3
ان کانپوءِ عائده جا ٽهڪ الائي ڪهڙين گفائن ۾ گم ٿي ويا، هنن ٻنهي جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ بند ٿي ويو. عائده پب تي وڃڻ به ڇڏي ڏنو هيو. گروپ جا ميمبر آيان کان ئي هن جي ان رويي جي باري ۾ پڇڻ لڳا. آيان لاءِ اهو خوبصورت ماحول ۽ جڳهه ڪنهن ڀوائتي فلم جو سيٽ بڻجي ويو. اکين اکين ورا نياپا بند ٿي ويا، ٻسي ٻسي ٿي وئي زندگي.
آيان کي مزو نه پئي آيو ۽ هن ڪيترا ڀيرا ان ڪورس کي ختم ڪري فهد وٽ وڃڻ چاهيو ۽ کيس فون به ڪئي هئي پر هُن کيس سمجھايو هو ته اهو ڪورس ۽ موقعو آيان جي ڪيريئر لاءِ بهتر آهي. فهد اها حالت ڏسي هڪ رات اچي هُن وٽ رهيو هو، ٻئي پب ۾ ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ اچي آڳر واري بينچ تي ويٺا هيا، فهد کي پنهن جي اداس هجڻ جو سبب ٻڌائيندي هو ڍنڍڪرون ڏئي رنو هو.
آيان، ٽي ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، هڪ سونهري شام جو من جي مونجھه مٽائڻ لاءِ اڪيلو ئي اڪيلو جاگنگ ڪرڻ ٻيلي ڏانهن هليو ويو. تازي گھميل هوا ۽ سج جي روشني جھٽي جڏهن هو واپس وريو ته عائده ٻاهر فائونٽين جي ڀرسان بينچ تي ڪاري مني اسڪرٽ ۽ ڳاڙهي بلائوزر ۾ سگريٽ جي دونهين ۾ گم ويٺي هئي. آيان به هن جي ڀرسان اچي ويٺو. ٻنهي هڪٻئي کي رسمي مرڪ سان وش ڪيو. صدين جي وقفي کان پوءِ آيان هُن کان پڇيو:
”ڇا ڳالهه آهي؟“.
”ڪجھه به نه“.
عائده بغير ڪنهن تاثر جي جواب ڏنو.
”ڪجھه ته آهي، جو تون ايترو خاموش ۽ سنجيده ٿي رهين؟“
”سبب جي تو کي خبر آهي؟“.
عائده رکو جواب ڏنو.
آيان، عائده جي ڀر ۾ رکيل پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍيو ته عائده حيرت مان کيس نهاريو ڇو جو هُن کي خبر هئي ته آيان سگريٽ نه ڇڪيندو آهي.
آيان سگريٽ کي چپن ۾ سوگھو ڪندي چيو:
”جيستائين منهنجو تعلق آهي ته مون کي ڪا خبر ناهي“
”ها، هر ڏوهي ايئن چوندو آهي“.
”ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي مون؟!“ آيان حيرت مان هن کان پڇيو.
عائده طنزيه مرڪ سان چيو ”جي، اصل ڏوهي ته مان آهيان“.
”تون ڇا ان رات واري ڳالهه ٿي ڪرين ڇا؟ “.
”ها، بس مون کي ان ڏينهن الائي ڇا ٿي ويو هيو“.
ايئن چوڻ سان عائده جي اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا ۽ هُنَ سگريٽ اجھائي ڇڏيو.
پل جي خاموشيءَ کان پوءِ عائده وري هن کان پڇيو:
”سچ ٻڌاءِ، ان ڏينهن ڇا ٿيو هو؟“.
”ڪجھه به ته نه“ آيان حيرانيءَ مان جواب ڏنو.
آيان ڏانهن اداس نگاهن سان نهاريندي عائده چيو:
”آءُ اڃان تائين ڪنواري رهي آهيان. منهنجو بواءِ فرينڊ به مون کي انڪري ڇڏي ويو هيو جو مون کيس سنجوڳ ڪرڻ نه ڏنو هيو“.
”ته ان ڳالهه جو مون سان ڪهڙو تعلق آهي“.
