ناول

پيار درياھ

اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
Title Cover of book پيار درياھ

12

آيان، ننڊ مان اٿيو ته سندس مٿو ڳورو هو، اکيون اڃان، خماريل هيس. رات شايد وڌيڪ پي ويو هو. هن ڏٺو ته عائده هن سان گڏ ستل نه هئي. هوءَ هيٺ قالين تي ستل هئي. آيان جي چر پر تي هوءَ به سجاڳ ٿي.
”گڊ مارننگ“.
”گڊ مارننگ“.
”هائو دو يو فيل نائو؟“.
”بهتر“.
آيان هن کان هيٺ سمهڻ جو سبب پڇيو ته عائده چيو:
”تون ٿڪل هئين، رات تنهنجي طببيعت خراب هئي. هتي توکي اڪشي اچي سمهاري ويو. تون سمهڻ سان کونگھرا هڻڻ لڳين، وري ٿوري دير کان پوءِ ننڊ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيئي، ڄڻ ڪنهن سان وڙهندو هجين، پر ڳالهايئه انگريزيءَ يا هتان جي ٻوليءَ ۾ نه، پر ڪنهن ٻي ٻولي ۾ پئي. ٿي سگھي ٿو تنهنجي مادري زبان هجي. انکان علاوهه، پاسا پئي بدلايئي. انڪري مان هيٺ سمهيس ته جيئن آرام سان سمهي سگھين“.
آيان کي ياد نه هو ته هو ڪهڙي ريت هتي پهتو هو. پر کيس اهو ضرور ياد هو ته هن پيتو گھڻو هو. هُو هڪ غصي ۾ هو. هاڻي هن کي شرمندگي ٿي رهي هئي.آيان، عائده کان پڇيو:
”مان ڪا غلط ڳالهه ته نه ڪئي رات؟!“
”نه، بس تون ڪاوڙ ۾ هئين شايد، پر رات تون پيتو گھڻو هو“.
”ڪنهن سان وڙهيس ته نه، ڪنهن کي گاريون ته نه ڏنيون؟“.
”نه بس، خاموش هئين، انڪري سڀ فڪر ۾ پئجي ضرور ويا ته توکي ڇا ٿيو آهي؟ ڇو جو سڀ چون پيا ته تون اهڙو ورتاءُ ڪڏهن به نه ڪيو آهي“.
“اوهه، واقعي زندگيءَ ۾ ايئن نه ٿيو آهي ته مان ايئن مدهوش ٿيو هجان“.
“ها سڀ ائين پيا چون. پر هنن سڀني جو اهو خيال هو ته تون ٿڪيل هئين، ننڊ به گھٽ ڪئي هوندئي، تنهنڪري ائين آهين“.
عائده وڌيڪ چيو: ”مون به کين اهو چيو ۽ سچي ڳالهه ٻڌايم ته سمورو عرصو اسان کي ننڊ جو موقعو گھٽ مليو آهي. ورڪشاپ جي ڪري به، ٻيو دوستن جي ڪري به. اهو به چيم ته رات به ٽين وڳي ستا هياسين ۽ صبح جو وري بس هئي. مان ته بس ۾ سمهي رهيس پر آيان جاڳندو رهيو“.
”مهرباني“.
”مهرباني جي ڪهڙِي ڳالهه آهي، مون کين سچي ڳالهه ٻڌائي“.
”اها به مهرباني ته دوست ڪنهن دوست جو ڍڪ رکي“.
”ڌارين وانگر ڇو ٿو ڳالهائين؟ اڃان تائين ناراض آهين؟“.
”نه ناراض ڇو ٿيندس؟“.
”رات ته هئين؟“.
”مطلب؟“.
”رات تون جيڪي ڳالهيون ڪيون، اهي تون اڳ ڪڏهن نه ڪيون آهن. جيترو تون نرم رهيو آهين، اهي ڳالهيون تنهنجن انهن سڀني تنهنجن روين کان، ڳالهين کان مختلف هيون“.
”ڇا چيو مون؟!“.
”ڪا خراب ڳالهه نه هئي پر ان ۾ ڪاوڙ ضرور هئي“.
”ها پر مونکي ياد ڪونهي. پليز ٻڌاءِ مون ڇا چيو؟“.
” تون چيو، ڪجھه ڪونهي منهنجو دماغ خراب نه ڪر، مان ڪجھه به ناهيان، نه خوبصورت آهيان، نه وري ڪو سقراط آهيان، نه وري راجا اندر آهيان، نه راسپوٽين آهيان. مان هڪ خصيص ماڻهو آهيان، ڄٽ آهيان، مون کي ته لڳي ٿو ته مان هڪ وڏو فراڊي آهيان، مان ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏان ٿو. مونکي ڪو حق ناهي ڪنهن جي جذبن سان کيڏڻ جو. ضرور مون ۾ ئي ڪا
خرابي هوندي جو ڇوڪريون ايئن سمجھن ٿيون، منهنجو ئي ڪو اهڙو عمل هنن کي ايئن سوچڻ تي مجبور ڪندو هوندو. مان ڏوهي آهيان، مان ڪرمنل آهيان“.
آيان خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. چيائين:
”مون ائين چيو؟!“.
”جي“.
آيان گھڻي دير چپ رهيو پوءِ چيائين:
”سچ ڳالهه اها آهي ته مان ان وقت الائي ڪهڙي موڊ ۾ هيس، مون کي ياد آهي ته تون ڪجھه چيو هو، ان جي جواب ۾ مان ائين چيو هوندو. پر ان کان پوءِ ياد ناهي. مان بي اختيار ٿي ويو هيس. اهڙو واقعو اڳ به آيو هو، جڏهن منهنجي ماءُ جي وفات جي خبر مون تائين پهتي هئي ته مان الائي ڪهڙي حالت ۾ اچي ويو هيس. سمجھان پيو ته سڀ ڪجھه غلط ٿو ڪيان، ڳالهايان غلط ٿو، پر مان پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول نه پئي ڪري سگھيس. منهنجو ڊاڪٽر دوست، جنهن مون کي انجيڪشن هڻي سمهارڻ پئي چاهيو، ان کي مون چيو ته مان سڀ ڪجھه سمجھان ٿو، مان سمهڻ نه ٿو چاهيان، مان ٺيڪ ٿي ويندس. پر مان پنهنجو پاڻ تي ضابطو نه ٿو رکي سگھان.، ڄڻ مان ڊرنڪ هجان...... چاهيندي به ڪجھه نه ٿو ڪري سگھان“.
