ناول

پيار درياھ

اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
Title Cover of book پيار درياھ

5

ايريڪا ۽ آيان جو ٻين معاملن ۾ به ساٿ رهيو. چيڪو سلوواڪيا ۾ 1989 ۾ سوشلسٽ حڪومت کي انقلاب (جنهن کي ميڊيا ”Velvet انقلاب“ سڏي ٿي)، ذريعي ختم ڪيو ويو ۽ جمهوري نظام آندو ويو، پر جمهوريت کان وڌيڪ انارڪي اچي وئي. هو جنهن وقت لينگويج اسڪول ۾ پڙهندا هيا، ان وقت تائين نئين نظام کي پنج ڇهه مهينا مس گذريا هيا اهو ٽرانزٽ وارو دور هيو. عام ماڻهوءَ تي اڳ ۾ ڳالهائڻ کان وٺي، گھمڻ تائين گهڻيون پابنديون هيون، امريڪين يا ويسٽرن شيون استعمال نه ڪري سگھندا هيا. اهڙين پابندين کان هُو جڏهن آجا ٿيا ته پوءِ هنن وٽ آزاديءَ جي ڪا حد نه هئي. هو رستي تي ڪاغذ کي ڦٽي ڪرڻ، ڇٻر تي ليٽڻ، مغرب ۽ آمريڪا جي هر سٺي ۽ خراب شي جي اهل ڪرڻ کي آزادي سمجھندا هيا.
سوشلسٽ حڪومت، عوام کي هر سهوليت ڏيڻ جي ذميوار هئي. پڙهائڻ، نوڪري ڏيڻ ۽ شاديءَ کان پوءِ گھر ڏيڻ، ايستائين جو شادي جي مُنڊي به حڪومت ڏيندي هئي. پر جڏهن مارڪيٽ اورينٽيڊ حڪومت آئي ته هنن واڌو ماڻهن کي بي روزگار ڪيو، شين جون قيمتون چوٽ چڙهي ويون، آمدني اهائي رهي ته ماڻهن ۾ بي روزگاريءَ ۽ بک جي ڪري بيچيني پکڙي، جنهن جي ڪري ڪرائيم وڌيا ۽ احتجاج شروع ٿيا. جرمنيءَ مان Neo Nazism، اسڪن هيڊز جي صورت ۾ امپورٽ ٿيو. اسڪن هيڊز جا مٿا ٺوڙها، ڊريس ڪمانڊوز جھڙي، هٿن ۾ بيس بال جي بيٽ يا زنجير هوندي هين کين لانگ بوٽ پهريل هوندا هيا. هنن جو خاص نشانو جپسي ۽ ڪارا ناسي شاگرد هيا. هنن وٽ صرف هڪ نسل(يوروپين) قابل قبول هيو. هميشه ٽولن جي صورت ۾ گھمندا هيا ۽ جيڪو به کين هٿ لڳندو هيو، ان جا هڏا گڏا ڀڃي ڇڏيندا هيا. ٻوليءَ جي اسڪول جي به ڪجھه شاگردن تي، شهر جي مختلف جڳهن تي حملا ٿيا هيا. پر هڪ ڏينهن هنن اسڪول تي حملو ڪيو ته هڪدم گيٽ بند ڪئي وئي ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو ويو. تڏهن به اسڪن هيڊز گھڻي دير اتي بيٺا رهيا پر پوءِ پوليس جي گاڏين جا سائرن ٻڌي هو ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
ان واقعي ٻاهرين شاگردن جي ذهنن ۾ غير محفوظ هجڻ جو احساس پيدا ڪيو ته هو ته پنهنجي گھر(هاسٽل) ۾ به محفوظ ناهن. انڪري هنن صلاح ڪري ٻي ڏينهن تي اسڪول ۾ ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪيو. اڳواڻن ۾ آيان ۽ ايريڪا به شامل هيا. جڏهن ته يوروپين هجڻ ڪري اهو يريڪا جو مسئلو نه هيو. ٻن ڏينهن جي مسلسل هڙتال کان پوءِ وزارت تعليم جو هڪ نمائندو ڳالهين لاءِ آيو. ميٽنگ ۾ هو شاگردن کي احتياط سان گھمڻ ڦرڻ جا مشورا ڏيڻ لڳو، جنهن تي آيان کيس چيو ته، اسان کي مشورا ڏيڻ بجاءِ اهو ٻڌائي ته هو شاگردن جي حفاظت لاءِ ڪهڙا اپاءَ وٺي سگھي ٿو؟!. ان کان پوءِ سڀني شاگردن ان ڳالهه تي زور ڏنو. هن پوليس چوڪي بيهارڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوليس کي شهر ۾ به سخت حفاظتي اپاءَ وٺڻ جي لاءِ اعلان ڪيو.
