ناول

پيار درياھ

اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
Title Cover of book پيار درياھ

1

البانيا جي عائده، ورڪشاپ شروع ٿيڻ جي ٻن ڏينهن کانپوءِ پهتي هئي. جڏهن عائده ڪلاس ۾ آئي ته سڀ کان پهرين هن جي رس ڀريل چپن ۽ وڏين اکين آيانَ جي توجهه ڇڪائي هئي. انهن اوچاين جي آڏو عائده جو ننڍو قد لڪي ويو هيو. عائده ڄڻ هائيڪو هئي. خوبصورت اکيون، رسيلا چپ ۽ مٺڙو بدن .
ورڪشاپ جو شيڊيول ڏاڍو مصروف هيو. صبح جو ساڍي اٺين کان وٺي شام تائين ڊيموگرافيءَ جا دُڪا هنن جي اندر ۾ اوتيا ويندا هيا. انڪري ڪلاس ۾ ڇوڪرن ڇوڪرين جي پاڻ ۾ ميل ملاقات گھٽ هئي، سندن وچ ۾ هڪ وڇوٽي ۽ ڌاريائپ هئي.
پهريائين ٽي ڏينهن ته ايئن ئي گذري ويا. هونئن به آيان اڇل ڏئي دوستي رکڻ وارن مان نه هيو. هُنکي واقفيت وڌائڻ ۾ وقت کپي. ٽئين ڏينهن ڪلاس کانپوءِ هنن سڀني کي محل جي ويجھو ان ٻيلي ۾ بار بي ڪيو پارٽي ڏني وئي، جيڪو آيان کي ڪمري مان نظر ايندو هو ۽ جتي هو جاگنگ ڪرڻ ويندو هو
اتي هڪ وڏو مچ ٻاريو ويو، مچ جي چوڌاري ويٺلن جي چهري تي پوندڙ باهه جي گھٽ وڌ روشني ۽ شيڊ، سهڻو منظر پيش ڪري رهيا هئا. مچ تي گوشت به گرل ٿيندو رهيو، ان سان گڏ بيئر ۽ وائين پيڻ جو دور به هلندو رهيو. جڏهن امرت رس جا ڍڪ اندر جي اونهاين ۾ اوتبا ويا ته ٽهڪن ۽ مختلف ملڪن جي لوڪ گيتن جون ڪهڪشائون چوڏس ڦهلبيون ويون. ڌاريائپ ۽ ٺاهه ٺوهه وارا پردا ڪري پيا. پاڻ ۾ ڳالهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، پروفيسر به ساڻن فري ٿي ڳالهائي رهيا هيا. هڪ ٻئي سان چرچا ڀوڳ به ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيائون. ڇوڪرن ۾ جيڪڏهن ٽهڪن ۽ چرچن ۾ آيان اڳرو هيو ته ڇوڪرين ۾ وري عائده جا ٽهڪ سڀني تي حاوي هيا. جيئن جيئن مچ جون ڪاٺيون سڙي ٽانڊا ٿينديون پئي ويون تيئن تيئن هُنن جي اندر جي آڳ ۽ گرمجوشي وڌندي پئي وئي. باهه جي چڻنگن جيان آيان جا ٽهڪ به وڻن جي ٽارين کي ڇهڻ لڳا ته سڀ هن ڏانهن متوجه ٿيا. سڀ کان پهريائين بلغاريا جو زدراوڪو ۽ بيلورشيا جو دميتري آيان جي ويجھو آيا ۽ هو پروفيسرن کان ٿورو پرڀرو وڃي ڪچهري ڪرڻ لڳا. هڪٻئي کي لطيفا به ٻڌائي رهيا هيا ته پنهنجا پنهنجا تجربا به ٻڌائي رهيا هيا. ڇوڪرن جون ڳالهيون ۽ ٽهڪ ڇوڪرين جي من اندر کي به ڇهڻ لڳا هئا. سڀ کان پهريائين رومانيا جي ديلا آئي ۽ پوءِ آيان جي ٽهڪن جي ستار سان عائده جي ٽهڪن جي ٿاپ به شامل ٿي وئي. ان کان علاوه رومانيا جي ڊائنا به هنن وٽ هلي آئي. پر ان وقت سڀني ڇوڪرين مان عائده ئي وڌيڪ انجواءِ ڪري رهي هئي.هن وٽ مزاح جي حِس ٻين کان سرس هئي. ان ڏينهن عائده کي ڪارو ريمپر پاتل هيو ۽ آيان پنهنجو پاڻ کي هنجي اکين ۾ گرل ٿيندي محسوس ڪيو هيو.
ان ئي رات هنن سڀني پنهنجن تعارف سان گڏ وڏن ۽ ڏکين نالن کي سنهنجو ڪري نئون روپ ڏنو هيو، جيئن روزي، ديلا، تيلا، ديانا پر عائده پنهنجي مختصر جسم جيان عائده ئي رهجي وئي. آيان جي من اندر ۾ عائده جي مختصر نالي جا ڪئين روپ سرجڻ لڳا هئا.

