آٿت
اهو احساس اڄ ڇو ٿي رهيو هئس. پهرين ڇو ڪونه خيال آيو هئس. سوچڻ لڳي مون ته پنهنجي پُٽ جي ۽ پنهنجي تحفظ لاءِ هڪ مرد جو سهارو ڳوليو هو. پوءِ ان مهل اهو ته ڪونه سوچيو هو ته هُو عمر ۾ ڪيترو وڏو آهي.
هن کي پاڙي پتيءَ وارن ڪيترن سمجهايو هو ته ”شادي نه ڪر، تون پاڻ هٿين سڄي آهين پنهنجي پٽ کي کارائي ٿي سگهين پٽ اجھو ئي جوان ٿي سڀ ڏک دور ڪندئي“، پر پاڻ جهڙوڪر ضد تي اچي بيٺي هئي. جنهن ٿي پڇيس ته اهو جواب ٿي ڏنائين ته ”پهرين شادي مائٽن ڪهڙي منهنجي مرضي سان ڪرائي هئي. هڪ پوڙهي پيءُ جيڏي سان ته ڪرائي هئائون، تڏهن ته ڪير به ڪونه ڪڇيو هو. باقي هاڻي جڏهن آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان شادي ٿي ڪيان ته توهان آيون آهيو مون کي سمجهائڻ“، ڪيڏو نه تيز ڳالهائي ويئي هئي.
پاڙي وارين ماين کي به لڳي چڙ سو اُهي به اٿي کڙيون ٿيون، ”مائي توکي جيڪڏهن اهڙو شوق آهي شادي ڪرڻ جو ته پوءِ ڪنهن جوان سان ته شادي ڪر، هيءُ پوڙهو توکي ڪهڙو سهارو ڏيندو پهرئين ئي هو ڇهن ٻارن جو پيءُ آهي. تون به عورت آهين، ٻي عورت جي گهر ڦٽائڻ مان توکي ڇا ورندو سرندو!“ هڪڙيءَ تيل هاريو.
”بس مائي توکي اسان جو سمجھائڻ ته ڄڻ آئڙي ئي ڪونه ٿو، توکي ته وقت ئي سمجھائيندو....“ ٻيءَ مائيءَ تيلي ڏيکاري ڇڏي.
باهه لڳي وئي هئس اندر ۾، وس پڄيس ها ته چوٽيءَ کان وٺي مائيءَ کي گهر مان ڪڍي ها، پر شڪر ٿيو جو مايون پاڻهي هليون ويون.
سڪينه کي ته ننڍي ڀاءُ به هڪ دفعو ويهاري ٿڌي دماغ سان سمجھايو هو ته ”ادي تنهنجي پهرين به زندگي خراب ٿي چڪي آهي. جنهن ۾ اسان جي وڏي ڀاءُ پنهنجي خوشيءَ خاطر توکي بدي تي ڏئي ڇڏيو. اهو به نه سوچيائين ته اسان جي ڀيڻ ڪيتري ننڍي آهي! پر پاڻ ته انڌ جي گهوڙي تي چڙهي پنهنجون خوشيون خريد ڪيون هئائين. ادي يقين ڪر جيڪر آئون اتي ڳوٺ ۾ هجان ها ته شايد ائين ڪڏهن نه ڪرڻ ڏيان ها! پر هاڻ جڏهن تون هن پوڙهي مڙس سان گذارو نٿي ڪري سگهين ته توکي هن کان آزاد به مان ئي ڪرائيندس.“
پوءِ سندس ڀاءُ ڪورٽن جا چڪر ڪاٽي هن کي آزاد ڪرايو هو. ۽ پٽ به سندس حوالي ٿيو هو. ان ڏينهن هن کي ائين لڳو ڄڻ هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو سک جو ساهه کنيو هو. ۽ پاڻ کي ڪيڏو نه آزاد ڀانيو هئائين.