پر انهن واقعن ۾ گھٽتائي نه آئي. هو جڏهن ٻوليءَ وارو اسڪول ڇڏي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهڻ ويا، تڏهن به هنن جي مٿان اهڙا حملا ٿيندا رهيا ۽ سندن هڪ ڪلاس فيلو، جيڪو آفريڪا جي بينين ملڪ جو هيو، کي قتل ڪيو ويو. اسٽوڊنٽس هاسٽلن، بسن ۽ ٽرامن تي به حملا ٿيندا رهيا.
جڏهن ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل دروجبا(دوستي) تي اسڪن هيڊز حملو ڪري عرب شاگردن کي ماريو ته براتيسلاوا ۾ رهندڙ سڀني ٻاهرين شاگردن سلوواڪيا جي پارليمينٽ جي آڏو ڌرڻو هنيو. اها سڄي رات هنن روڊ تي ويهي گذاري. ايريڪا هاسٽل تان ڪمبل ۽ سينڊوچ کڻي آئي ۽ آيان سان گڏ ڪمبل ۾ پوري رات ويٺي رهي. صبح جو شاگردن جو وفد ،جنهن ۾ آيان به شامل هيو، سلوواڪيا جي ڊپٽي پرائيم منسٽر سان مليو، جنهن شاگردن جون ڳالهيون ٻڌي ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ اسڪن هيڊز جي خلاف سخت قدم کڻڻ جو واعدو ڪيو. ان کان پوءِ آيان هڪ تنظيم S.O.S جي نالي سان ٺاهي، جنهن جي پليٽ فارم تان هنن اتان جي انٽيليجينشيا کي پاڻ تي ٿيندڙ حملن جي باري ۾ ٻڌايو. ان کان علاوه مختلف انٽرنيشنل فورمز تي پنهنجو ڪيس پڄايو. سلوواڪيا جي ادبي ۽ قومپرست تنظيم “Matica Slovenka” (سلوواڪ ماءُ) هنن سان يڪجهتي ڏيکارڻ لاءِ هڪ شام ملهائي ۽ کين پنهنجي سهڪار جي خاطري ڪرائي. انهن قدمن جي ڪري شاگردن کي ٿورو گھڻو رليف مليو.
آيان ۽ ايريڪا جي وچ ۾ وڇوڙو ان وقت اچي ويو، جڏهن هوءَ نيترا(Nitra) جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ وئي. ان وچ ۾ سندن ڪو رابطو نه رهيو ۽ ان کي سال کان به مٿي وقت گذري ويو.
گھڻي عرصي کان پوءِ آيان براتيسلاوا جي هاسٽل دروجبا ويو ته پٺيان اچي ڪنهن سندس اکين تي هٿ رکيو ۽ ڪنڌ کي چميو. خوشبو مان آيان سڃاتو ته ايريڪا آهي. هن کيس ٻڌايو:
”ڪمري ۾ آواز ٻڌڻ ۾ آيو، مان شڪيس ته اهو ته تنهنجو آواز آهي. پوءِ پڪ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتيس ته سچ پچ ۾ تون هتي دوست سان بيهي ڳالهائي رهيو هئين، ٻه ڏينهن ٿيا آهن هتي آئي، هن ويڪ اينڊ تي تو ڏانهن اچڻ جو پروگرام هيو“.
ايريڪا ڏاڍي خوش نظر اچي رهي هئي ۽ هن کي ڪافي پيارڻ پنهنجي ڪمري تي وٺي وئي.