”ڪالهه به اهڙي ڪيفيت هئي“.
”ڪا ڳالهه ناهي“.
”نه گھڻي خراب آهي“.
”پر مان اهو پڇي سگھان ٿي، اهڙو ڇا ٿيو هو ڪالهه، جو تون ساڳي ڪيفيت ۾ اچي وئين اهڙي ڪيفيت ۾، جڏهن دنيا ۾ پنهنجي سڀ کان وڌيڪَ محبوب شخصيت وڃائي هيئي“.
آيان، گھڻي دير سوچيندو رهيو،پوءِ چيائين:
”اصل ۾ هڪ ڳالهه مون کي اهو محسوس ڪرايو، ته مان زندگيءَ ۾ فلرٽ ڪندو رهيو آهيان. مون سان جيڪي ڇوڪريون واسطو رکن ٿيون، انهن سان مان فلرٽ ڪندو رهيو آهيان. مان نه ڪو خوبصورت، نه شاهوڪار، نه ناميارو ۽ نه وري ڪو فلاسافر. ته پوءِ اهي سڀ ڇوڪريون، جن جو تعداد گھڻو آهي، اهي جي مون کي چاهين ٿيون.... يا مان ايئن چوان ته هو ، مون مان ڪي اميدون رکن ٿيون.... ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته..... جڏهن مون ۾ اهڙيون ڪي به خصلتون ناهن، جيڪي مون چيو.... ته ان جو مطلب اهو ٿيو..... ته مون ۾ ڪائي خرابي آهي، ڪائي بدمعاشي آهي.ضرور منهنجو ڪو نه ڪو ڪم ته اهڙو هوندو جيڪو هنن کي ان ريت سوچڻ لاءِ مجبور ڪندو هوندو. جڏهن ته مان پنهنجي دل ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه محسوس نه ٿو ڪيان“.
”اجازت هجي ته هڪ سوال پڇان؟“.
”جي“.
”پر اهو سڀ تنهنجي ذهن ۾ ڪالهه ئي ڇو آيو؟“.
آيان گھڻي دير چپ رهيو، پر عائده هن ڏي نهاريندي رهي. آيان چيو:
”آهي ته امانت ۾ خيانت، يا ڪنهن جي شخصيت جي باري ۾ غلط تاثر ڏيڻ وارو، پر جيئن ته ان جو ردعمل مون خراب ڪيو آهي، جنهنجو مان انتهائي شرمسار آهيان، انڪري ٻڌائڻ ضروري آهي“.
”اهو يقين رک ته مان ان جي مشهوري نه ڪنديس، اهو سڀ منهنجي من ۾ دفن ٿي ويندو. پر جي سمجھين ٿو ته مان اڃان ان لائق نه ٿي آهيان ته اها ڳالهه ٻڌان ته پوءِ ڇڏينس“.
”نه اهڙي ڳالهه ناهي، پر ٻي جي لڄ ۽ عزت کي به ڏسڻ منهنجو فرض آهي، خير“.
آيان هڪ وڏو ساهه کڻي ، خاموش رهيو ۽ پوءِ چيائين:
”رات جيڪا افغان ڇوڪري مون سان نچي پئي، هن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اهڙو احساس نه ڏياريو ته هوءَ مون کي چاهي ٿي، پر ڪالهه اوچتو هن اهڙو اظهار ڪيو، ان کان علاوهه هڪ ٻي ڇوڪريءَ جو به ذڪر ڪيائين، جنهن جي به مون کي خبر نه هئي. پوءِ مون کي محسوس ٿيو، ڪجھه غلط آهي، ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ڪجھه غلط آهي. پوءِ مان ان نتيجي تي پهتس ته غلطي منهنجي آهي، جيڪڏهن مان اهڙو ڪو به اشارو، ڪو به عمل يا رد عمل نه ڪيان، ته اهو سڀ ڪجھه نه ٿئي ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي منهنجي اک عاشق ۽ آرٽسٽ اک آهي. هوءَ ڪا به سهڻي شئي پوءِ اها بي جان هجي يا جان واري، ان جي پٺيان رهي ٿي ۽ جڏهن ڪنهن هنڌ به اها ملي ٿي، ان کي پسنديدگيءَ جي نگاهه سان ڏسي ٿي. مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته اهو ئي غلط آهي، جڏهن اڳلو جاندار اهو محسوس ڪري ٿو ته پوءِ هن جي من ۾ به ڪي خواهشون ڪنهن باک جيان ڪر موڙي پيدا ٿين ٿيون. جڏهن اهي پاڻ وٽ انهن جو قيدي سمجھي انجي پويان هلن ٿيون ته مون وٽ پهچن ٿيون يا منهنجي تصور تائين پهچن ٿيون.
پر ڳالهه اها آهي ته ان سڄي عمل جو بنياد ته منهنجي ڪنهن عمل جي ڪري ٿيو نه. ته پوءِ مان ئي ڏوهي آهيان. انڪري ئي شايد ڪالهه تنهنجي ڪنهن سوال جي جواب ۾ اهو سڀ ڪجھه چيو هو. پر ان چوڻ سان مان هڪ عجيب ڪيفيت ۾ اچي ويو هيس، منهنجي من ۾ واچوڙا هيا، طوفان هئا، زوڪاٽ هئا. پوءِ مون کي خبر ناهي مون ان ڪيفيت ۾ ڇا ڪيو، ڇا نه ڪيو!“.
آيان، هڪ ڏوهاريءَ جيان ، ڪنڌ جھڪائي ويهي رهيو.
