ڪھاڻيون

ترورو

ثمينه ميمڻ جي هڪ سُڃاڻپ هڪ ذميدار ۽ ڏاهي ايڊيٽر واري آهي، جنھن سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماھي رسالي ”مھراڻ“ کي سنڀاليندي اچي، پَرَ ساڳي ئي وقت هُوءَ جڏهن ڪهاڻي لکي ٿي ته سندس ڪهاڻي پڙهندڙن جي مَنَ ۾ لَهي وڃي ٿي. هوءَ سماجَ تي گهري نگاههَ رکي ٿي ۽ سماجي المين کي نهايت خبرداريءَ سان ڪهاڻيءَ جو موضوع بنائي ٿي. ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون سماجَ جو آئينو آهن، جنهن ۾ سماجَ جي خوبصورتين ۽ بدصورتين کي پَسي سگهجي ٿو. ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جا موضوع نرالا ۽ انهن ڪهاڻين جا ڪردار ڏٺل وائٺل محسوس ٿيندا.
  • 4.5/5.0
  • 1350
  • 527
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ثمينه ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ترورو

رُوح رڙيو جنهن لاءِ

هُن جي هٿن ۾ پين ڪيڏي دير کان آهي، پنا اڳيان پيا اٿس. لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر الائي ڇو ائين ٿو محسوس ٿئيس، ڄڻ لفظ پوپٽن جيان پنهنجا پرڙا ڦڙڪائي ڪيڏانهن پري تائين هليا ويا آهن، ۽ هوءَ بي وسيءَ مان انهن کي اُڏامندي ڏسندي ٿي رهي.
ياد ٿو اچيس ته ڪيئن نه سڄي رات ويهي ڪهاڻيون لکندي هئي. شايد جيئن گهڻو لکبو ۽ پڙهبو آهي، تيئن لفظ به ذهن ۾ جڙندا ويندا آهن. هوءَ سوچي ٿي، پر هن ته هاڻ ڪڏهن کان لکڻ ڇڏيو هو ۽ پڙهڻ به ڇڏي ڏنو هئائين. ڪيترائي دفعا چاهيندي به هوءَ لکي نه سگهندي هئي. هن جي هٿن ۾ پين رهجي ويندي هئي ۽ پنا خالي ٽيبل تان اُڏامندا ڪمري جي ترتيب کي ڊاهيندا رهندا هئا.
اڄ پريت جيئن ئي يونيورسٽيءَ ۾ پهتي ته سامهون سُندر کي ڏٺائين، پندرهن سالن کان پوءِ هُن سُندر کي ڏٺو هو، اکين ۾ لڙڪ لڙي آيس، پر نهاري نه سگهي هئي. اکيون اُگهي هوءَ بس ۾ ويهي رهي ۽ گهر آئي ته ڪنهن ڪم ۾ دل نه لڳس. ڪمرو بند ڪري ويهي رهي. هُن پاڻ کي ڪرسي تي ڇڏي ڏنو.
ڪڏهن ڪڏهن ته رڳو سوچيندي به سٺو لڳندو آ، خواب ڏسڻ ته هن ڪڏهن کان ڇڏي ڏنا آهن ۽ جاڳندي خواب ڏسڻ هن جي عادت رهي آهي.
خواهشون! هن لحاظ کان هُن هميشه پنهنجو پاڻ کي ٽٽل تاري جيان ئي ڀانيو آهي. جنهن جي ڪا منزل ئي نه هوندي، جيڪو ٿوري دير لاءِ روشنيءَ جي لڪير ٺاهي وري تاريڪيءَ ۾ گُم ٿي ويندو آ، هاڻ پريت کي به ائين لڳندو آهي ته هن جون خواهشون به هن تاري جيان آهن ۽ بي مقصد روشنيءَ جون لڪيرون ئي هن جون نصيب آهن ۽ اوندهه هن جو هٿ پڪڙي ورتو آهي. پٺيان سڀ ڏيئا وسائيندي آئي آهيان. هاڻ ته عمر جي جنهن حصي ۾ آهيان. اُتي ته اڇا وار به اهو ٿا ياد ڏيارين ته اوندهه ئي منهنجو مقدر آهي، پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي، جيڪا هميشه ڏيئا ٻاريندي رهي، اها ئي روشنيءَ لاءِ سِڪي ڪيڏو نه الميو آهي. يادون به عذاب آهن، جيستائين انسان جيئرو آ، تيسيتائين انهن کان ڇوٽڪارو نٿو حاصل ڪري سگهي. انهن جي ڀوڳنا ڏاڍي ڏکي آهي سهڻ. هوءَ سوچي ٿي. پر وري ڪڏهن يادن کي سوچيندي به دل کي راحت ملندي آهي.
