ناول

پيار درياھ

اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
Title Cover of book پيار درياھ

11

سلوواڪيا وڃڻ لاءِ هو ٻئي ڄڻا فلورينس بس اسٽاپ تان براتيلسلاوا لاءِ بس ۾ ويٺا ته آيان، عائده کي دريءَ واري پاسي کان ويهڻ لاءِ چيو. عائده انڪار ڪندي مرڪندي چيو:
”اصولن ته نئين ملڪ ڏسڻ لاء مونکي دريءِ واري پاسي ويهڻ کپي، پر مان اهو ملڪ تنهنجن اکين ۽ تنهنجي چهري جي تاثرن ذريعي ڏسڻ چاهيان ٿي“.
آيان ٻنهي جيڪٽس کي بس جي مٿئين خاني ۾ رکيو ۽ دريءَ واري پاسي کان ويٺو ته عائده سندس ڀر ۾ ويهندي، پنهنجو هٿ سندس هٿ ۾ ڦٻائي ڇڏيو.
بس، اسٽاپ جي حدن مان نڪرندي، ميوزيم وٽان گذري ته عائده هٿ مٿي ڪندي فوجي انداز ۾ ميوزيم جي بلڊنگ کي سيليوٽ ڪندي چيو:
”آءُ انهن لمحن کي پوري زندگي نه وساري سگھنديس“.
هن جي اکين ۾ آلاڻ اچي وئي، آيان سندس پيشانيءَ تي ڪس ڪري هُن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو.
فورم هوٽل ۽ دوم ڪُولتوري وٽان مٿاهينءَ تي ٺهيل هڪ فلاءِ اوور کي ڪراس ڪندي عائده چيو:
”جي هن پل تي اها گرل لڳل نه هجي ته هيٺان جو منظر ڏسڻ ۾ گھڻو مزو ڏي ها“.
آيان، کيس ٻڌايو :
”ان پل جي پاسن کان اها اٺ ڏهه فوٽ ڊگهي گرل اڳ ۾ لڳل نه هوندي هئي، پر ٿيو ايئن ته جنهن کي به خود ڪشي ڪرڻي هوندي هئي ته ان هنڌ تان ڪندو هو. جنهن ڪري پوءِ ان کي گرل هنئين وئي“.
عائده چيو :
”اسان وٽ تيرانا ۾ به اهڙو هنڌ آهي“.
”اسان وٽ به ڪراچيءَ ۾ نيٽي جيٽي پل ۽ ڄامشوري ۾ انڊس تي پل آهي“ .
عائده مرڪندي چيو:
”مون کي خودڪشي ڪرڻي هوندي ته تو وٽ اچي ڪنديس“.
آيان ڪجھه چوڻ ٿي چاهيو ته عائده چيو:
”ڪنهن پُل تي نه، پر تنهنجي انهن ننڍين اکين ۾ ڪنديس“.
”اهي ايتريون ننڍيون آهن جو تون انهن ۾ ٻڏي نه سگھندينءَ..... ها مان تنهنجين اکين ۾ ضرور مري سگھان ٿو...... يا اڃان به تنهنجي پيار جي آڳ ۾ خود سوزي به ڪري سگھان ٿو“.
عائده پيار مان آيان کي ڪس ڪندي چيو:
”اهي چميون ته مئل کي به جياري ڇڏينديون“.