******

آيان بيچينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هو. هن سامهون ڀت تي لڳل گھڙيال ۾ ڏسي، فلائيٽ شيڊيول واري بورڊ تي نظر ڊوڙائي،

Flight Fl.Number From Estmited time Remarks
Ok 501 Tirana 10.00 Delayed

پراگ ايئر پورٽ جي Arrival لائونج ۾ آيان فلائيٽ ليٽ هجڻ ڪري هُنَ پاسي سان رکيل بينچن تي ويٺي پنهنجيون يادگيريون سنڀاليون ته پنهنجي منهن ئي مرڪي ويٺو.
هن کي وري ياد آيو ته ٻه سال اڳ چارلس يونيورسٽيءَ طرفان ڪيل ورڪشاپ ۾ حصو وٺڻ لاءِ پراگ آيو هو . کين پراگ کان تقريبن چاليهه ڪلو ميٽر پري هڪ ننڍي ڳوٺ ”زهرادڪي“ ۾ رهايو ويوهو. جنهن جي چوڌاري سايون سايون ٻنيون هيون، پري پري ڪٿي گھر هيا ۽ مٿان نيرو آسمان. کيس اهو لينڊ اسڪيپ سهڻو لڳي رهيو هو. بس کين اوائلي رينيسنس (Renaissance) آرڪيٽيڪچر واري شاندار محل (Castle) وٽ ڇڏيو. اهو محل ڪنهن پراڻي نواب جو هيو ۽ ڪميونسٽ انقلاب کان پوءِ حڪومت چارلس يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو هيو، جيڪو يونيورسٽيءَ جي ڪانفرنسن، ورڪشاپن ۽ ميٽنگن لاءِ استعمال ٿيندو هيو. محل هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي وڻن جي جھڳٽي ۾ گھيريل هيو، ان جي چوڌاري لوهي گرل لڳل هئي .بس جي بيهڻ شرط سڀ پنهنجو پنهنجو سامان بيگن ۾ لڳل ڦيٿن ذريعي ريڙهيندا، هڪ شاهي گيٽ مان اندر داخل ٿيا ته وڏي آڳر هنن جي آجيان ڪئي، جنهن جي وچ تي پٿر جو خوبصورت ڦوهارو ۽ چوڌاري وڪٽورين اسٽائيل جون بينچون لڳل هيون. سامهون هڪ خوبصورت عمارت هئي، جنهن جو ڪاٺ وارو وڏو دروازو اڪري، ونگن واري ورانڊي ۾ پهتا. دخل تان ڪمري جي چاٻي وٺڻ دوران، آيان پنهنجن ساٿين جو جائزو ورتو، هنن جي گھڻائي کانئنس ننڍي عمر جي هئي.
کيس ڪمرو پهرين فلور تي مليو، ڪمرن کي قديم ۽ جديد طرز تي سينگاريو ويو هيو. آيان ڪمري ۾ داخل ٿي سوٽ ڪيس کي الماريءَ ۾ رکي ڪمري جو پردو هٽايو، ته سندس منهن تي مُرڪ اچي وئي، ڪمريَ جي ڄاريءَ واري پردي مان دريءَ کان ٻاهر ٻيلي جا سر سبز وڻ نظر اچي رهيا هيا. کيس اهو سمورو ماحول ڏاڍو رومينٽڪ ۽ ڪنهن لوڪ ڪهاڻيءَ جي منظر نگاريءَ جھڙو لڳي رهيو هيو. هُن خوش ٿي سوچيو ته: ”ورڪشاپ لاءِ آيو آهيان يا ڪنهن شهزاديءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ سوئمبر ۾ حصو وٺڻ پهتو آهيان“.

