ناول

پيار درياھ

اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
Title Cover of book پيار درياھ

8

زهرادڪيءَ ۾ گروپ کي آخري ڊنر ڏني وئي، باقي فائينل ليڪچر ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب لاءِ کين پراگ وڃڻو هيو. ڊنر جي موقعي تي چيڪ فوڪ ميوزڪ جي ٽولي کي به گھرايو ويو هيو. آيان جيئن ئي هال ۾ داخل ٿيو ته مختلف ٽيبلن تان دوست کيس سڏڻ لڳا، هو سڀني کي هٿ لوڏيندو، عائده جي آڏو پهتو. هُن سان مرڪي پنهنجو هٿ ملائي، سندس هٿ کي ڪِس ڪري اکين تي رکيو.
هال ۾ شينڊلر (Chandler) روشن هيو ۽ ٽيبلن تي ميڻ بتيون ٻريل هيون.
گروپ پولڪا وڄائي رهيو هيو. آيان، آمريڪن پروفيسر جي گھر واريءَ کي ڊانس جي دعوت ڏني، هنن ٻنهي جي ڊانس ختم ٿيڻ تي سڀني تاڙيون وڄائي کين داد ڏنو. جڏهن سلو ميوزڪ جو وارو آيو ته رومانيا جي ديلا آيان وٽ آئي، هو ٻئي ڊانس ڪرڻ لڳا. هن پنهنجو ڪنڌ آيان جي ڪلهي تي رکيو ۽ عائده پنهنجي ڪرسيءَ تي ڪاوڙ مان ڪٽون کائيندي رهي. عائده، زدراوڪو سان ڊانس ڪرڻ لڳي ۽ هنن جي ڀرسان پهچي عائده، زدراوڪو جو هٿ ديلا جي هٿ ۾ ڏنو ۽ پاڻَ آيان سان ڊانس ڪرڻ لڳي. هن جو گرم ساهه آيان جي سيني جي وارن کي آلو ڪندو رهيو.
ان کان پوءِ شاگردن طرفان آيان کي پروفيسرس جو ٿورو مڃڻ جو چيو ويو. آرگنائيزرس ۽ ڪجھه ڇوڪرين سڀني ڪلاس فيلوز جا ٽائٽل رکيا، جيڪي هنن اتي ٻڌايا. هنن آيان جو ٽائيٽل هلاريس (Hillarious) يعني ”وڏن ٽهڪن ڏيڻ وارو“ رکيو هيو.
آرڪسٽرا تانگو (Tango) وڄائڻ شروع ڪيو. ان ڊانس ۾ عورت ۽ مرد پاڻ ۾ هٿ ملائي هڪ ٻانهن کي سڌو رکندا آهن ۽ ٻيو هٿ چيلهه ۾ وجھندا آهن. ڊانس ۾ ڪافي جرڪ ايندا آهن. ٽي قدم سڌا کڻي پوءِ عورت کي ڦيري کارائي ان جي ٻنهي ٽنگن ۾ مرد پنهن جي ڄنگھه وجھي، چيلهه جي هيٺيان هٿ ڏئي هن کي ليٽائي وري هڪ جھٽڪي سان ڊانس شروع ڪندا آهن. عائده آيان سان اها ڊانس ڪرڻ چاهي، هُن کيس ٻڌايو به هُن کي اها ڊانس نه ايندي آهي پر هوءَ اسرار ڪندي رهي. آيان جي ڊانس تي سڀ کلي کلي کيرا ٿي پيا ۽ پوءِ سڀني ڇوڪرين اها ڊانس ساڻس ڪرڻ چاهي ڇو جو ان عمل کي به هو سندس مذاق جو حصو سمجھڻ لڳا هيا. ٽيبل تي ويهڻ کانپوءِ آيان، عائده کي چيو :
”اها ڊانس ڏاڍي ٽيڪنيڪل آهي، توکي ٻڌايم ته مون کي نه ايندي آهي“.
”مون سمجھو ته ٿوري گھڻي ته ايندي هوندءِ“.
”باقي آهي، ڪم واري ڊانس“ آيان مرڪندي کيس چيو:
”ها، ان جا گھڻا قسم آهن. پر اڄڪلهه جيڪو هلي ٿو ان ۾ پارٽنرس جون ڇاتيون مليل ٿين ٿيون ۽ اها Lead and Follow واري اصول تي هلي ٿي. اصل ته ليٽن امريڪا جي آهي پر پوءِ يورپ ۾ به آئي. شروع ۾ ان کي شرفاء جي ڊانس نه سمجھيو ويندو هو“.