”مونکي ان ڏينهن جي ڪا به خبر ناهي منهنجي دل توسان سنجوڳ پئي ڪرڻ چاهيو، پر مونکي ڪجھه به ياد ناهي“.
آيان هُن کي يقين ڏياريندي چيو:
”يقين رک ان ڏينهن ڪجهه به نه ٿيو هو تون اڃان تائين ڪنواري آهين“.
آيان جھٽ رکي وري چيو:
”تون ڪنواري آهين. سواءِ چمين جي ڪجھه به نه ٿيو هو. اهي به تون شروع ڪيون هيون ۽ مان فرشتو ناهيان“.
”بس آءُ عجيب ڇوڪري آهيان. تون سمجھندو هوندين ته يوروپين هجڻ ناتي سيڪس منهنجي لاءِ مسئلو نه هجڻ کپي پر منهنجي خواهش آهي ته پهريون ڀيرو پنهنجي مڙس سان سيڪس ڪيان. هونئن به البانيا جا ڇوڪرا ڪنواري ڇوڪري پسند ڪندا آهن“.
”عائده گھٽ ۾ گھٽ مونکان پڇين ته ها. اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. ٽهڪ گم ٿي ويا ٿي. تون پريشان آهين ته مونکي هر ڏسا ۾ خزان ٿي ڀاسجي“.
هو ٻئي خاموش ٿي ويا. عائده جي اکين مان ڳوڙها وهندا رهيا. آيان سندس پشم جھڙو هٿ پنهنجن ٻنهي هٿن جي وچ ۾ رکيو.
آيان وري ڳالهائڻ شروع ڪيو:
”تنهنجو ايئن سنجيده رهڻ مونکي پشيمانيءَ جو احساس ڏياري ٿو. من ڏکوئي ڇڏي ٿو. منهنجي ڪري هڪ ٽهڪن سان ڀرپور آسمان جهڙي خوبصورت ڇوڪري اداس رهي، اهو احساس هن خوبصورت محل کي ڀوائتو ۽ ليپا جي وڻن کي بدصورت بڻائي ٿو ڇڏي“.
وري هنن ٻنهي جي وچ ۾ خاموشي ويهي رهي.
آيان هُن کي ڏسڻ کان لنوائيندي چيو:
”تون جي ايئن رهندينءَ ته آءُ هي ورڪشاپ ڇڏي هليو ويندس. توکي اداس ڏسي نه ٿو سگھان“.
عائده جي چهري تي هڪدم حيرت ظاهر ٿي ۽ آيان جي اکين ۾ گھوريندي پڇيو:
”سچ ٻڌاءِ تون واقعي به ايئن ڪندين؟“.
”ها، مون وٽ ورڪشاپ کان وڌيڪ تنهنجن احساسن جي اهميت آهي“.
”صرف ان ڪري هليو ويندين جو آءُ اداس آهيان؟“.
عائده پنهنجو ٻيو هٿ هن جي هٿ مٿان رکندي چيو:
”ها بلڪل“
عائده وري ڄڻ يقين ڪرڻ لاءِ آيان کان پڇيو:
”واقعي به هي سڀ ڪجھه صرف مون لاءِ ڇڏي وڃين سگھين ٿو؟“.
”ها، مون وٽ تنهنجي اهميت آهي، تنهنجن احساسن جي اهميت آهي، انڪري هتان هليو وڃڻ مون لاءِ ڪو وڏو مسئلو ناهي بس تون خوش رهه“.
آيان کي ڳلي ۾ ڳوڙهو محسوس ٿيو ۽ سندس اکين ۾ آلاڻ اچي وئي.
عائده آيان جي اکين ۾ نهاريندي چانڊوڪيءَ جھڙي مرڪ سان چيو:
”پر مان تنهجي گرل فرينڊ ته ناهيان، جو تون اهو سڀ ڪجھه ڪندين؟“.
”ناهين، پر آءُ ڪنهن کي اداس ڏسي نه سگھندو آهيان ۽ اداسيءَ جو سبب به آءُ هجان ته اهو مون لاءِ عذاب آهي نسورو عذاب“.
آيان جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.
