10
I will remember this view, this time and you forever” “
موٽ ۾ آيان کيس پيار ڪيو ۽ هُن ڏانهن بوتل وڌائي. عائده ڍڪ ڀريو ته آيان هُن کي اتان اٿاري، روڊ ڪراس ڪرائي، ميوزيم جون ڏاڪڻيون چاڙهي مٿي وٺي آيو. هُن سندس اکين تي هٿ رکيا ۽ ميوزيم جي مٿاهين هنڌ تي وٺي اچي هن جون اکيون کوليون ته عائده پنهنجي آڏو ڦهليل روشنين ۽ منظر کي ڏسي حيران ٿي وئي ۽ خوشيءَ مان هُن کي ڀاڪر پاتو. هو ٻئي ڄڻا اتي ڏاڪڻين تي ويهي رهيا. سندن ساڄي هٿ تي فري يورپ ريڊيو جي بلڊنگ هئي. ان ريڊيو سرمائيدار ملڪن جي مدد سان جرمني ۽ آسٽريا مان ڪميونسٽن خلاف وڏي پروپيگنڊا ڪئي ۽ ماڻهن کي ڀڙڪايو. ڪميونسٽ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ هنن پراگ جي ان بلڊنگ ۾ پنهنجي اسٽيشن ٺاهي. سامهون هڪ عمارت جي بلڊنگ جي بالڪونيءَ ڏانهن اشارو ڪندي کيس ٻڌايو ته جڏهن مخملي انقلاب آيو هو ته ان ئي بالڪونيءَ مان بيهي سياستدان تقريرون ڪندا هئا ۽ ماڻهو هيٺ ٻيهي سندن تقريرون ٻڌندا هئا. عائده، آيان جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهي هئي، عائده چيو:
”مون هڪ پراڻي تصوير ڏٺي هئي، جنهن ۾ لڳي ٿو ته هي ساڳيو رستو ئي هو، جتان روسي ٽينڪن جي آڏو ماڻهو ماڻهو بيهي رهيا هئا“.
”جي بالڪل ساڳي ئي رستو هو. پراگ اسپرنگ دوران، وارسا پيڪٽ واريون فوجون جڏهن هتي داخل ٿيون هيون ته ماڻهن احتجاج ڪيو هو ۽ هن ئي هنڌ تي اچي ٽينڪن جي آڏو بيهي رهيا هئا. مزي جي ڳالهه ٻڌايانءِ ته جڏهن روسي فوجون داخل ٿيو ن هيون ته هتان جي ماڻهن رستن تي لڳل مائيل اسٽونس تان سڀڪجھه مٽائي ڇڏيو هو ۽ اتان واپسي واري رستي ڏانهن تير هڻي لکيو هو ”ماسڪو“، مطلب ته ماسڪو واپس وڃو، اڳتي توهان لاءِ ڪو رستو ناهي“.
آيان ٿوري دير رکي وري عائده کي چيو:
”پر تون ته اهي سڀ ڳالهيون ڄاڻيندي هوندينءَ، ڇو جو توهان جو ملڪ به ذري گھٽ اهڙين حالتن مان گذريو آهي“.
“ها پر اسان ته سويت يونين جا وڌيڪ ڳيجھو هياسين، اسان جا حڪمران گھڻو ڪري اتان ملندڙ حڪمن جي پابندي ڪندا هئا. پر ڇڏ انهن ڳالهين کي هن وقت، هن ماحول ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪبيون آهن ڇا؟“.
هن آيان کي ڳراٽڙي پاتي.
هو رات جو گھڻي دير تائين اتي رهيا. واپسيءَ ۾ اليڪٽرڪ ٽرام ۾ چڙهيا، ته عائده کيس سيٽ تي ويهاري هن جي ڪڇ ۾ ويهي رهي ۽ ٻنهي ڄڻن چپن ئي چپن ۾، گھڻيون ڳالهيون ڪيون.
******
ان رات عائده گھڻي اداس هئي، هن آيان کي ڀيڪوڙي ڇڏيو هو. سنگل بيڊ وڌيڪ سوڙهو ٿي ويو هو.
آيان کي الائي ڪهڙي وقت ننڊ اچي وئي. کيس جڏهن ڪجھه وقت کان پوءِ سجاڳي ٿي ته هن ڏٺو ته عائده سندس ڀر ۾ ڪو نه هئي. هُن ڏٺو ته عائده بالڪونيءَ ۾ بيهي سگريٽ ڇڪي رهي هئي ۽ روئي رهي هئي. هو اٿي وڃي عائده وٽ بيٺو. عائده آيان کي ڳراٽڙي پائيندي چيو:
”مون کي پاڻ کان ڌار نه ڪر. مان مري وينديس“.
”چري آهين ڇا؟ اهو ڇا ٿي ڪرين؟“.
“ اهو سوچي ئي منهنجي دل ٻڏي ٿي وڃي ته تون مون کي ڌار ٿو ڪرين“.
”ڌار مان ته نه ٿو ڪيان، پر اسان کي ٿيڻو آهي“.
”مان فلائيٽ ٽائيم ڪيئن گذارينديس، رستي ۾ ئي نه مري وڃان“.
”ڏس نه اهو ته صاف ظاهر آهي ته اسان کي ڌار ٿيڻو آهي، پوءِ چاهي اڄ ٿيون يا سڀاڻي، ٻيو، وري ملي سگھون ٿا، اڄڪلهه ته ڪميونيڪيشن ايڏي تيز آهي ۽ رابطا به رکي سگھون ٿا“.
”جيئڻ جي سگھه ڏئي، وري آڪسيجن ماسڪ هٽائي ٿو ڇڏين ..... “.
”نه مون توکي ٻڌايو هو ته تون منهنجي لاءِ هر وقت اهڙي ئي رهندينءَ، اسان جي لاءِ جسماني ملڻ کان وڌيڪ، ذهني ملڻ اهم آهي. پيار هوندو آهي ته پوءِ فاصلا اهميت ناهين رکندا “.
”پر، منهنجي زندگي ۽ روزمرهه جي معاملن مان تون ٻاهر هجين، مان اهو سوچي ئي نه ٿي سگھان“.
”ٺيڪ آهي، هاڻي هلي سمهه، وري سڀاڻي ڳالهائينداسين“. عائده هن جي سيني تي چهرو رکي چيو:
”ڀلا هڪڙو ڪم ته ڪر نه ..... “.
”ڪهڙو؟“.
”مان توسان ڪجھه ڏينهن وڌيڪ گھارڻ چاهيان ٿي“.
”پوءِ ڪيئن ڪيون؟“.
”مان، پنهنجي فلائيٽ پوئتي ٿي ڪرايان، توسان گڏ ڪجھه ڏينهن وڌيڪ گهارينديس“.
”پر، مونکي ته پرينهنءَ سلوواڪيا وڃڻو آهي!“.
”پوءِ مان به هلنديس،. ڪو اعتراض؟“.
”نه اعتراض ته ڪونهي“.
”مون کي الائي ڇو خوف آهي ته تون هتان وڃڻ کان پوءِ منهنجي حصار مان نڪري ويندين، ان لاءِ جيترو ٿي سگھي ته گڏ گھاري وٺون“.
”مون چيو نه ته ٺيڪ آهي“.
عائده مرڪي آيان کي ڪس ڪئي. ان وقت پرهه ڦٽي رهي هئي ۽ هن جو چهرو به ان جو حصو لڳي رهيو هو.
******
صبح جو هو سڀ کان پهرين ٽرڪش ايئر لائن جي آفيس آيا، جتي عائده پنهنجي فلائيٽ تبديل ڪرائي. ان کان پوءِ هُو اولڊ ٽائون اسڪوائر ويا، جتي هنن يان هُس جي مجسمي جي ڀرسان فهد سان ملڻ جو ٽائيم رکيو هو. ان چونڪ تي آيان کي هميشه مزو ايندو هو. اتي جون عمارتون مختلف آرڪيٽيڪچر جا شاهڪار نمونا هونديون هيون، هو پنڌ ئي پنڌ ان هنڌ تي پهتا، فهد جي اچڻ ۾ اڃان پندرهن منٽن جو وقت هو. ان اسڪوائر جي وچ تي ٺهيل هڪ وڏي بت جي ڪاري رنگ کي ڏسي، عائده، آيان کان ان جي باري ۾ پڇيو ته آيان کيس ٻڌايو:
”هي يان هُس آهي. پادري هو، پر هن ان وقت جي چرچ جي معاملن ۾ سڌارا پئي ڪرڻ چاهيا، جنهن تي هميشه جيان، مذهبي ڪٽر ماڻهو ۽ حڪومت سندس مخالف ٿي بيٺا، ۽ هن کي زندهه جلايو ويو، انڪري هن مجسمي جو رنگ به هنن دونهاٽيل رکيو آهي“ .
هو ٻئي، ڪيفي ملينا ۾ آيا، جيڪو ڪافڪا جي محبوبا جي نالي سان ٺهيل آهي، ان ڪيفي ۾ گھڻو ڪري آرٽسٽ يا آرٽ پسند ماڻهو ايندا آهن تنهن ڪري آيان کي اتي ويهڻ ۾ مزو ايندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مختلف آرٽ ڌارائن يا لکڻين تي بحث ڇڙي پوندو هو ته آيان به ان ۾ بهرو وٺندو هو. انڪري فهد ۽ هو ان ڪيفي جو چڪر ضرور لڳائيندا هئا. جيئن نپولين واري پب او فلائيڪا يا وري شويڪ وارو پب .
آيان، عائده کي چيو: ”تون هي ڪيفي به ڏٺي ۽ سامهون وارو گھر به ڏٺو ۽ ان ٻاهران ڪافڪا جو لڳل بسٽ به ڏٺو، باقي توکي هن جو ٻيو گھر جيڪو زلاتي اوليتسا يعني سونهري گھٽيءَ ۾ آهي، اهو ڏيکارڻ هلندس ۽ ظاهر آهي پاڻ به ڏسندس. ٻيو، ڪافڪا جي قبر به هتان گھڻي پري ناهي، جيوش ڪوارٽرس ۾ آهي. انکان علاوهه هڪ ٿئيٽر به آهي، جتي رڳو ڪافڪا جا ڊراما اسٽيج ٿيندا آهن. اهو به ضرور ڏسبو يا هيئن ڪنداسين ته هڪ ڏينهن پورو ڪافڪا جي نالي ڪري ڇڏينداسين“.
”ها، ضرور، مان هن جي فين آهيان، پر يار ڪڏهن ڪڏهن ايڏو ٿو ذهن تي سوار ٿئي جو لهي ئي نه ٿو جيئن هن جو هڪ ڪردار ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهي ويهي ٿو ته لهي ئي نه ٿو. انڪري جڏهن ڊپريسڊ هوندي آهيان ته ڪافڪا کي نه پڙهندي آهيان، وڌيڪ مونجھارن ۾ پئجي ويندي آهيان“.
”ٻيا ڪهڙا پسند جا ليکڪ اٿي؟“.
”مون کي البانيا جا ليکڪ پسند آهن، جن ۾ اسماعيل ڪادري، فتوس ڪنگولي، يا دريتوري انگولي آهن“. عائده چيو ۽ ڳالهه کي اڳتي وڌايو:
”آءُ پڙهندي گھٽ آهيان پر ميوزڪ وڌيڪ ٻڌندي آهيان، اوپيرا ڏسندي آهيان، ٿيئٽر ڏسندي آهيان، تنهنڪري گھڻو ڪري سڀني سٺن ليکڪن جا ڊراما ڏسي چڪي آهيان.. اوپيرا ۾ مونکي ”عائده“ پسند آهي“.
آيان کانئس حيرانيءَ مان پڇيو :
”عائده، اوپيرا آهي. مون ته سمجھيو ته رڳو نالو آهي ۽ نالو به ڪو عربي پيو لڳي. جيئن ان سان ملندڙ جلندڙ عابده نالو آهي. چڱو ان نالي جي هجي لکي ڏيکار“.
عائده، پنهن جي پرس مان پين ڪڍي، ڪافي ميٽ تي لکيو: “AIDA”.
اهو ڏسڻ سان آيان هڪدم رڙ ڪئي:
”ها. ها اهو ته گائوديءَ جو ڊاريڪٽ ٿيل آهي نه. پر مون ڏٺو ناهي“.
”ها ان جو ٿيل آهي کيس پهريون ڀيرو اهو مصر جي نئين تعمير ٿيل ٿيئٽر ۾ پيش ڪرڻو هو. پر فرينچ ۽ پرشين جنگ جي دوارن، فرانس جي محصور ٿيڻ ڪري ان زماني ۾ اهو پيش نه ٿي سگھيو، پوءِ اهو پهريون ڀيرو 1871 ۾ پيش ٿيو“.
”ها ان باري ۾ ٿوري گھڻي ڄاڻ آهي“.
”ڀلا، ڪهاڻيءَ جي خبر اٿئي؟ يا اها خبر اٿئي ته عائده ڪير آهي؟“.
آيان نَهڪر ڪئي ته عائده ٻڌايو:
”اصل ۾ اها ڪهاڻي مصر جي آهي. جنهن جو هڪ مشهور سپهه سالار هوندو هو،رداميس. اهو وري هڪ جنگي قيد ٿيل ايٿوپيا جي حسين شهزادي عائده کي پسند ڪندو هو ۽ هوءَ ته کيس تمام گھڻو چاهيندي هئي، پر عائده پنهنجي اصليت ڪنهن تي به ظاهر ڪرڻ نه ڏني هئي ته هوءَ ڪا شهزادي آهي، نه ئي وري سپهه سالار کي خبر هئي.
مصر جي بادشاهه جي ڌيءُ، ايمينرس به ان سپهه سالار کي چاهيندي هئي. بادشاهه رداميس کي ايٿوپيا جي جنگ تي به موڪليو ته جڏهن هو فاتح ٿي واپس ٿيندو ته هن جي شادي شهزاديءَ سان ڪرائي ويندي.
شهزاديءَ کي اها پروڙ هئي ته عائده ۽ سپهه سالار هڪ ٻئي کي چاهن ٿا. پر هن کي ان ڳالهه جي پڪ نه هئي، سو هڪ ڏينهن هن عائده کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کيس ڪُوڙ ٻڌايو ته رداميس جنگ ۾ مري ويو آهي. جنهن تي عائده ڏاڍو رني ۽ هن سپهه سالار سان پنهنجي عشق جي باري ۾ سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو. جنهن تي شهزادي ايمينرس سڙي وئي.
هوڏانهن جنگ ۾ ايٿوپيا کي شڪست آئي ۽ ڪافي جنگي قيدي بڻايا ويا. جنهن ۾ عائده جو پيءُ يعني بادشاهه به هو پر هو به هڪ عام سپاهيءَ وانگر وڙهي رهيو هو. انڪري هن جي به ڪنهن کي خبر نه هئي ته هو بادشاهه آهي. جڏهن اها خبر عائده کي پئي ته هن پنهنجي پيءُ کي بچائڻ پئي چاهيو.
فتح جي جشن وقت، بادشاهه ريمفس، سپهه سالار کي چيو ته اڄ هو جيڪو به گھرندو، اهو کيس ڏنو ويندو. ان تي هن، بادشاهه کي عرض ڪيو ته ايٿوپيا جي جنگي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي، بادشاهه سندس اها ڳالهه ٻڌي.
سپهه سالار، ۽ شهزادي ايمينرس جي شاديءَ جي تياري ٿي وئي، پر جنهن ٽيمپل ۾ شادي ٿيڻي هئي، عائده انجي ٻاهران بيهي رهي ته جيئن رداميس سان ڳالهائي سگھي. ان وچ ۾ عائده ۽ ان جي پيءُ ڀڄڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. جيئن ئي سپهه سالار اتي پهتو ته هن عائده سان واعدو ڪيو ته، هو. ساڻس شادي ڪندو. عائده کيس چيو ته هو ساڻس بيابان ڏانهن ڀڄي هلي. ان تي رداميس کي چيو ته ها هو ساڻس ڀڄي هلندو ۽ ڪو محفوظ رستو ڳولهي ڪڍندو ڇو جو هن کي خبر آهي ته سندس فوجون ڪٿي آهن ۽ ڪهڙي هنڌ تي حملو ڪرڻ واريون آهن. اهو ٻڌي، عائده جو پيءُ ، جيڪو لڪيو ويٺو هو، اهو به نڪري آيو، ان تي رداميس کي ڪاوڙ آئي ڇو جو عائده جي پيءُ کيس ٻڌايو ته هو بادشاهه آهي. سپهه سالار کي ڪاوڙ انڪري آئي جو هو پنهنجي دشمن جي آڏو، پنهنجي فوج جي پوزيشن ٻڌائي چڪو هو. ايتري ۾ بادشاهه ريمفس ۽ سندس ڌيءُ ايمينرس اتي پهچي ويا، بادشاهه، رداميس کي دشمنن سان ائين ڳالهائيندي ڏسي، ڪاوڙ ۾ هن جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو. عائده کيس چيو ته هو ساڻن گڏ ڀڄي هلي، پر رداميس انڪار ڪيو. هن کي گرفتار ڪيو ويو. هن کان ڪافي سوال پڇيا ويا پر هو خاموش رهيو. هن تي جيڪي الزام مڙهيا ويا، هن ان جو ڪو به بچاءُ نه ڪيو. حالانڪ ڪيس هلندي کوڙ ڀيرا شهزادي ايمينرس کيس چئي چڪي هئي ته هو سڀني الزامن کان انڪار ڪري، پر هن اها ڳالهه نه مڃي. سپهه سالار کي جڏهن پڪ ٿي ته هن وقت تائين عائده پنهن جي ملڪ پهچي چڪي هوندي. هن خواهش ظاهر ڪئي ته کيس سزا ڏني وڃي هو سڀني الزامن کي مڃي ٿو. ۽ پوءِ هن کي سزا ڏني وئي.
کيس تهخاني ۾ نيو ويو. هن هڪ ڊگھو ساهه کنيو ته گھٽ ۾ گھٽ عائده ته پنهنجي ملڪ پهچي وئي، ان وقت هن ان بنديخاني ۾ ڪنهن جي ساهه کڻڻ ۽ هلڻ جو آواز ٻڌو. عائده هن جي سامهون آئي، هن پنهنجو پاڻ کي ان هنڌ لڪائي ڇڏيو هو ته جيئن رداميس سان گڏ مري سگھي. محل ۾ ايمينرس رڙيون ڪري روئي رهي هئي. بنديخاني ۾ رداميس جي ٻانهن ۾ عائده ۽ هو ابدي آرام ۾ هئا“.
”ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي“.
”ها، مون به جڏهن ڏٺو هو ته روئي پئي هيس“.
”واقعي ٽريجڪ آهي“.
”پر توکي اها خبر هجڻ کپي ته، تون منهنجو رداميس آهين ۽ مان تنهنجي عائده آهيان“.
آيان هڪ عجيب احساس سان، عائده کي ڏٺو.
آيان ڳالهه کي لنوائيندي چيو:
”اهو اوپيرا شايد يونان جي کنڊرن ۾ به ٿيندو آهي. ان جا فوٽو ڏسي، ڪردارن جي پوشاڪون ڏسي ، منهنجي خواهش آهي ته هڪ ڀيرو اهو ضرور ڏسان ۽ اهو به يونان ۾“.
”ها، اتي به ٿيندو آهي، ان کان علاوهه اسرائيل ۾ هڪ پراڻي ٽيمپل وٽ ڪندا آهن. اوپيرا هونئن ئي سٺو آهي پر اتي ته وڌيڪ مزو ڏيندو“.
آيان چيو:
”اسٽيج ۽ اصل لوڪيشن ۾ فرق آهي. مون به هڪڙو اهڙو اوپيرا سلوواڪيا جي پراڻي قلعي ديوين ۾ ڏٺو هو. جنهن ۾ ڪردارن کي پراڻيون ڊريسون پهريل هيون، ڪهاڻي به آڳاٽي هئي ۽ جڏهن ڪو ڪردار ان قلعي جي ڪنهن دريءَ مان پنهنجي ڪردار مطابق ڳائي رهيو هو ته ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. لڳو پئي ته ڪهاڻي نه پر اصل واقعو آهي“.
ٿوري دير ۾ فهد به پهچي ويو. فهد چيو:
”اڄ پاڻ، پراگ کان 35 ڪلوميٽر پري هڪ ڍنڍ، جيڪا اصل ۾ هڪ ڊيم به آهي، اُتي هلنداسين. اوڏانهن فيري رستي به وڃي سگھجي ٿو ولتاوا ۾ ، پر اهي رڳو ويڪ اينڊ تي هلنديون آهن. انڪري ، منهنجي گاڏيءَ ۾ ٿا هلون“.
فهد وٽ، ون ڊور، فيئٽا هئي. هُنَ پنهنجي گاڏي گندرف ٽاور کان پري بيهاري هئي، ڇو جو پراڻي شهر جو اهو علائقو، پيڊسٽرن زون هو. هو گھمندا ڦرندا گاڏيءَ تائين پهتا.
فهد چيو: ”يار! کائڻ لاءِ ڪجھه وٺي هلون“.
آيان کيس چيو:
”اڙي چيڪ ڇو ٿو ٿين؟، هو به هلندا ته گھر مان کائڻ لاءِ. شيون کڻي هلندا اتي هلون ٿا ضرور ڪجهه نه ڪجھه ملي ويندو، نه ته ڪهڙو پري آهي، واپسيءَ ۾ اچي کائينداسين“.
”ادا! وڙهين ڇو ٿو؟!“. فهد سنڌي ۾ چيو ته آيان کان کل نڪري وئي،
عائده پڇيو ته ڇا تي ٿا لِکو. ته فهد کيس انگريزي ۾ ٻڌايو ته هوءَ به مرڪي پئي.
گاڏيءَ ۾ ويهڻ کان اڳ، عائده چيو ته هوءَ اڳين سيٽ تي ويهندي جو کيس بس يا ڪار جي سفر ۾ الٽي ايندي آهي.
آيان چيس :
”پويان ويهه ته بهتر“.
جنهن تي فهد کيس چيو :
”يار! ڳالهه سمجھندو ڪر. منهنجي ڪار ون ڊور آهي. پويان دري به ڪونهي. کيس اڳيان ويهڻ ڏي ته جيئن هو آرام سان ويهي سگھي ۽ طبعيت خراب ٿيس ته دري کولي سگھي“.
”برو بر، بس ادا ڳالهه لڳي ته ڏکي ٿي، پر هتان جو ڊرائيونگ لائسنس ڪونهي، مڙئي پارت ٿي“.
فهد پنهنجي نان اسٽاپ ٽهڪن کي روڪي نه سگھيو.
گاڏيءَ ۾ جيئن ئي عائده سيٽ بيلٽ پائڻ لڳي ته آيان کيس پويان سيٽ سميت پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري چيو:
”هاڻي سيٽ بيلٽ جي ضرورت ناهي منهنجون ٻانهون تنهنجون محافظ آهن“.
فهد به کليو. عائده به چيو: ”صحيح آهي“.
فهد رڙ ڪري چيو:
”يار! ايئن نه ، چالان ته نه ڪراءِ“.
هو جيئن ئي هموار روڊ ڪراس ڪري، مٿي ننڍڙي پهاڙيءَ تي چڙهڻ لڳا ته کين ٻن ٽن هنڌن تي گاڏي بيهارڻي پئي، ڇو جو عائده جي طبيعت خراب پئي ٿي. نيٺ هو مٿي پهتا ته هنن کي ڏاڍو مزو آيو.
هيٺ نديءَ ۾ سڙهه واريون ٻيڙيون، آگبوٽ ۽ ننڍيون اسپيڊ بوٽس نظر آيون. اهو منظر ڪنهن سٺي آرٽسٽ جو لينڊ اسڪيپ لڳي رهيو هو.
آيان، فهد کي چيو ته:
”عائده جي وڃڻ کان پوءِ اداس ٿي ويندس ته مون کي هتي ڇڏي وڃجان، ٻه ٽي ڏينهن رهي پوندس، غم غلط ڪندس“.
عائده کلندي چيو:
”اچجان اڪيلو، پر تون اهڙي خوبصورت جڳهه تي اڪيلو رهي ئي نه سگھندين. پر خير آ..... وڏي دل واري آهيان. توکي اجازت آهي“.
اتي ڪجھه دير ويهڻ کان پوِ هو هڪ ريسٽورنٽ تي آيا. ريسٽورنٽ جي آڏو وڏو ميدان هو، پوءِ ڍنڍ. ريسٽورنٽ پڪو نه پر ڪاٺ ۽ وڻن جي ٽارين مان ٺهيل هو، جنهن ڪري وڌيڪ مزو ڏئي رهيو هو. هنن اتي لنچ ڪئي. لنچ سرو ڪرڻ واريون چيڪ ڇوڪريون هيون. اهي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان آيان سان ته ڪڏهن وري فهد سان ڳالهائي رهيون هيون. اهو به پڇي رهي هيون ته رات اتي رهندا يا واپس ويندئو؟!. آيان ڏٺو ته عائده جون اکيون ڪرڙيون ٿي ويون هيون.
ٿوري دير کان پوءِ بهاني سان عائده اچي آيان جي جھوليءَ ۾ ويٺي، جڏهن ويٽريس آيون ته هڪ جو منهن لهي ويو......۽ عائده جي منهن تي مرڪ پکڙجي وئي. آيان جي منهن تي به عائده جي رد عمل جي ڪري مرڪ پکڙجي وئي.
******