هن شعر وانگر:
راحت ملي ٿي درد ۾،
هن پيار تان صدقي، دلدار تان صدقي!
هن پنهنجي خيالن کان پاڻ کي تڏهن آجو ڪيو جڏهن هُن جي ڀائٽي اريج هن جي ڪمري ۾ آئي.
”پُڦي، توهان هلو نه مون سان، مون کي ڏيئا ٻاري ڏيو.“
هڪدم ڇرڪجي پئي. ”تون ڇو ٿي ڏيئا ٻارين؟“
”اسان جا پاڙي وارا جو ٻارين ٿا.“ اريج چيو.
هوءَ ڪجهه به جواب نه ڏيئي سگهي ۽ پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪرڻ لڳي. ڪيئن ٻڌائي ته هوءَ ڏيئا ٻاري نه سگهندي. هن جو اندر روئي پيو، پر هن کي محسوس ڪرڻ نه ڏنائين ۽ اِهو چيائين ته ”تون هل آءٌ اچان ٿي.“
هُن کي ياد ٿي آيو، ڪيئن نه هر عيد رات تي هوءَ ڏيئا ٻاريندي هئي. هن کي ڏيئا ٻارڻ سٺا لڳندا هئا. هنن جي ڀر ۾ اهو ئي عاملن جو گهر هوندو هو. هُو پنهنجي ڀتين تي ڏيئا ٻاريندا هئا ته هن جي دل به چاهيندي هئي ته هوءَ به ڏيئا ٻاري. پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي گهر جي ڀت تي چاڙهيندي هئي ۽ سڄي رات ٻاهرين ڀت تي ڏيئا رکرائيندي هئي ۽ گهر جون بتيون بند ڪري، انهن جي چمڪندڙ ۽ هوا تي لهرائيندڙ رنگين روشنيءَ کي ڏسندي، خوش ٿيندي هئي. پر هاڻ هوءَ ڪڏهن به شب برات تي ڏيئا ٻاري نه سگهندي هئي، بلڪ روشنين کان پري ڀڄندي هئي ۽ هميشه ڪمري ۾ اوندهه ڪري ويهي رهندي هئي. ڪيڏانهن به نه نڪرندي هئي، ڄڻ يونيورسٽي ۽ گهر ۾ هوءَ قيد ٿي وئي هئي.
هن کي اڄ ماضي ورَ ورَ ٿي ياد آيو ته هوءَ ادب جي ميدان ۾ ڪيئن آئي، پاڻ تي ئي کل ٿي آيس. ڪيئن ڪاليج جي زماني ۾ ڪاليج مان ڪو ميگزين نڪتو هو. اُن ۾ ٽي سيڪشن سنڌي، اردو ۽ انگريزي هئا، جيئن ته هن جي ڪاليج ۾ سنڌي ڇوڪرين جو صرف ستن ڄڻين جو گروپ هو. انهن مان ڪنهن کي به لکڻ نه ٿي آيو ۽ هن کي پڻ ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو هو، پر پريت جي دل چاهيو هو ته ميگزين ۾ هِن جو نالو ڇپجي. پريت اها ڳالهه اچي پنهنجي ڀاءُ سان ڪئي. سندس ڀاءُ پڻ سٺو ليکڪ هو. سندن گهر ۾ ڪتابن جا ڍڳ لڳا پيا هوندا هئا، پر هوءَ صرف ڪاليج جي ڪتابن کي اهميت ڏيندي هئي.