”سچ ۾ به ايتري ويجھڙائي ۽ جيڪي ايڪٽ ۽ جرڪس اچن ٿا، اهي ته ڏاڍا ڪم وارا آهن“. آيان اک ڀڃندي، عائده کي چيو.
عائده کلندي کيس چيو:
“انڪري ته تو سان اها ڊانس پئي ڪرڻ چاهيم“.
”جي، پر اچي ها ته ٻه ٽي رائونڊ ضرور ڊانس ڪيون ها، ڊانس جي ڊانس، مزي جو مزو“.
عائده ٽهڪ ڏيندي کيس چيو:
”اڃان لاطيني امريڪا واري لمبادا ڊانس نه ڪئي اٿي“.
”ها، هڪ ڀيرو ڪئي هئي. ارجنٽينا جي هڪ سهڻي ڇوڪري اسان جي ٻوليءَ واري اسڪول ۾ هوندي هئي. اتي ڪا پارٽي ٿي، ته سڀ ڊانس ڪرڻ لڳا. مان نئون نئون آيو هيس، مون کي ڪا به ڊانس نه ايندي هئي، باقي هٿ کڻي پنهنجي ملڪ جي ڊانس ايندي هئي. جنهن ۾ ڪا گھڻي مهارت نه هئي. اسان وٽ ناچ ته گروپ ۾ هوندي به اڪيلو اڪيلو ٿيندي آهي. هتي ته سڀ ناچ جوڙي جوڙي جي شڪل ۾ آهن. سو مان ان پارٽيءَ ۾ خاموش ويهي ٻين کي نچندي ڏسي رهيو هيس ته اها ڇوڪري مون وٽ آئي. نچڻ لاءِ دعوت ڏنائين. مون کيس ٻڌايو به ته مون کي نچڻ نه ايندو آهي. جنهن تي هن چيو ته هوءَ مون کي سيکاريندي، ايتري ۾ ميوزڪ به تبديل ٿي وئي. هوءَ مونکي ڊانسنگ فلور تي وٺي آئي ۽ ٻڌايائين ته ان ميوزڪ تي لمبادا ڊانس ٿيندي. پوءِ هن مونکي ويجھو ڪري، نهائين نهائينءَ سان ملائي، پولهه لوڏڻ شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي پيرن کي چوريندي به رهي. منهنجي ته حالت خراب ٿي وئي“.
عائده زور زور سان کلندي رهي. آيان چيو:
”مون کي والز وڌيڪ وڻندي آهي، رومينٽڪ به آهي ته شانائتي به“.
صبح جو چئين وڳي محفل پوري ٿي. هو ٻئي واپس ڪمري تي آيا. پراگ جي لاءِ بس منجھند جو هئي. عائده چيو ته اڄ آخري رات سمهي نه گذاربي ۽ هنن هڪ ٻئي کي سمهڻ ئي نه ڏنو. صبح جو سج نڪرڻ سان ئي هو ٻئي سائيڪلون کڻي ڍنڍ تي هليا ويا.
عائده چيو:
”خبر ٿي مان هتي ڇو پئي اچڻ چاهيو؟“.
”ان لاءِ جو هن کان وڌيڪ رومينٽڪ جڳهه هتي ٻي ڪا ناهي“. آيان چيو:
”ها ايئن به آهي، پر تو کي ياد آهي ته جڏهن اسان جي رسڻ کان پوءِ وري دوستي ٿي هئي ته هتي آيا هياسين ۽ منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ پيار پيدا ٿي پيو هيو. اڄ جڏهن هتان هلون ٿا ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ هن ملڪ مان به هليا وينداسين، ته مان چاهيان پئي ته هن منظر ۽ هن ماڳ کي پنهنجي من اندر ۾ محفوظ ڪري ڇڏيان“.
عائده کڙيون کڻي آيان کي پيار ڪيو ۽ صبح جي ٿڌڙي هير هنن ٻنهي جي بدنن کي ڇهندي، پاڻي تي لهرون پيدا ڪندي رهي. عائده جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هيا.


******


پراگ ۾ هنن کي هاسٽل ڏني وئي. آيان ۽ عائده جو ڪمرو هڪٻئي سان گڏ هيو. آيان اڪيلو ڪمرو ورتو هيو ۽ عائده جي پارٽنر پولينڊ جي جوانا هئي. ان شام جو ۽ باقي ڏينهن هنن ٻنهي پراگ جي رومينٽڪ شهر ۾ گھمندي گذاريا.