بس، هاڻي هاءِ وي تي پهچي چڪي هئي، رستي جي پاسن کان چيل جا بيٺل وڻ ۽ ان کان پوءِ ٻنيون نظر اچي رهيون هيون، هن وقت انهن ٻنين ۾ ڪڻڪ جو سونهري فصل بيٺل هو، جنهن ڪري نيري آسمان جي بيڪ گرائونڊ ۾ سونهري فصل ۽ فور گرائونڊ ۾ وڻ هڪ سهڻو لينڊ اسڪيپ ٺاهي رهيا هيا. عائده کي ننڊ اچي رهي هئي، هُن پنهنجو ڪنڌ آيان جي ڪلهي تي لاڙي ڇڏيو. هو سندس وارن کي سنواريندو رهيو. ٻاهر جا منظر ڏسڻ سان گڏ هن جون سوچون به ماضيءَ جو سير ڪري رهيون هيون. کيس ياد آيو ته اهڙي ئي نموني هُن سان گڏ سندس سلاوڪ دوست ڪيترينا به سفر ڪندي هئي. سندس سنهري وارن ۽ ناسي اکين ۾ هڪ خمار هوندو هو. هن سان آيان جي ملاقات نئين سال جي پارٽيءَ ۾ ٿي هئي، جتي هو پنهنجن ڪجھه دوستن سان ويل هيو ۽ هوءَ به پنهنجين ڀينرن سان اتي آيل هئي. ڊسڪو ڊانس ڪندي جڏهن رومينٽڪ سلو سانگ هليو ته آيان پنهنجو هٿ، هن جي آڏو ڪري کيس ڊانس ڪرڻ جي دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪئي. ڊانس ڪندي هڪٻئي کي حال احوال ڏيندي، هن آيان کي ٻڌايو ته هوءَ فائين آرٽس جي شاگرد آهي ۽ سندس اسپيشلائيزيشن اسڪلپچر آهي. هوءَ براتيسلاوا جي آهي، جنهن ڪري هاسٽل نه پر گھر ۾ رهندي آهي. جيئن ميوزڪ ختم ٿي ته آيان کيس هن جي ٽيبل تائين ڇڏڻ ويو.
ان کان پوءِ آيان بيئر پيڻ ۾ مشغول ٿي ويو، پر وچ وچ ۾ ڇوڪريءَ کي ڏسندو به رهيو ۽ هُن محسوس ڪيو ته هوءَ به کيس ڏسي رهي هئي. ساڻس ڊانس ڪرڻ لاءِ ٻن ٽن ڇوڪرن کيس آفر ڪئي پر هن کين منع ڪري ڇڏيو. جڏهن سلو سانگ جو رائونڊ ٿيو ته آيان وري کيس ڊانس جي آفر ڪئي، جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي. هاڻي وري هن آيان کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا، آيان جڏهن کيس پنهنجي هاسٽل جو نالو ٻڌايو ته، هُنَ چيو ته، هوءَ اتي پنهنجي هڪ دوست سان ٽيبل ٽينس کيڏڻ لاءِ ايندي آهي. جنهن تي آيان کيس مرڪندي ٽيبل ٽينس کيڏڻ جي چيلينج ڏني. جيڪا هن به مرڪندي قبول ڪئي ۽ ايندڙ شام جو هاسٽل تي اچڻ جو چيو.
ٻي ڏينهن تي آيان جي ڪمري تي ناڪ ٿي هُن در کوليو ته هوءَ پنهنجي ڀرپور حسن سان گڏ بيٺل هئي. اڄ کيس جينز ۽ هاءَ نيڪ سان گڏ چمڙي جي جيڪٽ پاتل هئي. آيان کيس ڪمري ۾ ويهاري، کانئس ڪجھه پيئڻ جو پڇيو. هن چيو ته کيس ڪافي پيئڻي آهي. آيان، چيلينج قبول ڪرڻ تي هُن جي مهرباني مڃي ته هن چيو:
”مون کي ڪا ايڏي سٺي ٽيبل ٽينس کيڏڻ نه ايندي آهي، پر تنهنجي آفر کي ٺڪرائي نه پئي سگھان“.
”ڇو ڀلا؟“. آيان مرڪندي کيس چيو
”تون هڪ مڪمل جينٽلمين لڳين تنهن جي ڊانس جو شريفاڻو انداز، نه ته ٻيا ڇوڪرا ته منٽ کان پوءِ پنهنجا هٿ ڇوڪريءَ جي هپس تي ڦيريندا آهن، ان کان علاوه ڊانس کان پوءِ عزت سان مون کي ٽيبل تائين پڄائڻ سٺو لڳو“ .
شرمائيندي چوڻ لڳي: ”ها، تنهنجين ٻانهن جا مسلز ۽ سخت ڇاتي به مون کي وڻي“.