پر جڏهن وقت گذرندو ويو ته هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ڀاءُ جي گهر ۾ هوءَ بار آهي. عجيب سوچون هن جي دماغ تي حاوي ٿي وينديون هيون. آخر هوءَ ڪيستائين ڀاءُ جي در تي بار بڻي رهندي. يا شايد ان مهل هوڏ ۾ اچي فيصلو ڪيو هئائين يا اهو سوچيو هئائين ته هوءَ ڀاءُ جي در تي ۽ ڀاڄائيءَ جي اڳيان ويچاري ٿي ڪيستائين ويهي رهندي کيس پنهنجي پٽ جا خيال ايندا هئا ته ان جو ڇا ٿيندو؟ هن ته پنهنجي پر ۾ صحيح فيصلو ڪيو هو. ڀاءُ جو چوڻ به هن کي ان مهل خراب لڳو هو، پر ان جو پڇتاءُ اڄ ٿي رهيو هوس. هن کان ته اڳلو مڙس چڱو هو جيڪو پٽ کي ته پاڻ وٽ رهائي ها. اهي مهڻا ته ڪونه ڏئي ها. هزارين وسوسا سندس من اندر پلجي رهيا هئا.
خبر ئي نه پيس ته ڪيترو وقت ٿي ويو آهي سڄو گهر ننڊ ۾ ستو پيو هو. دل چيس کٽ تان اٿي پٽ تي سمهي رهي. اُٿي ۽ چڙ مان وهاڻو کڻي پٽ تي رِلي وڇائي سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي، پر ننڊ جو نالو ئي ڪونه هو اکين ۾. ڀرسان ٻن کٽن تي ٻار اگهور ننڊ ۾ ستل هئا. اڄ ته ٻارن کان به وحشت ٿيڻ لڳس. دل چاهيس ته انهن ٻارن کي ڪنهن درياءَ ۾ ڦٽو ڪري پاڻ به لهرن جي حوالي ٿي وڃي. ڇا مليو هئس؟ ڪهڙو سک پاتو هئائين ايترن ٻارن کي پيدا ڪري؟ پاڻ ته ٻارن ڄڻڻ جي مشين ٿي پئي هئي.
اڄ جڏهن وڏي پٽ سندس آڏو اچي سوال ڪيو ”ٻڌاءِ، امان آئون ڪنهن جو پٽ آهيان؟“ ته ٿوري دير لاءِ ڊڄي وئي هئي. اهو ئي پٽ سندس آڏو شينهن ٿي بيٺو هو جيڪو ڇهن مهينن جو هو ته پاڻ پنهنجي مڙس کي ڇڏي وڃي ڀاءُ جي در تي ويٺي هئي. اڄ هوءَ پٽ آڏو ڪمزور ٿي پئي هئي. ڇا ٻڌائي ته تون ڪنهن جو پٽ آهين! تنهنجو پيءُ ڪير آهي! ۽ اهو جيئرو به آهي. هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن هوءَ سچ ٻڌائيندي ته اهوئي پٽ کانئس باغي ٿي ويندو، جنهن کي نپائي تاتي وڏو ڪيو هئائين ڪجهه به نه ڪُڇي سگهي هئي. مظهر ڪاوڙ مان گهر مان هليو ويو هو. هن ته ڪڏهن به نه سوچيو هو ته مظهر وڏو ٿي هن جي سامهون پيءُ جي باري ۾ پڇندو. جنهن جي لاءِ پاڻ ڪمزور ٿي هئي. سڄو ڏينهن اندر ۾ ٽٽندي رهي.
سڪينه کي اعتبار ئي نه پيو اچي ته مڙس ئي هن کي مهڻا ڏيندو ان پٽ لاءِ جنهن جي ڪري هن پنهنجي مٽن مائٽن کي ڇڏي، ان سان شادي ڪئي هئي، اڄ جي ئي ڳالهه ذهن تي هٿوڙا هڻي رهي هئس، جڏهن منجھند جو مڙسهنس ماني کائڻ آيو. ائين لڳس ته ڄڻ هن جو چهرو کوري وانگر تپي باهه ٿي ويو هو، ڪيئن نه هوءَ ڊڄي ويئي هئي!
