تِروِرو
اداس ۽ خوف ۾ ورتل ذهن، ڪنهن ڪومايل پنکڙي جيان ٽڙڻ کان اڳ، ايندڙ هوا جي جهوٽي جي خوف ۾ ورتل هجي ۽ جنهن کي سڀاڻي جي ڪل نه هجي. زندگي جي ٻه- واٽي تي، آس ۽ نراس جي وچ ۾ بيٺل ڀڙڀانگ زندگي، جتي وک وک تي منافقيون، مايوسيون، ڏک ۽ درد ڪر کڻيو ڏنگڻ لاءِ آتا هجن. اتي پنهنجي مرضي هلائڻ جو ڪو سوال پيدا ٿئي ٿو ڇا؟
انيتا جڏهن اداس ٿيندي آهي تڏهن خاموش ڪمري جي هِن ڪنڊ ۾ ته ڪڏهن هُن ڪُنڊ ۾ پاڻ کي ڳولڻ ۽ جهنجوڙڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
ها اڄ به هوءَ ڏاڍي اداس هئي. هن جي ذهن ۾ ڪوريئڙي جي ڄار وانگر خانا ٺهندا پيا وڃن. جنهن جي هر خاني ۾ آس ۽ نراس ٽنگيل نظر ٿي اچيس.
اڄ سڄي هاسٽل خالي ٿي رهي هئي. هرڪا ڇوڪري پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ رات کان تياري ڪري رهي هئي. سندس روميٽ پرهه جيڪا کانئس جونيئر هئي ۽ تازو يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هئائين، پنهنجو ٿيلهو ٺاهي هن کان پڇڻ لڳي:
”انيتا، تون ڪنهن مهل ويندينءَ؟“
”مان......... مان به هاڻي ٿوري دير ۾ تياري ڪري هلي وينديس.“ هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته هوءَ ڇا چوي.
”امان پرهه، توهان جو ڀاءُ گيٽ تي آيو آهي. توهان کي سڏي پيو.“ ماسي پرهه کي سڏڻ آئي.
”ها ماسي مان تيار آهيان.“ هوءَ ٿيلهو کڻي انيتا کان موڪلائڻ لڳي.
”چڱو انيتا، مان هلان ٿي. وري عيد کان پوءِ ملبو.“
هُن جي دل چيو......... هاڻي صفا بي ايمان ٿي پئي. پر پرهه کي ڪيئن روڪي پئي سگهي. هوءَ اندر ۾ روئي پئي. اکين مان ڳوڙها وهڻ تي هئا، جو پاڻ تي قابو ڪري ظاهري مُرڪي پئي، چڱو پرهه خدا حافظ.
پرهه وئي هلي. هن کي اڪيلائيءَ ۾ ڪمرو کائڻ ٿي آيو. پاڻ ڪيڏانهن وڃي؟ ڪير هو هن جو!؟ ڪير به ته نه، پر هوءَ ننڍي هوندي کان اڪيلي آهي. هن کي ڪنهن ڪڏهن ڪجهه سمجهيو ئي ناهي. رشتن ناتن هوندي به هن پاڻ کي اڪيلو ئي محسوس ڪيو هو.
ان جا ڪيترائي سبب هئا. پاڻ ظاهري ڪنهن کي به محسوس ڪرڻ ڪونه ڏيندي هئي. آخر ڪيستائين، هوءَ هاڻ ٿڪجي پئي هئي، هوءَ ڪنهن سان شڪايت ڪري، ڪنهن ڪنهن کي چوي. هاڻ ته پنهنجي طبيعت مان ئي بيزاري ٿي محسوس ڪري.
آخر هيءَ سڄي دنيا ڇو منافق آهي؟ هر ماڻهو، اڪيلو ٿو ڀٽڪي! ڪير ڪنهن سان گڏ ڇو ڪونهي!
ڪڏهن گڏ هوندي به ڪير گڏ ناهي هوندو. چاهيندي ۽ سمجهندي به ڪڏهن سمجهي ناهي سگهبو.
هن جي دل چاهيندي هئي ته هر ڪنهن جو چهرو نُور سان ڀريل هجي، ۽ ڪابه منافقي ڪابه ٻيائي ڪنهن من اندر گهر نه ڪري.
وري هن جي ذهن ۾ سوال ٿو اُڀري.