هوءَ وري براتيسلاوا ۾ پڙهڻ آئي هئي. انهن ڏينهن ۾ آيان جي ڏينهن ۽ راتين جي مالڪڻ هڪ ٻي سلواڪ ڇوڪري هئي. پر جڏهن به ايريڪا اداس هوندي هئي، يا آيان جو من وياڪل هوندو هيو، ته هو ٻئي پاڻ ۾ ملندا هيا ۽ هنن جي ملڻ جو هنڌ ٻنهي جي هاسٽل جي وچ تي ٺهيل ڪاٺ جو خوبصورت ريسٽورنٽ/پب “Koliba” هوندو هيو. اهو ريسٽورنٽ ڏاڍو آرٽسٽڪ هوندو هو، اصل ۾ ڪوليبا جي معني آهي ”ريڍار جي جھوپڙي“ ۽ هنن اندر به اهڙي ڊيڪوريشن ڪئي هئي، ۽ بيرن کي به سلوواڪيا جي لوڪ ڊريس پهريل هوندي هئي. هن جو مالڪ آيان جو واقفڪار ٿي ويو هو، جنهڪري کيس VIP ٽريٽمينٽ ڏني ويندي هئي. آيان ۽ ايريڪا ان پب جي ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل ۽ ڊم لائيٽ ۾ ڪچهري ڪري تازا توانا ٿي ويندا هيا. اڪثر ڪري هنن ٻنهي جا بحث اختلافن تي ختم ٿيندا هيا، جنهن جي سبب جي خبر نه هئي، پر ايريڪا جي ننڍي عمر هڪ سبب ضرور هيو. ان کان پوءِ هوءَ پنهن جي ملڪ ٽرانسفر ڪرائي وئي ۽ اتي پڙهڻ لڳي. پر هوءَ ڪنهن نه ڪنهن موقعي جو فائدو وٺي آيان سان ملڻ ضرور ايندي هئي. آيان جو جڏهن پي ايڇ ڊيءَ جو ڊفينس ٿيو ته هوءَ پنهنجي سهيليءَ سان گاڏيءَ ۾ براتيسلاوا آئي ۽ شام جو ٿيل سيليبريشن ۾ ساري رات نچندي رهي. آخر ۾ هوءَ روئڻ لڳي ۽ آيان کي چوندي رهي:
”تون منهنجو بهترين دوست هئين ۽ مان جڏهن به اداس ٿيندي هيس ته تو وٽ هلي ايندي هيس ۽ تو وٽان هڪ نئين سگھه کڻي واپس ورندي هيس“.
پارٽيءَ کانپوءِ آيان جڏهن کيس ٻاهر ڇڏڻ آيو ته ٻاهر برفباري ٿي رهي هئي، ايريڪا کيس ڳلي ۾ ٻانهون وجھي، چمندي، ٻاهرين ٿڌ جو احساس ختم ڪري ڇڏيو هو.
آيان جڏهن پاڪستان واپس آيو ته هوءَ کيس وقفي وقفي سان خط لکندي رهي. سندس خط ڏاڍا سٺا لکيل هوندا هيا. هوءَ جڏهن گھڻي وقت کان پوءِ پراگ وئي هئي ته هن آيان کي اتان خط لکيو:
”..... آءُ گھڻي وقت کان پوءِ ان قابل ٿي آهيان ته توکي هي خط لکي سگھان. مون کيپنهنجن احساسن جي اظهار جو ڪو مناسب طريقو نه پئي سُجھيو. گھڻو عرصو سرديون رهيون ۽ آءُ به پنهنجو پاڻ کي برف سان ڍڪيل محسوس ڪري رهي هيس. هاڻي اها برف پگھرجي رهي آهي. آءُ بهار جو انتظار ڪري رهي هيس ۽ جڏهن بهار آيو ته مون برلن کان پراگ ۽ پراگ کان پوءِ براتيسلاوا ڏانهن سفر شروع ڪيو. پراگ ۾ گھاريل هيءُ ڏينهن مونکي سڄو سال يا شا يد سڄي ڄمار سج جي روشنيءَ سان روشن رکندو. جڏهن آسمان ۾ ڪڪرن جو نالو نشان نه هيو ۽ نيري آسمان ۾ سج پنهنجي پوري آب تاب سان چمڪي رهيو هيو ته مان ولتاوا نديءَ جي ڪناري واري ڇٻر تي ليٽي پيس ۽ خبر ناهي ته ڪيترو وقت ايئن ئي ليٽيل رهيس. نديءَ جي پاڻيءَ ۾ پراگ شهر پنهنجن سوين ٽاورن ۽ گرجائن سان سهڻو منظر پيش ڪري رهيو هيو. جڏهن ٻارهين وڳي سڀني چرچ جا گھنڊ هڪئي وقت وڄڻ لڳا ته مان پنڊ پهڻ ٿي ويس ۽ مون ان لمحي محسوس ڪيو ته منهنجي اندر ۾ به برف جو ڇپون پگھرڻ لڳيون هيون.