سندس مڙس ڪمري ۾ گهڙندي ئي هن تي تپي ويو هو، ”ڏٺئي ڇوري جا ڪم اڄ ته دڪان تي به وڙهي آيو آهي. چوي پيو، مان ڪونه ويهندس تنهنجي دڪان تي، منهنجي مرضي آهي ته مان ڇا به ڪيان، تون ڪير ٿيندو آهين مون تي رعب ڪرڻ وارو.
”ڇوري جو ته دماغ خراب ٿيو آهي. توکي به ٻڌائي ٿو ڇڏيانءِ ته پنهنجي سڪيلڌي کي سمجهائي ڇڏ. جيڪڏهن هو دڪان تي نٿو ويهي سگهي ته پوءِ جيڏانهن وڻيس اوڏانهن هليو وڃي.“
ساهي کڻي وري چوڻ لڳو: ”مون وٽ ايڏا ٽڪا ڪونهن جو هن کي ويهي کارايان.“ ”منهنجا پٽ به ته ڪمائين ٿا پوءِ هيءُ وري آسمان تان لهي آيو آهي ڇا!“ ”وڃي پنهنجي پيءُ ڏي ته ڏسان ته ڪيترا ڏينهن ٿو کارائيس“.
ڪجهه به نه ڪڇي هئي. پاڻ ته ڪٿي جي به نه رهي هئي، پٽ لاءِ پيءُ جو پيار ڳوليو هئائين، پر هيءُ ڇا ٿي رهيو هو. اڄ ته ائين لڳو هئس ڄڻ هُو به چئي رهيو هجي ته توسان شادي ڪري مان پڇتائي رهيو آهيان صرف انهن لفظن چوڻ جي ضرورت ڪانه هئي سمجھڻ لاءِ ته هُو سڀ ڪجهه چئي ويو هو.
سڪينه دل ۾ سوچڻ لڳي، ننڍي هوندي ئي مظهر کي پنهنجي پيءُ وٽ ڇڏي اچي ها ته هيءُ ڏينهن ته نه ڏسڻو پويس ها!
ياد ٿي آيس ته هڪ دفعي پاڙي ۾ ڪنهن شاديءَ تي ويئي هئي ته ٻن ٽن ماين هن جي گهڙندي ئي سُرٻاٽ ڪڍڻ شروع ڪيا.
”مائي سک سان ويٺي هئي پنهنجي ڀاءُ جي گهر ۾. ڀاڄائيءَ به گهٽ ڪونه پئي گهُريس. هر ڳالهه جو سک ڏنو هئائينس، جهڙو پاڻ ٿي پاتائين تهڙو هن کي ۽ ننڍڙي کي ٿي پارايائين، پر بهانو شاديءُ جو اهو ڪيائين ته سندس پٽ کي ڀاءُ جا ٻار سهن ڪونه ٿا. مائي ڏسو ته هن جا ڪم، جيڪڏهن رهبو ته سهبو به يا پنهنجي بادشاهي ڪبي.“
هڪڙو هُنن جي گهر ۾ رهي به، ٻيو وري ارڏايون ته ڏسوس. هيءَ چوي ته سڄي گهر تي راڄ منهنجو هجي. ٻي مائي وري ڳالهه تي گُل چِٽَ رکڻ لڳي.
