ڏاهِيون ڏُک ڏِسَن
”ڪوهياري خبر اٿئي، اسان جي سامهون واري گهر ۾ نوان ماڻهو پيا اچن.؟“
”ڇا واقعي!؟؟“ ڪوهياريءَ کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي.
”ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ڪير ته اچڻو هو.“ سارنگ وراڻيو.
”سائين حيران ان لاءِ آهيان جو ذري گهٽ ڇهه مهينا ته گذري ويا آهن، پاڙي ۾ جهڙي سُڃ لڳي پئي هئي.“ ڪوهياريءَ هن جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو.
”ها سائين، اها ڳالهه به آهي ته ڇهه مهينا به جهڙوڪر سالن برابر ٿيو پون.“ سارنگ ٽوڪ هڻندي چيو.
تنهن تي ڪوهياريءَ کي ڪاوڙ لڳي، ”ها ڀلا آهن. پوءِ!“
”ان جي معنيٰ ته سڪ لڳي اٿئي ها نه!“
”ها ڀلا لڳي آ سڪ، توکي ڇا ٿو ٿئي.“ ڪوهياريءَ کيس ورندي ڏني.
سارنگ وڌيڪ چيڙائيندي چوڻ لڳو: ”آخر دوست جو وڇوڙو آ، هن ۾ ته هڪ ڏينهن به.....“ ڪوهياريءَ سارنگ جو جملو ڪٽيندي چڙ ۾ چيو، ”سائين جن جي اطلاع لاءِ اهو عرض آهي ته، اسين ٻئي خطن ذريعي حال احوال وٺندا رهندا آهيون، پر توهان پنهنجي باري ۾ ڇا ٿا فرمايو، ڪٿي.... نه لڳي آهي“!؟
”مونکي ڇو لڳندي سڪ! دوست تنهنجي، سڪ وري مون کي لڳندي.“ سارنگ شڪي ٿيندي چئي ڏنو.
ڪوهياريءَ هن جي منهن ۾ نهاريو، ”اڙي مون ته ائين پئي چيو پر!! تون ڇو ڳاڙهو ٿي ويو آهين؟“
”سارنگ پاڻ کي سنڀاليندي چوڻ لڳو، اهڙي خاص ڳالهه به ڪونهي پر.... تنهنجي دوست هئي لاجواب.“ اهو چوندي کلندو ٻاهر نڪري ويو.
ڪوهياريءَ ته سارنگ کي ائين ئي چيو، ڇا.... دل ۾ کلڻ لڳي. ان جو مطلب ته سارنگ، مارُل ۾ Interested هو، پر سارنگ ڪڏهن ظاهر به ته ڪونه ٿيڻ ڏنو هو. ان جي معنيٰ ته اهو ڪم هاڻ مونکي ڪرڻو پوندو.
امان جيڪا رڌڻي ۾ نيرن تيار ڪري رهي هئي، سڏڻ لڳي. ”ڌيءَ ڪوهياري ۽ سارنگ اچو جلدي ماني کائو. پوءِ چوندو اسان کي دير ٿي وئي.“
”ها امان اچان پئي، باقي سارنگ ته ڪاليج هليو ويو.“ ڪوهياريءَ ڪمري مان ئي ورندي ڏني.
امان جيڪا سارنگ جو نه ٻڌي، ڪمري ڏانهن وڌي آئي ۽ حيرانيءَ مان پڇڻ لڳي: ”ڇو! سارنگ وري ڪيڏانهن ويو.“
”صبح ساڻ اجايو جهڳي هڻندو ته ڪاليج کي دير ته ٿيندس.“ ڪوهياري ماءُ کي دليل ڏيندي ڪمري مان ٻاهر نڪري آئي.
اڃا رڌڻي ۾ مس گهڙي ته ڊرائيور هارن ڏنو. ڪوهياري پرس سنڀاليندي در ڏانهن وئي.
”ڪوهياري هڪ ٻه گرهه ته کائي وڃ.“
”نه امان نه، ڊرائيور ايڏو ته بخيل آهي پوءِ شڪايت ڪندو ته مان دير ٿي ڪيان.“ اهو چوندي ڪوهياري ٻاهر نڪري دروازي تي بيهي ماءُ کي خدا حافظ چوڻ لڳي.
اسڪول ۾ به سِپَ کي ڪوهياريءَ ٻڌايو ، مارُل وارن جي گهر ۾ نوان ماڻهو پيا اچن. سِپَ حيران ٿيندي پڇيو: ”ڇا واقعي!“
”ها سچي پئي چوان.“
”ڀلا مارُل کي ياد ڪندي آهين يا مونسان دوستي رکڻ کانپوءِ هن کي صفا وساري ويٺي آهين.؟“ سِپَ ڪوهياريءَ کان پڇڻ لڳي.