هُن جڏهن پنهنجي ڀاءُ سان ڳالهه ڪئي ته هُو کلي پيو.
”توکي جڏهن ڪجهه لکڻ ئي نٿو اچي ته پوءِ ڇا لکي نالو ڇپرائيندينءَ.“ هن جي ڀاءُ چيو.
”بس منهنجي دل چوي ٿي ته منهنجو نالو ڇپجي.“
”اها ته سڌي سنئين چريائپ آهي. لکي هڪڙو ۽ نالو وري ٻئي جو ڇپجي!“ هن جو ڀاءُ کلڻ لڳو.
پريت جو موڊ آف ٿي ويو.
”اڙي بابا تون وري ڪاوڙجي وئينءَ، پر آءٌ توکي اها ڳالهه سمجهايان ٿو، ته اها غلط ڳالهه آهي، پر تنهنجو شوق آهي ته مان توکي ڪجهه لکي ڏيان ٿو. پر هڪ شرط منهنجو هوندو.“ ”ڪهڙو شرط“ هوءَ پريشان ٿي وئي.
”شرط اهڙو ڪو خاص ڪونهي، پر توکي وعدو ڪرڻو پوندو ته آئينده تون باقاعده ڪتاب پڙهندينءَ پوءِ وري لکندينءَ به.“ شرط منظور آ.“ هن جي ڀاءُ چيو:
پريت کي پهرئين ته شرط ڏکيو لڳو. هڪ ته ڪتاب پڙهجن ۽ وري لکجي به اهو ته هن لاءِ ناممڪن هو، پر هِن اُن وقت چئلينج سمجهي قبول ڪيو. ۽ جڏهن ميگزين ۾ هن جي نالي سان ڪهاڻي ڇپي هئي ته هن جي خوشيءَ جي انتها نه رهي هئي. پريت ان ڏينهن پنهنجي ساهيڙين اڳيان پاڻ کي مٿڀرو سمجهڻ لڳي هئي، ۽ گهر جڏهن پنهنجي ڀاءُ کي ميگزين ڏيکاريائين ته هن جو ڀاءُ هن جي خوشيءَ کي ڏسي پاڻ به خوش ٿيو هو.
اُن ڏينهن کان پوءِ پريت شرط کي چيئلنج سمجهي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا. سڄو سڄو ڏينهن ڪتاب پئي پڙهندي هئي، جيڪي به نوان ايندا هئا، اُنهن کي هڪ ڏينهن ۾ پڙهي پورو ڪندي هئي.
هاڻ ته ڪتابن سان ڄڻ عشق ٿي پيس، هڪ ڀيري لکڻ جي به ڪوشش ڪيائين ۽ چڱي شيءِ ٺهندي به ويس. وري وري پڙهڻ لڳي، هڪڙا پنا ڦاڙي ٻيا لکندي وئي. آخر هڪ ڪهاڻي جي صورت وڃي بيٺي، پر عنوان سمجهه ۾ نه آيس سوچيائين ڇو نه هوءَ ڀاءُ کان پُڇي. پريت پهرين ته گهٻرائجي وئي ته الائي صحيح به آهي يا نه، پر همت ڪري ڀاءُ کي چيائين ”ادا هيءَ ڪهاڻي مون لکي آهي، توهان پڙهو ۽ عنوان به سمجهه ۾ نه ٿو اچي. مون هي ٻه ٽي عنوان لکيا آهن، اهو به سوچي ٻڌايو ته عنوان ڪهڙو لکجي.“
هِن جو ڀاءُ حيران ٿي ويو، جڏهن ڪهاڻي پڙهڻ لڳو.
”اڙي واهه، اسان جي ڀيڻ ته واقعي ڪهاڻيڪار ٿي وئي آهي. ايتري سٺي ڪهاڻي تو ڪيئن لکي؟ پريت کي ڏسي چوڻ لڳو.