”ڀلا ائين ڪٿان ٿيون ڀاڄايون سهن. وري به ڀاڄائس کي شابس آهي جو کيس ۽ سندس پُٽ کي رهائي ويٺي هئي، پر مائي اها ته صرف کيڏ هئي. الائي اندر ۾ ڪهڙي باهه هئس جو مڙس کان سواءِ رهي نٿي سگهي. بهانو ته اولاد جو، پر اندر جون خواهشون ڪير پوريون ڪريس. پوءِ پوڙهو سوڙهو مرد ته کپيس.“ ٻي مائي وري سر ملائڻ لڳي. ”جڏهن پاڻ نٿي رهي سگهي ڀاءُ جي گهر ۾ ته ڀاءُ به ته اهو سمجھايو هئس ته جيڪڏهن تون نٿي رهي سگهين اسان وٽ ته تنهنجي شادي آئون ڪرائيندس، پر اهڙي هنڌ جتي تون خوش رهي سگهين وري توسان اهو ساڳيو ورجاءُ ڪونه ٿيڻ ڏبو. پر مائي هُن جي مغز ۾ ڪا ڳالهه ويهي ته سمجھي نه. بس اصل لاهي پاهي بيهي رهي!“ ڳالهيون ٻڌي چڙ مان اٿي هلي وئي.
ڇا واقعي هن کي مرد جي خواهش هئي. هاڻ ته کيس ائين ئي لڳي رهيو هو ته پاڻ ڏوهارڻ آهي پنهنجي پٽ جي، کيس هڪ سهاري جي ضروت نه هئي، پر هن کي مرد لاءِ بُک هئي، جيڪا هاڻ ختم ٿي رهي هئي. نه نه مون کي ته پنهنجي پُٽ جو ۽ مرد جو تحفظ ٿي کپيو.
پاڻ ڀلا ڀاءُ جي گهر ڪيسين ويچاري ٿي ويهي رهي ها. سڄو ڏينهن گهر ۾ ڪم ڪندي ڪهڙي حالت ٿي ويندي هئس. ڪڏهن ڪڏهن ته اها ڪاوڙ پنهنجي ٻار مان ڪڍندي هئي. سندس ڀاءُ ۽ ڀاڄائي سڄو ڏينهن ته گهر کان ٻاهر رهندا هئا. پوءِ سڄو گهر ۽ انهن جا ٻار پئي سنڀاليندي هئي. باهه لڳندي هئس جڏهن ڀاڄائي ۽ ڀاءُ سڄو ڏينهن ٻاهر رهڻ کان پوءِ گهر ۾ گهڙندا هئا ته اهو به ڪونه پڇندا هئس ته تو اڄ سڄو ڏينهن ڪيئن گهاريو. اسان جا ٻار ڪيئن آهن يا مظهر ڪيئن آهي؟
ڪڏهن ڀلجي به گهمڻ لاءِ نه چوندا هئس ته تون به انسان آهين توکي به ساهه آهي تون به اسان سان گهمڻ هل!
کيس ته ٺهيو، پر سندس پٽ کي ڪيئن نه ڀاءُ جا ٻار مهڻا ڏيندا هئا، ڪا به شيءِ هٿ ۾ کڻندو هو ته اهو چئي کسيندا هئا ته هي اسان جو گهر آهي تون اسان جي شين ۾ هٿ نه وجھندو ڪر. ۽ هُو ضد ۾ اچي روئندو اچي هن کي دانهن ڏيندو هو، پر هوءَ ڪنهن کي دانهن ورنائي مورڳو ئي اندر جي باهه پنهنجي پُٽ مان ڪڍندي هئي. ڇا اڃا به ڀاڄائيءَ جي اڳيان هوءَ غلامي ڪندي رهي! پاڻ ڪهڙوڏوهه ڪيو هئائين جنهن جي سزا ڀوڳي رهي هئي. هڪ ته پهرين سزا ۽ هاڻ هيءَ ٻي سزا! ڳالهيون سهي سهي پوءِ ئي فيصلو ڪيو هئائين شادي ڪرڻ جو. ڪنهن کي به ڪونه ٻڌايو هئائين ته مان شادي ٿي ڪيان. سندس پري جي دوست هئي ان جو چاچو جنهن جي شادي به ٿيل هئي ۽ ڇهن ٻارن جو پيءُ به هو. ضد ۾ اچي فيصلو ڪري ويٺي. جڏهن پاڻ راضي هئي پوءِ هو ته هڪ مرد هو، هڪ نوجوان ڇوڪري جيڪا پاڻ ئي راضي ٿئي ٻيو هن کي ڇا کپي. مکڻ کائيندي ڏند ٿورئي ڏکندس!