پراڻي شهر جي هڪ سوڙهي گھٽيءَ جي فرشبندي ٿيل رستي تي گھمندي جڏهن عائده ۽ آيان هڪ ڪاٺ جي خوبصورت دروازي جي اُڪر (Carving) کي ساراهي رهيا هيا. هنن ٻنهي جي ڄڻ عادت ٿي پئي هئي ته ڪو خوبصورت مننظر هجي يا ڪا خوبصورت جڳهه، يا ڪو ماڳ، هو هڪٻئي کي ڪس ڪندا هيا. ڇو جو عائده چيو هيو ته ان نموني انهن منظرن کي ياد رکڻ لاءِ، انهن لمحن کي امر ڪري رهيا هيا. هو ٻئي اتي جڏهن هڪٻئي کي چهٽيا پيا هيا ته زهرادڪيءَ ۾ ليڪچر ڏيندڙ امريڪن پروفيسر، پنهنجي زال سان گڏ اتان گذريو ۽ ان پيار واري حالت ۾ هنن ٻنهي کي ڏسي حيران ٿيو. پوءِ ان جوڙي کين ڀرسان واري Vinaren ۾ وائين پيئڻ جي دعوت ڏني. اها بار به هڪ پراڻي بلڊنگ ۾ ٺهيل هئي. اندر جي ڊيڪوريشن ڏاڍي خوبصورت هئي. هو سڀ هڪ ڪنڊ واري ٽيبل تي ويٺا، پروفيسر وائين جي بوتل جو آرڊر ڏنو. جڏهن بيرو وائين جي بوتل کڻي آيو ۽ رسم مطابق هڪ جام ۾ ٿورو وائين وجھي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ پروفيسر کي ڏنو، ته هن انڪار ڪندي آيان کي ڏنو ۽ چيو :
”توهان اسان جا مهمان آهيو، توهان پسند ڪيو“.
آيان عائده کي ڏنو، جنهن ڍڪ ڀري پنهنجي وات ۾ ٿورو گھمايو ۽ ڪنڌ لوڏي پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو. پروفيسر ان وائين جو آرڊر ڏنو. عائده، باقي بچيل وائين جو ڍڪ آيان کي ڏنو ته پروفيسر مرڪي پيو ۽ چيائين:
“It must be sweet ”
“Yes sir, more than sweet”
سڀ مرڪي پيا هيا. پروفيسر چيو:
”اوهان کي گڏ ڏسي حيرت سان گڏ خوشي به ٿي“.
هن وري ڳالهه جاري رکندي چيو :
”ايترن ڏينهن ۾ اوهان اهڙو ڪو به اشارو clue نه ڏنو جنهن مان خبر پئي ته اوهان جي وچ ۾ اهڙو رشتو آهي“.
هو ٻئي مرڪندا رهيا. پروفيسر جي گھر واريءَ چيو:
”پر ان ڏينهن توهان کي پارٽيءَ ۾ ڊانس ڪندي ۽ توهان ٻنهي جو مذاق ڪرڻ ۽ ٻين کي اڪموڊيٽ ڪرڻ ۽ عزت ڏيڻ واري رويي کي ڏسي، مون وليم (پروفيسر) کي چيو هيو ته ڪيڏو نه سٺو جوڙو آهي ۽ اڄ توهان کي ڏسي خوشي ٿي“.
عائده ۽ آيان سندن مهرباني مڃي. پروفيسرکين ٻڌايو ته هنن کي به ان ڪورس ۾ اچڻ جو ڏاڍو مزو آيو. پراگ جي خوبصورتيءَ جي به تعريف ڪري رهيا هيا.
اتي ڪجھه دير ترسڻ کان پوءِ هنن کانئن موڪلايو ته پروفيسر کين ڊنر ڪرڻ لاءِ چيو، پر هنن سندن مهرباني مڃيندي اجازت ورتي. پروفيسر ۽ سندس گھرواري اتي ئي ويٺا رهيا.