ڇا! رشتا ڪمزور هوندا آهن يا رشتن جا به قسم ٿيندا آهن؟ يا ڪي رشتا چاهيندي به ڳنڍجي نه سگهندا آهن؟
نه، نه سڀ بڪواس آهي. هوءَ ڏند ڀيڪوڙي لُڇي پئي.
ڪير به ڪنهن جو ناهي، هيءُ سڀ وقتي سهارا آهن، جيڪي ملڻ کان پوءِ اهميت وڃائي ڇڏيندا آهن. هوءَ ڇو اڄ پاڻ کان سوال ڪري رهي آهي، شايد ان لاءِ ته دانش هن کي جذبن جي رشتن جي باري ۾ محسوس ڪرايو هو.
ڪمري ۾ گُهٽ محسوس ڪندي، دريءَ وٽ وڃي بيهي رهي ٿي. پويان زيتون جي وڻ ۾ ويٺل ڪوئل پئي ٻولي. هن کي لڳو ته هن جيان هوءَ به اڪيلي آهي. هوءَ دري بند ڪري ڪمپيوٽر سائنس جو ڪتاب ٽيبل تان کڻي اچي پلنگ تي ويهي ٿي رهي. ڪتاب کولي ٿي، پر سندس اکيون ٿڪل آهن.
هن کي رات پرهه تي رشڪ ٿي آيو، ڪيئن نه سڄي رات خوشيءَ ۾ ننڊ نه ڪئي هئائين. هوءَ ڪنهن مهل ڪپڙا ٿيلهي ۾ رکي رهي هئي ته ڪنهن مهل ٽيپ ٻڌي رهي هئي. هيءَ پاڻ به ته جاڳي رهي هئي، پر سندس جاڳ ۾ خوشي نه پر ڪنهن اڪيلائيءَ جو خوف هو. سندس اکين مان ننڊ ڄڻ موڪلائي وئي هئي.
انيتا کي پاسا ورائيندي ڏسي پرهه سمجهي وئي ته هوءَ به جاڳي پئي، سو چوڻ لڳي. ”انيتا، منهنجي جڏهن کان ايڊميشن ٿي آهي ته ڳوٺ نه وئي آهيان. لڳي ٿو ڄڻ سال گذري ويا هجن. سچ مون کي ڀائر ۽ ڀيڻون ڏاڍا ياد ٿا اچن.“ پوءِ اوچتو سوال ڪيائين:
”تون ٻڌاءِ، توکي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، جو ڳوٺ نه وئي آهين؟“
هوءَ پنهنجن خيالن ۾ گُم هئي ڪجهه به نه سمجهندي پرهه جي سوال تي ڄڻ ڇرڪجي پئي.
پرهه، جواب نه ٻڌندي، چوڻ لڳي، ”مان توسان پئي ڳالهايان ڪنهن سان! تون آهين جو ڪو جواب ئي نه پئي ڏين، ڇو ننڊ پئي اچئي ڇا!“ حُجائتي لهجي ۾ انيتا کي چوڻ لڳي.
وري جواب نه ٻڌي پاڻ ئي ڳالهائڻ لڳي. ”توکي واقعي شابس آهي. سچ مون کي ته اڄ ننڊ نه ايندي. مان ته انتظار ۾ آهيان ته صبح ڪنهن مهل ٿو ٿئي.“ ڳالهائيندي ڳالهائيندي وري اداس ٿي وئي، ۽ چوڻ لڳي، موڪل وري ڪهڙي آهي. ٽي ڏينهن ته عيد جي موڪل ملي آهي، سچ دل ته چوي ٿي مهينو موڪل ملي ته وڃي ڳوٺان سڪ لاهي اچان، پر ڪٿي ٿي موڪل ملي.“ پرهه مسلسل پنهنجي مُنهن ڳالهائڻ لڳي: ”سچ منهنجي ته دل چوي ٿي ته هر ڳوٺ ۾ يونيورسٽي کُلي وڃي ۽ ڪوبه پنهنجن مائٽن کان پري نه ٿئي.“
ڪنهن به ڳالهه جو جواب نه ملندي چوڻ لڳي، ”يار تون ته الائي ڪهڙي مٽيءَ جي ٺهيل آهين نه ڪجهه ڳالهائين ٿي ۽ نه ڪنهن ڳالهه جو جواب ٿي ڏين؟“
ڪو جواب نه مليس ته سمجهئين ته پڪ انيتا سمهي پئي آهي، ۽ پرهه چپ ٿي وئي.
