6
هنن ٽنهي ڄڻن سنڌ جي مختلف شهرن کي گھمي ڏٺو. ڪراچيءَ جي سينڊس پٽ کان وٺي ابراهيم حيدريءَ جي سامونڊي ڪنارن تي هڪ ٻئي جون خوشبوئون جھٽيون. انکان پوءِ هوءَ ۽ هن جي سهيلي ناردرن ايريا گھمڻ ويون، جتي به آيان جي دوستن هنن لاءِ انتظام ڪيو هو. هو ٻئي ڄڻيون ڪراچيءَ واپس آيون ته هڪ ٻه ڏينهن رهي، ايريڪا جي سهيلي مارتينا واپس جرمنيءَ هلي وئي. آيان، کيس چيو هو :
”تون اڳ بڪنگ ڇو ڪرائي آهي؟ هفتي کان پوءِ ايريڪا سان وڃين ها.....“
”هوءَ، تو سان ڪجھه ڏينهن اڪيلو رهڻ چاهي ٿي. ان ڪري ئي هن مون کي چيو هو ته هفتو اڳ جي بڪنگ ڪرايان“. هوءَ مرڪندي رهي ۽ آيان خاموش ٿي ويو.
ان کان پوءِ، آيان ۽ ايريڪا مڪلي، موهن جو دڙو ۽ ڄامشورو گھمڻ ويا. موهن جي دڙي ۾ چانڊوڪيءَ ۾ ٽيڪسي ڊرائيور کين صوفياڻا ڪلام ٻڌائيندو رهيو. جن جو مطلب آيان کيس ٻڌائيندو رهيو. عشق جي ذڪر هن جي ڳلن تي ڳاڙهاڻ آڻي ڇڏي هئي. هنن ٻنهي جي ساهن ۾ موهن جي دڙي جي دز بخور جو ڪم ڏيندي رهي.
ڄامشوري ۾ هو ٻئي يونيورسٽيءَ جي رستن تي گھمندا رهيا. ايريڪا پنهنجي منهن ڳالهائيندي چيو :
”ڏس! هن يونيورسٽيءَ جي اوندهه ۽ خاموشيءَ ۾ ڪيڏي نه موسيقيت آهي، جيڪا اسان کي سلوواڪيا جي يونيورسٽيءَ ۾ نه ملي. حالانڪ تون ۽ مان اتي به ايئن ئي گھمندا هياسين يا هاسٽل جي ڀرسان واري ٻيلي ۾ ڪيتريون راتيون باهه تي گڏ گذاريوسين ۽ اتي آزادي به وڌيڪ هئي“.
هن آيان ڏي مرڪندي معنى خيز نگاهن سان ڏٺو. هُن جواب ۾ مرڪي کيس چيو:
”مون سمجھيو هو ته اسان سنڌي شاگردن جو هن يونيورسٽيءَ سان پيار هجڻ ڪري ايئن محسوس ٿيندو آهي. اسان جو نوجوان ته ڄامشوري کي پنهنجي زندگيءَ جي هڪ اهم ۽ رومينٽڪ موڙ طور ياد رکندو آهي. پر تون به ايئن محسوس ڪرين ٿي ته مون کي يقين آهي ته هن ڌرتيِءَ ۾ ئي رومانس موجود آهي“.
آيان کيس حليم باغيءَ جي شاعريءَ مان سٽون ٻڌائي ان جو ترجمو ڪيو:
اڙي شهر جانان! ڪي توکي سنڀارون
ته شاعر جون گذريون، هتي پنج بهارون
۽ هن جي هلڻ ۾ هئي سارنگ جي رم جھم
کلڻ ۾ ته ميران جي سرندي جون تارون
تصور ۾ اڀري اچن ٿا سي ڏينهڙا
جڏهن هن جي چوٽيءَ مان ڦٽيون ٻه ڌارون
ايريڪا ننڍي ساهيءَ کان پوءِ سگريٽ جو هڪ وڏو پف هڻندي، آيان کي چيو:
”مان خوشنصيب آهيان، جو هتي آئي آهيان، توکي ڏٺو اٿم، تنهنجي گھر ۽ تنهن جي ڏينهن رات جي مصروفيتن کي محسوس ڪيو اٿم. هاڻي مون کي تنهنجو تصور ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. توسان من ئي من ۾ ڳالهائڻ ۾ ڪا ڌاريائپ نه رهندي“.