توکي ٻوليءَ جي اسڪول وارو آفريڪي ته ياد هوندو، جيڪو مون سان محبت ڪندو هيو، هن ڀيري به هو مليو ۽ هن مون کي شادي ڪرڻ لاءَ زور ڀريو. پر آءُ هن ڀيري ان قابل هيس ته هن کي اهو چئي سگھان ته منهنجي دل ۾ هن جي لاءِ ڪا جڳهه ناهي. توکي خبر هجڻ کپي ته مان هاڻي اهو ريئلائيز ڪري رهي آهيان ته مان تبديل ٿي رهي آهيان يا ايئن کڻي چئجي ته مان هڪ مٿاهين ڏاڪي تي پهچي وئي آهيان.....“ روح ۽ ڪردار جي ترقيءَ واري ڏاڪي تي”. هاڻي مان شين کي سڃاڻي، انهن جي اصل شڪل ۾ ظاهر ڪيان ٿي. جيئن مون هُن کي سچ سچ چيو. هاڻي آءُ هر ڳالهه کي سنجيده ۽ ايمانداريءَ سان محسوس ڪري، ان کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪيان ٿي نه ڪي ان سان کيڏان ٿي.
هڪ ڳالهه جو مونکي افسوس رهندو ته مون ڪڏهن به براتيسلاوا ۾ رهندڙ دوستن جي اهميت کي محسوس ڪندي انهن جي تعريف ۽ قدر نه ڪيو ۽ خاص ڪري تنهنجو. ايئن ناهي ته مون توکي اهميت نه ڏني يا سمجھيو نه، پر مون تنهنجي حيثيت مطابق تنهنجو خيال ۽ قدر نه ڪيو. جڏهن تون هتي ناهين ته مون تنهنجو خيال رکڻ شروع ڪيو آهي. اهو به سڀ ڪجھ منهنجي روح ۽ ڪردار جي ترقيءَ سان تعلق رکي ٿو، پر تنهنجي معاملي ۾ دير ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي ته ان جي معافي به ممڪن ناهي... سو خط دير سان لکڻ جو اهو سبب هيو ته مون لاءِ اڳ ۾ شيون ۽ ڳالهيون واضح نه هيون ۽ اهو به ڄاڻان ٿي ته سڀ معاملا واضح ٿيڻ به ناممڪن آهن، ڇو جو اها ته ڊگھي سفر جي هڪ ننڍي شروعات آهي... هڪ بهترين دوست هجڻ جي ناتي مان هي لفظن مان جڙيل خط نه پر اصل ۾ آءُ توکي پراگ جي مٿان چمڪندڙ سج موڪلي رهي آهيان.....“
ان کانپوءِ ايريڪا ڪجھه عرصي لاءِ ميڊيڪل جي هائوس جاب لاءِ سوڊان ۽ اسرائيل وئي، جتان هن آيان کي فون به ڪئي ۽ خط به لکيا. هن جي شخصيت ۾ سنجيدگي ۽ بالغيت ايندي وئي، هن اسرائيل مان لکيو :
”ٿوري دير اڳ آءُ هڪ ڪيفي ۾ ويٺي هيس. پر هاڻي هي خط توکي پنهن جي فليٽ جي بورچيخاني مان لکي رهي آهيان. اتي ڪيفي ۾ مونکي هڪ عورت جي اچڻ ڪري خط لکڻ بند ڪرڻو پيو. هن اچڻ سان پڇيو:
”تون جرمن آهين؟“.
مون کيس ”ها“ ڪندي پڇيو ته: ”توهان ڪيئن سمجھيو؟!“.