پر.......... پر هوءَ ڪيئن ٿي ننڊ ڪري سگهي. هن جا نيڻ ته تڏهن کان کُليا پيا هئا جڏهن کان هن جو رشتن تان اعتماد کڄيو هو. چاهيندي به هوءَ پرهه کي نه ٿي ٻڌائي سگهي ته هن جي سوچ سندس سوچ کان ڪيڏي مختلف آهي. هن جي دل چاهيندي آهي موڪلون ڪڏهن به نه ٿين ۽ هوءَ هميشه هاسٽل ۾ رهي پئي هجي ۽ پرهه کي اهو به ٻڌائي ته ”اهي ڇوڪريون جيڪي ماءُ پيءُ کان پوءِ پنهنجن ڀائرن جي رحم ڪرم تي هونديون آهن، ۽ اهي ڀائر وري زالن جي اجازت بنا هڪ انچ به چُري نه سگهندا آهن. ڇو ته اهي زالون پنهنجو حق سمجهي ائين ڪرڻ تي فخر محسوس ڪنديون آهن. اهي هاسٽلون اسان جهڙين ڇوڪرين لاءِ ئي ٺهيل آهن، جيڪي پنهنجي گهر جي اوڙاهه مان نڪري هت رهڻ تي مجبور هونديون آهن، پر هوءَ اڄ تائين پرهه کي ڪجهه به نه ٻڌائي سگهي هئي. ڇو ته هن لاءِ ڪنهن به رشتي تي اعتماد ڪرڻ ڄڻ هن جي اندر جي سودي ڪرڻ جي برابر هو.
هن کي ياد ٿي آيو، جڏهن سندس پيءُ گذاري ويو هو. ماءُ ته هن جي ننڍي هوندي ئي دنيا ڇڏي ويئي هئي. پيءُ جي ٽيجهي تي سندس ڀاءُ کي پڳ ٻڌرائي وئي هئي. وڏو ڀاءُ گهر ڀاتين کي ڀاڪر پائي ڪيڏو نه رُنو هو. پاڻ سڀني ڀائرن ڀيڻن ۾ ننڍي هئي. کيس اها به خبر ڪانه هئي ته سندس ڀاءُ کي پڳ ڇو ٻڌرائي وئي. پاڻ ڪجهه به نه سمجهي سگهي هئي، پر جڏهن سندس ڀاءُ هُن کي ڀاڪر ۾ ڀري اهو جملو چيو هو: ”امان انيتا، هاڻ مان ئي تنهنجو ابو آهيان.“ ان مهل هن اندر ۾ پاڻ کي ڇِڄندي محسوس ڪيو هو.
سندس ڀاءُ جا اهي جملا سندس ذهن ۾ گهر ڪري ويا هئا ۽ ننڍپڻ جي نازڪ سوچ وڏي ڀاءُ کي پيءُ جو درجو ڏيئي ڇڏيو هو.
پر خبر تڏهن پئي هئس جڏهن سمجهه ڀري ٿي هئي، ۽ اهي سڀ وقتي ڳالهيون لڳيون هئس. تڏهن کان ئي هن جو رشتن تان اعتماد کڄيو هو. هوءَ ڪنهن تي به يقين نه ڪري سگهندي هئي. هوءَ پنهنجي دنيا ۾ گم رهڻ ڪري صرف پنهنجي ذات جي خول ۾ بند رهجي ويئي هئي. يونيورسٽيءَ ۾ هرڪو هُن کي مغرور سمجهندو هو.
هوءَ جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندي هئي ته سندس وڏو ڀاءُ توڙي ڀاڄايون سندس پڙهائيءَ جي مخالفت ڪندي چونديون هيون ”هن جي پڙهڻ سان ڪهڙا خاندان تي ڇَٽ جهُلندا!“ ۽ اهڙا جملا هوءَ موڪلن ۾ ڳوٺ وڃڻ تي گهر ۾ ٻڌندي رهندي هئي، پر هوءَ ڪو به جواب نه ڏيندي هئي. هوءَ ڪنهن کي ٻڌائي ته هوءَ اڪيلي آهي، ڪير به هن جو نه آهي.