”اڄ صبح کان ئي گهر ۾ به ذڪر هئو. ڏاڍي ياد ٿي اچيم. سِپَ تون ئي ٻڌاءِ، مارُل کي ڪيئن ٿي وساري سگهان. منهنجو ۽ مارُل جو ننڍپڻ کان ساٿ رهيو آهي، اسڪول کان ڪاليج تائين هاڻي ڪيئن وساريندس مارُل کي. بس اها ڳالهه آهي اوچتو مارُل جي بابا جو ٽرانسفر ٿي ويو ۽ اسين هڪٻئي کان جدا ٿي وياسين، پر اها ڳالهه آهي ته اسان خط لکي هڪٻئي جي حال احوالن کان باخبر ٿي ويندا آهيون.“ ڪوهياري هڪ ئي ساهه ۾ سڄو جملو ڳالهائي وئي.
”ها ڪوهياري خبر اٿئي، پنهنجا امتحان مٿئين هفتي کان شروع آهن.“ سپ چيو.
”ايترو جلدي؟“ ڪوهياريءَ حيران ٿيندي چيو.
”جلدي وري ڪٿي ٿا ٿين، سال ته ٿي ويو آ، پهريون سال ڏنو هئوسين“. سِپَ ياد ڏياريندي وڌيڪ چوڻ لڳي. ”سڄو سال نه پڙهنداسين ائين ته لڳندو.“
”ها چوين ته سچ پئي. پر اسانجو به ڪهڙو ڏوهه. اسڪول ۾ پڙهايون، گهر جو ڪم ڪيون، يا وري پاڻ پڙهون. بس پرائيويٽ وارن جو اِهوئي حال آهي. “
”ڪتاب به امتحانن وارن ڏينهن ۾ وٺبا ۽ پوءِ ڪاپي ئي ڪاپي.“ ڪوهياريءَ جواب ڏيندي چيو.
”ڀلا ڪاپي ڪرڻ جو ڏني ٿي وڃي، پوءِ اسان ڇو نه فائدو وٺون.“
”ريگيولر واريون ئي ڪاپي ٿيون ڪن، پوءِ اسان تي وري ڪهڙي معيار؟“ سِپَ مطمئن ٿي وراڻيو.
ڪوهياري شام جو ننڊ مان اٿي ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳي ته سارنگ چوڻ لڳس: ”ڀلا اڃا تنهنجي ننڊ پوري نه ٿي آهي ڇا!؟ ايڏو وقت ٿي ويو آهي. هاڻي هلي چانهه ته ڪاڙهي ڏي.“
”امان ڪٿي آهي؟“ ڪوهياري سارنگ کان پڇڻ لڳي.
”امان پاڙي ۾ وئي آهي.“ سارنگ وراڻيو.
”ڇا چيئي!! پاڙي ۾ وئي آهي“؟ڪوهياريءَ حيران ٿيندي پڇيو .
”ڇو پاڙي ۾ وڃڻ گناهه آهي!؟ اڙي ياد آيو، تون شايد نون پاڙي وارن جو سمجهي ويٺي آهين. نه نه! تون ڪو الڪو نه ڪر، جڏهن امان ويندي ته توکي ضرور وٺي ويندي.“ سارنگ جهڙوڪر ٽوڪ ۾ چيو.
”چڱو چڱو تون گهٽ سفارش ڪر، ۽ وڃي پاڻ چانهه ڪاڙهه. آئون ڪونه ڪاڙهي ڏينديسانءِ.“ ڪوهياريءَ به چيڙائيندي چيس.
”مان پاڻ به ڪاڙهي سگهان ٿو، پر منهنجا دوست ٻاهر لان ۾ ويٺا آهن، توکي تڏهن پيو منٿ ڪيان. پنهنجي ڀيري جڏهن بس نڪري ويندي اٿئي ته ڪيئن ڀِلڙو مُنهن ڪري چوندي آهين، ڀاءُ اسڪول ته ڇڏي اچ. هاڻي جي توکي مان اسڪول ڇڏي اچان ته مونکي سارنگ چئجانءِ.“ سارنگ ائين چوندو چڙ ۾ ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃڻ لڳو ته ڪوهياريءَ کي کِل اچي وئي.
”اَڙي منهنجو ڀاءُ ڪاوڙجي ويو، آءٌ ته مڙئي مذاق پئي ڪيان. تون وڃ آءٌ چانهه پنجن منٽن ۾ ڪاڙهي ٿي وٺان.“
سارنگ ٻاهر هليو ويو ۽ ڪوهياري رڌڻي ۾ چانهه ڪاڙهڻ وئي.