عائده حيرت مان آيان جي وهندڙ ڳوڙهن کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ هن جي هٿ کي چمندي چيو:
”مان پهريون ڀيرو ڪنهن مرد کي روئندي ڏسي رهي آهيان، مون کي وڌيڪ ڳترا ڳترا نه ڪر. I believe you“.
عائده آيان جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي ڇڏيو.
مٿان فرسٽ فلور تان دري کولي هنن جا ساٿي گھڻا ڀيرا کين سڏي چڪا هيا. اڄ، ڪلاسين پنهنجي طرفان پارٽي رکي هئي ۽ سيپٽمبر هوندي به ان پارٽيءَ جو نالو هنن ”ويلنٽائين پارٽي“ رکيو هو، جو هنن کي يقين هو ته ويلنٽائين تي وري ڪونه ملي سگھندا. پر ان کان اڳ ۾ عائده به شايد آيان جيان پارٽيءَ ۾ وڃڻ نه پئي چاهيو. پر هاڻي جڏهن وري دوستن کين سڏ ڪيو ته هنن هڪٻئي کي ڏٺو ۽ اکين ئي اکين ۾ هڪ فيصلو ٿي ويو. وڃڻ کان اڳ مرڪندي، آيان کانئنس پڇيو:
“توکي پنهنجي جسم مان به خبر نه ٿي پئي ته ڪنوارپڻو موجود آهي يا نه؟”
عائده به کلندي کيس چيو:
”تجربو جو ڪونهي“.
هو ٻئي پارٽيءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪپڙا مٽائڻ پنهنجي پنهنجي ڪمري ڏانهن هليا ويا.
عائده نکري پئي هئي پارٽي ۾ به اها اڳ واري عائده موٽي آئي. هنن ٻنهي جي چرچن ۽ ٽهڪن سان پارٽي ٻهڪي پئي هئي.
ڊانسنگ فلور تي عائده جو ساڄو هٿ ،آيان جي کاٻي هٿ ۾ هو ۽ هُن جو ساڄو هٿ عائده جي چيلهه کي وراڪو ڏيون بيٺو هو. آرڪسٽرا جي وڄايل والز تي هُو ٻئي هنجن جي جوڙي جيان ڊانسنگ فلور تي ترڪندا رهيا.
رات جو ٻين وڳي جڏهن ٻئي ڳهرجي سگريٽ پيئڻ لاءِ ڪاريڊور ۾ اچي بيٺا عائده ڪجھه پڇڻ ٿي چاهيو پر تيز ميوزڪ جي ڪري ٻڌي نه پيو سگھجي، ته هو ٻئي ڄڻا هال جي ڀرسان، آيان جي ڪمري ۾ آيا. بيڊ تي ٻئي ڄڻا ٽيڪ ڏئي ويٺا، عائده پنهنجو پاسو آيان سان لڳائي ويٺي. اتي ڳالهيون به ڪندا رهيا ۽ عائده سگريٽ به پيئندي رهي. هنن جي ڪنن ۾ هال مان وڄندڙ ميوزڪ وڄندي رهي. سگريٽ پيئڻ کان پوءِ آيان، عائده کي چميوته عائده به وراڻي ڏني ته هڪ وڄ ٻنهي جي بدن ۾ لهي وئي، پاڻ ۾ چهٽي پيا. بيڊ تي ليٽائي آيان، هن جي چپن، ڳلن ۽ ڪنڌ کي چمندو رهيو. عائده هڪدم اٿي چيو:
”اچ ته هلون“.
هو ٻئي هال ۾ واپس آيا. ان وقت آرڪسٽرا، آسٽرين موسيقار اشترائوس جي ڌن Blue Danube وڄائي رهيو هيو، جنهن تي ڊانس ڪندي هنن پنهنجو پاڻ کي ڊينيوب جي پاڻيءَ تي ڦيراٽيون پائيندي محسوس ڪيو. آيان، عائده جي ڪن جي ڀرسان پنهنجا چپ آڻيندي چيو:
”اڄ ته هوش ۾ آهين نه؟ ائين نه ته سڀاڻي وري ٻوٿ سڄائي گھمين“.
عائده مرڪي، آيان کي ڏٺو ۽ هن جي ڪنن جي پاپڙيءَ کي پنهنجن ساهن سان آلو ڪندي چيو:
”ايئن ناهي، اڄ ئي ته هوش ۾ آئي آهيان“.