جيڪڏهن هيون به ته ٻه ڀيڻون. جيڪي سندس ننڍپڻ ۾ ئي پرڻجي ويون هيون، پر اهي پنهنجن ٻارن ۾ ايتريون ته مصروف ٿي ويون هيون جو هنن ڪڏهن به انيتا کان ڀلجي به نه پڇيو ته هوءَ ڪيئن آهي.
ننڍا ڀائر ته وري ڪنن جا ايترا ڪچا هئا جو پنهنجن زالن جون ٻڌل ڳالهيون پنهنجي ڀيڻ تي مڙهيندي چوندا هئا ته ”ڪاليج جي پڙهائي ختم ڪري اچي گهر ويهي رهه. وڌيڪ پڙهڻ يا پڙهائڻ اسان افورڊ نٿا ڪري سگهون. هونءَ به وڌيڪ پڙهڻ مان ڪهڙو فائدو.“
اهي جملا هن جي ڀائرن ڪونه ڳالهايا هئا. هن جي ننڍي ڀاڄائيءَ ڳالهايا هئا، جنهن جي ڀاءُ سان سندس ننڍي هوندي جو مڱڻو ٿيو هو ۽ جيڪا خود احساس ڪمتري ۾ ورتل هئي ته متان اسان جي خاندان ۾ وڌيڪ پڙهي نه وڃي، يا سندس انٽر پاس ڀاءُ کي اهو نه ٻڌائڻو پوي ته هن جي زال هن کان وڌيڪ پڙهيل آهي.
پر انٽر ڪرڻ کان پوءِ هن ڀائرن کي منٿ ڪئي هئي ته کيس يونيورسٽي ۾ ڪمپيوٽر ۾ B.Sc ڪرڻ ڏين. پهرين ته سندس ڀائر باهه ٿي ويا پر پوءِ وڏو ڀاءُ الائي ڪيئن راضي ٿيو هو.
هن کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن سندس وڏو ڀاءُ هن جي يونيورسٽيءَ وڃڻ لاءِ راضي ٿيو ته ان وقت سندس ڀاڄاين جي چهرن جو پنو ئي لهي ويو هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ سندس جاهلاڻي ذهن ۾ نانگن جي ڏنگ واري نئين زهر جنم ورتو هجي. سندس وڏي ڀاڄائي، نڪ کي مُوڙو ڏيئي اتان هلي وئي هئي. وري اڄ تائين هن سان سنئين منهن نه ڳالهايو هئائين. ڄڻ هن ڪا وڏي غلطي ڪري وڌي هئي.
هن کي ياد ٿي آيو ته ڪيئن گذريل ٻن سيمسٽرن کان هن کي خرچ ڏيڻ سان گڏ محسوس ڪرايو ويو ته سندس ڪيتري اهميت آهي ۽ اهو به ته ”پڙهڻ مان ڪهڙو فائدو. بهرحال، B.Sc ڪري گهر ۾ ويهڻ لاءِ سوچي ڇڏ.“ ڇو ته هو سندس نوڪري ڪرڻ جي حق ۾ نه هئا. شادي ئي ته ڪرائڻي هئن ۽ سندس ماسات گهڻي ملڪيت وارو هو. هنن جي نظر ۾ پئسو ئي سڀڪجهه هو، نه ڪي نوڪري يا ڪا تعليم.
مائٽن جي وقت به وقت انهن مهڻن سبب هن جي اعتماد کي ڇيهو رسيو هو. جنهن سبب هميشه سندس ذهن ڪشمڪش ۾ رهندو هو. هن پاڻ کي يونيورسٽي ۽ هاسٽل تائين محدود ڪري ڇڏيو هو، ڀائرن ۽ ڀاڄاين جا زهر ڀريل جملا ذهن تي تري ٿي آيس. اهو ئي سبب هو جو هوءَ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀاڄاين جي رويي تي سخت دُکي هئي.
۽ اڄ چاهيو هئائين ته جيڪر هوءَ عيد تي به نه وڃي، ڇو ته وري اهي ساڳيا جملا هن کي ٻڌڻ لاءِ ملندا، پر هاسٽل ته سڄي خالي ٿي رهي هئي. هوءَ اڪيلي ڪيئن ٿي رهي سگهي.