”آءٌ روز مختلف ڪتاب کڻي پڙهندي آهيان ۽ لکڻ جي به ڪوشش ڪندي آهيان. بس هڪ ڪهاڻي اندر ۾ سِرجي ۽ مون لکڻ شروع ڪيو.“
سندس ڀاءُ ڏاڍو خوش ٿيو. هِن ته مذاق ڪيو هو شرط جو، پر هوءَ ته ڪتاب به پڙهڻ لڳي هئي ۽ لکڻ به لڳي هئي. هو دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو.
سندس ڀاءُ عنوان پڙهيا، اُنهن مان هڪ جي چونڊ ڪري پريت کي ڏنائين. ائين هن جي ڪهاڻين جو سلسلو وڌيو. هن جون مختلف رسالن ۾ ڪهاڻيون ڇپجنديون ويون. هاڻ ته هڪ ٻن رسالن ۾ سندس انٽرويو به ڇپيا. هن ته هڪ رسالي ۾ انٽرويو ۾ به اِها ڳالهه ٻڌائي هئي ته هن ڪهاڻيون ڪيئن لکڻ شروع ڪيون.
هڪ دفعي ڪو ادبي پروگرام هو. سندس ساهيڙيءَ مُرڪ هن کي ٻڌايو ته ”پريت هيءُ ڇوڪرو جيڪو اسان جي پٺيان ويٺو آهي، اُهو خبر اٿئي ڪير آهي؟
”ڪير آ؟“ هِن بي دليو پڇيو:
”اهو جنهن جا ڪالم،، مضمون، تون ڏاڍي شوق سان پڙهندي چوندي آهين ته هن جي خيالن ۾ ڪيڏي نه وسعت ۽ ڪيڏي نه گهرائي آهي ۽ هن جي ٻوليءَ ۾ ڪيڏو نه سنڌ جو درد سمايل آهي!“ هوءَ ڄڻ ڊائيلاگ ٻڌائي رهي هئي.
هن سمجهي ورتو هو ته اهو سُندر آهي. پر هن کي پٺيان نهارڻ سٺو نه لڳو هو. پر سُندر اِها ڳالهه ٻڌي ورتي هئي ۽ هُو پريت کي چڱي ريت سڃاڻي به رهيو هو.
جڏهن پروگرام ختم ٿيو ته هڪ سينيئر اديب ۽ سُندر هن جي اڳيان وڌيو ته هن کي سلام ڪرڻو پيو.
”وعليڪم سلام!“ ”بابا ڪيئن آهيو توهان.“ ائين چئي، هن سُندر سان پڻ تعارف ڪرايو، ۽ سُندر کي ٻڌائي رهيو هو ته هيءَ پريت آهي ۽ تمام سٺي رائيٽر آهي ۽ هن جي لکڻ جو ڏانءُ ڏاڍو بهترين آهي ۽ هن جي ڪهاڻين ۾ ڏاڍي گهرائي هوندي آهي، پر هن جو ڪڏهن ڪڏهن لکڻ ٺيڪ نه آهي، هن کي اڃا وڌيڪ لکڻ کپي. سُندر هن ڏي نهاري رهيو ته هن سرسري نظر سان سُندر کي ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي ساهيڙيءَ سان ٻاهر نڪري آئي.
هن کي ياد آيو ته هڪ ڏينهن سُندر هن جي گهر ڪنهن فنڪشن جو ڪارڊ کڻي آيو. سندس ڀاءُ ٻڌايس، پر هوءَ انهيءَ فنڪشن ۾ نه وئي هئي. پريت اهڙن ادبي فنڪشنن مان بيزار ٿي پوندي هئي. پڙهائي پڻ ڊسٽرپ ٿيندي هئس. هاڻ هن جي داخلا يونيورسٽيءَ ۾ ٿي هئي. وقت تمام گهٽ ملندو هئس لکڻ پڙهڻ لاءِ، ڪهاڻيون به ايڪڙ ٻيڪڙ لکي وٺندي هئي.
هڪ ڏينهن هوءَ يونيورسٽيءَ ۾ هئي ته سُندر هن لاءِ ڪارڊ کڻي آيو. ڪو ادبي فورم هو، جنهن ۾ ڪنهن اديب سان شام پئي ملهائي ويئي.
