کي شعوري طور تي تبديل ٿو ڪري، توڙي جو ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار جي پنهنجي ٻولي جو فطري وهڪرو روڪي نه ٿو سگهجي، پر ٻولي ڪردارن جي مزاج ۽ ان ماحول مطابق هئڻ گهرجي، ثمينه جي ڪردارن جي ٻولي سندن ذات جي فطري پڻي مطابق آهي، اهي تمام ڪهاڻيون سندس مشاهدي جو نچوڙ آهن، جيڪڏهن ڪهاڻيڪار وٽ مشاهداتي سگهه آهي ته اُها ڪردارن، ماحول ۽ موضوع کي سگهارو بڻائي ٿي، ان لاءِ ضروري آهي ته ڪهاڻيڪار ڪيئن ماحول کي محسوس ڪري ٿو، سندس پرک جو پيمانو ڪيترو گهرو آهي، جيڪڏهن ڪهاڻيڪار جي ياداشت مضبوط آهي ته هُو ڪنهن به وقت ذهن ۾ محفوظ ٿيل معلومات مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، ٻولي جي وسعت به مشاهدي ۽ تجربي جي محتاج آهي، تشبيهون، محاورا ۽ استعارا ٻوليءَ جي سونهن کي وڌائين ٿا، جيئن ڪهاڻي ترورو ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي ”ڪي رشتا جيڪي بظاهر خوبصورت گلڙن وانگر پر اندران لڪل خوني ڪنڊن جيان ٿين جن کي ڇُهڻ سان هٿ زخمي ٿي پوندا آهن.“
ثمينه جي سمورين ڪهاڻين ۾ سندس چوڌاري موجود حقيقي ماحول جا چِٽ چِٽيل آهن. ان ماحول ۾ معاشي مسئلا به آهن ته نفسياتي اُلجهن به محسوس ٿئي ٿي، جيئن ڪهاڻي آٿت جو ڪردار هڪ اهڙي عورت آهي، جيڪا پنهنجي پٽ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڇهن ٻارن جي پيءُ سان شادي ڪري ٿي، سنڌي سماج ۾ رهندڙ احساس محرومي جي شڪار هڪ اهڙي عورت آهي، جيڪا مرد جي سهاري کانسواءِ پاڻ کي مڪمل نه ٿي سمجهي، ان عمل کي سماج پنهنجي انداز سان ڏسي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته پيار ۽ سچي احساس کان محروم، ان ڊنل عورت کي جسماني ساٿ کان وڌيڪ، ذهني سهاري جي ضرورت رهي ٿي، پر جڏهن کيس ذهني ساٿ نه ٿو ملي ته هوءَ فقط پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندي رهي ٿي، احساس محرومي ۽ نظراندازي خود ڪلامي کي جنم ڏيئي ٿي، هيءَ ڪهاڻي موضوع جي حوالي سان موجوده دور جي اهم مسئلي جي نشاندهي ڪري ٿي، اهڙا ڪيترا مسئلا چوڌاري موجود آهن.
ڪهاڻيءَ ۾ موضوع جي پنهنجي الڳ اهميت آهي، موضوع وقتائتو ۽ دور جي حالتن جي نمائندگي ڪندڙ هجي، سنڌي ادب هجي يا پرڏيهي ڪي موضوع سدا بهار آهن، موضوع هرهنڌ ساڳيا آهن، پر انهن جي نمائندگيءَ جو طريقو الڳ آهي، جڳ مشهور ڪهاڻيڪار موپاسان جا موضوع ڇرڪائيندڙ ۽ جاندار آهن، اهي موضوع انساني نفسيات جي پيچيدگين جي صحيح ترجماني ڪن ٿا، برصغير جو مشهور ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر تي به موپاسان جو ڳوڙهو اثر نظر اچي ٿو، انهيءَ تسلسل ۾ انيس انصاريءَ جو نالو قابل ذڪر آهي، انيس جون ڪهانيون مختصر، اثرائتيون ۽ انهن جو اختتام موپاسان ۽ ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جيان ڇرڪائيندڙ آهي، جمال ابڙو جي ”پيراڻي“، نسيم کرل جي ڪهاڻي ”چوٽيهون در“ ۽ انيس انصاري جي ”سونل“ موضوع جي حوالي سان سگهاريون ڪهاڻيون آهن، ڪهاڻي لمحي جي به ٿي سگهي ٿي ته ان ۾ پوري زندگي کي به سموئي سگهجي ٿو، اٽليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار البرٽو موراويا عام ۽ روزمره جا ڪيترا موضوع مهارت سان ڪهاڻين ۾ پيش ڪيا آهن، اهي موضوع دلچسپ ۽ نوان آهن، سندس ڪهاڻين ۾ اختصار جو پهلو نمايان آهي، مختصر ڪهاڻي هڪ فن آهي، جيڪو محنت ۽ مهارت گهري ٿو، جنهن ۾ موضوع جو ڀرپور هئڻ انتهائي ضروري آهي، ان کان پوءِ ان موضوع جي نڀاءُ جو طريقو اچي وڃي ٿو، سنڌي ۾ پلاٽ ليس ڪهاڻيون به لکيون ويون آهن، جن ۾ ڪردار نگاري ڀرپور ٿيل آهي، پر اهي ڪهاڻيون پڙهندڙ تي ڀرپور تاثر نه ڇڏي سگهيون آهن، سنڌي ڪهاڻيڪارن کي ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻين جو ضرور مطالعو ڪرڻ گهرجي، سٺي تخليق سٺي مطالعي جو ثمر ٿئي ٿي.
ثمينه جي ڪهاڻي ڏاهيون ڏک ڏسن ۾ سنڌي سماج جي حقيقت پسندانه عڪاسي ٿيل آهي، جيڪو توهم پرستي ۾ وڪوڙيل آهي، جتي ماڻهو مسئلن کي منطقي انداز سان حل ڪرڻ بجاءِ پيرن ۽ فقيرن جا چڪر لڳائڻ تي مجبور آهن، اها سوچ سندن زوال جو سبب بڻجي ٿي، هن ڪهاڻيءَ جو مقصد به سنڌي سماج جي اهم مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ آهي، ضعيف لاعتقادي به خود رحمي ۽ احساس ڪمتري جي پيداوار ٿئي ٿي.
ثمينه پنهنجي ڪهاڻين ۾ جيڪي موضوع کنيا آهن، اُهي مونجهاري ۾ ورتل عورتن جا آهن، عورت جي مسئلن کي عورت تخليقڪار ئي بهتر طور تي سمجهي سگهي ٿي، هونئن به سنڌي سماج ۾ رهندڙ عورت، ڪيترن گهريلو ۽ معاشرتي تضادن کي هڪ وقت منهن ڏئي ٿي، هن وٽ هڪ ٻڏتر واري ڪيفيت مستقل طور تي موجود آهي، اهي اڻچيل ڏک مسلسل سندس ذهني سڪونَ کي متاثر ڪن ٿا پر اهي ڏک ۽ احساس محروميون هوءَ ڪنهن سان ونڊي نه ٿي سگهي، روين جا تضاد، احساس جي چهنڊڙين جي صورت، کين سدائين پريشان ڪندا رهن ٿا، ان صورتحال مان ٻاهر نڪرڻ جا ڪيترائي رستا آهن، پر اهڙا ڪردار تخليق ڪرڻ لاءِ ثمينه کي تصوير جو نئون رُخ پڻ ڏسڻو پوندو.


شبنم گل