عائده، هيٺان اٿي، بيڊ تي آئي آيان کي پنهنجي ڇاتيءَ تي ليٽائي چيائين:
”آءُ تنهن جي ان مفروضي يا نظرئي کي مڃان هان، پر تيستائين جيستائين تو سان نه ملي هيس. پر هاڻي جڏهن مان پنهنجو مثال وٺان ٿي ته ان ۾ تون ان حوالي سان ڪٿي به ڏوهي نه ٿو لڳين، اها ٻي ڳالهه آهي اڃان ڏوهي مان ٿي لڳان. انڪري پنهنجي ذهن مان اهي ڳالهيون ڪڍي ڇڏ“.
آيان جي اکين مان ڳوڙها نڪتا. هن عائده کي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو.

******

ذڪاءَُالله، صبح جو پنهن جي گاڏيءَ ۾ سلوواڪيا جي هِل اسٽيشن، ”تاترا“ ڏانهن وڃڻ لاءِ، آيان ۽ عائده کي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ آيو هو. جيئن ئي اسٽيشن تي پهتا ته ذڪاکين ريسٽورنٽ وٺي ويو، ڇو جو گاڏي اچڻ ۾ اڃان اڌ ڪلاڪ هو. هنن اتي ويهي ڪافي پيتي. ذڪا، آيان کي يادگيري ڏياريندي چيو :
”ياد ٿئي پاڻ پهريون ڀيرو تاترا ڏانهن ٻوليءَ واري اسڪول ۾ ايسٽر جي موڪلن تي هليا هياسين، ڪل ملائي اٺ ڄڻا هياسين. ڏاڍو مزو آيو هو. اسان ٻنهي کي سلوواڪ نه پئي آئي پر اسان سان گڏ جيڪي يمني دوست هليا هئا انهن کي اچي پئي، ڇو جو هو هڪ سيمسٽر اڳ ۾ پڙهي چڪا هئا. پر اسان جو مزو ڪرڪرو ٿي ويو هو جو اسان جي الجيرين دوست برف تان ترڪي پيو هو کيس فريڪچر ته نه ٿيو هو، پر سندس پير سڄي پيو هو ۽ هو منڊڪائي پئي هليو انڪري اسان پنهنجو دورو مختصر ڪري واپس براتيسلاوا آيا هياسين“.
ذڪا اڃان به ڳالهين جي موڊ ۾ هيو، پر ان وقت لائوڊ اسپيڪر تي گاڏيءَ جي اچڻ جو اعلان ٿيو. هن اتان ڪجھه بيئر جون بوتلون وٺي آيان کي ڏنيون. جنهن تي آيان کيس چيو :
”اها تڪليف ڇو ڪيئي، گاڏيءَ ۾ به بار، ريسٽورنٽ آهي“.
”ڀلي هجي، پر سفر ۾ پنهنجو ثمر ساڻ هجڻ ضروري آهي“.
هو ٽئي پنهنجي گاڏيءَ ڏانهن وڌيا. آيان ۽ عائده، پنهنجين سيٽن تي وڃي ويٺا ۽ آيان دريءَ جي شيشي کي هيٺ سرڪائي هٿ لوڏي ذڪا کان موڪلايو ته گاڏي به چرڻ لڳي.
عائده ۽ آيان پنهنجا جيڪٽ لاهي مٿي رکيا. ٻن سيٽن ۽ ٻن برٿ واري ان ڪُوپي ۾ هنن سان گڏ هڪ سلوواڪ پوڙهي به ويٺي هئي. هو ٻئي هڪ سيٽ تي ٿي ويٺا.
ڪجھه دير هو خاموشيءَ سان ٻاهر ڏسندا رهيا. ان کان پوءِ عائده، آيان جي جھوليءَ ۾ مٿو رکي سمهي پئي. آيان، دريءَ کان ٻاهر ڏسندو رهيو. ان وچ ۾ پوڙهي ءَ پنهن جي ٿيلهي مان گھر جا ٺهيل سينڊوچ ڪڍي کائڻ لڳي ۽ آيان کي به دعوت ڏنائين پر آيان انڪار ڪندي کيس چيو:
”نه مهرباني!“.
پوڙهيءَ هن ڏي ڏٺو ۽ پڇيائينس:
”وِي ويئيچي سلووينچينا“. (اوهان سلوواڪ ڄاڻو ٿا؟)
”آنو“. (ها)
”تا تو يي واشا منجلڪا؟“. (اها اوهان جي گهر واري آهي؟).
”نيئي، پراتيئلڪا“. (نه، محبوبا آهي).
”ڪراسنا يي“. (خوبصورت آهي).
”جيڪوئييم“. (مهرباني).
لڳي پيو ته پوڙهيءَ کي به ڳالهيون ڪري سفر ڪاٽڻو هو، پر آيان کي به ان تي ڪو اعتراض ڪو نه هو.
”ڪام ايديئچي“. (ڪيڏانهن پيا وڃو؟).
”تاترا“.
”اليهه پريسني گجي“. (هاڻي پر ڪٿي؟)
پهريان ته استاري سموڪوويتس ۾ رهنداسين، پوءِ وري سڄي تاترا ۾ پيا گھمنداسين
هاڻي وري آيان کانئنس پڇيو:
”اوهان ، براتيسلاوا ۾ رهندا آهيو؟“.
”نه، هتي پٽ رهندو آهي، هونئن اسان پوپراد شهر جا آهيون“.