”تون منهنجي جيون کي به هڪ نئون رنگ ڏئي ٿي وڃين. عام طرح اهو چيو ويندو آهي ته يوروپين جي دوستي صرف ٿوري وقت لاءِ هوندي آهي پر تون ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪيو آهي“.
”اهو ڪنهن حد تائين صحيح به هوندو، پر تون به ته ٻيو آهين، عام ماڻهن جيان نه آهين. خبر ٿي ڪراچيءَ مان جڏهن فون ڪري امڙ کي پنهنجي خيريت جو ٻڌايو هيم، ته هاڻ مان آيان وٽ پهتي آهيان ته هُن ٿڌو ساهه کڻي شڪر ڪيو هو ۽ چيو هيائين ته هاڻي مون کي تنهنجو فڪر ناهي. تون محفوظ هٿن ۾ آهين“.
هُن جھٽ رکي چيو:
”جيڪڏهن مان هتي رهي پوان....؟!“
”مون کي ڪو اعتراض ناهي، رهي سگھندينءَ؟!“
”ها پر هڪ شرط تي، ته تون مون سان گڏ هوندين ۽ پوءِ ڄامشورو هجي يا ناردرن ايريا، پنهنجي زمين وٺي پوکي ڪنداسين ۽ گڏ رهنداسين. مان تو سان رهڻ ٿي چاهيان“.
”هتي رهڻ جو سبب؟!“.
”تون“.
”اتي مان تو سان گڏ ناهيان؟“.
”آهين قريب ۽ ناهين به“.
”مان ته سمجھان ٿو ته مان اتي به توسان ايترو قريب آهيان“.
”ها پر مون کي تنهنجو ڇهاءُ کپي، مون کي تحفظ کپي، مان پنهنجي پيءُ جي خودڪشيءَ کان پوءِ غير محفوظ رهي آهيان“.
ايريڪا روئندي چيو:
”خبر ٿي مون کي امڙ تو ڏانهن زور ڪري موڪليو آهي، هاڻي منهنجو هُن سان اختلاف نه رهيو آهي، هوءَ ڪينسر جي مريضه آهي. خبر ناهي ڪيترو وقت زنده رهي. هُن چيو آهي ته توکي وٺي جرمني اچان يا هتي تو وٽ مان رهي پوان“.
”پر...“.
”پر مون کي خبر آهي ته هتي تون بهتر آهين. جرمنيءَ ۾ تون نسل پرستن جو شڪار ٿي ويندين. تنهنڪري مون کي اجازت ڏي ته تو وٽ رهي پوان. پر مان امڙ جي وفات کان پوءِ اينديس“.
”پر تنهنجي لاءِ به هتي رهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو. مونکي خبر آهي ته يوروپين جو رهڻ، اهو به اسان جهڙي هيٺين مڊل ڪلاس جي روين ۽ حالتن ۾، انتهائي ڏکيو آهي. ڪجھه وقت رهڻ کانپوءِ تون به يڪسانيت جو شڪار ٿي چڙچڙي ٿي پوندينءَ. هتي اها به آزادي ناهي. شايد مان ئي حالتن کي ڏسندي ڪي بندشون مڙهيان. تڏهن به تون ڏکي ٿيندينءَ. توکي ته منهنجي سڀ خبر آهي جيڪڏهن ڪنهن يوروپين کي هتي رهائڻو هجي ها ته سلوواڪيا ۾ ڪنهن کي نه وٺي اچان ها. هنن کي تون به ڄاڻين ٿي. پر مان اهو سڀ ڪجھه سمجھندي ڪنهن کي به دوکي ۾ نه رکيو، ڪنهن کي به شاديءَ جو دلاسو نه ڏنو“.
”اهو زمانو ٻيو هو. ان وقت مان به ٻي هيس. هاڻي ٻي آهيان. بلڪل تبديل ٿيل. بس في الحال ڪجھه نه چئو. امڙ کان پوءِ ڏسنداسين“.
ايئن چئي هوءَ روئڻ لڳي. آيان ڪجھه به نه چيو بس کيس ڳلي لڳائي ڇڏيائين.
ايريڪا ايئر پورٽ تي روئندي موڪلايو.