”مهرباني، پوءِ ڀلا چيلينج قبول آهي؟!“.
آيان مرڪندي هُن کان پڇيو ته ڪيترينا وراڻيو:
”ان ڪري ته هتي آهيان“.
هو ٻئي اٿي اچي هيٺ لابيءَ ۾ رکيل ٽيبل تي کيڏڻ لڳا، ڪرسمس ۽ نئين سال جي موڪلن جي ڪري لوڪل ڇوڪرا ته هتي ڪو نه هئا رڳو ڪجھه فارينر رهيل هئا، ٽيبل ٽينس کيڏندي وقفي ۾ اتي ئي رکيل مشين مان ڪافي ۽ چاڪليٽ ڪڍي پيئندا رهيا.
ان کان پوءِ آيان ۽ هن جون ملاقاتون ٿيڻ لڳيون. هوءَ هاڻي آيان لاءِ ڪيترينا مان رڳو ڪيٿي رهجي وئي هئي. هوءَ آيان جي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪي هئي. گھڻو ڪري راتين جو به سندس ڪمري ۾ رهي پوندي هئي. هوءَ پيئڻ جي گھڻي شوقين نه هوندي هئي، تنهنڪري ويڪ اينڊ تي آيان جڏهن دوستن سان بيئر پيئڻ لاءِ پب ويندو هيو ته هوءَ ڪمري تي پينٽنگ ڪندي هئي يا ڪو اسڪلپچر ٺاهيندي هئي ۽ واپسيءَ ۾ هنن سڀني لاءِ رات جي ماني به ٺاهي ڇڏيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڊرنڪ هئڻ جي صورت ۾ جوتا لاهي، آيان کي سمهاريندي به هئي. مطلب ته هن سان آيان جي گهرائپ هڪ شادي شده جوڙي جيان هئي.
هڪ ڀيري، ٿئيٽر تان موٽندي، هو پنهنجي هاسٽلن تي موٽڻ لاءِ ريڊيو بس اسٽاپ وٽ ”39 بس“ جو انتظار ڪري رهيا هئا ڪيٿي، آيان جي ٻانهن ۾ ڦاٿل هئي ۽ اتان ٻه ٽي ٽين ايجر سلوواڪ گذريا، جن آيان کي ڏسندي ڪاوڙ مان چيو
”اشڪاريدي(بدصورت)“
ان تي ڪيٿيءَ هنن کي وڌيڪ چيڙائڻ لاءِ آيان کي ڀاڪر ۾ ڀري پنهن جي گھڻو ويجھو ڪري ڇڏيو آيان جي منع ڪرڻ تي هن چيو:
”مان هنن کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته تون هنن کان وڌيڪ خوبصورت آهين“.
پهرين مئي تي هوءَ آيان جي ڪمري تي منجھند جو ڌوڪيندي آئي، موڪل هجڻ ڪري هو اڃان ننڊ جي خمارن ۾ هيو، هن وٽ ڊپليڪيٽ چاٻي هئي ۽ سڌو هن جي بستري ۾ گھري اچي کيس پيار ڪرڻ لڳي. هوءَ ”آءِ لويو.....“ به چوندي رهي.
آيان به مرڪندو هن جي پيار جي موٽ ڏيندو رهيو. گھڻي دير کان پوءِ هن چيو :
”مان تنهنجي ان ڳالهه تي ڏاڍي خوش ٿي آهيان، مون کي زندگيءَ ۾ اڄ پهريون ڀيرو ماياليس جو مزو آيو آهي“.
ماياليس، پهرين مئي تي ملهائي ويندي آهي، ڪميونسٽن جي زماني ۾ ته اهو ڏينهن عيد جي ڏڻ جيان ملهايو ويندو هو. ان ڏينهن هر ننڍي وڏي شهر ۾ ريلي نڪرندي هئي، جنهن ۾ ٻار کان وٺي ٻڍي تائين، عيد جيان نوان ڪپڙا پائي شريڪ ٿيندا هئا، ريليءَ کان پوءِ ڪلچرل پروگرام ٿيندا هئا. شهر جي وچ ۾ هڪ وڏو وڻ، مختلف رنگن جي ربنن سان سينگاريو ويندو هو. جنهن کي ماياليس سڏيو ويندو هو. ماياليس، گھڻي وقت کان وٺي ملهائيندا آهن، اڳي جڏهن ڪو ڇوڪرو ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو هو ته ان ڏينهن تي پنهنجي محبت جي اظهار طور رات جو دير سان، گھر وارن جي بي خبريءَ ۾ هنن جي باغ يا آڳر ۾ اهڙو وڻ پوکي ايندو هو.