ڪوهياريءَ جي ماءُ به اچي وئي، چادري لاهيندي پاڙي وارن جون خبرون ٻڌائڻ لڳي، پر، ڪوهياريءَ جو ڌيان چانهن ڪاڙهيندي به امتحان ۾ لڳو پيو هو. الائي ڪيئن پيپر ٿيندا، ڇا ٿيندو، ڪٿي فيل...!
سارنگ چانهه کڻڻ آيو ته ٻاهران ئي رڙ ڪيائين!
”ڪوهياري، خبر اٿئي تنهنجا امتحان مٿئين هفتي کان شروع آهن.“
”ها خبر آهي، اسڪول ۾ سِپَ ٻڌايو هو.“
”ڀاءُ اسان کي ڪاليج مان ٽائيم ٽيبل ته وٺي آڻي ڏي.“
”هاڻي ته ڀاءُ به ٿي ويس، ڏاهو به ٿي ويندس. ڇو ته ڪم جو ٿيو. ڪيئن ٺيڪ ٿو چوان نه؟“ سارنگ ٽوڪيندي چيو.
”ڀلا ڪير ڪم ڪندو منهنجو. تون ئي ته آهين.“ ڪوهياريءَ ڏکاري لهجي ۾ چيو:
”اڙي مون سچي مذاق پئي ڪيو، وٺي آڻي ڏيندوسانءِ. چڱو هاڻي ته موڊ ٺيڪ ڪر، منهنجي پياري اڪيلي ڀيڻ.“
سارنگ ڪوهياريءَ ڏي نهاري چيو ته هُن کان، کِل نڪري وئي.
ائين مهينو، ڏيڍ گذري ويو. امتحانن ۾ ايترو مصروف رهڻ ڪري ڪوهياريءَ جو نون پاڙي وارن جو خيال ئي لهي ويو هئو ۽ اڄ اسڪول ۾ سِپَ ڪوهياريءَ کي به ٻڌايو ته شام جو آءٌ امان سان گڏ پاڙي وارن وٽ ضرور ويندس.
ڪوهياري شام جو ڪمري مان جيئن نڪتي ته اڱڻ ۾ ماسي جنت، جيڪا هِنن جي ڀر واري گهر ۾ رهندي هئي، ڪوهياريءَ جي ماءُ سان هوريان هوريان پئي ڳالهايو. هُن کي يقين نه پئي آيو ته، ماسي جنت ۽ هوريان ڳالهائي. وڌي وڃي ڪوهياريءَ ماسيءَ کي کيڪاريو. امان ڪوهياريءَ کي ڏسندي چوڻ لڳي، ”ڌيءَ چانهن ته ڪاڙهي وٺ.“
”ها امان.“
ڪوهياري منهن ڌوئي رڌڻي ڏانهن گهڙي ته، ماسي جنت کي ڪوهياريءَ جي ماءُ چوڻ لڳي: ”پوءِ ادي ڇا ٿيو!؟“
”ٿيندو وري ڇا! هاڻي ڏئيس ٿو طلاق.“
”ڪنهن کي طلاق ماسي!؟“ ڪوهياريءَ رڌڻي مان حيرت مان ماسيءَ کان پڇيو.
”امان ڪوهياري هيءُ جيڪي نوان پاڙي وارا آيا آهن. انهن جي پئي ڳالهه ڪري. حد ٿي وئي، اهڙيون به مايون!“ حيرانيءَ مان ڪوهياريءَ جي ماءُ جواب ڏيندي چيو.
”ڇو! ڇا ٿيو....؟“ ڪوهياري چانهه جو پاڻي چاڙهي ماسيءَ ۽ پنهنجي ماءُ وٽ اچي ويٺي.
”امان ڇا ٻڌايانءِ هنن نون پاڙي وارن جي ڳالهه، اڃا مهينو ڏيڍ آئي مس ٿيو آهين، سڄي پاڙي جو نڪ ئي وڍائي ڇڏيو اٿن.خوار اچي ٿيا آهن.“
”وري به ماسي ٻڌاءِ ته سهي“، ڪوهياريءَ بيزار ٿيندي چيو.
ماسي پنهنجي ڳالهه بنا بريڪ جي ٻڌائڻ لڳي ته نئين گهر ۾ ٻه ساهيڙيون نالا به چڱا اٿن ها، نذيران ۽ صفوران. مائي ڪم ته ڏسو نذيران جا، مڙس هوندي ڪهڙا پئي ڪم ڪري. “
”ڇو!! ڇا ڪيائين؟“ ڪوهياري حيران ٿيندي پڇڻ لڳي.