جنهن تي هن جواب ڏنو ته صرف جرمن ئي ڪيفي ۾ ويهي خط لکندا آهن. هوءَ پاڻ جرمن هئي ۽ ڇهن سالن کان اسرائيل ۾ رهي ٿي. ساڻس ڪچهري ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو آيو. مونکي اسرائيل آئي اڃان ٽي ڏينهن ٿيا آهن. پنهنجو پاڻ کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿي پر هي يهودي ڏاڍا کهرا آهن. مان هتي دوستن کي مس ڪيان ٿي. آءُ سوچيان پئي ته يهودين پنهنجي قوم ٺاهي آهي ۽ اڃان تائين ٺاهن پيا..... ڪنهن جو خيال رکڻ کان بغير. ايستائين جو ڇهن سالن کان رهندڙ هوءَ عورت به پنهنجو پاڻ کي اڃان ڪميونٽيءَ جي چانئٺ تي اندر اچڻ جي اجازت جي انتظار ۾ بيٺل محسوس ڪري ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪوشش ڪندي آهيان ته تصور ۾ آڻيان ته تون پاڪستان ۾ ڪيئن رهندو هوندين؟ پر اهو ناممڪن بڻجيو پئي. ان لاءِ لڳي ٿو ته تو وٽان چڪر هڻان ته جيئن تصور ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. آءُ جڏهن به ڪو ماڳ گھمندي آهيان ته سوچيندي آهيان ڪنهن سان گڏ گھمندي ڪيڏو نه مزو ايندو، ٻي ڪنهن سان نه پر توسان.
... مونکي هتان جي ماڻهن کي سمجھڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، پوءِ اهي يهودي هجن يا فلسطيني مسلمان. ان جو وڏو سبب هنن جو ڪٽرپڻو به ٿي سگھي ٿو. هتي رواداري ۽ سهپ جي ڏاڍي کوٽ آهي، ان ڪري ئي ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي.
گذريل ڇنڇر تي بيت اللحم وئي هيس، تون يقين ڪر ته مان مذهبي ناهيان، پر اتي ماڻهو هڪ قسم جي پاڪائپ ۽ سڪون محسوس ڪري ٿو. مونکي حضرت عيسى جي جنم ڀومي پسند آهي. اتي هڪ سڪون آهي، اٿاهه سڪون. حالانڪ ٻاهر مسلمانن ۽ يهودين جو جھڳڙو هلي رهيو هيو. شايد ان جھڳڙي جي ڪري مونکي چرچ آف هولي نيٽوٽي ۾ وڌيڪ سڪون مليو ۽ جيڪو مونکي گھربل به هيو. اسرائيل اچڻ کان پوءِ پهرين اها اهم گھڙي هئي، اتي مان ميڻ بتيون ٻاريون ۽ هڪ خاص تنهن جي لاءِ.
مونکي اهو ڏينهن ياد آهي، جڏهن اسان براتيسلاوا جي هڪ چرچ ۾ ويا هياسين ۽ تون اتي خاموش بت بڻيو ويٺو هئين ۽ ڪنهن عرب دوست توکي طنزيه چيو هو ته تون هن چرچ ۾ ڇا پيو ڪرين؟ جواب ۾ تون چيو هو ته: ”الله ته هر هنڌ موجود آهي“. مون اهو سڀ ڪجھه ان ميڻ بتيءَ ۾ منتقل ڪيو هو. مون اتي محسوس ڪيو هو ته اهي سڀ جھڳڙا ۽ ڳالهيون نه صرف چرچ کان ٻاهر هيون، پر مون کان به ٻاهر هيون.