آيان به رات جو دير سان ڪيٿيءَ جي گھر جي ٻاهران واري لان ۾ اهڙو وڻ هڻي آيو هيو. جنهن تي هوءَ ايتري خوش هئي.
هن آيان کي جلدي تيار ٿيڻ لاءِ چيو جو اڄ گرائونڊ ۾ ماياليس جو پروگرام هو. گرائونڊ ۾ وڏن اسپيڪرن تي ميوزڪ لڳل هئي، ڀرسان بيئر، گرم وائين، هاٽ ڊاگ جا اسٽال لڳل هئا. ان وقت اسٽيج تي ڏهه کن ڇوڪريون بيٺيون هيون، انائونسر اعلان ڪيو:
”اسان جي ججن هنن ڏهن ڇوڪرين کي فائينل لاءِ چونڊيو آهي. باقي پهريون، ٻيون ۽ ٽيون نمبر عوام تي ڇڏيل آهي“.
ڇوڪرا، ڇوڪريون نشي جي مستيءَ ۾ سرشار هئا. اسٽيج تي ڇوڪرين کي ٽي شرٽ پيل هئي، ۽ مختلف پوز هڻي پنهنجي جسم جي نمائش ڪري رهيون هيون. هيٺيان هر پوز تي هُوڪرا هئا. آخر ۾ انائونسر هر هڪ ڇوڪريءَ تي هٿ رکندو ويو...عوام جي هوڪرن ۽ تاڙين مان ان ڇوڪريءَ جي رينڪ جي خبر پئجي رهي هئي. پهرين نمبر تي اچڻ واري ڇوڪريءَ کي ان جي بواءِ فرينڊ پنهنجن ڪلهن تي کڻي سڄي گرائونڊ جو چڪر هڻايو. اهڙا ٻيا به مقابلا ٿيا، جن ۾ گھڻي اشپاگيتي کائڻ، گھڻا بيئر پيئڻ وغيره شامل هو. پوءِ سڄو ڏينهن ڊسڪو ٿيندو رهيو. سڄي گرائونڊ ۾ کل خوشيءَ جا ٽهڪڙا هجن. خبر ئي نه پئي ته رات ٿي وئي. يارهين ڌاري اعلان ڪيو ويو ته هاڻي پروگرام ختم، هاڻي سڀ ”ماياليس“ هڻڻ هلندا. سڀئي ماڻهو وڏي ۾ وڏي هاسٽل ”اشتورا“ ڏانهن هليا، جنهن جي سامهون اڳ ۾ ئي هڪ وڏي کڏ کوٽي وئي هئي ۽ ڀرسان هڪ وڏو سڪل وڻ هو جنهن ۾ هر ڪنهن اچي ربن ٻڌي، ان کان پوءِ وڻ کي ان کڏي ۾ سڌو ڪري بيهارڻو هو. سڀ همراهه نشي ۾ هجن ۽ وڻ به وڏو هو، تنهنڪري ان جو توازن رکڻ ڏکيو هو. ڪڏهن هڪ طرف ڪرڻ پئي لڳو ته ڪڏهن وري ٻي طرف. جنهن طرف نِويو پئي ته ماڻهن وٺي ڊڪون پئي ڀريون. نيٺ ڪاميابي ٿي، کڏي ۾ مٽي ۽ پٿر وجھي وڻ کي مضبوط ڪيو ويو. جيئن ڪم پورو ٿيو ته هر بواءِ فرينڊ، پنهن جي ڇوڪريءَ کي چمي ڏني، جيڪي فرينڊ نه به هئا ته ٻکين پئجي ويا. گھڻن موالن ته ماياليس کي جھنڊو سمجھي فوجين جيان سلامي ڏني.