ڪجھه وقت کان پوءِ آيان کي هُن جي فون آئي، روئندي کيس ٻڌايائين:
”امڙ گذاري وئي آهي ۽ لڳي ٿو ته مان به هُن سان گڏ دفن ٿي وئي آهيان. هاڻي منهنجي لاءِ به زنده رهڻ نه رهڻ هڪ ئي ڳالهه آهي. مان شام جو ڪمري ۾ ٽي تصويرون رکي، ميڻ بتي ٻاري عبادت ڪندي آهيان. هڪ بابا جي، هڪ امڙ جي ۽ ٻي تنهن جي.“
”تون ته واعدو ڪيو هو ته مون وٽ ايندينءَ، ڪڏهن ٿي اچين؟“
”نه توکي ڪنهن تڪليف ۾ وجھڻ نه ٿي چاهيان“.
”مونکي تڪيلف نه ٿيندي. جي تون راضي آهين، تون ته سڄو ماحول ڏسي وئين آهين. ضرور اچ“.
”هاڻي مان انهن ضرورتن کان مٿاهين ٿي وئي آهيان، خير مان ڪوشش ڪنديس“. هن روئندي فون رکي ڇڏي.
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ آيان وٽ، ايريڪا جي سهيليءَ جي ايميل آئي:
“I am sorry to inform you that Erica is no more alive, she was very disturb in her last days and found dead in her flat with a bullet of a pistol(of his father) in her head and hugging three pics in her arms, one of her father, one of her mother and one of you”
(مونکي ڏاڍي ڏک سان توکي اهو اطلاع ڏيڻو ٿو پئي ته ايريڪا هاڻي نه رهي آهي. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ مئل لڌي، سندس مٿي ۾ (سندس پيءُ جي) پسٽل جي گولي لڳل هئي، پسٽل سندس هٿ ۾ هو ۽ سندس ڀاڪر ۾ ٽي تصويرون هيون. هڪ ماءُ جي، هڪ پيءُ جي ۽ هڪ تنهنجي).
آيان جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ هُن ڪمپيوٽر ۾ رکيل ايريڪا جي مرڪندڙ تصوير کي اسڪرين تي آندو ۽ ان تصوير جي اڳيان ميڻ بتي ٻاري ڇڏي.
******
گاڏي هڪ چيڪٽ سان هڪ گھر آڏو بيٺي ته آيان حيرانيءَ مان فهد کي ڏٺو.
”زوزانا جو گھر آهي هن سان ملندا ٿا هلون“.
”هنن کي ٻڌايو هيئي ڇا؟“.
”نه، سرپرائيز گفٽ“.
”سرپرائيز ته آهي باقي گفٽ جي خبر ناهي .....“.
زوزانا، فائين آرٽس جي شاگردياڻي هئي. هوءَ جوان، ڏاڍي سهڻي ۽ سلڇڻي ڇوڪري هئي. فهد واري هاسٽل ۾ ئي رهندي هئي، سندس فهد سان سٺي دوستي هوندي هئي. فهد، پنهنجي پاڪستاني دوستن مان رڳو آيان سان ئي کيس ملائيندو هو، جو زوزانا ئي کيس چيو هو ته ٻيا پاڪستاني ته رڳو بيئر پيئڻ کان پوءِ کائڻ ٿا اچن. آيان ۽ هوءَ ٻئي آرٽ تي ڳالهائيندا هيا. آيان سندس پينٽنگز تي تبصرو ڪندو هيو، هن ۾ ترميمون آڻڻ جون صلاحون ڏيندو هيو، جيڪي اڪثر ڪري زوزانا کي پسند اينديون هيون. جي ممڪن هوندو هو ته هن کي تبديل به ڪندي هئي. هڪ ڀيري جڏهن چيڪ آرٽ جي ڳالهه نڪتي ۽ آيان ان تي تفصيل سان ڳالهايو ته هو حيرانيءَ مان کيس ڏسندي رهي، ته هڪ ماڻهو جنهن جو سبجيڪٽ آرٽ به ناهي، آهي به ٻاهريون، اهو ايتري تفصيل سان هن جي ملڪ جي آرٽ تي ڳالهائي سگھي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته جي فهد مصروف هوندو يا ڪا کيس يونيورسٽيءَ جي اسائينمينٽ هوندي هئي ته هي ٻئي ڄڻا پراگ شهر گھمڻ نڪري ويندا هيا. هڪ ڀيري هو، ولتاوا جي ڀرسان نيشنل ٿيئٽر جي سامهون واري ان ڪيفي ۾ ڪافي پي رهيا هيا، جنهن ۾ پراگ جا آرٽسٽ، اداڪار، ليکڪ، ۽ سياستدان ايندا هيا. اتي زوزانا،آيان کي ٻڌايو:
“ مخملي انقلاب ۾ هي اهم جڳهه هوندي هئي. هتي اچي روز شام جو سڀ فنڪار ڪٺا ٿيندا هيا ۽ ايندڙ ڏينهن جي منصوبه بندي ڪندا هيا، جيڪا اصل رٿابنديءَ کان مخلتف هوندي هئي. اصل رٿابندي ته هو، ٿيئٽر ۾ ويهي ڪري ايندا هيا. هتي ته رڳو جاسوس پوليس جي اکين ۾ سرمو وجھڻ لاءِ رٿا بندي ڪندا هيا ۽ بيئر پيئندا هيا، جيڪا ان وقت ئي حڪومتي ادارن وٽ پهچي ويندي هئي، پر جڏهن ٻي ڏينهن تي سرزمين تي پهچندا هيا ته ڳالهه ئي ٻي هوندي هئي. هن کيس ٻڌايو ته صدر واتسلاو هاول به اتي ئي اچي ويهندو هو ۽ بيئر جا پيپ پي اٿندو هو“.