هوءَ چاهيندي هئي ڪڇڻ پنهنجي ڀائرن اڳيان. هن کي خبر هئي ته هوءَ هن رشتي جو نباهه ڪري نه سگهندي ڇو ته هن جي اندر ۾ ڪنهن لاءِ به اها جڳهه ٺهي نه ٿي سگهي. هوءَ ڪنهن تي به اعتماد نه ٿي ڪري سگهي. هن کي خبر هئي هي هڪ اهڙو نازڪ رشتو هو، جيڪو ٿوري به جهٽڪي سان پنهنجي اهميت وڃائي ٿي سگهيو. پوءِ ڇو هوءَ ڀائرن جي فيصلي کي پنهنجو فيصلو سمجهي؟ هن چاهيو هو وڏي ڀاءُ اڳيان ڪُڇڻ، پر وري چپ ٿي وئي هئي. ڇو ته انڪار جو ڪوبه سبب هن وٽ ته نه هو.
پر اوچتو دانش سندس ذات ۾ دخل ڏنو هو، جيڪو سندس ڪلاس فيلو هو، پر هن کي اها خبر نه هئي ته هو هن ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي. ڀلا خبر رکڻ سان ڪهڙو فرق پوي ها هن جي ذات تي. ڇو ته هوءَ ڪنهن تي به اهو اعتماد نٿي ڪري سگهي. سندس جيڪڏهن مڱڻو ٿيل هو ته به هوءَ خاموش هئي.
انڪري هوءَ ڪجهه به نه سوچيندي هئي زندگيءَ جي باري ۾. اعتماد ڪرڻ ته ٻي ڳالهه هئي. ڪنهن کي ٻڌائي نه سگهي هئي ته هوءَ ڪهڙي کُوري ۾ پنهنجو پاڻ ٻاري چڪي آهي.
هوءَ سوچي به نه ٿي سگهي ته دانش هن جي زندگيءَ ۾ ائين دخل ڏيندو.
پر، هن همٿ ڪري انيتا کان پڇا ڪئي هئي. هن کي سمجهه ۾ نه آيو هو ته آخر هُو سندس مڱڻيءَ ۾ ايڏي دلچسپي ڇو پيو وٺي.
جڏهن دانش ٻڌايو هئس ته سمجهي نه سگهي هئي. ۽ ائين سمجهيو هئائين ته هيءَ به سڀ بڪواس آهي. جڏهن دانش هن کان پڇيو هو ته ”ڇا توهان به پنهنجي ماسات کي پسند ڪريو ٿيون؟“
انيتا جي خاموشيءَ دانش کي ٻڌائي ڇڏيو هو.
”پوءِ هيءُ رشتو ڇو پيو ٿئي. جڏهن ته توهان جي مرضي ڪانهي.“ دانش جذباتي ٿيندي چيو.
”منهنجي مرضي ته ڪٿي به ڪانهي.“ هن اندر جي اوٻر کي ڪڍيو هو.
”پر زندگيءَ جو فيصلو ته توهان پاڻ ئي ڪري سگهو ٿيون ٻئي ڪنهن کي ڪهڙو دخل.“
”پوءِ توهان ٻڌايو ته توهان ڪهڙي رشتي سان دخل ڏئي رهيا آهيو.“
هُو چپ ٿي ويو هو، پر اڄ هن کي ٻڌائڻو پوندو ته هو هُن کي اندر جي سمورين چاهتن سان پنهنجو ڪرڻ چاهي ٿو. هو الاهي جذبات ۾ اچي ويو. ۽ هُن پنهنجي دل جي ڳالهه انيتا تائين پهچائي هئي.
”هڪ هٿ جي تاڙي ڪڏهن به نه وڄندي آهي.“ هن دانش کي سجهائيندي چيو.
”پوءِ ته توهان پاڻ سان به دوکو ڪري رهيون آهيو. ڇو ته توهان ئي ٻڌايو ته هڪ هٿ جي تاڙي نه وڄندي آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ته توهان هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان سڄي زندگيءَ جو ساٿ ڪيئن ٿيون نڀائي سگهو. جنهن ۾ توهان جي ڪا به مرضي شامل نه هجي.“ هن کي ڳالهائڻ لاءِ ڄڻ دليل ملي ويا هئا.