ان وقت موسيقيءَ جي لهر هنن ٻنهي کي کنڀي وئي.
******
اڳلي ڏينهن تي ڪلاسز اٽينڊ ڪرڻ کان پوءِ، شام جو عائده ۽ آيان سائيڪلون کڻي سر سبز ٻنين جي وچ مان پيچرن تان گذرندا، نيري ڍنڍ تي نڪري ويا هيا ۽ اتي بيٺل ننڍي بتيلي ۾، عائده آيان جي سامهون ويٺي ۽ پوءِ هو ٻئي پاڻيءَ ۾ لهندڙ سج جي لامن ۾ ترندا رهيا. ڍنڍ جي وچ تي بتيلو بيهاري هو ٻئي پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿي ويا. جڏهن ڌار ٿيا ته عائده پنهنجو ڪنڌ آيان جي ڪلهي تي رکي هڪ البينين لوڪ گيت ڳايو، جنهن جو مقصد هيو ته ٻن دلين جي وڇوڙي کانپوءِ ملڻ ايئن آهي جيئن لهندڙ سج جون لهرون پاڻيءَ جي چپن کي چمنديون آهن. هو ٻئي سج، پاڻيءَ ۽ هڪٻئي کي پنهنجي اندر ۾ لاهي، اتان سج لٿي موٽيا هيا ۽ سج لهڻ مهل هڪ گهري ۽ ڊگھي چمي هڪٻئي کي ڏنائون، جيڪا تيستائين جاري رهي، جيستائين سج گم نه ٿي ويو.
هو ٻئي گھڻن ڏينهن کانپوءِ پنهنجي گروپ سان گڏ پب ۾ ويٺا ته هڪ ننڍي پارٽي ملهائي وئي.
پب مان واپس اچڻ کان پوءِ ڪمپيوٽر روم هليا ويا جتي عائده کي پنهنجي ڪنٽري پريزنٽيشن تيار ڪرڻي هئي ۽ عائده آيان کي مدد ڪرڻ لاءِ چيو هو. آيان ڪمپيوٽر تي هن جي لاءِ گراف تيار ڪري رهيو هيو ۽ عائده جو ڪنڌ آيان جي ڪلهي تي ڍرڪيل هيو. ڪجھه دير کان پوءِ پروفيسر توماش به آيو ۽ هو ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳو. هُو ڪٿان ڊرنڪ ڪري آيو هيو ۽ ڏاڍي رومينٽڪ موڊ ۾ عائده سان ڳالهيون ڪري رهيو هيو. هن جڏهن اٿڻ جو نالو نه پئي ورتو ته عائده، آيان جي چپن تي ڀرپور ڪس ڪئي ۽ هن حيرانيءَ مان ڪجھه وقت لاءِ ٻنهي کي ڏٺو، ۽ پر پوءِ ٿوري دير خاموش ويهڻ کان پوءِ اٿندي آيان کي چيو:
“If I would be young like you, I would be living with her
forever and never let her go to somewhere”.
ڪمپيوٽر مان واندا ٿي هُو ڏاڪڻين تي ويهي ڳالهيون به ڪندا رهيا. کين هڪٻئي مان ڍوءَ ئي نه پئي ٿيو ته آيان کيس پنهنجي ڪمري ۾ رات رهڻ لاءِ چيو پر عائده لنوائيندي رهي. هُو هڪٻئي کان ڌار نه پئي ٿي سگهيا. ۽ آيان جي مسلسل اسرار تي عائده هن جي ڪمري ۾ رهڻ لاءِ تيار ٿي. عائده پنهنجي ڪمري ۾ ڪپڙا مٽائڻ هلي وئي. آيان ڪمري تي اچي ميڻ بتيون ٻاريون، ڪمري جي ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل ليمپ آن ڪئي ۽ شوپنهار جي ميوزڪ ٽيپ ۾ هنئين. هو اڪيلو رهندو هو ۽ انتظاميه کي چيو هيائين ته ڪنهن کي به سندس ڪمرو الاٽ نه ڪيو وڃي، جو هو ڪنهن سان به گڏ رهي نه سگھندو آهي. عائده پولينڊ جي ڇوڪري جوانا سان گڏ رهندي هئي.