عائده پنهنجا چپ آيان جي چپن تي رکيا ته هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي ويو. بس به هاڻي براتيسلاوا جي چڙيا گهر وٽان گذري رهي هئي. بس اچي اسٽاپ تي پهتي. آيان دريءَ مان هيٺ نهاريو ته هن جا دوست کين وٺڻ آيا هئا.

******

بس اسٽاپ تي پاڪستاني علي، ضيا، اعجاز، انڊين اڪشي، بنڌنا، انيتا، بنگالي شوڪت، شومن، عراقي علي، سليمه، افغاني فيروز، عليم، سلمى، عائشه، سلوواڪ پيتر، ماريا، مارتا، فنڪووا زوزانا، آندري، کين وٺڻ آيا هئا. سلواڪيا جي همراهن کان علاوهه ٻيا سڀ فارينرس، تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ اتي سيٽل ٿي مختلف ڪمن ڪارين ۾ مشغول هئا. ڪي بزنس ته ڪي وري نوڪري ڪري رهيا هئا. هو جيئن ئي بس مان لٿا ته سڀ کيس ملڻ لاءِ وڪوڙي ويا، آيان، سڀني سان عائده کي به ملايو، جنهن تي افغاني ڇوڪري سلمى جو منهن لهي ويو، جنهن کي محسوس ڪري آيان کي به ڏک پهتو، اها ڳالهه عائده به محسوس ڪئي.
دوستن رهڻ جو بندوبست ان هاسٽل ۾ ڪيو، جنهن ۾ آيان رهندو هو. اها هاسٽل شادي شده اسٽوڊنٽس ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙن لاءِ هوندي هئي.
هاسٽل ۾ داخل ٿيندي ئي آيان اها ساڳي خوشبوءِ محسوس ڪري هڪ وڏو ساهه کنيو، هونئن هر جڳهه جي پنهنجي هڪ خوشبو ٿيندي آهي. جيئن ئي اندر داخل ٿيو ته رسيپشن تان ڪراڙو پروفيسر ”ويتائچي(خوش آمديد)“ ڪندو ساڻس اُڪير سان مليو. آيان جي هڪ خوبي هوندي هئي ته مختلف رسيپشنسٽ سان رات جو دير تائين ڪچهري ڪندو هو. اهو پروفيسر يونيورسٽيءَ ۾ ڪميونسٽ فلاسافي پڙهائيندو پر 89ع واري مخملي انقلاب کان پوءِ هن کي بي روزگار ڪيو ويو هو ۽ پوءِ هو هاسٽل تي رسيپشنسٽ ٿيو هو. پروفيسر هر وقت اخبارن لاءِ مضمون لکي موڪليندو رهندو هو. جيڪي شايع نه ٿيندا هئا. ڇو جو هاڻي اهي ڳالهيون ماڻهن جي پسند جون نه رهيون هيون. ان کان علاوه هو هڪ ڪتاب لکي رهيو هو جنهن جي باري ۾ آيان سان بحث ڪندو هو ۽ کيس تفصيل سان ٻڌائيندو هو ته هن ملڪ ۾ نئون حڪومتي سسٽم ڪهڙو هجڻ گھرجي. ان ئي پروفيسر کيس ٻڌايو هو ته سندس پراڻا سُودرو (ڪامريڊ) هر آچر تي هڪ ڳوٺ ۾ پنهنجا سڀ ئي ٻلا ۽ اعزاز ورديءَ تي سجائي گڏ ٿيندا آهن ۽ پراڻي زماني جون ڳالهيون ياد ڪري ۽ ڪلوباسا کائي ۽ بيئر پي خوش ٿيندا آهن. هو ماڻهن جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪندي لينن کي ياد ڪندي چوندا آهن ”ڪيتري وڏي سياسي آزادي به بکايل عوام کي مطمئن نه ڪري سگھندي“.