”ڪهڙو ٿو فرق پوي. جيڪڏهن مان پاڻ نه چاهيان.“
”انيتا......... انيتا، هن دور ۾ رهي به توهان اهڙي سوچ ڪيئن ٿيون رکو. جڏهن ته هن دور ۾ هر ڇوڪري پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا پاڻ ڪري سگهي ٿي. هيءُ ڪمپيوٽر جو دور آهي ۽ ايڪويهين صدي. هيءُ ڪو پٿر جو دور ڪونهي جنهن ۾ عورت جي ڪا اهميت نه هجي.“
”پر اسان ڪڏهن ڪمپيوٽر دور کي رسيا آهيون، اسان وٽ ته هيءُ صرف دٻا آهن ۽ انهن تي هڪ اسڪرين آهي. اسان ايڪويهين صديءَ ۾ وڃڻ لاءِ تصور به نٿا ڪري سگهون. اسان جا مسئلا، خيال ۽ عمل اڃا پندرهين صديءَ جا آهن. جهٽ ترسي چيائين:
”ڇا! توهان ٽي.ويءَ تي سنڌي ڊراما نه ڏٺا آهن، اردو ڊراما نٿا ڏسو. خبر نه آهي اسان جا ليکڪ ڇو پنهنجي انهيءَ مرده ڪلچر کي اڃا تائين فخر سان پيش ٿا ڪن. انهن کي ڌاڙيل- وڏيري ۽ حويليءَ کان سواءِ ڪجهه ملي ئي ڪونه ٿو، ۽ انڪري ئي اسان جا ڳوٺاڻا توڙي پڙهيل ذهن انهن دقيانوسي خيالن مان جان نه ڇڏائي سگهيا آهن- پوءِ اهوئي روئڻو ته اسان غيرتمند آهيون.“ هوءَ ڄڻ اڀامي پئي هئي.
”پر، عورت کي ڇا گهرجي؟ اڄ جي ڇوڪري ڳوٺ کان نڪري يونيورسٽي ۾ پڙهي پئي. ڇا اهي ايڪويهين صدي ۽ ڪمپيوٽر ايج جا آثار ڪونهن.“ دانش وراڻيو:
”بهرحال.......... انيتا، هڪ ڳالهه مان توهان کان ضرور پڇندس ته آخر ڇو توهان پنهنجي زندگيءَ جا فيصلا ٻين جي هٿن ۾ ڏيڻ تي مجبور آهيو؟“
”ڪنهن توهان کي ٻڌايو ته مان مجبور آهيان.“
”پوءِ آخر ڪهڙا سبب آهن جنهن جي ڪري توهان ائين ڪري رهيون آهيون.“
”مان ڇا ڪري رهي آهيان، ڇا مطلب آهي توهان جو.“
”منهنجو مطلب صرف اهو آهي ته اگر توهان پنهنجي مڱيندي مان خوش نه آهيو ته مائٽن کي ڇو نٿيون چئي سگهو.“ دانش وري انيتا کان پڇڻ لڳو.
”اهو منهنجي وس ۾ ڪونهي. اسين ڪيتريون به ايڊوانس هجون، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ ڦاڙها ماريون، پر اسان وٽ پنهنجي حق لاءِ زبان کولڻ کي بي حيائي جو لقب ڏنو ويندو جيڪو مون کي قبول ڪونهي.“ انيتا ٿڌو ساهه کڻندي ڳالهه جاري رکندي چيو. ”مون وٽ هاڻ ته رشتن تي به اعتبار ڪرڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪونهي. پيءُ سمان ڀاءُ ۽ ماءُ سمان ڀاڄايون منافقي ڪن ۽ مڱيندو منهنجي تعليم تي اندر ۾ ڪڙهندو هجي ته پوءِ باقي ڇا ٿو بچي انهن رشتن تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ.“
”انيتا ڪي رشتا اهڙا به هوندا آهن جيڪي رت جي رشتن کان به وڌيڪ اهميت رکندا آهن، ۽ انهن رشتن ۾ ڪابه کوٽ، ڪا به لالچ، ڪا به ٻيائي نه هوندي آهي.“ هُو انيتا کي سمجهائڻ لڳو.