******


آيان جڏهن ڪلاس ۾ پهتو ته ڪلاس ۾ ڪرسيون “U” شيپ ۾ رکيل هيون، هرڪو پنهن جي نيم پليٽ پڙهندو ان هنڌ ويهندو ويو، آيان هڪ لائين جي آخري ڪنڊ واري ڪرسيءَ تي پنهنجا فائيل رکيا. سندس ڀر ۾ ليٿوينيا جو ڇوڪرو ويٺل هو.
جيستائين ڪوآرڊينيٽر اچي هن هم ڪلاسين تي نظر ڊوڙائي.
گروپ جو جينڊر ريشو 1:4 (Gender Ratio) هيو. جن ۾ گھڻائي ايسٽ بلاڪ جي ڇوڪرين جي هئي. آيان سميت رڳو پنج مرد هيا.
آيان کي يورپ جي ايسٽ بلاڪ جو عورتاڻو حسن سدائين موهيندو رهيو آهي. يورپ جي ان حصي جي عورتن جا قد پائينز جي وڻ جيان ڊگھا، اکيون ڀوريون ڄڻ بادلن سان ڀريل آسمان يا وري سمنڊ جھڙيون نيريون، وار ماکيءَ رنگا، ناسي يا سونهري. خاص ڳالهه ته نوي سيڪڙو سڀني وصفين سهڻيون، باقي ڏهه سيڪڙو، شڪل ۾ موچاريون لڳن پر انهن جا بت به وينس جون سڪون لاهين. هنن وٽ عورتاڻي نفاست ۽ نزاڪت ملي ٿي، جيڪا ٻين يوروپين عورتن وٽ گھٽ آهي.
ڪوآرڊينيٽر، جي اچڻ سان سندس خيالن جو سلسلو ٽٽي ويو. سڀ کان پهريائين هر ڪنهن پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ اهو به چيو ويو ته هرڪو پنهنجو نڪ نيم به ٻڌائي ۽ ان کان علاوه پنهن جي لاءِ ڪا علامت به ٻڌائي جنهن سان کيس سڃاتو وڃي.
تعارف ڪرائڻ دوران پتو پيو ته بلغاريا مان هڪ ڇوڪرو ۽ وڏن ڪارن وران واري هڪ ڇوڪري، اسپين مان گھنڊيدار وارن واريون ٻه ڇوڪريون، يوڪرائين مان اڏڙوٽ عمر جون ٻه مايون، جن کي ڏسي آيان خوش به ٿيو ته گھٽ ۾ گھٽ هنن نوجوانن ۾ ڪو هن جي عمر کان وڏو به آهي. ان کان علاوه، رومانيا جون ٽي ڇوڪريون، ايسٽونيا جي، هِڪَ ڇوڪري مولدوويا جي هِڪَ ڇوڪري، بيلو رشيا جو هڪ ڇوڪرو، لتويا جي هڪ ڇوڪري، ليٿونيا جو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري، چائنا جو هڪ ڇوڪرو جيڪو جرمنيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هو، انڊونيشيا جو هڪ ڇوڪرو ۽ ٻيون چيڪ جون ڇوڪريون هيون.
آيان پنهن جي لاءِ نڪ نيم ”ڪاشي“ ۽ سمبل ٻانهون ٻڌڻ جو ٻڌايو ۽ ان جي باري ۾ هنن کي ٻڌايائين ته سندس ڌرتي امن ۽ پيار جي ڌرتي آهي ۽ ٻانهون ٻڌڻ اهنسا ۽ ٻي کي عزت ڏيڻ جي علامت آهي. ٻين سڀني به پنهنجو پنهنجو تعارف ڪرايو، پر لنچ تائين سڀني کان هڪ ٻئي جون علامتون وسري ويون رڳو ياد رهجي ويون آيان جو ٻانهون ٻڌڻ، ۽ ڊيلا جي فلائنگ ڪِس، ان کان پوءِ سڀ هُن کي ٻانهون ٻڌي کيڪار يندا هيا.
ڪوآرڊينٽر پوري ورڪشاپ جي باري ۾ تفصيل ٻڌايا. جنهن کان پوءِ ليڪچرس جو سلسلو شروع ٿي ويو.
آيان کي ڪلاس ۽ رهائش، ڪينٽين ۽ ڳوٺ وڻڻ لڳو هو. پر جيئن ته هو به ڪُڏ ڏئي دوستي رکڻ وارو نه هو، ٻيو ته هو پنهنجو پاڻ کي هنن جي هم عمر به نه پئي سمجھيو، سواءِ يوڪرائين جي ٻن ماين جي جيڪي عمر ۾ هن کان به وڏيون هيون. پر هو خوش ضرور هو ته سندس هم ڪلاسي ڇوڪريون سهڻيون ضرور هيون. کيس اهڙي ماحول ۾ حسين ماڻهن جو ساٿ مزو ڏئي رهيو هو.