پوءِ ان پوڙهيءَ جنهنجو نالو مگدا هو . کيس ٻڌايو ته هوءَ پٽ وٽ آئي هئي، ٻه ٽي ڏينهن رهي هاڻي گھر پئي وڃي. هن جو مڙس مري ويو هو، کيس صرف هڪ پٽ هو، جيڪو ڪنهن اسڪول ۾ استاد آهي. هوءَ پاڻ به استاد هئي، هاڻي رٽائر آهي. سندس مڙس ٻه سال اڳ جيري جي ڪينسر ۾ مري ويو. آيان کانئس پڇيو ته پوءِ هوءَ پٽ سان گڏ ڇو نه ٿي رهي. ان تي هن چيس: ”اسان وٽ اهو رواج گھٽ آهي، شايد توهان وٽ هجي ته بزرگ والدين پنهنجن ٻارن سان گڏ رهن. هتي والدين وٽ جي گھر هجي ۽ اتي ٻار شادي ڪرڻ کان پوءِ به رهڻ چاهين ته والدين اجازت ڏيندا آهن پر ايئن گهٽ ٿيندو آهي ته والدين ڪنهن شادي شده ٻار وٽ وڃي رهن. هر هڪ جو پنهنجو ڪٽنب آهي. هو جيئن پنهنجن ٻارن جي تربيت ڪرڻ چاهين، تيئن ڪن. زال مڙس جيئن پاڻ ۾ رهڻ چاهين تئين رهن. هڪ نسل جو فرق وڏو ٿئي ٿو. اسان جو وقت ٻيو هو، اسان جي سوچ به اها هوندي ته هاڻي مان ڪيئن پنهنجي پٽ کي صلاح مشورو ڏئي سگھنديس يا هن کي ڪجھه چئي سگھنديس يا وري پوٽي کي ڪجھه سمجھائي سگھنديس. مونکي ڪمپيوٽر جي ڪهڙي ڄاڻ. آيان ان پوڙهيءَ جون اهڙيون منطقي ڳالهيون ٻڌي سوچڻ لڳو ته اسان جي ڪا پوڙهي هجي ها ته ننهن جي گلا ته ضرور ڪري ها. روئي به ضرور ها، ته هن عمر ۾ ٻار سندس خيال نه ٿا رکن. مگدا وري کيس ٻڌايو ته هوءَ پوپراد جي ڀرسان پنهنجي گھر ۾ رهي ٿي کيس ڪچن گارڊن به آهي، جنهن ۾ هوءَ اونهاري ۾ ڀاڄيون پوکي ٿي. جنهنڪري کيس پٽاٽا، پيز، گوبي، بند گوبي پنهنجي ٿئي، جنهنکي هوءَ وري برنين ۾ حفاظت سان رکي سڄو سال استعمال ڪندي آهي ۽ گھڻو ڪجھه پنهنجي پٽ ڏانهن به موڪليندي آهي. ٻيو ته سندس سهيليون به ان ڳوٺ ۾ آهن. اتي رهڻ ڪري هاڻي ان جي زندگي اها ئي آهي.
پوءِ هن آيان کي زوري ساسيجز ڏنا ته اهي سندس گھر جا ٺهيل آهن. ان کان علاوه کيس هڪ بوتل به ڏني ۽ چيو ته هي ”سلووويتسا“ (آلوبخاري جو شراب جيڪو گھڻو تيز هوندو آهي) تاترا جي سردي ۽ محبوبا جي موجودگيءَ ۾ کيس گهڻو ڪم ايندو. هن جي گھڻي زور ڀرڻ تي آيان اهي شيون پاڻ وٽ رکيون. ان پوڙهيءَ کيس پاڻ وٽ رهڻ لاءِ چيو پر آيان کيس چيو ته هو اڳ ئي تاترا جي مختلف هنڌن تي رهڻ جي جڳهن جي بوڪنگ ڪرائي چڪو آهي. پر پوڙهي به ڪا مڇڏو هئي يا ايڏي قربدار هئي جو آيان کي پنهنجي ايڊريس ۽ ٽيليفون نمبر ڏيندي چيائين ته واپسيءَ ۾ جي کين وقت ملي ته هن وٽ هڪ ٻه ڏينهن رهي پون.
ڪجھه دير خاموشي ٿي وئي ۽ ٻئي ٻاهر نهارڻ لڳا. عائده اڃان ننڊ ۾ هئي. پوڙهيءَ آيان کان پڇيو ته هو ڪهڙي ملڪ جو آهي آيان کيس پاڪستان جي باري ۾ ٻڌايو، ته هن وري عائده جي باري ۾ پڇيو جنهن تي آيان کيس ٻڌايو ته هوءَ البانيا جي آهي. جنهن تي عورت پڇيس ته ، ٻئي محمدن (مسلم) آهيو؟! آيان کيس ٻڌايو ته هو آهي. باقي عائده عيسائي آهي. جنهن تي عورت حيران ٿيندي کيس چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته آيان کيس چيو ته پيار ۽ عشق جي ڪري سڀ ممڪن آهي.
پوپراد پهچڻ وارا هئا ته آيان کي مهندر ياد آيو. جيڪو به جڏهن پوليس کان ڀڳل هو ته ته هن شهر جي ڪنهن هوٽل ۾ رهيل هو، جتان وڃي پوءِ هن خودڪشي ڪئي هئي ۽ پوليس کي لکيل خط ۾ پوپراد جي هوٽل جي بار ي ۾ لکيل هو. پوپراد، ان شهر ڪوشيتسي کان گھڻو پري ناهي جتي مهيندر پڙهندو هو. اهو حصو ”اوڀر سلوواڪيا“ سڏبو آهي.
آيان، عائده کي اٿاريو ته اسٽيشن اچڻ واري آهي. هو ٻئي اسٽيشن تي لٿا. پوڙهي کين پيار ڪري موڪلائي وئي. هو وري اسٽيشن جي ڪائونٽر طرف ويا جتان هنن استاري سموڪوويتس لاءِ ٽڪيٽ ورتي، اتان کين ٻي ٽرين کڻڻ واري هئي، جنهنکي ڪيبل ٽرين پئي سڏيو ويو، جيڪا ننڍي گيج جي هئي. اها ڪيبل ٽرين به بجليءَ تي ئي هئي پر ان جي هيٺان هڪ لوهي رسو به هو جنهن سان جڙيل هجڻ ڪري هو مٿاهين ڏانهن وڃي پئي سگھي.