زندگي جي ٻاويهين بهار ۾ اڄ انيتا سوچي رهي هئي ته ’ڇا واقعي، رشتا اهڙا به آهن جن تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو يا سڀ رشتا، ڪاغذ جا ٺهيل نازڪ پنکڙين وانگر ٿين، جيڪي ٿوري زور تي ٽُٽيو، ڀُريو ۽ چيڀاٽجيو پون. يا ڪي رشتا جيڪي بظاهر خوبصورت گلڙن وانگر، پر اندران لڪل خوني ڪنڊن جيان ٿين جن کي ڇهڻ سان هٿ زخمي ٿي پوندا آهن!‘
هوءَ اهو سوچي پاڻ ئي هلڪو ٽهڪ ڏيئي کِلي پئي ته اڄ هن ڪيئن پهريون دفعو دانش جي روپ ۾ ڪنهن ڇوڪري سان ايڏو ڊگهو بحث ڪيو هو.
’پر دانش کي ڪهڙي ڪاڻ آهي منهنجي، جو هُو منهنجو احساس پيو ڪري؟‘ هن جي اندر ۾ ڪو سوال اُڀري ۽ مٽجي ٿو وڃي.
دانش- پر دانش به ته انسان آهي ڇا هو به ڪو رشتو آهي، هوءَ سوچيندي پاڻ ئي جواب ٿي ڳولي، ها ڪلاس ميٽ جو رشتو- دوست جو رشتو، اڳتي هوءَ نه سوچي سگهي.
در جي کڙڪي تي هوءَ کليل اکين واري جاڳ جي سپني مان جاڳي ٿي پئي.
سامهون در تي ماسي بيٺي هئي ”اما ڇا تون ڳوٺ نه ويندينءَ“ انيتا ڳوٺ جي نالي تي ڄڻ ڇرڪي پئي ۽ هن ٻڏل آواز ۾ وراڻيو. ”ها ماسي مان شام واري گاڏيءَ تي ڳوٺ وينديس.“
هن اکيون بند ڪري ڇڏيون، گهڙي کن ننڊ ڪرڻ جو ٿي سوچي، پر وري اکيون کلي ٿيون وڃنس ڄڻ ننڊ ڪرڻ تي سندس اکيون ۽ پنبڻيون احتجاج ڪنديون هجن.
هن کي وري دانش جو خيال ٿو اچي ۽ ڪالهه موڪلائڻ مهل هن کي لڳو دانش هن کان وڌيڪ اداس هو. هوءَ گُهٽ ٻُوسٽ ٿي محسوس ڪري ۽ اٿي ڪمري جون دريون ٿي کولي. سوير ٻاهر چڱي اُس نڪتل هئي پر هاڻ ته ڪافي جهڙ ٿي ويو هو.
هوءَ پلنگ تي ويهندي وري دانش متعلق ٿي سوچي ۽ دانش جا چيل جملا سندس ذهن تي تري ٿا اچن.
”انيتا، زندگي ائين ڪانهي جيئن ڏسڻ ۾ ٿي اچي. زندگي هڪ خواب مثل وڏو ٿڪائيندڙ سفر آهي ۽ اهو سفر اڪيلو ڪٽڻ ڪڏهن عذاب ته ڪڏهن ڏاڍو سڦلو به هوندو آهي. هي رشتا ۽ ناتا به زندگيءَ سان آهن. ڏس زندگي خواب آهي.
”جيئن ڪڏهن ڪڏهن خواب پنهنجي مرضيءَ سان به ته ڏسبا آهن، پوءِ اهي سؤ سيڪڙو ئي نه سهي پنهنجي مرضيءَ سان ڏسجن، پر ڏسڻ جو حق ته آهي نه هر ڪنهن کي.
”ائين زندگي پنهنجي مرضيءَ سان به گهاري سگهجي ٿي. خواهشن مطابق پوءِ اها سؤ سيڪڙو ائين نه هجي جيئن ڪو چاهي.“
اَلا هنن جملن جي گهرائيءَ تي سوچيندي انيتا جون پنبڻيون آليون ٿي ٿيون وڃن، ۽ سندس اکين مان، ڪو شرير ڳوڙهو سندس ڳل تي وهي ٿو اچي.
اوچتو دريءَ جا پردا تيز هوا جي ڪري اڏامن ٿا. ٻاهران مينهن جون بوندون سندس چهري تي اچي ٿيون پون.
هوءَ نه چاهيندي به چاهي ٿي ته ڇو نه اڄ مُرڪجي يا ڪو وڏو ٽهڪ ڏيئي کِلي پوي پوءِ پنهنجي مرضيءَ تي نه سهي!!!.