”توهان ضرور اچجو، هن فنڪشن ۾ توهان کي ايوارڊ ڏنو ويندو.“
”ايوارڊ“ هوءَ پهرئين ته حيران ٿي وئي.
”ٺيڪ آ، مان ڪوشش ڪنديس.“
هن پهرئين سوچيو ته هوءَ وڃي ئي نه. هن کي ايوارڊ ڇو ٿي مليو. ڪٿي ٻيون ليکڪائون ڪونه آهن، جو مون کي ايوارڊ ٿو ملي. هوءَ سمجهي وئي هئي، پڪ سُندر ئي هن فورم جو ڪرتو ڌرتو آهي ۽ اُهو ئي ايوارڊ ڏياري رهيو آهي. هن کي ٿوري دير چڙ آئي. سفارشي ايوارڊ هن کي قبول نه هو. هن الائي ڇو دل ۾ اها ڳالهه ويهاري ۽ هوءَ فنڪشن ۾ نه وئي.
ٻئي ڏينهن سُندر اِهو ايوارڊ گهر هن جي ڀاءُ کي ڏئي ويو.
هوءَ ڪمري ۾ ويٺي هئي، هن جو ڀاءُ اهو ايوارڊ کڻي آيو. ”پريت پُٽ هيءُ ڪلهه فنڪشن هو، جنهن ۾ توکي ايوارڊ ملڻو هو، تون پاڻ به نه وئينءَ ۽ نه ئي اسان کي ٻڌايئي.“
”ادا مون کان ڳالهه وسري وئي.“ هن بهانو ٺاهي ڀاءُ کي ٻڌايو.
”چڱو هيءُ وٺ ايوارڊ ۽ مون طرفان مبارڪون قبول ڪر.“
هِن بي دليو ايوارڊ ڀاءُ کان ورتو.
هن عمل جي ڪري اڄ هن جي ذهن ۾ سُندر لاءِ جيڪا عزت هئي، اها الائي ڇو ختم ٿي وئي.
ڪجهه وقت پريت لکڻ ڇڏي ڏنو. يونيورسٽيءَ ۾ هن جو آخري سال هو. سڄو وقت ڪتابن کي کڻي پڙهندي هئي. مَن پهرين پوزيشن اچي ته جيئن يونيورسٽي ۾ ئي نوڪري ملي پئي. پريت کي ليڪچرر ٿيڻ جو ڏاڍو شوق هو.
امتحان ڏئي فارغ ٿي ته وري هن لکڻ جو سلسلو جاري رکيو. ڪجهه وقت کان پوءِ رزلٽ ۾ پهرين پوزيشن ڏسي هوءَ خوش به ڏاڍي ٿي ۽ پاڻ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرشپ لاءِ اپلاءِ به ڪيائين.
۽ وري ڪجهه ڏمهينن کان پوءِ پوسٽ مين يونيورسٽيءَ ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچررشپ اپوائٽ مينٽ ليٽر کڻي آيو ته خوشيءَ جي انتها نه رهيس.
سڄي رات ننڊ نه ڪري سگهي هئي. بس صبح جو انتظار سڄي رات ويهي ڪيائين. پهرئين ڏينهن هوءَ خوشي خوشي يونيورسٽي وئي. انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ سڀني هُن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هن پهرئين ڏينهن ئي ڪلاس ورتو.
پهرئين ته ٿورو گهٻرائجي وئي ته ايترن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي هوءَ ڪيئن پڙهائيندي، هُو سامهون نهاريندا ته هوءَ ڳالهائي به سگهندي الائي نه.
پهريون ڏينهن هن جو تعارف ڪرائڻ ۾ گذريو، ان سان مڙئي اعتماد بحال ٿيس. گهڻن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ته هن کي سڃاتو ۽ ٻڌايو ته توهان ته ڪهاڻيڪار آهيو؟“ ”توهان جي لکڻين ۾ ڏاڍي گهرائي هوندي آهي.“ هڪ ٻيءَ ڇوڪريءَ چيس ته هوءَ اندر ۾ خوش ٿي.