پر پاڻ جڏهن گهر ۾ شاديءَ جي ڳالهه ڪئي هئائين ته سندس ڀاءُ کي حيرت سان گڏ ڪاوڙ به لڳي هئي، پر پاڻ هڪ تي ٿي بيٺي ته مون کي ڪرڻي آهي ته ان سان نه ته بس. ڀاءُ به ته اهو ئي سمجھايس، ”ڀيڻ تون جيڪڏهن اسان جي گهر ۾ پاڻ کي بار ٿي سمجھين ته پوءِ تنهنجي لاءِ تو جهڙو ئي ور ڳولي لهندس، جيڪو تنهنجو جوڙ هجي ۽ تنهنجو هم خيال هجي، پر هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو هو. ۽ هوڏ ۾ اچي شادي ڪري ويٺي هئي.
هن کي شروع واريون ڳالهيون ور ور ڪري وڪوڙي رهيون هيون. يا خدا هيءُ ڪهڙو انصاف آهي؟ مون ته پنهنجي پٽ جي ڪري هيءُ ڦاهو کاڌو هو، منهنجو مڙس ئي مون کان ڦِري ويو آهي. شروع ۾ ڪيئن نه مظهر کي ڀائيندو هو. اسٽاپ تائين بس ۾ اسڪول چاڙهي ايندو هوس.
سندس گهر واري نٿي رهي سگهي مون سان ته هڪ گهر الڳ وٺي ڏنائين. ڪيڏو نه سک پاتو هئم پنهنجي گهر ۾. بس مون کي پنهنجي پٽ جو مستقبل ٺاهڻو هو، ان کي پڙهائڻو هو. سندس ٻار نه پڙهندا هئا، پر مظهر ته هونئن ئي سندس ڀاءُ جي گهر ۾ به اسڪول ويندو هو، پر مئٽرڪ کان پوءِ مظهر کي به اسڪول کان ويهاري ڇڏيائين اهو چئي ته ڪهڙو هيءَ وري نوڪري ڪندو، هلي منهنجي دڪان تي منهنجي همراهي ڪرائي.
ڪجهه به نه ڪُڇي هئي، مظهر کي جڏهن خبر پئي هئي ته سندس پيءُ پڙهڻ نه ٿو ڏئي ته سمجهه ۾ نه آيو هئس ته سندس پيءُ هن کي پڙهائيءَ کان ڇو پيو روڪي پر ماءُ اهوئي چيس ته ”پٽ تنهنجا ڀائر به ته تنهنجي پيءُ جي همراهي ٿا ڪرائين تون به پيءُ جو چوڻ ڪري دڪان تي ويهه“ ماءُ جو چوڻ ڪري پڙهڻ ڇڏي دڪان تي ويهڻ لڳو هو.
پاڻ ڪڏهن به هُن کي محسوس ڪرڻ نه ڏنو هئائين ته تنهنجو پيءُ اهو نه آهي، پر جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو هو تيئن تيئن سندس دل ۾ عجيب وسوسا پيدا ٿيندا ويا ۽ سوچيندي هئي ته جيڪڏهن مظهر کي خبر پئجي وئي ته سندس پيءُ ٻيو آهي ۽ جيئرو آهي- ته پوءِ.....
پر ماڻهو ته ٺهيو اڄ ته سندس مڙس ئي هن کي طعنا ڏيندي چئي ڇڏيو ته ”وڃي پنهنجي پيءُ ڏي ته چڱيءَ طرح هِن کي کارائي.“ ڪيڏو نه ڏک ٿيو هوس. اهوئي مڙس جنهن کي سڀڪجهه سمجھي هن ڏي وڌي هئي پنهنجي پٽ جو سهارو ڳوليو هئائين اهوئي هن کي منهن تي چئي ويو. هوءَ ڪنهن کي دانهن ڏئي؟ ڪنهن سان سور سَلي!