******

پارٽيءَ جي ڪري صبح جو ڊائننگ هال جو ماحول مختلف هو. هرڪو چهڪي رهيو هيو. ڌاريائپ جون ديوارون ڪري پيون هيون، سڀ پاڻ ۾ گھلي ملي ويا هيا.
آيان جيئن ئي هال ۾ داخل ٿيو ته عائده کيس سڏ ڪري پنهنجي ٽيبل تي ويهڻ لاءِ چيو. دريءَ مان ايندڙ روشني عائده جي اکين کي وڌيڪ اجرو ڪري رهي هئي ۽ هن جو چهرو تازي سورج مکيءَ جيان ٻهڪي رهيو هيو. آيان پاڻ کي سورج مکيءَ جي ٻنيءَ ۾ بيٺل محسوس ڪيو هو.
پارٽيءَ کان پوءِ ڪلاس جو ماحول به دوستاڻو ٿي ويو هو. سڀني شاگردن، خاص ڪري عائده ۽ آيان جا ليڪچر دوران شاگردي اسٽائيل وارا ڪمينٽس، چٺين جي صورت ۾ شروع ٿي ويا. سندن اکيون به داستان گو بڻجي ويو هيون.
شام جو جاگنگ ڪرڻ کانپوءِ، آيان وهنجي سهنجي ڪپڙا پائي هيٺ لٿو ته جيئن دميتري ۽ ييٽي سان گڏ پب وڃي سگهي ته ڦوهاري وٽ کيس عائده ملي وئي، جنهن کائنس پڇيو ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، جواب ۾ هن کيس پب جو ٻڌايو ۽ کيس به هلڻ جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪئي. اهو ان ننڍڙي ڳوٺ جو ننڍڙو پر خوبصورت پب هو، اتي اڇن ميز پوشن واريون پنج ٽيبلون هيون ۽ ديوارن تي ڪاٺ جا مختلف ڊيڪوريشن پِيس لڳل هيا. روشني به هلڪي هلڪي هئي. ٻه ٽيبلون ته اتان جي مستقل گراهڪن لاءِ ڄڻ مخصوص هيون پر ٽين ٽيبل به هاڻي هنن لاءِ مخصوص ٿي وئي هئي.
پب ۾ هنن جي ڪچهري هلندي رهي، هو گھڻي دير تائين اتي ويٺا رهيا، ڇو جو اڳلو ڏينهن ڇنڇر هجڻ ڪري هنن کي موڪل هئي، باقي منجھند جو هنن کي بس ذريعي پراگ وڃڻو هو، جتي يونيورسٽيءَ ۾ کين پريڪٽيڪلز ڪرڻا هيا. ان ڪري آيان، فهد کي به فون ڪري زهرادڪي اچڻ کان منع ڪيو هيو.
منجھند جو بس پهتي ته هر ڪو ان ۾ وڃي ويٺو. اسٽوڊنٽس بس تيزيءَ سان رستي جي ٻنهي پاسن کان لڳل پائينز جي ڊگھن وڻن کي پوئتي ڇڏيندي پئي وئي. عائده، آيان کان اڳ واري سيٽ تي چيڪ ڇوڪري ليونا سان ويٺي هئي. بس ۾ ٽهڪ گونجي رهيا هيا. ٿوري دير کانپوءِ عائده بس بيهارڻ لاءِ چيو، ڇو جو کيس الٽي پئي آئي. آيان به هُن سان گڏ لٿو ۽ الٽي اچڻ جو سبب پڇيو ته عائده وراڻيو ته کيس بس جي سفر ۾ اها تڪليف ٿيندي آهي. ان تي مرڪندي آيان کيس چيو ته: يا الٽي اچڻ جو ڪو ٻيو سبب آهي؟ هوءَ کلي ويٺي.
