پنهنجي پاران
مون کي ياد آهي اڃا ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندي هئس ته اسان جي امڙ اسان ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي موڪل واري ڏينهنِ ۾ آکاڻيون ٻڌائيندي هئي ۽ اسان انهن آکاڻين ۾ ڪيئن گُم ٿي ويندا هئاسين. وري جڏهن آءٌ پنجين ڪلاس ۾ پهتس ته به امان ائين ئي آکاڻيون ٻڌائيندي هئي، پر مان سوچڻ لڳندي هئس امان اهي آکاڻيون ڪيئن ٿي ٻڌائي. امڙ کان مون هڪ دفعي پڇيو. ته امڙ مون کي گهر جي هڪ ننڍڙي صفحي ۾ وٺي هلي ۽ اتي رکيل هڪ لوهه جي پيتي کوليائين جيڪا سڄي ڪتابن سان ڀَري پئي هئي ۽ اُهي آکاڻيون انهن ڪتابن ۾ هيون. ڪتابن جا نالا ته ياد ڪونه بيٺا، پر سمجهه ۾ ڳالهه اچي وئي. ائين ئي اُهي ڪتاب ڪڏهن ڪڏهن مان کڻي پاڻ به پڙهندي هئس.ڪهاڻيون پڙهي پڙهي ياد به ٿينديون ويون ۽ اُهي آکاڻيون پنهنجي ٻارن راول ۽ روحل (خان محمد پنهور) کي ننڍپڻ ۾ ٻڌايون.
امڙ جي انهيءَ صحبت ۽ تربيت ڪري اسان سڀني ڀائرن ڀينرن کي ننڍپڻ کان لکڻ پڙهڻ جو شوق رهيو. ادا قمر الزمان ميمڻ (قمر مورائي) جي نالي سان شاعريءَ جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو. ادا سڪندر الزمان ميمڻ اسان جي موري شهر ۾ سياسي، سماجي ۽ نظرياتي طور تي تمام گهڻو سرگرم رهيو. ادا شمس الزمان ميمڻ، امداد ميمڻ ۽ ارشاد ميمڻ پڻ ادبي دنيا سان لاڳاپيل رهيا. ڀينرن ۾ ادي نسيم ميمڻ، ادي زرينه ميمڻ ۽ حسينه ميمڻ جون لکڻيون پڻ ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون. حسينه ميمڻ هاڻي حسينه آزاد جتوئي جي نالي سان ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”مومل ” اخبار جي چيف ايڊيٽر آهي.
مون کي ياد آهي جڏهن اسين 1977ع ۾ پنهنجي موري شهر مان ادا سڪندر الزمان ۽ ادا قمر الزمان جي ڪراچيءَ ۾ پوسٽنگ جي ڪري شفٽ ٿيا هئاسين تڏهن ادا خان محمد پنهور (ڀيڻيوو) ٻارڙن جو مئگزين ’ٻالڪ‘ شايع ڪندوهو، جنهن ۾ مون پهريون انٽرويو ياسمين شيخ کان ورتو هو.
ادا خان محمد منهنجي پڙهڻ ۽ لکڻ جي دلچسپيءَ کي ڏسندي جڏهن به حيدرآباد کان ڪراچيءَ ايندو هو ته مون لاءِ ڪهاڻين جا، شاعريءَ جا ۽ ناولن جا ڪتاب کڻي ايندو هو.
ان کان پوءِ 1984ع ۾ ڪاليج جي پڙهائيءَ دوران وومينس ڪاليج ڪراچيءَ مان ادبي ميگزين نڪتو هو ته اُن ۾ مون پهرين ڪوشش ڪئي هئي ڪهاڻي لکڻ جي. اُها ننڍڙي ڪهاڻي هئي جيڪا منهنجي شايع ٿي، ۽ انعام به مليو هو، ۽ شايد انعام ملڻ جي خوشي ۾ مون وڌيڪ لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو، ان کان پوءِ جڏهن 1985ع ۾ ڄام شورو ۾ آيس اُتي ته سڄو ادبي ماحول هو، ادا خان محمد پنهور جو گهر سڄو ڪتابن سان ڀريل هو، منهنجي ڄڻ عيد ٿي وئي، هر وقت پئي ڪتاب پڙهندي هئس، ۽ ائين لکندي به رهندي هئس، پر ڇپرائڻ جي همت نه ٿيندي هئي. جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو ته هتي ڪوبه ادبي پليٽ فارم ڪونه هو، جتي ڪو تنقيدي يا اصلاحي بحث ٿئي، مان ڪهاڻيون ۽ شاعري لکندي رهندي هئس ۽ ائين سوين پنا منهنجي ڪمري ۾ بنا ترتيب جي اڏامندا رهندا هئا، پر ڇپرائڻ لاءِ ڪٿي به نه موڪليندي هئس. انهن ڏينهن ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ادي نسيم ٿيٻو جي گهر ۾ تانيه ٿيٻو، انيتا ٿيٻو، نجمه پنهور، سلميٰ پنهور، مارِئي عطار ۽ مون گڏجي اسٽڊي سرڪل جوڙيو. ڪنهن به هڪ ڪتاب جي چونڊ ڪري، گهران پڙهي ان تي راءِ لکي اچبي هئي. پوءِ انهيءَ تي بحث ڪبو هو.