ان شام جو يونيورسٽيءَ جي ڀر واري ٻيلي ۾ پڪنڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. سڀ باهه جي چوڌاري ويٺل هئا ۽ سندن ڀر ۾ وائين جون بوتلون، بيئر جا پيپ، ۽ ساسيجز ۽ بريڊ پيل هئا.
بيئر جي ڊرم ۾ هڪ نلڪي وڌي وئي هئي، جنهن جي هڪ ڇيڙي تي سائيڪل جو پمپ لڳل هو. جنهن ۾ هوا ڀري پوءِ گلاس کي ڀريو پئي ويو ته جيئن بيئر ڊرم مان پريشر سان نڪري سگھي.
ان کان علاوه جنهن کي به بک پئي لڳي ته هو وڻ جي ڪنهن ٽاري کي پٽي ان ۾ ساسيج وجھي باهه تي سيڪي بريڊ يا ان کان بغير کائي پيو.
آيان کي اعجاز تي حيرت ٿي جيڪو بيئر جا گلاس ڏوگھي رهيو هو. اعجاز هيو ته پاڪستاني پر هنجو پيءُ سعودي عرب ۾ انجنيئر هو ۽ هُن کي سيلف فنانس تي ميڊيڪل پڙهڻ لاءِ سلوواڪيا موڪليو هئائين. آيان کي ياد آيو ته سندس الوداعي پارٽيءَ ۾ دوستن پهريون ڀيرو اعجاز کي بيئر پياريو هو ۽ ڪنهن ڇوڪريءَ سان ڊانس ڪرائي هئي. کين ٻي ڏينهن تي خبر پئي هئي ته جيئن ئي رات جو پروگرام پورو ٿيو هو ته اعجاز پاڻ کي ايڏو ڏوهي پئي محسوس ڪيو جو رسو هٿ ڪري پنهنجو پاڻ کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ ان ئي ٻيلي ۾ آيو هو، پر شوڪت کي جيئن ئي ڀڻڪ پئي هئي ته هُنَ ٻين دوستن کي گڏ ڪري، ٻيلي ۾ پهچي، هُن کي ڳولهي، کيس پڪڙيو هو. اعجاز شوڪت سان ڳلي ملي ڍڍڪرون ڏئي رنو هو ۽ شوڪت کي چيو :
”مان زنده نه ٿو رهڻ چاهيان، منهنجي سڄي عمر جي پرهيزگاري داغدار ٿي وئي. مون کي شراب کان ايتري نفرت آهي، بس الائي ڪيئن غلطي ڪري ويٺس. مون کي پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي آهي. ٻيو جيڪڏهن والدين کي خبر پوندي ته هو ڇا سوچيندا، هو به ته مري پوندا“.
”ڏس، غلطي ٿي ويندي آهي، ۽ توکي خبر آهي ته رب پاڻ رحيم آهي، تون ان کي ٻاڏائي معافي وٺ. باقي رات وارا اهي فوٽو جنهن ۾ تون هوندين، اهي نيگيٽو سميت توکي ڏيندس ته انهن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏ“.
اعجاز اڃان به سڏڪا ڀري رهيو هو، شوڪت کيس چيو:
”ڇا ڀلا خودڪشي حرام ناهي؟ اهو تون وري ڪهڙو سٺو ۽ اسلامي عمل ڪري رهيو آهين“.
ڪنهن نه ڪنهن نموني راضي ڪري شوڪت هُن کي ڪمري تي وٺي آيو.
پر اڄ اعجاز نه رڳو بيئر ڏوگھي رهيو هو، پر پاڻ سان هڪ ڇوڪري به وٺي آيو هو جنهن جي مڌ به پي رهيو هو.