عائده کي باڪسر(لوز نيڪر) ۽ ڳاڙهي شرٽ پيل هئي ۽ هوءَ آيان جي ڪمري جي در کي آهستگيءَ سان کولي روشنيءَ جيان ڪمري ۾ داخل ٿي. آيان کيس خوش آمديد ڪندي هن جي چپن تي ڪس ڪئي ته عائده جي آلن وارن ۽ هن جي وات مان پيسٽ جي ايندڙ خوشبوءِ آيان جو آڌرڀاءُ ڪيو. پوءِ هو ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي گلن واري باغ ۾ محسوس ڪري رهيا هيا ته ڪڏهن چانڊوڪي رات ۾ نديءَ جي لهرن تي هيٺ مٿي ٿي رهيا هيا ته ڪڏهن وري پاڻ کي سورج مکي جي ٻنيءَ ۾ بيٺل محسوس ڪري رهيا هيا. هنن هڪٻئي کي ايترو چميو هو جو رات به ٿڪجي پئي هئي.
ان رات هنن ٻنهي شايد ئي ڪو پهر ننڊ ڪئي هجي، بس هنن جا جسم ڪپڙن کان آزاد هيا ۽ چميون هيون پر عائده سنجوڳ کان انڪار ڪندي رهي. آيان به هُن جي خيال جو احترام ڪيو ڇو جو عائده ڪنواري رهڻ پئي چاهيو.
ان کان پوءِ هنن ٻنهي جو ڏينهن ته اڳ جيان گذرندو هو پر رات ٻنهي جي گڏ گذرندي هئي. عائده ڪنهن ڳوٺاڻي وينگس جيان رات جو دير سان آيان جي ڪمري ۾ ايندي هئي ۽ صبح ڀنڀرڪي ويل پنهنجي ڪمري ۾ واپس ويندي هئي. خبر ناهي عائده ڇو ان ڳالهه کي مخفي رکڻ پئي چاهيو.
******
هڪ پيلي شام جو جڏهن سج جا پاڇا ڊگھا ٿي ويا هيا، هوٻئي اٺ ڪنڊي ڪمري جنهن جي ڀتين جي جڳهه تي چوڌاري شيشي جا پينل لڳل هيا، ۽ پهاڙيءَ جي بلڪل ڪناري تي ٺهيل هو، ۾ ٽيبل ٽينس کيڏي رهيا هيا. آيان، عائده کي ٻُڙيءَ تي راند هارائي ۽ هو ٻئي جڏهن پاسو تبديل ڪري رهيا هيا ته ٽيبل جي وچ وٽ عائده، آيان کي ڪس ڪندي چيو:
”ڏاڍي جارحانه راند آهي تنهنجي“.
هُن مرڪي وراڻيو: ”ها، رڳو راند ۾ ئي ته سخت آهيان“.
”بلڪل صحي، نه ته گھڻو ڪري پنهنجن هٿن جيان سافٽ آهين“.
عائده آيان جي چيلهه ۾ هٿ وڌو ۽ ٽيبل تي بيٽ رکي دريءَ وٽ اچي سج لهڻ جو منظر ڏسڻ لڳا. عائده کيس چيو:
”آءُ صحيح ٿي چوان ته تون ڏاڍو نرم آهين، ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته آءُ تنهن جي نرم دليءَ جو ناجائز فائدو وٺي رهي آهيان“.
پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو:
“ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته آءُ توسان زيادتي پئي ڪيان پر منهنجي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو سيڪس آهي، منهنجو مطلب آهي ڪنهن سان سيڪس انجواءِ ڪرڻ. آءُ في الحال ڪنهن سان به نه ٿي ڪري سگھان، توسان به نه. ۽ آءُ اهو سمجھان ٿي ته اها توسان زيادتي آهي. تون هڪ مڪمل مرد آهين، تنهن جون به خواهشون هونديون، انڪري جيڪڏهن چاهين ته مون سان ناتو ٽوڙي ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان دوستي رکي سگھين ٿو“. عائده جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تنهنجي بدن جي لاهين چاڙهين کي ڏسندي، خوبصورتيءَ کي پسندي ۽ تنهنجي پگھر کي پيئندي، پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پر تنهنجي خواهش کي ڏسندي ان کي مانُ ڏيڻ مون لاءِ وڏو مسئلو نه آهي“.