”امان اِهو پڇ ته ڇا نه ڪيائين. زال ذات جو اهو وَڙُ ته نه آهي جو، پنهنجي وَرَ هوندي اهڙا ڪُڌا ڪم ڪري. پر، شڪر ٿيو پنهنجي مُڙس پاڻ ڏٺس. “
ڪوهياري سوال ڪرڻ لڳس. ”مڙس ڇا ڏٺس؟؟“
”ڇا وري ڇا ڏسندو، هڪ ڌارئي مرد سان گڏ هئي. جيڪي عورتون روز گهر کان نڪرنديون پوءِ ائين ته ڪنديون.“
”ڇو! ماسي گهر کان نڪرڻ خراب ڳالهه آهي ڇا؟ مان به اسڪول ۾ نوڪري ٿي ڪريان، پوءِ مان به خراب ليکبس.“ ڪوهياريءَ کي هاڻي چڙ اچڻ لڳي ڇو ته ماسي ڳالهه صحيح ڪري ئي نه پئي.
”امان تون ڇو خراب ليکبينءَ، هوءَ ڪهڙي نوڪري ٿي ڪري هروڀرو روز رستن جا ڌڪا ٿي جهلي. ڪلهه ته پنهنجي مڙس، ٻئي مرد سان ڏسي ورتس. پوءِ ته گهر ۾ مار ڏاڍي کاڌي اٿئين. ڀلا مار به ڇو نه کائي، اهڙا ڪم ڪنديون ته کائينديون ته ضرور. “ ماسيءَ يڪساهيءَ ڳالهه پوري ڪئي.
”ماسي توکي ڪنهن ٻڌايو ته مار کاڌي اٿئين؟“ ڪوهياريءَ ماسيءَ کي چيو
”امان ڪير ٻڌائيندو، ڪالهه صفوران آئي هئي، اُن ڳالهه ڪئي.“ ماسي اهو چئي امان کان موڪلائڻ لڳي.
”ادي ويهه چانهه ته پي وڃ.“ ڪوهياريءَ جي ماءُ ماسي جنت کي چوڻ لڳي.
”نه نه، چانهه ڪونه ٿي پيان، دير ٿي وئي آ. چڱو مان هلان ٿي.“
ڪوهياريءَ جي ماءُ جيڪا ماسيءَ کي در تي ڇڏي اچڻ کان پوءِ چوڻ لڳي، ”مائي ڏسو ڪم ماين جا، ڇا پيون ڪن.!“
ڪوهياري اڃا به ماسي جنت جي ڳالهه تي اعتبار ڪونه ڪيو، يقين نه پيو اچيس ته ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. ڪوهياري پنهنجي ماءُ کي ته ڪجهه نه چئي سگهي، پر دل ۾ فيصلو ڪيائين ته آءٌ حقيقت ڄاڻي رهنديس. رڌڻي ڏانهن وڃي چانهه ڪاڙهي ڪمري ڏانهن پنهنجي ۽ ڀاءُ لاءِ چانهه کڻي آئي.
اڄ ڪوهياري اسڪول ۾ به پريشان رهي. سِپَ محسوس ڪندي پڇيو، ”ڇو! اڄ وري توکي ڇا ٿيو!؟ ”هونئن بنا چوڻ جي پئي پنهنجي مُنهن گيت غزل ڳائيندي آهين اڄ وري ايڏي خاموش! ڪٿي مڱيندو ته ياد ڪونه پيو اچئي.“
تنهن تي ڪوهياريءَ کِلي چيو، ”اڙي ياد ته انهن کي ڪبو آهي جيڪي وسري وڃن. هُو ته منهنجي مَنَ ۾ هميشه وسيل آ.“
”بلڪل ائين جيئن سِپَ ۾ موتي.“ سِپَ جملي کي پورو ڪندي، وڌيڪ چيڙائيندي چيس.
”اڄ ادا ساهڙ کي ياد ڪيو اٿئي. ضرور هڏڪي ٿي هوندس. بس اجهو ٿو بس جي ٽڪيٽ وٺي پهچي.“
”چڱو چڱو تون پنهنجون اڳڪٿيون بند ڪر. هُو تو وانگي واندو ڪونهي جو اچي رسي.“ ڪوهياري اڳي ئي پريشان هئي وري هن جون ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌي تنگ ٿي پئي.
”ڀلا مذاق بند هاڻ ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي.“ سِپَ ڪوهياريءَ ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳي.