ٽيپ رڪارڊ تي ڪنهن ڪيسٽ لڳائي هئي، فاسٽ ميوزڪ هئي. سڀ اٿي ڊانس ڪرڻ لڳا، جڏهن ساڻا پئي ٿيا ته ويهي ساهي پٽي وري پيا سڀني جي پيرن جي سُر سان سُر ملائن. وقفي وقفي سان سلو رومينٽڪ سانگ به هلن پيا. جڏهن هڪ رومينٽڪ سانگ هليو ته سلمى، آيان وٽ آئي ۽ پنهنجي هٿ اڳيان وڌائيندي کيس ناچ جي آڇ ڏني. جڏهن ته اهو ڪم ڇوڪرو ڪندو آهي. آيان، عائده کي ڏسڻ کان پوءِ اٿي بيٺو ۽ سلمى جي چيلهه ۾ کٻو هٿ ورائي ۽ ساڄِي هٿ ۾ سلمى جوکاٻو هٿ وٺي نچڻ لڳو. هوءَ سندس گھڻو ويجھي اچي پنهنجو مٿو آيان جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو هو. ٿوري دير کان پوءِ آيان محسوس ڪيو ته سندس ڪلهو ڀڄِي ويو آهي، هُن سلمى جو منهن پنهنجي منهن جي سامهون آندو ته سلمى جي اکين مان ڳوڙها ستار جي ڪنهن ڌن جيان وهندي نظر آيا. آيان وري هُن جو مٿو پنهنجي ڪلهي تي رکي پنهنجا چپ سلمى جي ڪن ڀرسان آڻي پڇيو
”اهو ڇا آهي؟“.
”معاف ڪجان پنهنجي وس ۾ ناهيان“.
”ها پر، اهو سڀ ڇو؟“.
”توکي وڃائي. مان ڏاڍو ڀوڳيو آهي“.
”پر اڳ ته تون ڪڏهن ائين نه چيو هو نه وري مان محسوس ڪيو هو“.
”ها غلطي منهنجي هئي، اهو روڳ مون پاڻ پاليو هو“.
”اهو وري ڪيئن؟“.
”توکي چاهيندي ته ٻوليءَ واري اسڪول کان وٺي هيس، پر تنهنجو مون سان واسطو شفاف هوندو هو ۽ ڪڏهن به تنهنجن اکين ۾ پنهنجي لاءِ ڪو احساس محسوس نه ڪيو هو، ان ڪري ڪڏهن به توسان اها ڳالهه ڪرڻ جي جرئت نه ٿي. پر تون ويو آهين ته منهنجي دنيا مان زندگي نڪري وئي آهي“.
”پر ايترا سال؟“.
”ها ايترا سال، مون توکي پوڄيو آهي، مون کي پڪ هئي ته هڪ ڀيرو تون ضرور ايندين، پر اڄ آئين به ڪنهن ٻي سان...“.
هوءِ روئڻ لڳي ۽ پوءِ وري سرٻاٽ ڪيائين:
”هڪ ڳالهه چوان، جي خراب نه لڳئي ته؟“.
”ها چئه“.
”مون وٽ تون هر وقت گڏ هوندو آهين. ياد ٿي!، پهريون ڀيرو تون منهنجي هاسٽل جي ڪمري تي آيو هئين. مون چانور ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ ٺاهيو هو. توکي ڏاڍو وڻيو هو. مون کي خوشي ٿي هئي. ان ڏينهن واري پليٽ، تنهنجو مروڙيل ٽشو پيپر ۽ مرغيءَ جي ران واري اها هڏي مون وٽ محفوظ آهي“.
”اڙي چري...!“.
”ييس آءِ ايم....“.
”پوءِ، هاڻي ته ڪو حل به ناهي“.
”ها، مان سڀ سمجھان ٿي“.
”پر توکي ته هو افغاني عمر جو چاهيندو هو، جيڪو ڪراٽي جو انسٽرڪٽر هو“.