”شايد ايئن هجي پر منهنجي البينين دوست جي لاءِ اهو وڏو مسئلو هيو، انهيءَ ڪري ته ڇڏي ويو“.
”مان ايشين آهيان، اسان وٽ جذبن جو احترام آهي. هونئن به اسان گھڻو ڪري پلوٽنڪ (Platonic) پيار ڪندا آهيون“.
”تون عجيب ماڻهو آهين، تنهن جي مون کي خبر نه ٿي پئي“.
”ڇا مطلب؟“.
”تنهنجو مون سان سڀاءُ، مون سان پيار، منهنجو خيال رکڻ، ۽ ٻين شين جي باري ۾ رويو بلڪل نرالو آهي. سچ ٻڌايانءِ ته مونکي اڃان تائين اهڙو پيار ڪرڻ وارو نه مليو آهي“.
” ۽ تنهنجا اهي سڀ رومينين ۽ البينين چاهڻ وارا؟“.
”اهي سڀ ايئن ئي آهن. ٻاراڻي سوچن وارا“.
”شايد انڪري ته مان وڌيڪ ميچوئر ۽ توکان پندرهن سال وڏو آهيان“.
”نه نه منهنجو مطلب هرگز اهو نه هو. اصل ۾ هُو جڏهن ڳالهائيندا آهن ته مونکي خبر هوندي آهي ته سندن اڳلو جملو ڇا هوندو؟ پر تنهن جي خبرئي نه ٿي پئي“.
”مان ته بلڪل کليل ڪتاب آهيان“.
” ها، پر تنهن جي رويي، تنهنجي اٿڻ ويهڻ ۾ هڪ پراسراريت آهي“.
ان ڳالهه تي آيان کلندي کيس چيو:
”هاڻي مونکي ڊريڪولا نه بڻائجان يا وري ڪو بد روح“.
”الائي ڇو، اصل ۾ آءُ توکان خائف رهندي آهيان“.
”اهڙو ڀوائتو ته ناهيان“. آيان کلندي کيس چيو:
”نه مان شڪل جي ڳالهه نه ٿي ڪيان“.
”خبر نه ٿي پئي ته ڪيئن توکي سمجھايان يا ٻڌايان“.
ٿوري جھٽ رکي وري عائده پاڻ ئي چيو:
”منهنجو مطلب اهو آهي ته تنهن جي چهري مان اهو اندازو لڳائي نه سگھندي آهيان ته تنهنجو ايندڙ جملو يا ورتاءُ ڪهڙو هوندو؟ الائي ڇو مون کي لڳندو آهي ته تون ڪڏهن ماٺيڻي ندي ته ڪڏهن وري گجگوڙ ڪندڙ سمنڊ آهين“.
عائده وري آيان کي پيار ڪندي چيو :
”شايد ان ڪري ئي تو سان گھڻو پيار ڪرڻ لڳي آهيان“.
”سچي ڳالهه اها آهي ته مون به اهو نه سوچيو هو ته ايتري ٿوري عرصي ۾ ڪا دوستي يا پيار ٿي سگھي ٿو. پر ڪنهن ڇوڪريءَ جي ڪمپني ضرور چاهيان پيو، ڇو جو هن خوبصورت جنت ۾ حوا کان بغير آدم لاءِ رهڻ ڏکيو آهي“.
”ڇا خيال آهي ڊائنا جي باري ۾؟“. عائده شرارت مان چيو:
”ها منهنجو خيال ته هن ڏي ئي هو پر تون وچ ۾ اچي وئينءَ“
”حڪم ڪر ته نڪري وڃان“. عائده اڃان مذاق واري موڊ ۾ هئي.
”هاڻي ڪهڙو فائدو؟“. آيان مرڪندي چيو.
عائده مرڪي، ڳراٽڙي پائي پنهنجا رسبريءَ جهڙا چپ هن جي چپن تي رکي ڇڏيا.