آيان بس ۾ اچي سڀني کي خوشخبري ٻڌائي. عائده جي بس ۾ داخل ٿيڻ شرط سڀني تاڙيون وڄائي کيس مبارڪ ڏني. عائده کي ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي. ڊرائيور روزيءَ کي ننڍو ويهاڻو ڏنو. روزي ۽ ليونا عائده کي ليٽڻ لاءِ ويهاڻو ڏنو. عائده حيرانيءَ مان هنن کي ڏٺو ۽ پڇيو ته هي سڀ ڇاهي؟ هنن کيس چيو
”اسان کي سڀ خبر آهي ته تون ڳورهاري آهين“.
عائده هڪدم ڪاوڙ مان آيان کي ڏٺو جيڪو کلي رهيو هو ۽ پوءِ هوءَ پاڻ به کلي پئي ۽ سڄي بس کي حقيقت ٻڌائي ته اها تڪليف کيس بس جي سفر ڪري ٿيندي آهي.
پراگ ۾ آيان، يونيورسٽيءَ طرفان ڏنل هاسٽل ۾ رهڻ بجاءِ فهد جي فليٽ تي رهيو. هُن جي عائده سميت ٻين شاگردن سان ملاقات صرف پريڪٽيڪلز مهل ٿيندي هئي. آيان شام جو پراگ جي ٻين دوستن ۽ فهد سان گڏ پراڻن ٿاڪن تي وقت گذاري پراڻي زماني کي ياد ڪندو هيو. ويڪ اينڊ تي هو ۽ فهد گڏجي ڪڏهن اولڊ ٽائون اسڪوائر تي، ته ڪڏهن چارلس برج تي، ته ڪڏهن واتسلاو اسڪوائر تي واتسلاو جي مجسمي جي ڇانو ۾ ويهي ڀرسان گذرندڙ حسن جا پيگ اکين وسيلي اندر ۾ اوتيندا هيا ته ڪڏهن وري ولتاوا جي ڀر وارين گھٽين ۾ گھمندا هيا. انهن ڏينهن ۾ هو ٻئي ڄڻا وري پنهن جي پراڻي زماني وارين موجن ۾ پهچي ويا هيا، جڏهن آيان ڏهه سال اڳ اتي Ph.D ڪرڻ آيو هيو.
آچر جي شام جو بس واپس زهرادڪي اچڻي هئي ۽ بس اسٽاپ تائين فهد، هن کي ڇڏڻ آيو. هُو بس ۾ سامان رکي ٻاهر ان خيال کان بيهي رهيو ته جيستائين سڀ اچن ۽ بس رواني ٿئي تيستائين فهد سان ڪچهري ٿي وڃي. ڪجھه دير ۾ عائده ٻين ڇوڪرين سان گڏجي بس وٽ پهتي ۽ آيان کي ڏسي هن طرف وڌي آئي ۽ آيان کان پڇيائين:
”توهان ڪٿي هيئو؟ توهان کي ڏاڍو مِس ڪيوسين“.
”بس پراڻن دوستن سان هياسين“.
”يا پراڻين گرل فريندز سان؟“.
”نه ايئن نه هيو“.
”اهو سچ هجي ته سٺو. اسان کي به دوستن جيان گڏ رکو ها“.
عائده لمڪو ڏيندي واپس ويندي چيو.
آيان جي من ۾ چڻنگائي تيليون ٻرڻ لڳيون. فهد کيس ڪک ۾ ٺونٺ هڻي اک ڀڳي.
آهستي آهستي سڀ پهچندا ويا ۽ بس ڀرجڻ لڳي، آيان کان فهد موڪلايو ته هو به بس ۾ وڃي ويٺو.
بس ۾ عائده، آيان جي ڀرمان لنگھندي چيو:
“What I said, I mean it”
آيان جي من جي ڪليسا جا گھنڊ وڄڻ لڳا. ان سان گڏ کيس لڳو ته پراگ جي سڀني گرجائن جا گھنڊ به گونجڻ لڳا هئا.

******