”وڏو بدمعاش هو، هو منهنجي ڪڍ هو، ليلڙاٽيون ڪندو هو، هن مونکي ڌمڪي به ڏني هئي ته جي اهو پاڪستاني وري تنهنجي ڪمري ۾ ڏٺو اٿم ته توهان ٻنهي جو خير نه هوندو. تون ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، پوءِ مون توکي ڪمري تي اچڻ جي دعوت نه ڏني هوندي، انڪري نه ته مان ڊڄان پئي پر مون کي تنهنجي عزت جو خيال هو. تون هتي سڀني ۾ عزت وارو هئين. شايد اهو ئي هڪ سبب به هو تو ڏانهن توجهه ڏيڻ جو. سڀ ڪو تنهنجي ڳالهه ڪندو هو. هر ڪو تنهنجو نالو عزت سان وٺندو هو. خير تون به ته سڀني کي عزت ڏيندو هئين. توکي ياد ناهي ته اسان ڇوڪريون ڪيترا ڀيرا تو وٽ يا ڪنهن سفر ۾ توسان گڏ رهنديون هيونسين. ڇو جو اسان کي خبر هئي ته تون ڪنهن کي به مجبور نه ڪندين. هوءَ ويٽريس ياد ٿي؟ جيڪا اسان واري هاسٽل ۾ هوندي هئي. جنهن جي ڪڍ سڀ ڇوڪرا هوندا هئا پر هوءَ ڪنهن کي به لفٽ نه ڏيندي هئي. ان به هڪ ڀيرو مون کي چيو هو ته مان توکي ٻڌايان ته هوءَ توکي چاهي ٿي. هن توسان سنگت پئي رکڻ چاهي، مون کانئنس اهو پڇيو ته ايترا ڇوڪرا جيڪي آيان کان عمر ۾ به ننڍا آهن سمارٽ آهن، ڪجھه ته سلوواڪ به آهن، ته انهن کي ڇو نه ٿي موٽ ڏين. جنهن تي هن جواب ڏنو هو ته راجا سڀني کي عزت ڏيندو آهي، ڪنهن جي بي عزتي نه ڪندو آهي..... نه ته هتي ته ٻن پيگن کان پوءِ الائي ڇا ڇا اسان کي چوندا آهن .....“.
”اهو راجا وري ڪير آهي؟“. آيان سلمى کان پڇيو.
”هوءَ توکي راجا چوندي هئي، چوندي هئي هي ائين ٿو ورتاءَ ڪري ڄڻ ڪنهن رياست جو راجا هجي“.
”اڇا“.
”جي، پر مونکي معاف ڪجان.... مان تنهنجي شام خراب ڪئي“.
”نه نه اهڙي ڳالهه ناهي“.
”وقت ملئي ته مون کي ٻه منٽ خلاصا ضرور ڏجان“.
”ڪوشش ڪندس“.
سلميٰ وري روئڻ لڳي. تيز موسيقي وڄڻ تي هو هڪٻئي کان ڌار ٿيا. هوءَ پنهنجا ڳوڙها لڪائڻ لاءِ اونده ۾ هلي وئي. عائده، آيان جي ڪلهي تي پنهنجو مٿو رکندي پڇيو:
”واٽ از پرابلم وٿ هر؟“.
”ڊونٽ نو“.
”بٽ، آءِ نو“.
”واٽ؟؟!“
”ايني وي، هوءَ توسان پيار ڪري ٿي“.
”شايد ...... “.
”پر مان به ڪيان ٿي، خبر ناهي تو ۾ ڇاهي؟!“.
”ڪجھه ڪونهي منهنجو دماغ خراب نه ڪر، مان ڪجھه به ناهيان، نه خوبصورت آهيان، نه وري ڪو سقراط آهيان، نه وري راجا اندر آهيان، نه راسپوٽين آهيان. مان هڪ خصيص ماڻهو آهيان. ڄٽ آهيان، مون کي ته لڳي ٿو ته مان هڪ وڏو فراڊي آهيان، مان ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن سان کيڏان ٿو. مونکي ڪو حق ناهي ڪنهن جي جذبن سان کيڏڻ جو. ضرور مون ۾ ئي ڪا خرابي هوندي جو ڇوڪريون ايئن سمجھن ٿيون، منهنجو ئي ڪو اهڙو عمل هنن کي ايئن سوچڻ تي مجبور ڪندو هوندو. مان ڏوهي آهيان، مان ڪرمنل آهيان“.
عائده، حيرت مان هن کي ڏسندي رهي. هوءَ سوچڻ لڳي ته آيان کي ڇا ٿيو آهي؟!..... آيان اڃان ڪجھه چوڻ پئي چاهيو ته عائده جي چپن هن کي ڪجھه چوڻ کان روڪي ورتو.