”تون چُپ ڪرين ته مان سائين جن جي خدمت ۾ ڪجهه عرض ڪري سگهان نه!“ ڪوهياريءَ چڙ جي انداز ۾ چيو.
”ها ها هاڻي ٻڌاءِ سچي آئون سيريس آهيان.“
ڪوهياريءَ سِپَ کي ڪلهه واري سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. انهيءَ به يقين نه ڪيو ۽ چوڻ لڳي: ”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ هوءَ به جهڙوڪر حيران ٿي وئي.
ڪوهياري گهر آئي پنهنجي ماءُ کي چيائين ته اڄ پاڻ ادي نذيران جي گهر هلنداسين.
”نه امان الائي ڪهڙا ماڻهو آهن. ٻيو ايڏيون ڳالهيون ٻڌيون آهن، پوءِ هلنداسين ته ماڻهو ڇا چوندا.“ ماسي جنت ئي سڀني کي ٻڌائيندي ته مون ڳالهه به ڪئي پوءِ به انهن وٽ ويون آهن.
”امان، مان به اهوئي ڄاڻڻ ٿي چاهيان ته، ماسي جنت جي ڳالهه ۾ ڪيترو وزن آهي. پاڻ به ڪونه ڏٺو هئائين. پوءِ ٻئي ڪنهن جي ڳالهه تي لڳي هڪ عورت ٻي عورت کي اهڙا لفظ ڳالهائي، اِهو عورت کي سونهي ته نٿو. اها به هڪ عورت جي ئي توهين آهي.“
ڪوهياري جي ماءُ ڏٺو، هوءَ دليلن کان ڪونه مڙندي ته ڳالهه سان اتفاق ڪري هاڪار ڪيائين. ڪوهياريءَ ان ويل ٿڌو ساهه ڀريو.
اڄ شام جو پهريون ڀيرو ڪوهياري ۽ ان جي ماءُ نون پاڙي وارن وٽ ويون. خبر نه هئن ته ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي. پر، اها ڳالهه ضرور هئي، ماسيءَ جنت نالا ٻڌائي ڇڏيا هئا.
جڏهن گهر اندر داخل ٿيون ته هڪ عورت، جنهن هنن کي ايندي ڏٺو، در ڏانهن وڌي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ڪمري ڏانهن وٺي آئي. تعارف ڪرائڻ کان پوءِ خبر پئي ته سندس ئي نالو نذيران هو ۽ چوڻ لڳي ته توهان به پنهنجو تعارف ڪرايو. تنهن تي ڪوهياريءَ جي ماءُ ٻڌايو ته، اسين توهان جي سامهون ئي رهندا آهيون.
تنهن تي شڪايت ڪندي چوڻ لڳي، ”ايڏا ڏينهن ٿي ويا آهن اسان کي آئي، اڄ ملڻ آيا آهيو.“
”هونءَ اچون ها، پروگرام به ٺاهيو هئوسين پر، اوچتو ڪوهياريءَ جا امتحان ٿي پيا انڪري رهجي وياسين.“ ڪوهياريءَ جي ماءُ هن جي شڪايت کي دور ڪندي چيو.
ادي نذيران حال احوال وٺي ڪمري کان ٻاهر نڪتي ته ڪوهياري ماءُ کي چيو، ”ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ ته سٺي پئي لڳي.“ تنهن تي هن جي ماءُ چيو ته ”امان ڪنهن جي اندر جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر!“
”ها اها ته ڳالهه آهي.“ ڪوهياريءَ جواب ڏنو.
ٿوري دير کان پوءِ ٻي مائي ڪمري ۾ گهڙندي کيڪاري هلي وئي. نه نالو ٻڌايائين، نه صحيح نموني ڳالهايائين. سمجهه ۾ نه آيو ائين ڇو ڪيائين.
ادي نذيران آئي ته ڪجهه شيون کائڻ لاءِ کڻي آئي. پوءِ ويهي حال احوال پڇڻ لڳي. ڪوهياريءَ ٻڌايس توهان کان اڳ هتي جيڪي رهندا هئا، انهن وٽ اسانجو اچڻ وڃڻ ڏاڍو هئو. منهنجي دوست جيڪا ننڍپڻ کان منهنجي ساٿياڻي هئي، پر اوچتو هنن جي بابا جو ٽرانسفر ٿي ويو ۽ اها هلي وئي. ڳالهه ٻڌائيندي وئي ته وڌيڪ مارُل ياد اچڻ لڳس.
پوءِ پاڻ به ٻڌائڻ لڳي، اسان نوابشاهه مان هت آيا آهيون. اسين ٻئي ساهيڙيون گڏ رهنديون آهيون. منهنجي ساهيڙيءَ کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي.