پوپراد جي اسٽيشن به خوبصورت ٺهيل هئي، جنهن مان اهو پئي بکيو ته ڪنهن پهاڙي علائقي جي اسٽيشن آهي. آيان کي ياد آيو ته ان علائقي ۾ سڀ اسٽيشنون اهڙيءَ ريت ٺهيل آهن جتان ان علائقي جي ثقافت جي ڄاڻ پئي ٿي. انهن هنڌن تي ڪاٺ جو به گھڻو استعمال ٿيل آهي، جو پراڻي زماني ۾ انهن هنڌن تي ماڻهو ڪاٺ جو جھوپڙيون ۽ گھر ٺاهي رهندا هئا.
هو ٻي پليٽ فارم تي آيا. جتان هنن جي ٽرين وڃڻي هئي. ان کان اڳ ۾ آيان هڪ فوڊ اسٽال تان سينڊوچ ورتا. بوگيءَ ۾ چڙهڻ کان پوءِ هنن ڪا خلاصي سيٽ پئي ڳولهي. هونئن گاڏيءَ ۾ گھڻا ماڻهو ڪو نه هئا. ان ريل ۾ سيٽن تي نمبر به ڪو نه هئا. جنهن کي جتي وڻي اتي ويهي. ٽرين هلڻ لڳي. شهر کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ خوبصورت منظر شروع ٿي ويا. ٻاهران ننڍا ڳوٺ، سر سبز ٻنيون. آيان ۽ عائده بيئر پيئڻ لڳا ۽ سينڊوچ به کائڻ لڳا. ان وچ ۾ ننڍيون اسٽيشنون به پئي آيون، جن تي ڪي مسافر لٿا پئي ته ڪي وري چڙهيا پئي. آيان، عائده کي ٻڌايو ته کيس تاترا هل اسٽيشن ڏاڍي وڻندي آهي، انڪري جڏهن به ڪجھه ڏينهن موڪل هوندي هئي ته هن طرف نڪري ايندو هو. ڪڏهن دوستن سان ته ڪڏهن اڪيلو، کيس هتان جون خوبصورتيون، وڻن جي خوشبوءِ، ٻيلي ۾ کنڀيون ميڙڻ ڏاڍو سٺو لڳندو آهي. هن کيس ٻڌايو ته هڪ ڀيري هو اڪيلو ئي هن طرف نڪري پيو هو. ڇو جو سندس دل تنها رهڻ پئي چاهيو. هو پاڻ سان ڪتاب ۽ موسيقيءَ جون ڪيسيٽون کڻي آيو هو. ان وقت هن ڪنهن به هوٽل يا ريسٽ هائوس ۾ بوڪنگ نه ڪرائي هئي. هن جو خيال هو ته جتي سندس دل چوندي ته ان اسٽيشن تي لهي پوندو، جتي هن جي دل چاهيندي اتي رهي پوندو. جڏهن اوندهه ٿيڻ لڳي هئي ته ِ هو “پود ليسوم” (ٻيلي هيٺان) اسٽيشن تي لهي پيو هو. ان ننڍڙي اسٽيشن تي لٿو ته ماڻهو کيس حيرت مان ڏسي رهيا هئا. ڇو جو ان هنڌ تي گھڻو ڪري سياح لهندا ئي ناهن جي ايندا به آهن ته سياري ۾ اسڪنگ جي لاءِ. پر انهن ۾ به هنن ڪڏهن ناسي يا ڪارو سياح نه ڏٺو هو، باقي نه ته رڳو هتان جا يا ويجھڙ جي ڳوٺن جا ماڻهو لهندا هئا. هو سڌو ٽڪيٽ ڪائونٽر تي ويو ۽ اتي ويٺل ڇوڪريءَ کان پڇيو ته هتي رهڻ لاءِ کيس ڪا جڳهه ملي سگھندي؟!، ڇوڪريءَ پهريائين ته کيس حيرت مان نهاريو پوءِ ٻڌايائينس ته اهو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي پر وري به ٻه اهڙيون جڳهون آهن جتي رهي سگھجي پيو پر جيئن ته هاڻي ٽوئرسٽ سيزن ناهي انڪري انهن جي به مرمت پئي هلي. اها ڳالهه ٻڌي، آيان پريشان ٿي ويو. هن وري کانئس استاري سموڪوويتس لاءِ ٻي ٽرين جو پڇيو. جنهن تي هن کيس ٻڌايو ته اها آخري ٽرين هئي جنهن مان هو لٿو هو. ان تي آيان وري پريشان ٿيو. هن کي پريشان ڏسي ان عورت کيس چيو ته اسٽيشن جي ويٽنگ روم ۾ رات رهي سگھي ٿو، صبح جو جيئن ٽرين اچي ته هو پوءِ ڀلي وڃي.آيان سندس لک ٿورا مڃيا. ان عورت کيس ويٽنگ روم کولي ڏنو. آيان پنهنجو رڪ سيڪ ڪمري ۾ رکي پاڻ ٻاهر اچي، ان ساڳي عورت کي پنهنجو تعارف ڪرايو، ان به پنهنجو نالو سِويتلانا ٻڌايو . آيان کيس چيو:
”آءُ ڳوٺ ۾ وڃي ڪجھه کائي پي اچان، پوءِ اهو روم کليل هوندو يا ڪا چاٻي ڏيندئو؟!“
جنهن تي سويتلانا، کيس ٻڌايو:
”آءٌ هتي ئي رهنديس، مان به ٻي ڳوٺ جي آهيان، هاڻي واپسي نه ٿيندي. جڏهن منهنجي اهڙي ڊيوٽي هوندي آهي ته رات هتي ئي رهي پوندي آهيان، تنهنڪري جنهن وقت واپس اچو ته ڪمري جو در کڙڪائجو“.
آيان سندس مهرباني مڃيندي. کانئنس ريسٽورنٽ تان ڪجھه وٺي اچڻ لاءِ پڇيو. جنهن تي هن انڪار ڪيو. هن کيس ڳوٺ جي ڪرچمي(پب) جو ڏس ڏنو.