”اڄڪلهه توهان ڪهاڻي نه پيا لکو، ڇو؟“
وري ٻئي ڪنهن ڇوڪريءَ چيس.
انهن سڀني جي سوالن جا جواب ڏيندي وئي ۽ هن دل ۾ شڪر ڪيو ته سٺو ٿيو، ڪنهن ڳالهه جي ڪري سڃاڻپ ته ٿي ۽ انهيءَ سان هوءَ ڪلاس ۾ رِلي مِلي وئي.
پوءِ روز جي معمول ۾ هوءَ ڪلاس وٺندي هئي، ۽ هاڻ هن لاءِ ڪلاس وٺڻ مسئلو نه رهيو هو.
هڪ ڏينهن هوءَ ڪلاس وٺي ڏاڪڻن تان هيٺ ٿي لٿي ته سُندر هن جي سامهون نظر آيو.
سُندر هن کي ڏسي حيران ٿيو.
”توهان هتي“ هن پڇيو.
۽ ”توهان.“
”مون کي هتي ڪجهه ڏينهن اڳ ليڪچررشپ ملي آهي.“
”عجيب اتفاق آهي، مون کي به I.T ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر شپ ملي آهي.“ سُندر چيو.
هوءَ سُندر کي ڏسندي ڏاڪڻيون لهي آئي. سُندر اُتي ئي بيٺو رهيو ۽ سوچيندو رهيو ته آخر ڇو پريت هن سان ڳالهائڻ نه ٿي چاهي. شايد هن جي طبيعت ئي اهڙي آ...... هُو سوچڻ لڳو.
هاڻ ٻنهي جو ڪڏهن ڪڏهن يونيورسٽيءَ ۾ روز ڏسڻ ٿيندو هو، پر پريت جي طبيعت جي ڪري سُندر هن سان حجائتو نه ٿيندو هو. بس اڳيان لنگهندي سلام ڪري وٺندو هو، پر پريت جي خاموش طبيعت هن کي وڻڻ به لڳي هئي. هوءَ سٺي طبيعت جي مالڪ هئي هروڀرو ڪنهن سان نه ڳالهائيندي هئي. هن نوٽ ڪيو هو. هن کي به اهڙيون ڇوڪريون وڻنديون هيون. سُندر هاڻي پريت جي باري ۾ الاهي سيريس ٿي ويو هو.
هڪ ڏينهن سُندر سوچيو ته هُو پريت کي جيڪي هن جي ذهن ۽ دل ۾ آهي، اهو سڀڪجهه ٻڌائيندو، پر ڪيئن........ هُن کي ڳالهائڻ جي همٿ ته ڪونه ٿيندي، پوءِ ڀلا هُو ٻه ٽي اکر لکي هن کي ڪنهن ڪارڊ بهاني ڏئي. هن سوچيو.
اڄ هُو صبح کان ان گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيو هو، ته ڪنهن مهل ڪارڊ ڏئيس، هن پنهنجا ڪلاس وٺي ڇڏيا، ته هُو هن جي ڊپارٽمينٽ اڳيان لنگهيو، پريت بس جي انتظار ۾ بيٺي هئي. سُندر هن کي ڏسي سلام ڪيو ۽ پريت جواب ڏنو.
”هيءُ ڪارڊ مان توهان لاءِ کڻي آيو هئس!
پريت ڪارڊ ورتو ۽ بس ۾ چڙهي ويهي رهي. هن جڏهن ڪارڊ گهر اچي کوليو ته اُن مان خط پڻ نڪتو. هوءَ حيران ٿي ويئي، ته آخر سُندر، کي همت ڪيئن ٿي خط لکڻ جي. هوءَ ڪا اهڙي ڇوڪري آهي جو هن جي ڳالهين ۾ اچي ويندي. هيءُ ڇوڪرو پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو. هن کي سڀ ڳالهيون وَرَ وَرَ ياد اچڻ لڳيون، ڪارڊ پهچائڻ، ايوارڊ ڏيارڻ هي سڀ مون کي........