”توهان کي گهڻو اولاد آهي؟“ امان پڇڻ لڳس.
”مون کي ته اولاد ڪونهي پر، مون هنن ٻارن کي پاليو آهي. اُهي به مونکي پنهنجي اولاد وانگي آهن.“
”امان نذيران، ڀلا ٻنهي ساهيڙين ۾ رَسُ قرب آهي يا....!!“ امان شروعات ڪئي.
تنهن تي ادي نذيران چوڻ لڳي، ”اڄڪلهه ته ڀيڻون ئي ڪونه ٿيون ٺهن. هر گهر ۾ ٿورو ڪي گهڻو ته آهي ئي . پوءِ اسان ته ساهيڙيون آهيون مڙئي ڪڏهن ڪڏهن.....“
ڪوهياريءَ کي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻي هئي سو نذيران کي هٻڪندي چيائين: ”ادي توهان کان هڪ ڳالهه پڇان؟“
اِتي ڪوهياريءَ جي ماءُ هُن ڏي نهاريو. پر، ڪوهياري به مڙڻ وارن مان نه هئي.
”ها ادي چئو.“ نذيران وراڻيو.
ڪوهياريءَ به جيئن ڳالهه ٻڌي هئي، سو ڪري ٻڌائي. تنهن تي روئڻهارڪي ٿي وئي ۽ پڇڻ لڳي: ”توهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي؟“
هُن جي ماءُ جيڪا پري کان اشارو ڪري رهي هئي ته نالو متان کڻين، پر ڪوهياريءَ نالو ماسي جنت جو کڻي ڇڏيو.
تنهن تي ادي نذيران وڌيڪ جذباتي ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي، جنهن تي اعتبار ڪيم ان ئي مون کي خوار ڪيو.
ڪوهياري سمجهي نه سگهي. ”ڇو! ماسيءَ جنت ڇا ڪيو؟“ ڪوهياريءَ ادي نذيران کان سوال ڪيو.
ادي نذيران جيڪا ڀَري پئي هئي سو کُلڻ لڳي ۽ ٻڌائڻ لڳي ته ماسي جنت مون کي پير سائينءَ وٽ تعويذ لکرائڻ لاءِ وٺي هلندي هئي ۽ چوندي هئي ته پير سائين اهڙا تعويذ ٿو لکي جو هڪ ٽِڪُ.
”پوءِ توهان به هن جي چوڻ ۾ اچي ويون.“ ڪوهياريءَ نذيران جي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو.
”ادي ڀلا ڇا ڪيان. هڪ ته اولاد نه ٿيو، ٻيو پنهنجو مڙس به هٿن مان ٿي ويو. هُو هاڻ مون کي ليکي ئي نه پيو. سڄو ڏينهن ويٺي روئندي هئس. جڏهن ماسي جنت کي ٻڌايم ته هن پير سائينءَ ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. ”انڌي کي لٺ جو سهارو ڏبو خوش ته ٿيندو.“ سو مان به ماسيءَ جنت جي چوڻ ۾ اچي تعويذ لکرائي پنهنجي مڙس کي پيارڻ لڳس ته مَنَ مون سان دل ٿئيس.“
”ماسي توهان سان ٻڌل هئي پوءِ الزام ڇو هنيائين؟“ ڪوهياري حيرانيءَ واري حالت ۾ جهڙوڪر انڪوائري ڪرڻ لڳي.
”اهائي ته ڳالهه آهي جڏهن، ماسي پاڻ مون کي وٺي ويندي هئي ته ڪميشن وٺندي هئي، پوءِ جڏهن ڏٺم، هوءَ مونکي گهڻو ڦري چڪي آهي ته پاڻ ئي پير سائينءَ کان تعويذ وٺڻ لڳس. تنهن تي هوءَ ڪاوڙجي پئي ۽ چوڻ لڳي: ”واٽ توکي مون ڏيکاري ۽ هاڻ وري اهڙي ٿي وئي آهين جو پاڻهي ٿي وڃين ۽ مون کي پڇين به ڪونه ٿي.“
”توهان ئي ٻڌايو ته ايترا پئسا ڪٿان آڻيان. هڪ ڪنگڻ به ماسيءَ وڪڻائي ڇڏيو. جنهن جي خبر به پاڻ ئي صفوران کي ٻڌايائين ۽ ٻيو به غلط سلط هن جي ڪَن تي وجهي وئي. صفوران ته ڄڻ وجهه ۾ هئي، سو ٺڪ وڃي مڙس کي ٻڌايائين.