قلم تازو: آءُ هن ملڪ کان نفرت ٿي ڪيان ۽ ٻيهر نه اچڻ جو قسم ٿي کڻان، خبر ٿي ڇو؟. ڇاڪاڻ جو اسرائيل وارن تو ڏانهن هن خط کي پوسٽ ڪرڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته پاڪستان ۽ اسان ٻئي دشمن آهيون. اها حد آهي ان ڪري هن ملڪ کان نفرت ڪيان ٿي. آءُ انهن ملڪن جي عزت نه ٿي ڪري سگھان، جتان توسان رابطو نه رکي سگھان.....“
آيان کي هن جو ٻيو خط سوڊان مان مليو ۽ اسرائيل وارو خط به هن آيان کي سوڊان مان موڪليو هيو. هن خط ۾ به هن لکيو ته:
”..... مختلف خيالن ۽ سوچن سان ذهن ڀريل آهي، جنهن ڪري توکي هي خط لکندي ڏکيائي محسوس ڪري رهي آهيان. آءُ ڇهه هفتا گھر کان پري رهي آهيان ۽ مون کي هوم سڪنيس ٿي پئي آهي. تنهنڪري پڙهائي ختم ڪري ٻاهر رهڻ وارو منهنجو جيڪو پروگرام هيو، ان کي ختم ڪرڻو پوندو. مونکي اها خبر ئي نه هئي ته مان پنهنجي ملڪ (جرمنيءَ) سان ايتري لاڳاپيل آهيان. سڀني مسئلن هوندي به پنهنجي ڌرتيءَ کي چاهيان ٿي. تو لاءِ شايد اندازو لڳائڻ ڏکيو هجي ته آءُ ان پل جو ڪيڏي نه شدت سان انتظار ڪري رهي آهيان جڏهن جهاز لينڊنگ ڪرڻ کان اڳ ۾ برلن جي مٿان ڦيرا پائيندو. پر اڃان ته مونکي هتي ٻه مهينا رهڻو آهي ۽ مان انهن لمحن، هرمنٽ جي سٺ سيڪنڊن مان هر سيڪنڊ کي انجواءِ ڪرڻ چاهيان ٿي. هونئن مونکي اها پڪ آهي ته هن ٽرپ مان آءُ کوڙ سگھه حاصل ڪري سگھنديس. سڀ کان اهم آهي پنهنجي رهڻ جي طريقي کي ڇڏي، ٻي طرز ۽ ٻي ڍنگ سان رهڻ. اها سگھه جيڪا ٻئي معاشري جي تجربن، ريتن ۽ رسمن مان حاصل ٿيندي، اها مون کي سگھارو بڻائيندي. مون کي اميد آهي ته اها سگھه مون کي انهن شين کي گھرائيءَ ۾ جاچڻ جي اهليت ڏيندي. آءُ اهو به سمجھان ٿي ته اهو سڀ ڪجھه منهنجي لاءِ ڪجھه مسئلا ۽ مشڪلاتون به آڻيندو، ڇو جو هنن ماڻهن جي ۽ منهنجي سوچڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هتان جي رهڻي ڪهڻي ۽ منهنجي جرمن اسٽائيل رهڻي، ضرور ٽڪر کائينديون، پر ان لاءِ مان Curious (اتاولي) به ڏاڍي آهيان.
ڇا تون اهو تصور ڪري سگھين ٿو ته هي سڄو سفر يا ان لاءِ ڪاٽيل تڪليفون مون ڪنهن سان ملڻ لاءِ ڪيون هجن؟...... اهو ماڻهو جنهن کي مان پنهنجو روحاني ڀاءُ سمجھان ٿي. اسان اهو محسوس ڪيون ٿا ته اهوسڀ ڪجھه اڻڄاتل طريقي سان طئي ٿيل هو. هن کي مان پنهنجو روحاني ڀاءُ سمجھان ٿي. اسان اهو محسوس ڪيون ٿا ته اهو سڀ ڪجھه ڄڻ اڳ ۾ طئي ٿيل هيو. آءُ ان دوستيءَ جي رشتي کي پوري ريت لفظن ۾ ظاهر نه ٿي ڪري سگھان ۽ نه ئي وري مان ڪوشش ڪنديس ڇو جو اهو لفظن جو زيان هوندو ۽ ان کان پوءِ به تون شايد اهو صحيح طرح سمجھي نه سگھين.
پر هڪ ڳالهه جيڪا مون هن کان سکي آهي ته هن مون کي ”پڇڻ“ سيکاريو، جيڪو مان تقريبا وساري چڪي هيس. سوال ڪرڻ سيکاريا، عام رواجي سوال نه، پر اهي سوال جيڪي ذهن ۾ مانڌاڻ مچائن، ان ڪري مون پنهنجي روح ۾ دفن کوڙ ساتريون ڳالهيون ڳولهي لڌيون، جيڪي منهنجي من پاتال ۾ دفن ٿي چڪيون هيون. مونکي ته ائين لڳو ته آءُ پنهنجو پاڻ کي سڃاتو ئي ڪين هو. يا ائين ٿو لڳي ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ کان لنوائي رهي هيس. خير ان جو هڪ سبب ٻيو اسان جو معاشرو به ٿي سگھي ٿو. ڇو جو اسان پنهنجن ڪمن ۾ ايترا مصروف آهيون جو پنهنجو پاڻ کي ريوائنڊ ڪرڻ، پرکڻ جو موقعو ئي نه ٿو ملي. پر جيڪڏهن ڪڏهن ملي به ٿو ته هٿ سان ان موقعي کي ضايع ڪري ڇڏيون ٿا. ڇو جو ڊڄون ٿا ته اسان جي اندر جي ڪاراڻ اسان جي اڇن چهرن کي ڪارو نه ڪري ڇڏي.