آيان اسٽيشن مان نڪري گھٽين ئي گھٽين مان ان پب ڏانهن وڌيو. کيس ننڍڙو ڳوٺ سهڻو لڳي رهيو هو. گھٽيون ڪشاديون، گھر سهڻا، درين ۾ گلن جون ڪونڊيون رکيل، گھڻن گھرن تي ٻاهران فانوس لڳل هئا. هو پب ۾ داخل ٿيو. اتي دونهين ۽ آوازن جو انبوهه هو. هن ڏٺو ته ان ننڍي پب جون سڀ ميزون ڀريل هيون. هن جي داخل ٿيڻ تي سڀني هن ڏانهن حيرت مان ڏٺو پر وري پنهنجين ڳالهين ۾ لڳي ويا. آيان ڪائونٽر جي سامهون رکيل هڪ اسٽول تي وڃي ويٺو، بارمين سندس ويجھو آيو ۽ کيس چيو
”دوبري ويچر“. (گڊ ايوننگ).
”دوبري ويچر“. آيان کيس وراڻي ڏئي کيس پنهنجي لاءِ بيئر جو آرڊر ڏنو.آيان پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي ته پب ۾ کيس وچولي عمر وارن ۽ پوڙهن جي گھڻائي نظر آئي. انهن ۾ به گھڻا هاري يا مزدور لڳي رهيا هئا.جيڪي وڏي آواز ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هن جي ڀر ۾ ٻي اسٽول تي به هڪ ڪراڙو ويٺل هو. جڏهن آيان جو بيئر آيو ته ان پوڙهي کيس چيئرس ڪيو. آيان ٻن ٽن بيئرس کان پوءِ بارمين کان کاڌي لاءِ پڇيو ته هن ٻڌايس ته هن وٽ رڳو بند گوبيءَ جو ۽ مٽرن جو سوپ آهي. آيان کيس مٽرن جي سوپ جو آرڊر ڏنو. هن کي اهو سوپ دال وانگر لڳندو هو.
ٿوري دير ۾ بارمين، سوپ ۽ هڪ ننڍي ٽوڪريءَ ۾ دسترخوان ۾ ويڙهيل ناسي بريڊ رکي. آيان اها کائڻ لڳو.
واپسيءِ ۾ آيان هڪ ڳاڙهي وائين جي بوتل ۽ بيئر جون بوتلون ورتيون.
اسٽيشن تي آيو، هن دروازو کڙڪايو ته سِويتلانا، دروازو کوليو ۽ آيان کي ويٽنگ روم جي چاٻي ڏنائين. سِويتلانا، پنهنجي يونيفارم لاهي، سليپنگ سوٽ پاتو هو. آيان کيس، وائين جي بوتل ڏيندي چيو :
”هي اوهان جي لاءِ“.
”مون ته اوهان کي منع ڪئي هئي“.
”منهنجي دل چاهيو“.
ائين چئي آيان چاٻي کڻي ويٽنگ روم جو دروازو کولي اندر هليو ويو. هن پنهنجي رڪ سيڪ مان جاگنگ سوٽ ڪڍيو، جنهنکي هو سمهڻ جي ڊريس طور استعمال ڪندو هو. ايتري دير ۾ دروازي تي کٽ کٽ ٿي، آيان ڏٺو ته سِويتلانا هئي جنهن جي هٿ ۾ وائين جي بوتل ۽ ٻي هٿ ۾ ٻه گلاس هئا.
”جي وٺي آيا آهيو ته پوءِ اچو ته پيئون“.
آيان هن جي اندر اچڻ لاءِ در کوليو ته سِويتلانا کيس چيو:
”نه ٻاهر ورانڊي ۾ ٿا ويهون“.
آيان دروازو بند ڪري ٻاهر آيو ۽ هو ٻئي ورانڊي ۾ رکيل هڪ بينچ تي ويهي رهيا. ڳوٺ ۾ خاموشي هئي پريان ڪٿان ڪٿان ڪنهن ڪتي جي ڀونڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي.
سِويتلانا، هڪ گلاس ۾ وائين وجھي ٻي ۾ وجھي رهي هئي ته آيان کيس منع ڪندي چيو:
”مان بيئر پيتو آهي، اهو ئي پيئندس“.
هن بيئر جي بوتل کنئي ته سِويتلانا، آفيس مان ٻجي کولڻ لاءِ اوپنر کڻي آئي.
سِويتلانا، هن کان پڇيو ته هو هن هنڌ ڪيئن رهي پيو؟! ان تي آيان کيس ٻڌايو ته بس ڪجھه ڏينهن کان هو بي چين هو، کيس تبديلي کپندي هئي. پر هن اڪيلو پئي رهڻ چاهيو، انکان علاوهه پنهنجي زندگيءَ مان ترتيب ڪڍي ڪجھه گھڙيون حالتن جي حوالي سان گھارڻ پئي چاهيون. انڪري هن اهو ارادو ته ڪيو ته کيس تاترا وڃڻو آهي، پر هن اهو فيصلو نه ڪيو هو ته رات ڪٿي گذاريندو؟!.
”توهان کي گرل فرينڊ ناهي؟“.
”آهي، پر هن دفعي ان کي به ساڻ کڻڻ نه پئي چاهيم جنهن تي هوءَ مون کان چڙي به سهي“.
”بي چيني ڇو؟“.
”بس اها خبر هجي ها ته اها بي چيني ختم نه ڪري ڇڏيان ها“. ويرم رکي وري چيائين:
”بس پنهنجو پاڻ کي ڳولهڻ پئي چاهيم“.
”اڄ تائين ڪنهن پنهنجو پاڻ کي ڳولهي لڌو آهي، ڪنهن به نه“.
”ائين ناهي، اسان وٽ صوفين، هندو ۽ ٻڌ ڌرم ۾ رشين، ساڌوئن، ڀڪشوئن پاڻ کي ڳولهي لڌو آهي“.