”ماسي جنت چوي پئي توهان جي مڙس، توهان کي ڪنهن سان ڏٺو هو! ڇا اهو صحيح آهي؟“
”اهو نسورو ڪوڙ ٿي هڻي. منهنجي ساهيڙيءَ کي وري ائين ڀريائين ته مون ڏٺو اٿمانس.“ ”خدا پُڄندس ماسيءَ کي جنهن منهنجو گهر ڦٽايو آهي.“ هوءَ روئڻ لڳي.
”توهان جي مڙس ڪيئن يقين ڪيو؟“ ڪوهياري پڇيس.
”هونئن يقين نه ڪري ها، مان تعويذن واري ڳالهه ڊپ ۾ نه ڪري سگهيس. مان ڪوبه جواب نه ڏئي سگهيس. منهنجي ماٺ مان سمجهي ويو ته مان ڏوهارڻ آهيان. انهيءَ ڪري وڌيڪ مارڻ لڳو.
”تنهن جو مطلب ته ڳالهه ۾ ڪجهه به ڪونهي. تُنهنجي مڙس به توکي ڪونه ڏٺو آهي. صرف صفوران ۽ ادي جنت جي ڪري ائين ٿيو آهي. ڪوهياريءَ جي ماءُ جيڪا سويل کان هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، چوڻ لڳي.
ادي نذيران جي اکين مان ڳوڙها جهڙوڪر بيهن ئي ڪونه پيا. ”توهان پريشان نه ٿيو، توهان جو ڪو ڏوهه به ڪونهي ۽ توهان جو مڙس لکيل پڙهيل آهي. توهان ڪوبه اُلڪو نه ڪريو.“ ڪوهياريءَ دلداري ڏيندي چيس. ان کان پوءِ ڪوهياري ۽ ان جي ماءُ موڪلائڻ لڳيون ته ادي نذيران پنهنجا ڳوڙها اگهندي چوڻ لڳي، ”ڳالهين ۾ توهان ڪجهه کاڌو به ڪونه.“
”نه امان ساڳي ڳالهه آهي، وري اچبو ته پيو کائبو . دير به ٿي وئي آهي.“ ڪوهياريءَ جي ماءُ چادري پائيندي چوڻ لڳي.
”امان ڏٺئي ماسي جنت جا ڪم. ڪيئن ٿيون گهر ڦٽائين. ڪي ويچاريون غريب اٻوجهه مايون، پنهنجي گهر کي ٺاهڻ لاءِ مڙئي ڪٿان نه ڪٿان ڪو وسيلو چاهين ته، اهڙيون ئي ٺڳيندڙ مايون، سندن کي چنبي ۾ ڪري سندن ئي گهر کي برباد ڪندي دير نه ٿيون ڪن، ۽ اهو به نه سوچين ته ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو گهر جو سڪون تباهه ٿي سگهي ٿو. پر اهڙين ماين کي ته پنهنجي مطلب سان ڪم هوندو آهي.“ ڪوهياري جذباتي ٿيندي ماءُ کي چيو.
”برابر ڌيءَ توبهه ڪجي اهڙين ماين کان.“
ڪوهياري ادي نذيران کي چئي آئي هئي ته، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. پر پاڻ کان ئي پڇڻ لڳي، ته آخر ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ مسئلي کي ڪيئن حل ڪجي. ڪم ڪار لاهي واندي ٿي سوچيائين ته سارنگ سان صلاح ڪجي.
”ڀاءُ هيڏانهن ته اچجانءِ.“ سارنگ کي سڏيندي چيائين .
”ها هينئر وري ڪهڙو ڪم آ؟ منهنجي خيال ۾ هينئر اسڪول جو ته ٽائيم ڪونهي، جو ڇڏڻ جو چوندينءِ. سارنگ، ڪوهياريءَ ڏي نهاريندي چيو.
”ڇو هونئن نه ٿي سڏي سگهان ڇا؟“ ڪوهياريءَ ڏکاري ٿيندي چيو:
”منهنجو مطلب آ ته ڀاءُ جو لفظ استعمال ڪيو اٿئي. اهو مڙئي ڪڏهن ڪڏهن...“ کلندي چوڻ لڳو: ”چڱو ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي.“ ڪوهياريءَ سارنگ کي پوري ڳالهه ٻڌائي.
”نوپرابلم اها ڪا وڏي ڳالهه آهي؟“ هن جهڙوڪر مطمئن ٿي چيو.