هيءُ ڇوڪرو ايتري قدر ڪِري سگهي ٿو، هن سوچيو به نه هو. هن جي اندر ۾ سُندر لاءِ نفرت پيدا ٿي.
سڄي رات هوءَ ننڊ نه ڪري سگهي ۽ صبح جي انتظار ۾ هئي ته يونيورسٽي وڃي ۽ سُندر کي اهڙي سيکت ڏئي، جو هُو ڪڏهن وري ٻيءَ ڇوڪريءَ سان همت نه ڪري.
هوءَ صبح سان ئي سُندر جي ڊپارٽمينٽ ۾ آئي، سُندر هن جي مُنهن کي ڏسي ڊڄي ويو. ڪجهه ڪُڇي نه سگهيو.
”توهان ڇا سمجهي مون کي خط لکيو. مان ڪا اهڙي بيوقوف ڇوڪري آهيان، جو توهان جهڙن ڇوڪرن جي ڳالهين ۾ اچي ويندس. مون کي توهان جهڙا ڇوڪرا بنهه وائڙا لڳندا آهن، جيڪي ٿوري عرصي ۾ ڪنهن کي منزل سمجهڻ لڳندا آهن. توهان ڇوڪرن جو ڪم ئي اهو آهي، توهان سڀ هڪجهڙا آهيو، پر توهان ته سٺا ليکڪ آهيو ۽ پوءِ هن قسم جي حرڪت. مون کي توهان جهڙن ڇوڪرن کان ئي نفرت آهي. هوءَ نهايت جذباتي ٿي ويئي.
سُندر جيڪو سويل کان خاموش هو. نهايت گرم ٿي ويو.
”توهان هڪ ته مون کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي. ٻيو ته مان انهن ڇوڪرن مان نه آهيان، جيڪي ڇوڪرين جي پُٺيان پوندا آهن ۽ کين بيوقوف بڻائيندا آهن. باقي توهان مون کي سٺا لڳا، پر شايد مون کان غلطي ٿي، توهان کي سمجهڻ ۾. توهان جي سوچ ۽ منهنجي سوچ ۾ وڏو فرق آهي. منهنجي ئي غلطي آهي، مون کي معاف ڪيو.“ سُندر جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ تڪڙو تڪڙو اڳيان هليو ويو.
پريت جون ڄڻ اکيون کُلي ويون. هيءُ مون ڇا ڪيو؟ مون هن کي ڇو ايترو ڳالهايو، ڇا سمجهي ڳالهايو. شايد انڪري ته هن جي ساهيڙيءَ کي ڪنهن دوکو ڏنو هو. هن جي ذهن ۾ هميشه اِهو ئي رهيو آهي، ته سڀ مرد هڪجهڙا هوندا آهن.
ٻئي ڏينهن پريت سوچيو ته هوءَ سُندر کان معافي وٺندي، پر يونيورسٽي ۾ سُندر هن کي نظر نه آيو.
اڄ پهريون ڀيرو، هن جي دل ۾ سُندر لاءِ عزت وڌي.
هن سڄي رات سوچيندي گذاري. صبح جو پهرين ئي سُندر جي ڊپارٽمينٽ پهتي ته خبر پيس ته سُندر، پندرهن ڏينهن جي موڪل تي ويل آهي، هوءَ وڌيڪ پريشان ٿي وئي. گهر آئي، ڪنهن به ڳالهه ۾ دل نه ٿي لڳس.
پاڻ کي ڏوهي سمجهڻ لڳي، هيءُ مون ڇا ڪيو؟ هڪ سٺي انسان کي سمجهڻ ۾ مون ايڏي غلطي ڪيئن ڪئي. ڪلهه تائين اِهو سُندر هن کي هڪ معمولي ماڻهو لڳو هو ۽ اڄ هُن لاءِ ايڏو اهم ٿي پيو هو. هن جي اندر جي ندامت هن کي بي چين ڪري ڇڏيو هو. هن پندرهن ڏينهن اوسيئڙو ڪندي گذاريا، ته سُندر يونيورسٽيءَ ۾ جيئن ئي ايندو، هوءَ ان کان معافي وٺندي ۽ ٻڌائيندي ته هوءَ پاڻ شرمسار آهي، پر شايد قدرت کي ائين ڪرڻو هو هن جي زندگيءَ جو فيصلو. هڪ پل جي ندامت سڄي زندگي جو پڇتاءُ بڻجندو هن ڪڏهن به نه سوچيو هو، ته اِهو ئي سُندر هن جي زندگيءَ جو اهم حصو ٿي ويندو ۽ هميشه.........