سِويتلانا، کلي ته آيان کي لڳو ته هُن تي وائين اثر ڪري رهيو آهي. سويتلانا چيو:
”منهنجي خيال ۾ ته ايئن ناهي، هو ته ٻي کي ڳولهيندا آهن، خدا کي ڳولهيندا آهن، ايشور کي ڳولهيندا آهن، ٻڌا کي ڳولهيندا آهن. پر اهو ڳولهيندي ڳولهيندي هنن تي اهو راز کلندو آهي، ته هو جنهن کي ڳولهين پيا اهو ته هنن جي اندر ۾ موجود آهي، سو هو ڳولهين ٻين کي پيا پر لڀي پاڻ ۾ پين“.
”پنهون پنهون ٿي ڪيم پنهون هيس پاڻ“.
”رب رب ڪردي فران..“.
”ڇا چيو توهان؟“.
”توهان واري ڳالهه جي تصديق پئي ڪيم، اسان وٽ صوفي شاعر ائين چئي ويا آهن. پر اڃان تائين به منهنجو من نه ٿو مڃي. مان سمجھان ٿو ته مون وٽ ڪو دليل ناهي پر اهو ضرور چئي سگھان ٿو ته جيستائين ماڻهو پنهنجو پاڻ کي نه ٿو ڳولهي سگھي، تيستائين ٻي ڪنهن کي ڪيئن ڳولهي سگھندو؟!“.
”مون اهو سڀ ڪجھه ائين نه چيو آهي، مون ٿيالوجي پڙهي آهي، مسٽسزم پڙهي آهي، هندو ڌرم کي پڙهيو اٿم، ٻڌ ڌرم جو پيرو کنيو اٿم، اوشو جي ڪتابن کي ولوڙيو اٿم. تڏهن ان نتيجي تي پهتي آهيان جيڪو نج منهنجو پنهنجو نظريو آهي“.
”توهان يونيورسٽي ۾ اهو سبجيڪٽ کنيو هو ڇا؟“.
”يونيورسٽي پاس هجان ها ته هن ننڍي اسٽيشين تي ٽڪٽ وڪڻندڙ هجان ها. مان ته رڳو جمنازيم پاس ڪئي آهي، يونيورسٽي ڪٿي پڙهي سگھيم؟! خواهش ته ڏاڍي هئي. باقي اهو سڀ ڪجھه پڙهڻ جو موقعو به هن نوڪريءَ جي ڪري مليو. اڄ توهان اتفاق سان رهي پيا آهيو، نه ته هفتي ۾ منهنجي ٽي دفعا ٻٽي ڊيوٽي هوندي آهي. پوءِ مون کي هتي رهڻو پوندو آهي. هتي اڪيلي، هوندي آهيان، پهريائين ته موسيقي ٻڌندي هيس، ڪنهن پنهنجي سهيلي يا دوست کي هتي رهڻ لاءِ چوندي هيس. پر ڪيستائين؟! ان ڪري اڪيلي رهڻ لڳيس. ان خاموشيءَ، ان گھڻي وقت مون کي سوچڻ جو موقعو ڏنو. پهريائين ته عجيب سوچون هونديون هيون. سيڪس جون، سڦل جيون گذارڻ جون، ٻي ڪنهن کي هارائي پاڻ کي کٽرائڻ جون. پر پوءِ مون کي لڳو ته اهو سڀڪجھه اجايو آهي. انڪري مون دنيا جي تخليق کان وٺي انسان جي تخليق تي سوچڻ شروع ڪيو، پوِ اهو سوچيو ته هن جي تخليق جو مقصد ڪهڙو آهي؟“.
”ان عمل ۾ ڪو استاد يا رڳو توهانجي سوچ هئي؟!“.
“منهنجي پنهن جي سوچ هئي. هتي ته سوشلسٽ حڪومت ۾ اهڙي سوچ رکڻ گناهه هو. انڪري اهو اندر ۾ لڪائي پئي جيئندي هيس. پوءِ هڪ منهنجي سهيلي مون کي ٻڌازم تي ڪتاب آڻي ڏنو. هوءَ ايسٽ جرمني وئي هئي ۽ اتي ڪنهن دوست جي گھر ۾ اهو ڪتاب ڏسي منهنجي لاءِ وٺي آئي هئي. اهو پڙهيم. پوءِ اهڙي ريت جستجو وڌندي وئي. مون گھڻي پڙهائي 1989 جي انقلاب کان پوءِ ڪئي. جڏهن سرحدون کليون ته جيڪي دوست ٻاهر جرمني، آسٽريا يا ڪن ٻين ملڪن ۾ ويندا هئا ته هنن کي ڪتاب لکي ڏيندي هيس..... ڪتاب ته نه پر مذهبن جا نالا، اوشو جو نالو، اهڙي ريت مون وٽ ڪتاب پهچندا ويا ۽ منهنجي دنيا محدود مان لامحدو ٿي وئي پر وري محدود ٿي وئي“.
”اها ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي!!“.
”سمجھه ۾ ايندءِ به نه، جي ڪنهن جي سمجھائڻ سان اها ڳالهه سمجھه ۾ اچي ها ته دنيا ۾ ايڏا وڳوڙ نه هجن ها“.
”هاڻي توهان مطمئن آهيو؟“.
”مطمئن ڪوئي ڪڏهن به ڪو نه هوندو آهي پر طمع مري وئي آهي“.
”ڇا جي؟“.
“سُک جي، خواهشن جي مڪمل ٿيڻ جي. پنهنجو پاڻ کي امر ڪرڻ جي“.
”ٻار آهن؟“.
”هئا؟“.
”مطلب؟“.
”مڙس ڇڏي ويو، ٻارپاڻ سان وٺي ويو“.
”ڇو ڇڏي ويو؟“.
”چيائين تون هاڻي ، فرج جيان ٿڌي ٿي وئين آهين. مون کي رسپانس نه ٿي ڏين“.
”بس انڪري؟!“.
”ها انڪري“.
”پوءِ ٻار ڇو وٺي ويو؟“.
”اها مون کي پاڻ سمجھه ۾ نه آيو. شايد، هميشهه لاءِ مون مان جان پئي ڇڏائڻ چاهيائين نه ته ڪو نه ڪو رابطو ته رکڻو پئيس ها“.