هڪ ڀيري انهن ڏينهنِ ۾ ادي نسيم ٿيٻو اسان جي گهر ملڻ لاءِ آئي. مون کي خبر هئي ادي نسيم سٺي ڪهاڻيڪاره آهي ۽ مون به پنهنجي ڪهاڻين جو ذڪر ڪيو ته ان مهل ئي چيائين ’مون کي پنهنجي ڪابه ڪهاڻي ڏيکار‘ پهرين ته ڊپ ٿيو الائي منهنجي ڪهاڻي ادي نسيم کي وڻندي به الائي نه، پر همت ڪري هڪ ڪهاڻي فيئر ڪري ادي نسيم کي ڏيکاريم، جڏهن پڙهي بس ڪيائين مان ڊپ ۾ نهاري به نه پئي سگهيس، پر جڏهن ادي نسيم منهنجي ڪلهي تي داد جي ٿڦڪِي ڏني ته ڏاڍي خوش ٿيس ۽ اها خوشي اڄ به محسوس ڪري ٿي سگهان، ۽ انهيءَ ايڪسپريشن مون کي وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ همت ڪري اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجون ڪهاڻيون ۽ شاعري موڪلڻ لڳس، ۽ جڏهن عوامي آواز، هلال پاڪستان، روزاني مهراڻ اخبار ۾ ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون شايع ٿيون ته ڏاڍي خوشي ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي مختلف رسالن ۾ منهنجي شاعري ۽ ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهيون.
1990ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ملي ته خوشيءَ جي انتها ئي نه رهي ۽ انهن ڏينهنِ ۾ ئي ماهوار ”سرتيون“ رسالي جو اجراء ٿيو ۽ گل بدن جاويد مرزا رسالي جي ايڊيٽر هئي. منهنجون ڪهاڻيون ان رسالي ۾ وڌيڪ شايع ٿيون. وڌيڪ خوشي تڏهن ٿي ۽ منهنجي لکڻ کي حقيقي معنيٰ تڏهن ملي، جڏهن سائين امداد حسيني سنڌي ادبي بورڊ جا سيڪريٽري ٿي آيا، انهن ڏينهنِ ۾ سائين امداد کي پنهنجون ڪهاڻيون ڏيکاريندي هئس ته سائين امداد ڪهاڻيءَ ۾ جملي، ٻولي يا گرامر جي غلطي هوندي هئي ته ڪهاڻي درست ڪري ڏيندا هئا ۽ هميشه ڪهاڻي درست ڪرڻ کان پوءِ اهوئي چوندا هئا ته ’تون سٺو ٿي لکين، ائين لکندي رهه ۽ وڌيڪ پڙهندي به رهه.‘ انهيءَ اُتساهيندڙ جملي وڌيڪ هميشه مون کي لکڻ ۽ پڙهڻ تي آماده ڪيو، ۽ ائين منهنجي شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ ٽماهي ”مهراڻ“، روزاني ڪاوش، ڪاوش مئگزين، ماهوار پارس، ماهوار مومل رسالي ۾ شايع ٿينديون رهيون.
منهنجون ٽيهارو کن ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هن مجموعي ۾ ٽوٽل ڪهاڻين جو تعداد پندرهن آهي، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن ۽ ڪجهه اڻڇپيل به آهن.
مان ٿورائتي آهيان ادا شوڪت حسين شورو جي جنهن منهنجي ڪهاڻين جي مجموعي تي پنهنجا قيمتي ٻه اکر بيڪ ٽائيٽل تي لکيا. خاص ٿورائتي آهيان سائين امداد حسينيءَ ۽ شبنم گل جي، جن منهنجي مسودي کي پڙهيو ، نظر مان ڪڍيو ۽ ٻه اکر مسودي تي لکيا.
مان ٿورائتي آهيان ادي تنوير جوڻيجو جي جن مهاڳ لکيو، ۽ ڀيڻ ج.ع. منگهاڻي، ادا اڪبر سومري، ادا فهيم نوناري، حسينه آزاد جتوئي، ادا دين محمد ڪلهوڙي ، ۽ ادي نسيم خان پنهور جن منهنجي ڪهاڻين جي مجموعي تي ٻه اکر لکيا آهن ۽ وڌيڪ ٿورائتي آهيان عبدالمجيد پنهور (گهر واري) جي جنهن پڻ مون کي هميشه ايپريشئيٽ ڪيو آهي ۽ مجموعي ڇپرائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي. پنهنجي ٻنهي پٽن راول پنهور ۽ روحل (خان محمد پنهور) جي جيڪي هميشه چوندا آهن ته ”هاڻي امان اوهان جي ڪهاڻين جو مجموعو ضرور اچڻ کپي.“ آخر ۾ ٿورائتي آهيان، ادا سعيد منگيءَ جي جنهن خوبصورت ٽائيٽل ٺاهيو ۽ ادا قربان منگيءَ جي جن ٿورڙي وقت ۾ هيءُ مجموعو ڇپرائي اسان سڀني جي هٿن ۾ ڏنو آهي.
ثمينه ميمڻ