”ها ٻڌاءِ ته سهي ڇا ڪرڻ کپي. “
”بس ڪرڻو ڇا آهي، پاڻ ٻئي ٿا سندس مڙس سان هلي ڳالهه ڪريون. پڙهيل لکيل آهي. سمجهڻ ته کپيس. جيڪڏهن پاڻ ڪجهه نه ڏٺو اٿئين ته ضرور اسان جي ڳالهه سان اتفاق ڪندو. باقي رهي ڪنگڻ واري ڳالهه سا ته ڪرڻي پوندي. ڪيئن ٺيڪ آ نه.“
ڪوهياريءَ سندس سڄي ڳالهه ٻڌي ته، مذاق ۾ ڪلهي تي ٿڦڪي هڻي شاباس ڏيندي چيائينس: ”ڀاءُ هجن ته تو جهڙا.“
”هاڻي مشڪري ڇڏ. آخر اسانجو دماغ آ. تو جهڙا ٿورئي آهيون.“ سارنگ، ڪوهياريءَ ڏانهن نهاريندي وراڻيو.
”ها سائين دماغ ته توهانجا، ٻيو مڙئي خير.“ ڪوهياري کلي پئي.
”شڪر آ مڃئي ته سهي.“ سارنگ اهو چئي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
ڪوهياريءَ ڪجهه پاڻ کي مطمئن ڀانئيو. پر، سوچڻ لڳي جڏهن مرد ۽ عورت جو مقدس ٻنڌڻ آ، جنهن کي شاديءَ جو روپ به ڏجي ٿو، پوءِ اگر اولاد نه ٿيو، ٻي شادي ته هر حال ۾ ڪرڻي پوندي. آخر عورت ڇا ڪري، جيڪڏهن اجازت نه به ڏيندي ته وري ڪهڙو مرد هن جي چوڻ ۾ اچي چپ ڪري ويهندو. پر وري عورت پنهنجي دل تي ايڏو جبر سهي اجازت ڏيندي، ڇو ته هوءَ مرد جي نفسيات کي چڱي نموني سڃاڻي ٿي. هُو جيڪو چاهيندو سو ضرور ڪري ڏيکاريندو، پر مرد انهيءَ عورت لاءِ ڇا ڪيو! هن جي حيثيت صرف شوپيس ۾ رکيل هڪ بي جان رانديڪي وانگر هوندي جيڪو سندس ئي اشاري تي پيو هلندو. پوءِ جڏهن اُهي ئي عورتون پنهنجي پيار کي شيئر ڪري نه سگهنديون، ته تعويذ جهڙي سهاري کي به علاج سمجهنديون ته ضرور ڪا شفا ٿيندي، پر اهو نه سوچينديون ته اهو رڳو هڪ ڍونگ آهي. ائين ڪرڻ سان شفا ته ڪونه ٿيندي، ماڳهين سندن گهر برباد ٿيندو، پر اُهي به ڇا ڪن، ڪو ته وسيلو چاهينديون، پر جيڪڏهن مرد هن سان سمجهوتو ڪري ته جيڪر ائين نه ٿئي. اولاد ته الله جي هٿ ۾ آهي. ان ۾ عورت جو ڪهڙو ڏوهه ، هوءَ ڇو پئي سزا ڀوڳي؟ آخر ڇا ٿيندو!؟ ڪيستائين اسانجي عورت ٻٽي ظلم جو شڪار ٿيندي؟“ ڇا هميشه!!!؟
ڪوهياري پاڻ سان ئي جنگ ڪرڻ لڳي. وري پاڻ کان ئي سوال ڪرڻ لڳي ته ”ڇا سڀ مرد هڪجهڙا آهن؟ ڇا ائين هميشه ٿيندو رهندو. نه نه ائين ته ڪونهي، مرد ته منهنجو پيءُ به آ، ڀاءُ به آهي. پوءِ... نه نه ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. ڇو ته هڪ اِهو به ته مرد منهنجي سامهون آهي جيڪو مون سان گڏجي هڪ عورت جي زندگي برباد ٿيڻ کان پيو بچائي.
مرد سڀ هڪجهڙا ته ناهين. پاڻ کي ئي جواب ڏيڻ لڳي. بس اها ڳالهه آهي ته هر ماڻهوءَ جي پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهي. ڪو اولاد جو وڌيڪ گهُرجائو ته ڪو وري هن سماج کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ٿو سوچي. اهو سڄو چڪر صرف انسان جي پنهنجي اندر جو پيدا ڪيل آهي.
انسان آخر ڇا ٿو چاهي . هن کي ڇا گهُرجي.!؟ اولاد، شهرت، دولت، زمين ۽ الائي ڇا ڇا.... ”پر ان لاءِ هن کي ڇا ڇا ٿو ڀوڳڻو پوي!؟“