ناول

پيار درياھ

اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
Title Cover of book پيار درياھ

پنهنجي پاران

منهنجي زندگي سدائين سفر ۾ رهي آهي ڪڏهن اها من اندر جي سفرن ۾ ته ڪڏهن مختلف ماڳن، مڪانن ۽ ملڪن جي ڌوڙ لتاڙيندي گذري آهي. منهنجي زندگيءَ جو خوبصورت حصو 1990 کان وٺي 1995 تائين چيڪوسلوواڪيا ۾ گذريو، جتي مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هيس. اهو ملڪ به مون کي پنهنجو پنهنجو لڳو ته ماڻهو به، هونئن به مان سنڌوءَ جي چيڪي مٽيءَ مان جڙيل هيس ته هو وري ڊينيوب ۽ ولتاوا جي لٽ سان لٽيل هيا. اتان جي زندگيءَ جي واقعن، مشاهدن، سکن، ڏکن، دوستين (دشمنيون ته اسان ڪيون ئي نه)، پيارن، مهڻن، ماڻن، نازن،اندازن، مرڪن، ٽهڪن، رشتن ۽ ناتن جو هڪ قرض منهنجي مٿان هو ته مان انهن جي باري ۾ لکان. لکڻ ڪاڻ ته مان اتان جي ڊائري به لکي پئي سگھيس، آتم ڪٿا جو هڪ ڀاڱو ڪري به لکي پئي سگھيس، يا سفرنامو به ڪري پيو سگھان. پر مون سوچيو ته انهن سڀني طريقن سان ته ڪهڙي وقت به، ڪڏهن به ۽ ڪهڙي نموني به لکي سگھان ٿو. پر مون چاهيو پئي ته انهن سڀني کي امر به بڻايان. ان لاءِ مون وٽ ايتريون ته ڳالهيون هيون، راز ۽ نياز هيا، مورتون ۽ صورتون هيون جو اهي منهنجي آڏو ڪنهن ناول جو قصو يا ڪردار ٿي نچيا پيا. تنهن جي ڪري اهو ضروري هو ته انهن کي ڪنهن ناول جي صورت ۾ آڻيان. ان ڪري مون هن ناول جي صورت ۾ اهي مشاهدا ۽ تجربا توهان جي آڏو آندا آهن. هر تخليق ۾ ليکڪ پاڻ موجود هوندو آهي پر ان جو مطلب اهو نه هوندو آهي ته سئو سيڪڙو اهي تجربا يا مشاهدا سندس ئي هوندا آهن پر ليکڪ ان ۾ پنهنجي من اندر جي ڪيفيتن، واقعن ۽ ڪردارن کي به افسانوي انداز ۾ تحرير ڪندو آهي. سو هن ناول ۾ حقيقت ۽ افساني (تخليق) جو مرڪب ملندو.
منهنجي لکڻين ۾ ۽ زندگيءَ ۾ به رومانس ۽ پيار جي پالوٽ پسي سگھجي ٿي. مان مختلف هنڌن تي اهو چوندو رهندو آهيان ته زندهه رهڻ لاءِ دل ۾ هڪ ڇيت هر وقت چڀندي رهڻ کپي. شڪر آهي جو منهنجي دل ۾ ڇيت چڀندي رهي ٿي ۽ ان ڪري جيئرو به آهيان.
جيئرو رهڻ ئي هڪ وڏو ڏکيو ڪم آهي پر لاڀائتي ۽ سهڻي نموني جيئرو رهڻ هر ماڻهوءَ جو ڪم ناهي. خوشين جا ٽانگر ڪڏهن به اوهان جي اڱڻ تي پاڻ مرادو اچي ڪونه اڀرندا. خوشبوئن جا پوپٽ ڪڏهن به اوهان جي ارد گرد نه اڏمندا. نه وري رنگن جي انڊلٺ اوهان جي اندر جي آسمان تي پاڻ مرادو نمودار ٿيندي. ائين ئي رشتن ۾ به آهي ڪڏهن به پيار جا رشتا پاڻ اچي اوهان جي دلين جا در ڪونه کڙڪائيندا، جي کڙڪائن به صحي پر انهن کي نڀائڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پاڻ اهڙو بڻجڻو پوندو آهي. سو صحيح نموني جيئڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پنهنجي سر ڪوششون وٺڻيون پونديون آهن. رنگن کي، منظرن کي پسڻ لاءِ جھنگن جھرن، سمنڊن، صحرائن، عمارتن ۽ ماڻهن جي جھنگن، فضائن ۾ ڄاڻي واڻي گھمڻو ۽ رلڻو پوندو آهي.
اهڙي ريت پيار کي پسڻ لاءِ ماڻهن جي اندر جا جهان جھاڳڻا پون ٿا. انهن جي جهانن کي پنهنجي اندر جي جهان ۾ سموئڻو پئي ٿو. ٻن مان هڪ ٿيڻو پئي ٿو تڏهن ئي پيار جا ڪجھه پل پائي سگھجن ٿا.
ها! حاصل تڏهن ئي ڪري سگھجي ٿو جڏهن انهن محبتن تي ڪائناتون قربان ڪجن. پر اهو ڏکيو ڪم آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪجھه وڃائڻ کان بغير سڀ ڪجھه حاصل ڪري وٺون اهو سڀ ناممڪن آهي. وڃائڻ ئي اصل پائڻ آهي. جنهن اهو سمجھي ورتو، ان گھڻو ڪجھه حاصل ڪري ورتو.
سونهن، سچ، ڪوڙ، پيار ۽ عشق جيان حاصل يا حاصلات به رليٽو ٽرم آهي. هر هڪ وٽ انهن جي لاءِ پنهنجيون پنهنجيون وصفون، ماپا ۽ ماڻا آهن. ان ڪري ڪنهن کي اها حاصلات لڳندي آهي ته ڪنهن کي اهو وڃائڻ لڳندو آهي.
پنهنجي هر لکڻيءَ جيان هي ناول مون ڪنهن آفيشل اسائنٽميٽ جيان نه لکيو آهي. 1995 کان وٺي، 16 سال اهو روڳ اندر ۾ پاليندو رهيس. پنهنجو پاڻ اوڳر ڪندو رهيس، تان جو هڪ وقت اهو آيو جو منهنجي اندر مان ڪنهن لاوا جيان لفظ نڪرندا ويا ۽ ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي لکبا ويا، لکبا ويا ۽ لکبا ئي ويا.
هن ناول لکڻ وقت، ڪڏهن مرڪيو به آهيان ته کليو به آهيان. رُنو به آهيان ته ڏکويل به ٿيو آهيان. ڇو جو هي ناول مون لکيو ناهي پر اوڳاڇيو آهي. ان ڪري ان ۾ جيڪي به جذبا آهن اهي پنهنجي پوري سچائيءَ سان بيان ٿيل آهن. ان ڪري مون کي يقين آهي منهنجي پڙهندڙ وٽ به اهي جذبا، لفظن وسيلي اهو ئي مانُ ماڻيندا جيڪو مانُ انهن جو مون وٽ آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪي دوست پڇندا آهن ته مان سدائين سونهن، پيار، عشق ۽ جذبن تي ئي ڇو لکيو آهي. منهنجو کين اهو جواب هوندو آهي جنهن ماڻهوءَ وٽ جيڪو وکر هوندو ته اهو ئي وڪڻندو نه! شل منهن جو هي وکر اوهان وٽ قبوليت ماڻي.


[b]اسحاق انصاري
[/b]ڪراچي
6 ڊسمبر 2016