”پوءِ؟“ .
”شادي ڪري ڇڏيائين، ٻار هن جي ماءُ سان گڏ رهن ٿا“.
”توهان ڪو ڪيس نه ڪيو عدالت ۾؟!“.
”نه، مون کي الائي ڇو يقين هو ۽ آهي ته ٻار منهنجا آهن، ڪٿي به رهن منهنجا آهن ۽ مون ڏي ورندا ضرور“.
”هاڻي ايندا آهن؟!“.
”هڪڙو ته ننڍو آهي پر وڏو ڇوڪرو پيءُ کان لڪي مون وٽ ايندو آهي، کيس جام پيار ڪندي آهيان، هو رڳو منهنجن هٿن کي چمندو ۽ سنگهندو رهندو آهي، ۽ چوندو آهي ته مون اهڙي خوشبو ڪٿي نه سنگھي آهي“.
آيان جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، کيس پنهنجي ماءُ جي هٿن جي خوشبو ياد اچي وئي.
”هو مون ڏي ئي ورندا، پر الائي ڇو يقين اٿم ته منهنجو مڙس به مون ڏانهن ورندو. جڏهن سندس جنسي خواهشون ڍريون ٿينديون، جيڪي ضرور ٿيڻيون آهن“.
”جنس يا سيڪس گناهه ته ڪونهي؟ اوشو به ايئن چيو هو“.
“ها، پر ان تي مون کي اوشو سان اختلاف آهي، سيڪس کي گناهه نه سمجھجي پر ان کي پنهنجي مٿان مڙهڻ نه ڏجي“.
”خير اهو وقت طلب بحث آهي“.
سِويتلانا، هن کان پڇيو:
”يوگا ڪندا آهيو ڇا؟“.
”ها پر پابنديءَ سان نه“.
”ڇو جو توهان ڳالهائيندي ڳالهائيندي اڻڄاڻائيءَ ۾ پدم آسڻ ۾ ويهي رهيا“.
آيان کليو.
”ها ايئن ڪرڻ سان منهنجو ٿڪ ڀڄندو آهي“.
”پر لڳي ٿو ته يوروپين ۽ انڊين سب ڪانٽينٽ جي ايناٽاميءَ جو فرق آهي. اسان کي ان لاءِ ڏاڍي رياضت ڪرڻي پوندي آهي ته ٻنهي پيرن کي سٿرن جي مٿان ڪيئن رکون پر توهان آسانيءَ سان ڪري ويندا آهيو“.
”شايد، ائين هجي مون کي خبر ناهي“.
ڳالهين ئي ڳالهين ۾ آيان پنهنجي بيئر جون بوتلون خالي ڪري ويو. کيس اڃان ٻاڙ ٿي. ٻيو هن جي اندر جي بيچيني به وڌندي پئي وئي ته اهڙي خوبصورت ماحول ۾ سهڻي عورت ساڻ هوندي به هن کي پيار نه پئي ڪري سگهيو.
سِويتلانا، هن ڏانهن پنهنجي وائين جي اڌ بوتل وڌائيندي چيو:
”هي پيئو، باقي ٻيو ڪم ٿي نه سگھندو“.
آيان شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪيو ته هن سندس سوچن کي ڪيئن پڙهي ورتو.
”پر، آءُ اوهان کي ڀاڪر ۾ ڀري سگھان ٿي، توهان کي اڪيلي پڻ جي احساس کان نجات ڏيارڻ لاءِ“.
هن آيان کي ڀاڪر پاتو. آيان کي اها خوشبو، پنهنجي پنهنجي لڳي.
هو گھڻي دير اتي ويٺا رهئا.
آيان کي هڪ ڳالهه جي حيرت لڳي ته هن جي ڀاڪر ۾ به هوندي جيڪا هڪ سهڻي عورت به آهي، هن جي من ۾ سيڪس جي خواهش ڪر ڇو نه کنيو. ان تي سوچڻ لڳو ته کيس سِويتلانا چيو:
“پنهنجو پاڻ کي ٿڪايو نه، توهان گھڻا ٿڪيل آهيو، جڳن جا ٿڪيل آهيو، اکيون بند ڪري، ڏسو ته توهان ڪيئن نه جهرڻي جي هيٺيان بيٺا آهيو. پاڻيءَ جي موسيقي محسوس ڪيو. محسوس ڪيو توهان هڪ پوپٽ ۾ تبديل ٿي ويا آهيو. تو هان اڏامي هڪ گل تي ويهو ٿا....“.
اهو ٻڌندي ٻڌندي، آيان کي ننڊ اچي وئي. صبح جو اٿيو ته ڏٺائين ته هو سِويتلانا جي هنج ۾ ستو پيو هو. هوءَ به ستي پئي هئي سندس ڪنڌ بينچ جي پٺيءَ تي هيو، هن جا سونهري وار سندس سيني تي پکڙيل هئا.
آيان جي چرپر جي ڪري سويتلانا به سجاڳ ٿي وئي. هو ٻئي پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ ويا.
ٿوري دير کان پوءِ آيان جي ڪمري جو دروازو کڙڪيو. هوءَ ڪافي کڻي آئي هئي. ان سان گڏ مکڻ ۽ گھر جي ٺهيل جيم لڳل بريڊ به.
آيان تيار ٿيو، هن کي پنهنجي اندر ۾ هڪ تبديلي محسوس ٿي.ٻاهر استاري سموڪوويتس وڃڻ لاءِ اسپيڪر تي انائونسمينٽ ٿي. هن پنهنجو رڪ سيڪ کنيو. سِويتلانا، به ٻاهر بيٺي هئي. آيان بي اختيار جھڪي سندس پيرن تي هٿ رکيا ۽ هن سندس پيشانيءَ کي چميو. آيان کي لڳو ته اها چمي سندس نرڙ تي چمڪي رهي هئي.
گاڏي چرڻ شروع ٿي، ٻنهي جا هٿ لڏندا رهيا ۽ ماڻڪين جا لينس ڌنڌلا ٿيندا ويا.