انهن سڀني ڳالهين کي ڏسي ۽ پنهنجو پاڻ کي پرکي ۽ ڦلهورڻ کان پوءِ، ان نتيجي تي پهتي آهيان ته مون گھڻو ٽائيم زيان ڪيو آهي. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجھه اڳ ڪيو هجي ها ته گھڻو ڪجھه وڃائڻ کان بچي سگھان ها. نه رڳو ايترو پر پنهنجي مٿاڇري سوچ جي ڪري، سالن کان گڏ رهندڙ ماڻهن کي به چڱيءَ ريت نه سڃاڻي سگھيس ۽ خاص ڪري توکي.
مونکي ايئن ٿو محسوس ٿئي ته مان ڄڻ هائبرنيشن ۾ هيس يا هڪ ڊگھي ننڊ ستل هيس ۽ هاڻي هر نئين ڏينهن وڌيڪ سجاڳ ٿي رهي آهيان. مونکي ياد آهي ته گھڻو وقت اڳ توکي چيو هيم ته، مان هاڻي گھمڻ شروع ڪيو آهي. ڪيتري نه سچائي هئي ان ۾. اهو بلڪل ان ريت آهي ته توهان ڪنهن پهاڙ جي چوٽي سر ڪرڻ لاءِ ان تي چڙهڻ شروع ڪيو ۽ چوٽيءَ تي پهچڻ کان پوءِ وري توهان کي اهو احساس ٿئي ته اصل چوٽي اها ته نه پر هڪ ٻي چوٽي آهي. پر يقين رک مان ٿڪجي نه ويٺي آهيان ۽ نه ويهنديس پر هر گل هر منظر جو مزو وٺندي اڳتي وڌندي رهنديس. ان لاءِ جو مان اصل تائين پهچڻ چاهيان ٿي، سچ تائين پهچڻ چاهيان ٿي، حق تائين پهچڻ چاهيان ٿي.
منهنجي خواهش آهي ته اهي سڀ ڳالهيون مان توکي منهن سامهون ٻڌايان پر ڪيڏي نه بد نصيب آهيان. سوچيان ٿي ته پاڻ وري ٻيهر ملي به سگھنداسين يا نه؟ ۽ جڏهن ملنداسين ته خاموش رهي سگھنداسين؟ ڪڏهن به نه!
اسرائيل کان پوءِ هاڻي سوڊان پهتي آهيان هتي منهنجو مقصد گھمڻ آهي نڪي اسپتالن ۾ اسپرٽ جي خوشبوءِ ۾ ويهڻ. انلاءِ ته منهنجي سڄي عمر پئي آهي. هونئن هتي گھمڻ به مسئلو آهي، هڪ ته ملڪ وڏو، ٻيو مٿان وري بسن جي حالت جري، جنهن ڪري چاهيندي به گھڻو ڪجھه نه ڏسي سگھنديس.
اڄ ٻيڙيءَ تي نيل ندي گھمڻ ويس. منهنجو پنهنجو اهو خيال آهي، ڪنهن به نديءَ کي محسوس ۽ پيار ڪرڻ لاءِ ان سان، ننڍي هوندي کان واسطو هجڻ ضروري آهي. جيئن منهنجو رائين نديءَ سان، تنهنجو سنڌوءَ سان آهي. پر نيل نديءَ، سان اهو شرط لاڳو نه ٿو ٿي سگھي. ڏاڍي پياري ندي آهي. اها مون کي پنهنجي پنهنجي لڳي ۽ مون کي يقين آهي ته تون به جڏهن نيل ندي ڏسندين ۽ ان کي محسوس ڪندين ته اها به توکي اهو پيار ڏيندي ۽ پيار گھرندي، جيڪو تون سنڌونديءَ سان ڪندو آهين، يا هوءَ توکي ڏيندي آهي.
آءُ اڃان گھڻو ڪجھه لکڻ چاهيان ٿي، پر هاڻ ٿڪجي پئي آهيان. وري ٻي ڀيري.
تون ڄاڻين ٿو ته خط جي آخر ۾ ڇا لکڻ گھرجي.....“