آيان ۽ عائده، هنن کان موڪلائي ، هڪٻئي جي ساهن جي سرهاڻ وٺندا ولتاوا تي ٺهيل چارلس برج تي آيا. هو چارلس برج تي ٺهيل هر هڪ بت جي آرٽ ۽ تاريخ مان محظوظ ٿيندا اڳتي وڌندا ويا. هڪ هنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسٽريٽ ڊارمو ڪري رهيا هيا، جيڪو انسان جي اڪيلائي ۽ ڪيفيتن کي ظاهر ڪري رهيوهو. جيڪو تحفو انسان کي، اڄ جي دور جي تيزيءَ ۽ حالتن ڏنو آهي. سڀني پنهنجو ڪردار ڏاڍو سهڻي نموني ادا ڪيو هو. اڳتي هلي هو سينٽ جان آف نيپومڪ جي مجسمي جي آڏو بيٺا، هنن کي ڪجھه دير انتظار ڪرڻو پيو. ان مجسمي تي سدائين رش هوندي هئي. ڇو جو مجسمي جي ڀر ۾ پٿرن مان ٺهيل پل جي ڪٽهڙي تي هڪ نشان ٺهيل آهي جنهن تي ستارا ٺهيل آهن ۽ مشهور آهي ته جيڪو به ان نشان تي هٿ رکي دعا گھرندو ته اها اگھامبي. سينٽ جان آف نيپومڪ کي ان وقت جي بادشاهه ان هنڌ سزا طور ولتاوا نديءَ ۾ اڇلائي مارايو هو. ڪي چون ٿا ته هن جي گھر واري پادريءَ کي چاهيندي هئي ته ڪي وري چون ٿا ته اهو بادشاهه ڪٽر مذهبي خيالن جو نه هو. تنهنڪري هن جي چوڻ تي خصوصي عبادت ڪرائڻ کان انڪار ڪيو هو. ٻيو بادشاهه اهو به چاهيو پئي ته سندس راڻي، پادريءَ وٽ جيڪا ڪنفيشن(عيسائي پادريءَ کي پنهنجا ڏوهه ٻڌائيندا آهن) ڪئي هئي اها به هن کي ٻڌائي، پر پادريءَ کيس ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو هو. جنهن تي ڪاوڙجي هن ڪو ڪوڙو الزام هڻي سزا ڏياري ، پادريءَ کي ٻڌي ان هنڌ تان ولتاوا نديءَ ۾ اڇلرايو هو.
هاڻي اتي ماڻهو، خاص طور تي نوان جوڙا پنهنجو هٿ ان هنڌ تي رکي دعا گھرندا آهن. عائده ۽ هن به اتي هٿ رکي دعا گھري.
هو ٻئي ڄڻا پوءِ پراڻي پل تي آيا. آيان، عائده کي پل جي پاسي ۾ وٺي ويو، جتي وڻن جا جھڳٽا هيا ۽ پل جي سڪل درن هيٺيان وڃڻ لڳا ته عائده پڇيو:
”ڪيڏانهن ٿا هلون؟“.
آيان کيس چيو:
”اچ ته توکي هڪ نئين دنيا گھمايان“.
ٿورو اڳتي هليا ته پوري يورپ مان آيل نوجوانن جا ٽولا نظر آيا ۽ خاص ڪري اهي جيڪي بوهيمين اسٽائيل ۾ زندگي گذاريندا آهن. ڪي هپي اسٽائيل ،ته ڪي وري پنڪ، ڪي آرٽسٽ، هرڪو پنهنجي دنيا ۾ مگن، هنن به هڪ اسٽال تان بيئر جا گلاس ورتا ۽ مختلف هنڌن تي ٽولن جي صورت ۾ ويٺل جوانن ۽ جوانڙين جا گٽار تي گيت ٻڌندا اڳتي ويا، ته هڪ وڏو پڌر آيو، جتي اسٽيج لڳل هئي ۽ اهو ئي ٿئيٽر ڏسڻ لاءِ آيان هُن کي وٺي آيو. اهو بليڪ ٿئيٽر هو جيڪو چيڪ جي مشهور ٿيئٽرس مان آهي. هن ٿئيٽر ۾ اداڪارن کي لائيٽ جي ذريعي ڏيکاريو ويندو آهي. گھڻيون شيون ان نموني ڏيکاريون وينديون آهين ته لائيٽ پويان آهي ۽ سنهي پردي جي پويان اداڪاري ڪندا آهن ۽ انهن جو عڪس ان پردي تي پوندو آهي. ان کان علاوه، هنن جي جسمن تي اهڙي قسم جا رنگ لڳل هيا جيڪي لائيٽ رفليڪٽ ڪندا آهن. عائده به انجواءِ ڪيو، خاص ڪري اتان جي ماحول کي، جنهن ۾ ڪا به بناوٽ نه هئي.
پوءِ هنن اها رات اتي ئي گذاري. هو به انهن يورپين جوڙن جيان هڪ گٽار وڄائيندڙ ۽ ڳائندڙ ٽولي جو حصو ٿي ويا، عائده پنهنجو مٿو، آيان جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو.