ناول

پيار درياھ

اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
Title Cover of book پيار درياھ

13

آيان کي پيشانيءَ تي چمي محسوس ٿي، اها عائده هئي جنهن کيس هن حالت ۾ واپس ورايو ۽ چيائين:
”ٻڌائيندي ٻڌائيندي ڪٿي گم ٿي وئين، پر مون ڏٺو ته تون پنهنجي ڌن ۾ مگن هئين انڪري تو کي ڊسٽرب نه ڪيم“.
آيان خاموش رهيو. ٽرين آهستي آهستي رڪي رهي هئي.
استاري سموڪوويتس جي اسٽيشن اچي وئي هو ٻئي اتي لٿا. عائده کي اسٽيشن جي عمارت وڻي، ڇو جو اها پراڻي ۽ ثقافتي انداز ۾ ٺهيل هئي. ٻاهر نڪتا ته آيان پنڌ ئي پنڌ هلڻ لڳو ته عائده کانئنس پڇيو ته ٽيڪسي تي هلبو؟! جنهن تي آيان چيو:
”ان تي به هلي سگھجي ٿو پر پيادل به پري ناهي. مان ايئن ويندو آهيان“.
”ته پوءِ ٺيڪ آهي“.
هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي سنسان روڊ سان هلندا ويا. عائده کي اهو ننڍو شهر ته نه پر ننڍو ڳوٺ سٺو لڳي رهيو هو. ڪجھه دير کان پوءِ هو روڊ ڇڏي ٻيلي ۾ هلڻ لڳا. آيان کيس ٻڌايو ته هتي اڪنامڪس يونيورسٽي جو ريسٽ هائوس آهي. جيڪو هن جي سپروائزر هنن لاءِ بوڪ ڪرائي ڇڏيو آهي. ان طر ف هلون ٿا. عائده مرڪي کيس ڏٺو. هو هڪ هنڌ پهتا. اهو ئي سندن مسڪن هو. هڪ ٻن منزلن وارو گھر هو. هو پنهنجي ڪمري تي ويا. سامان رکيائون ڪچن جو جائرو ورتائون گيس، فرج ، ٿانو موجود هئا. ڪجھ دير آرام ڪرڻ کان پوءِ گھمڻ نڪتا. اوندهه ٿي چڪي هئي. رستي جون فوگ لائٽس ٻري رهيون هيون. هو انهن پيچرن تان هلندا مين روڊ تي آيا. آيان کيس ان طر ف وٺي ويو، جتي ريسٽورنٽ هئا.
پر ان کان اڳ ۾ آيان عائده کي چيو ته ناشتي لاءِ ڪجھه وٺڻو هجي ته وٺي ڇڏ، جو پوءِ دڪان بند ٿي ويندا. عائده خريداري ڪئي بل آيان ڏنو.
پوءِ هڪ ريسٽورنٽ تي آيا، جتي بيئر پيڻ به لڳا ۽ اتي ئي هنن بيف اسٽيڪ جو آرڊر ڏنو. جيڪو کائڻ کان پوءِ هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي انگريزي فلمن جي گھوڙن جيان وات مان ٻاڦ اوڳاڇيندا پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌيا.
عائده چيو:
”مون کي هي سڀ هڪ خواب ٿو لڳي، ايتري رومينٽڪ جڳهه هي وڻڻ مان برسات کان پوءِ ڪرندڙ قطرا، پائينس جي خوشبوءِ، تنهنجي خوشبو، اڪيلا رستا، پيليون روشنيون،۽ تنهنجو ساٿ“.
”انڪري ئي توکي هن طرف وٺي آيس. مان هي جڳهه پسند ڪندو آهيان“.
” پر مان ان کي پيار ڪرڻ شروع ڪيو آهي“.
سردي وڌي رهي هئي. هو اندر گھر آيا، ٽي ويءَ واري ڪمري ۾ هڪ فيملي ويٺي هئي، زال مڙس ۽ سندن هڪ ٻار هو. هنن انهن کي شام جو سلام ڪيو. هنن به کين وراڻي ڏني. هي ٻئي مٿي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌيا.
سندن بيڊ سان گڏ، ئي شيشي جي وڏي دري هئي. جنهن تي سنها اڇا ريشمي پردا، ۽ انهن جي اڳيان وري ناسي ٿلهي ڪپڙي مان ٺهيل پردا لڳل هئا. عائده ڳرا پردا هٽائي ڇڏيا، دريءَ مان ٻاهر ٻيلي جو منظر پئي نظر آيو. آيان ڪمري جي لائيٽ به بند ڪري ڇڏي ته جيئن ٽيوب لائيٽ جي دريءَ جي شيشي تي رفليڪشن نه پئي.
رڳو هڪ خوشبوءِ واري ميڻ بتي جيڪا هن دڪان تان خريد ڪئي هئي، اها ٻاري.
هو ڀاڪر ۾ ويٺا، پنهنجي مٿان ڪمبل وجھي ڇڏيائون. ٻاهر هلڪي روشني هئي. عائده البينين ٻوليءَ ۾ هڪ نغمو ڳائڻ شروع ڪيو. آيان خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو، جڏهن عائده اهو ڳائي پورو ڪيو ته پاڻ ئي ان جو ترجمو ٻڌائڻ لڳي:
In this world, love lives no more
Time has no time for us anymore, no
Noo, oh
Noo... oh...
Time has no time for us anymore
(هن دنيا ۾ پيار گهڻو
وقت نه ٿو رهي،
وقت کي اسان لاءِ وڌيڪَ
وقت ناهي ...... ناهي)
My airplane lands
On your souls's unlit runway.
They elbow their way and rise today,
Those who couldn't live yesterday.
(منهنجو جهاز ،
تنهن جي روح جي اونداهي رن وي تي لٿو
اهي مڙيا ۽ جاڳي پيا
جيڪي ڪالهه زندهه رهي نه سگھيا)
But yesterdays have no importance
they were devoured by stormy seas.
Oh, tomorrows won't bring anything,
Only hope without hope and madness...
(پر ڪالهه کي ڪا اهميت ناهي
اهي ختم ٿي ويا طوفاني سمنڊن ڪري
اوهه، سڀاڻو ڪجھه به نه کڻي ايندو
رڳو اميد، اميد بنا ۽ چريائپ..)
Let me cry... cry... cry...
Cause this is the best I can do now
Cause this is the best I can do now
(مون کي روئڻ ڏي
ڇو جو هن وقت اهو ئي ڪم چڱي نموني ڪري سگھان ٿي)
اهو ٻڌڻ کان پوءِ آيان، عائده کي چيو: ”مون ته سمجھيو ته ڪو رومينٽڪ گانو ڳائيندينءَ، هن مهل جهڙو، هن موسم جهڙو، پر ڳايئي به ته اداسيءَ وارو، ڏک ۽ ڪاوڙ وارو“.
”ان جو مون وٽ ڪو خاص سبب ڪونهي، بس دل ائين چيو ته مان به ڳائي ويٺيس. تون سنجيده نه ٿي“.
هو ٻئي خاموش رهيا.

******

تاترا جي سير ۽ براتيسلاوا ۾ آيان جي گائيڊ پروفيسر سان ملڻ کان پوءِ هُو پراگ واپس آيا. سلوواڪيا مان واپسيءَ جي ٻي ڏينهن تي عائده جي واپسيءَ جي فلائيٽ هئي،
واپس اچڻ کان پوءِ هنن ٻنهي کي هڪ اداسي وڪوڙي وئي. هنن کي پاڻ ۾ ڳالهائڻ کپندو هو، جو هنن وٽ وقت ٿورو هو، پر ائين پئي لڳو ته هو جي ڳالهائيندا ته روئي ويهندا. انڪري ٻئي خاموش ئي رهيا.
پراگ جي پراڻي شهر ۾ هو جڏهن ”اورلي پراها“، جيڪو ستارن جي علم جي حساب سان ٺهيل ٽاور آهي، جنهن ۾ وقت سان گڏ، گرهن جي چر پر به معلوم ڪري سگھجي ٿي، پهتا ته ان وقت ڏينهن جا يارهن وڄڻ وارا هئا، هو به ٻين سياحن جيان ان ٽاور وٽ اچي بيٺا. گھنڊ لڳڻ شروع ٿيو. ٽاور جون دريون کليون، ان مان ڪاٺ مان ٺهيل مختلف مذهبي شخصيتن جا مجسما نظر ايندا ويا ۽ آخر ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني ۽ هڪ هڏائون پڃرو ڪري پيو. ان وقت سڀني سياحن جون ڪيمرائون ڪلڪ ڪلڪ ڪرڻ لڳيون. آيان به پنهنجي ايسٽ جرمن ڪيميرا پريڪتيڪا سان فوٽو ڪڍيا. پر ان وقت به هو خاموش رهيا.باقي هو ٻانهن ۾ ٻانهن وجھي گھمي رهيا هئا. اتان ٿي هو پيدل ئي پيدل چارلس برج تي آيا. هڪڙي مجسمي جي اڳيان عائده بيهي رهي ۽ ان مجسمي جي پاڙ ۾ هيٺ ٽي چار ماڻهو، شيخن واري ڪوٺڙي ۾ بند هئا، ۽ مٿان هڪ ماڻهو پٽڪي سان بيٺل هو ۽ هڪ ڪتو انهن باندين تي باهي رهيو هو. عائده، آيان کان پڇيو ته هي ڪنهن جا بت آهن ڇا کي ٿا ظاهر ڪن؟
آيان کيس ٻڌايو: ”اهي باندي عيسائي آهن جيڪي سلطنت عثمانيا وٽ قيد آهن. اهو پٽڪي وارو ماڻهو ترڪ سپاهي آهي. هي مٿي جيڪي مجسما آهن، اهي يان آف ماٿا، فليڪس آف واليس۽ ايوان جا آهن. سينٽ ايوان، جيڪو سلاو قوم جو سرپرست آهي، ان جو مجسمو هتي سمجھه ۾ نه ٿو اچي، باقي ٻئي ٻيا سينٽ، عيسائيت جا پرچارڪ رهيا آهن ۽ معاف ڪرڻ ۽ آزادي ڏيارڻ وارا به آهن. ڇو جو اهي ترڪن وٽ غلام بڻايل عيسائين کي خريد ڪري آزاد ڪندا هئا. هي جيڪي ماڻهو هيٺ بنديخاني ۾ آهن، اهي به ان ئي آس سان هنن کي پڪاري رهيا آهن ته جيئن کين به آزادي ڏيارين“.
”انهن ترڪي وارن وڏا ّظلم ڪيا آهن، هتان ٻار کڻي ويندا هئا جن کي پاڻ وٽ رهائي انهن کي ٽريننگ ڏئي جنگ ۾ يورپ سان وڙهائيندا هئا ته جيڪڏهن مرن ته ٻنهي پاسن کان اهي ئي مرن. البانيا تي به انهن جي حڪومت رهي آهي، اسان وٽ به هنن جي تاريخ ڪا سٺي نه رهي آهي“.
ان مجسمي تان هٽي هو سينٽ جان آف نيپومڪ جي مجسمي جي ڀرسان آيا. آيان، کيس ان جي باري ۾ ٻڌايو ته عائده، پنهنجو هٿ پل تي ٺهيل نشان تي رکي چپن ئي چپن ۾ دعا گھري ۽ پوءِ پنهنجي سيني تي هٿن جي اشاري سان صليب جو نشان ٺاهيو.
چارلس پل پار ڪري هو مالا استرانا طرف آيا، ان جي ڇيڙي وٽ پراڻي زماني جي هڪ پاڻيءَ تي هلندڙ چڪي به لڳل هئي ۽ ان کان علاوهه هڪ ننڍو واهه ولتاوا نديءَ مان ڪڍيو ويو هو، جيڪو پوءِ وري ڦيرو کائي ڪجھه مفاصلي کان پوءِ ساڳي ولتاوا سان مليو پئي. اهو هنڌ آيان کي ڏاڍو وڻندو هو، جو ان واهه جي ٻنهي طرف گھر ٺهيل هئا، جن پنهنجي دڪين تي گلن جون ڪونڊيون رکيون هيون، جيڪي سهڻيون لڳي رهيون هيون ۽ هن کي اهو پاسو وينس جي ڪنهن گھٽيءَ جهڙو لڳندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ان ۾ ننڍا بتيلا به هلندا هئا، جيڪي ماڻهن جا خانگي هئا. اتي پهچڻ سان هڪدم عائده چيو ته :
”هي ته ڄڻ وينس جي ڪا گھٽي هجي“.
”ها، مونکي به لڳندو آهي. جڏهن ته مان وينس رڳو فوٽن ۾ ڏٺي آهي“.
”آءُ ته اتي وئي آهيان، هڪ ڀيرو ته پنهنجي البينين دوست سان به وئي هيس، پر اتي وڃي لڳو ته مان غلطي ڪئي هئي. ڇو جو ان ٽوئر ۾ ئي اسان جا اختلاف وڌيا هئا، جنهن ڪري ئي پوءِ علحدگي ٿي وئي“.
”اوهه“. آيان افسوس جو اظهار ڪيو ته عائده موٽ ۾ وراڻيو:
”نه افسوس جهڙي ڳالهه ناهي، ان وقت ظاهر آهي ته مان ٽٽي پئي هيس، پر هاڻي پاڻ سنڀالي وئي آهيان. يا ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته سنڀاليندي سنڀاليندي وري وکري وئي آهيان“.
”نه ائين ناهي، اسان ته رڳو هتان وڇڙون ٿا..... پر دلين کان ته نه ٿا جدا ٿيون، اهي مفاصلا اڃان اسانجو قرب وڌائيندا“.
”ان بحث ۾ پوڻ نه ٿي چاهيان. تو وٽ ان لاءِ پنهنجو منطق آهي، مون وٽ پنهنجو.آءَ اڄ وارو ڏينهن خراب ڪرڻ نه ٿي چاهيان، انڪري تو سان ڪو به بحث ڪرڻ نه ٿي چاهيان. انڪري ئي پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪيو هو. جو هڪ ته ڳالهائيندي روئي پوڻ جو خوف ٿو رهي، ۽ ڪا اهڙي ڳالهه ٿي پوڻ جو به جنهن تي اسان پاڻ ۾ ڪاوڙجي پئون يا ٿورو به چڙي پئون“.
آيان ڪجھه ڳالهائڻ پئي چاهيو ته هن جا چپ جڪڙجي ويا ۽ هن جي ساهن ۾ ولتاوا ۽ ليپا جي خوشبو پکڙجي وئي.
هو جڏهن گھٽين مان ٿيندا، هرادچاني(صدارتي محل) پهتا ته ان وقت فوجين جو هڪ جٿو پنهنجي ڊيوٽيءَ تي وڃي رهيو هو. انهن کي ڏسڻ لاءِ سڀ سياح بيهي رهيا ۽ هنن فوٽو ڪڍڻ شروع ڪيا. جنهن تي عائده، هن کان پڇيو :
”هتي واقعي به صدر ويهندو آهي ڇا؟“.
”ها، هڪ پاسو صدارتي آفيس آهي ٻيو سياحن لاءِ کليل آهي“.
هو ٻئي ڄڻا چوڏهين صديءَ ۾ جڙيل گاٿڪ طرز تعمير واري چرچ جي فوٽو ڪڍڻ کان پوءِ ان ۾ داخل ٿيا. اها چرچ پٿر جي ٺهيل هئي. اندر به اوچيون ڇتيون، وڏا وڏا ٿنڀا ۽ شيشي جي درين تي تصويرون ڏاڍيون سهڻيون لڳي رهيون هيون. عائده هڪ بينچ تي اکيون ٻوٽي ويهي رهي. آيان تيستائين چرچ جي مختلف هنڌن جي فوٽوگرافي ڪندو رهيو .
اتان نڪرڻ کان پوءِ عائده وري هڪ ڀيرو خاموش رهي. هو ڪجھه دير محل جي ٻاهران بيهي هيٺ نظر ايندڙ پراگ کي ڏسي رهيا هئا. وري اتان ئي هيٺ ويندڙ هڪ گھٽي، جنهن ۾ هر ڏهن ٻارهن ڏاڪن کان پوءِ ٿلهو هو. اها گھٽي آيان کي ڏاڍي وڻندي هئي، جو ان طرف گھٽ ماڻهو هوندا هئا پر اتان هيٺ يا مٿي ڏسڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. هڪ ڀيري ته هو اتي پنڊ پهڻ ٿي ويو هو، جڏهن ان جي وچ تي هڪ عورت تمام وڏي سر ۾ اوپيرا ڳائي رهي هئي. هو ڏاڪا چڙهندو اتي پهتو ، ڏٺائين ته اها عورت انڌي هئي. هو ڪجھه دير ته هن کي ٻڌندو رهيو، پوءِ هن جي آڏو وڇايل رومال ۾ ڪجھه پيسا رکيائين.
هيٺ لهي هو بس اسٽيشن تي بيٺا رهيا. ٿوري دير کان طئي ٿيل وقت مطابق فهد به پهچي ويو.
هو ٻئي ڄڻا فهد جي ڪار ۾ پراگ ڀرسان سلاپي ويا. هو ان ساڳئي هنڌ تي پهتا، جتان پهاڙيءَ کان هيٺ، نديءَ ۾ سڙهه واريون ٻيڙيون بيٺل نظر اچي رهيو هيون ۽ پريان گھاٽا گھاٽا وڻ هئا، هڪ خوبصورت منظر هو. هو ٻئي اداس هئا، آيان، هُن کي پنهنجي اڳيان بيهاري ڇڏيو هو. هُو ان خوبصورت منظر کي ڏسي رهيا هئا، پر هنن ٻنهي جو ڳالهائڻ ۾ ڪو چاهه نه هو. بس هو انهن منظرن کي، انهن گھڙين کي پنهن جي حافظي ۾ محفوظ ڪري رهيا هئا.
رات به هنن اتي ڪيمپنگ ڪئي. باهه ٻاري، وائين پيئندي، ساسيجز گرل ڪندي، هڪٻئي کي پيار ڪندي گذاري.
رات جو عائده روئندي رهي، آيان کي به هر وقت ڳلي ۾ ڳوڙهو محسوس ٿي رهيو هو.

******

صبح جو هاسٽل تان تيار ٿي ايئرپورٽ آيا، جتي به پورو وقت عائده، آيان کي ڳراٽڙي پائي روئندي رهي. ڊپارچر وقت، بورڊنگ ڪارڊ وٺندي، هُن ايترا ڳوڙها ڳاڙيا جو بورڊنگ ڪارڊ ڏيندڙ ڇوڪريءَ جي اکين ۾ به پاڻي اچي ويو هو ۽ آيان کي چيو هيائين:
”شي لوس يو ٽو مچ“. جنهن تي آيان هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو هو.
عائده روئندي، اميگريشن ٽپي اندر هلي وئي ۽ هُن جي پٺيان در بند ٿي ويو.
آيان اداس ٿي سوچيو ته شايد هن قصي جو ئي انت ٿي ويو.
پر ايئن نه ٿيو.
ٻئي ڏينهن تي آيان جي ڪمري تي عائده جي البانيا مان فون آئي، جيڪا روئي آيان کي چئي رهي هئي:
”آءُ توکان سواءِ رهي نه ٿي سگھان“.
هوءَ زور زور سان روئندي رهي. ٻي پاسي کان آيان کيس پيار مان سمجھائيندو رهيو، پر هوءَ بس ڪرڻ واري نه هئي. عائده کيس چيو:
”تون مون سان ڇو ملئين؟!، تنهنجو ملڻ منهنجي لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي“.
آيان وٽ خاموشيءَ کان وڌيڪ ڪو سٺو جواب نه هو. هوءَ روئيندي کيس چوندي رهي:
”ڪِس يو، ڪس يو.... آءِ هيٽ يو، آءِ لو يو.... “.
ان کان پوءِ هوءَ روزانه آيان کي فون ڪندي هئي.
آيان ڪجھه ڏينهن پراگ ۾ رهي، جڏهن پاڪستان پهتو، ته سندس ان باڪس ۾ عائده جون ايميلز انتظار ڪري رهيو هيون.
”..تون منهنجي ميسيج جو جواب ڇو نه ٿو ڏين؟ ڪيئن آهين تون؟ مان تنهنجي لاءِ پريشان آهيان ته توکي ڇا ٿيو آهي؟ اها به پڪ ناهي ته صحيح سلامت پهتو به آهين يا نه؟ مهرباني ڪري مون کي جواب ڏي. پليز... آءُ چري پئي ٿيندي وڃان“.
”مان ٺيڪ آهيان پر هڪ شئي جي ڪمي آهي. اهو آهين تون. مون کي دوست آهن، هر پارٽيءَ ۾ به وڃان ٿي پر توکي وسارڻ ڏکيو آهي. پنهنجن لاڳاپن کي وسارڻ ڏکيو آهي“.
”ڪرسمس ويجھو آهي، پاڻ ٻئي گڏ هجون ته ڪيڏو نه سٺو“.
”پر اهو به سٺو آهي ته نه ملون ڇو جو آءُ هڪ ڀيرو ٻيهر توکان ڌار ٿيڻ جي سگھه شايد ساري نه سگھان، جلدي جواب ڏي، مِس يو ۽ ڪس يو“.
آيان کيس جواب لکيو ته هو ٻه ڏينهن اڳ پاڪستان پهتو هو ۽ هُن جي لاءِ به هتان جي زندگي عجيب عجيب پئي لڳي. لڳي ٿو ته هو پنهنجي جسم ۽ روح جو ڪجهه حصو اتي وساري آيو آهي.

******