پندرهن ڏينهنِ کان پوءِ سُندر جيئن ئي يونيورسٽي ۾ آيو ته هن کي خبر پئي ته هُو شادي ڪري آيو آهي انهيءَ گهڙيءَ ئي پريت جي اندر کي ٽوڙي وڌو. هوءَ ته معافي به نه ٿي وٺي سگهي. جيڪڏهن وٺندي ته به سُندر يقين ڪندو به الائي نه، بس هن اِهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هن جي زندگي ۾ ڪير هوا جي هلڪي جُهوٽي سان ايندو ۽ وري ٻئي پل جي تيز جُهوٽي تي هليو به ويندو. هاڻ هن جي زندگي اُن هڪ لمحي ۾ قيد ٿي وئي هئي.
ڪجهه ڏينهن کان هُن کي خبر پئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ مان ٽرانسفر ڪرائي هليو ويو آهي.
هن کان پوءِ پريت لاءِ ڪيترا رشتا آيا پر هميشه هن طرفان انڪار ئي مليو. پريت جو ڀاءُ پڻ پريشان ٿي پيو. آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جو ڪنهن به رشتي تي هيءَ راضي ناهي.
هڪ ڏينهن هن جي ڀاءُ هن کي ويهي سمجهايو ۽ پڇيو ته جيڪڏهن تنهنجي ذهن ۾ ڪو ڇوڪرو آهي ته ٻڌاءِ. تون ائين نه سمجهجانءِ، ته تنهنجو ڀاءُ تنهنجي راضپي ۾ راضي نه هوندو.
پريت ڪيئن ٻڌائي ته هن جي اندر هڪ اهڙي انسان کي قبولي ورتو آهي، جيڪو، ڪڏهن، هن جو ٿيڻو ناهي، اندر ۾ ٽُٽي پئي هئي، پر ڀاءُ کي مطمئن ڪري ڇڏيائين. ۽ چيو: ”مون کي پريشان نه ڪريو، منهنجي دل جڏهن چيو، تڏهن ٻڌائينديس.“
هن جي ڀاءُ هن جي رضا سمجهي، خاموشي اختيار ڪئي، پر اها خاموشي پريت جي اندر هميشه لاءِ قبول ڪري ورتي هئي ۽ ڪنهن به انسان کي اڄ تائين قبول نه ڪري سگهي هئي، ۽ هڪ پَل کي خريد ڪري ڇڏيو هو. هن ڪجهه عرصو لکڻ ڇڏي ڏنو هو. ڪنهن به فنڪشن ۾ وڃي نه سگهندي هُئي. هن پاڻ کي گهر ۽ يونيورسٽيءَ ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو.
اوچتو اڄ ايتري عرصي کان پوءِ سُندر جو يونيورسٽي ۾ اچڻ، هوءَ اکيون ملائي نه سگهي هئي، پر اندر ۾ روئي پئي هئي ۽ لڙڪن هاريون اکيون اُگهندي بس ۾ ويهي رهي ۽ هن سوچيو ۽ ائين محسوس ڪيو، ڄڻ ڪا پل جي ڳالهه هئي جيڪا هن کان وسري سگهي هئي ۽ نه ان جي تلافي ڪا اهميت رکي ٿي، پر هن کي هاڻ زندگي ائين ئي بي رونقيءَ ۾ گذارڻ جي عادت پئجي چڪي هئي. ٿڌي هوا ۾ هن اکيون بند ڪري گاڏين جي آوازن ۾ پاڻ کي گُم ڪري ڇڏيو.