مائٽن جي رضامندي سان شادي نه ڪري ڪيڏو ڀوڳي رهي هئي دل ئي دل ۾، ان کان ڀاءُ جي در تي ويچاري ٿي ويهڻ صحيح هو. پنهنجو پورهيو ڪيان ها، پنهنجي پٽ کي پڙهايان ته ها، پر ويل وقت هوءَ ڪٿان ٿي ورائي سگهي.
ڪيڏي نه رات گذري ويئي هئي. هن کي ائين لڳو ته ڄڻ هوءَ پاڻ سان ڳالهائي ساڻي ٿي پئي آهي. اُڃ لڳس ته پاڻي پيئڻ لاءِ اٿي، سندس نظر مڙس تي پئي جيڪو سڪون سان سمهي کونگهرا هڻي رهيو هو.
ڪيڏي نه وحشت ٿيڻ لڳس هِن کان. سوچڻ لڳي، سڳو پيءُ هجيس ها ته ڪونه پريشان ٿئي ها، پر هن کي ته ڪابه ڳڻتي ڪونهي، ته مظهر هن مهل تائين گهر ۾، ڇو ڪونه آيو آهي.
الائي ماني به کاڌي هوندائين الائي نه! الائي ڪٿي، هوندو! ڪٿي ڳوٺ ته نه هليو ويو؟! هزارين سوچون من ۾ اينديون رهيس، اهوئي مڙس هئس جيڪو اول گهول ويندو هو مون تان ۽ منهنجي پٽ تان اهوئي هينئر ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي.
وري به همت ڪري مڙس کي ڌونڌاڙڻ لڳي، هُو جيڪو پنهنجي اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو، سو اوچتو هِن جي اٿارڻ سان باهه وانگر ڄڻ ڀڙڪي پيو.
”ڇو ڇاٿيو اٿئي جو اچي ننڊ خراب ڪئي اٿئي“
هوءَ ڊڄندي پڇڻ لڳي، ته ”م م.... مظهر ڪونه آيو آهي. ڪيڏانهن ويو. ايڏي رات گذري وئي آ.“
تنهن تي مُنهن بڇڙو ڪري چوڻ لڳو ”ان ڳالهه لاءِ اچي مٿو کاڌو اٿئي، مون کي ٻڌائڻ وسري ويو ته هُو پنهنجي اصلي پيءُ ڏي هليو ويو. سندس دوست دڪان تي ٻڌائي ويو هو. چڱو ٿيو ٽريو منهنجي اکين کان.“ هُو الائي ڇاڇا ڳالهائيندو منهن ورائي سمهي رهيو.
هن کي، به ائين لڳو ڄڻ هينئر سندس پيٽ ۾ ساهه پيو آهي، سوچڻ لڳي، گهٽ ۾ گهٽ پيءُ هن کي کائڻ جا طعنا ته ڪونه هڻندو. مان ته هن لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيس، پر سندس پيءُ ته هن کي پيار ڏيندو. سوچڻ لڳي، ان کان پهرئين ئي فيصلو ڪري پُٽ کي موڪلي ڇڏي ها ته شايد هيءُ ڏينهن ڏسڻا نه پونس ها. مون پنهنجي زندگي ته داءَ تي هڻي ڇڏي، پر ان جي سزا منهنجي پٽ کي ته نه ملي، هُو مون کان وڌيڪ پنهنجي پيءُ وٽ خوش هوندو. ۽ هُو سندس پيءُ آهي، هن کي ضرور اڳتي پڙهائيندو لکائيندو جيڪو منهنجو مقصد هو سو ضرور پورو ٿيندو، پوءِ هُو مون کان پري ئي ڇو نه هجي!
سڄي رات اوجاڳي ڪرڻ کان پوءِ به ائين محسوس ٿي رهيو هئس ڄڻ اوجاڳي جو ٿڪ ٿيو ئي نه هجيس. محسوس ڪيائين ڄڻ ايترن ڏينهن کان پوءِ هوءَ اڄ سٺي ننڊ ڪري سگهندي....