تنهن تي آيان کلي کيس چيو:
”تڏهن ته سندس مشهور زمانه ڊرامو ”آڊيئنس“ به ڪنهن بريوري يا پب ۾ بيئر پيڻ وارن ڪردارن، انهن جي مُٽڻ، واش روم ۾ ريح ڪڍڻ ۽ هنن جي بدمزه ڊائلاگن تي ٻڌل آهي“.
آيان کيس ٻڌايو:
”اهو ڊرامو ٿيئٽر ۾ ڏٺو ته سهي، پر مون کي مزو نه آيو. ان ۾ ڪا به آرٽ نه هئي، سواءِ سوشلسٽ حڪومت کي ٻن ٽن گارين ڏيڻ جي. ان کان ته نوجوان ليکڪن جا ڊراما سٺا آهن“.
”ها تون صحيح آهين، پر آمريڪا ۽ انهن جي اتحادين کي ڪو ته مهرو کپندو هو ۽ ان کي باغي ڪري ته پيش ڪرڻو هو. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هاول جي بنياد وڌل تنظيم يا اتحاد، چارٽر 77 ئي اصل ۾ ان حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻيو”
جنهن تي آيان چيو:
“ان کان ته جنگ عظيم دوارن لکيل ياروسلاو هاشيڪ جو ناول جنهن تي پوءِ ڊراما به ٺهيا ۽ فلم به. مذاحيا انداز ۾ هڪ وڏي طنز آهي جنهن ۾ حقيقتن کي هڪ آرٽ جي نموني ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.”
”ها، پر ڪميونسٽ مخالف ماڻهن ۽ حڪومتن جون پنهنجون ترجيحون آهن، نه ته مون کي ته ميلان ڪنڊيرا به نه وڻندو آهي، بس ماڻهو هن کي انڪري پسند ڪن ٿا ته هن جي ناولن ۾ ٿوري ايروٽڪ آهي ۽ ٻيو ڪميونسٽن خلاف پروپيگنڊا“.
”خير پروپيگنڊا ته نه چئون اهي حقيقتون آهن“.
”ها حقيقتون آهن پر جهڙي نموني ميلان ڪنڊيرا کي چيڪ ادب جو نمائندو ٿو سمجھيو وڃي، ايئن ته ناهي. مون کي يا ٻين چيڪ ماڻهن کي بوهوسلاو هربل وڌيڪ وڻندو آهي“.
”اڄ ڀلا رڳو ادب کي کنيو ٿي....“. آيان کيس چيو. جنهن تي زوزانا وراڻيو:
”اڄ منهنجو چريو يار ساڻ ڪونهي نه، هو وري انهن مامرن ۾ ايتري دلچسپي نه رکندو آهي“.
زوزانا ڪافيءَ جا زوريءَ پيسا ڏنا ۽ آيان کي چيائين ته:
”هل اڄ توکي هڪ ٻيو جهان ٿي ڏيکاريان“.
سج لهي چڪو هو. پراگ جون روشنيون ٻري چڪيون هيون. ولتاوا نديءَ ۾ انهن روشنين جا اولڙا پئجي رهيا هيا. سامهون پريزيڊنسي جون بتيون ٻري چڪيون هيون. ان گاٿڪ عمارت جي روشنين سان سجايل اولڙا به پاڻي ۾ پئجي رهيا هئا.
هو ٻئي ولتاوا واري ندي، پل ذريعي پار ڪري ٻي ڀر آيا ته زوزانا کيس ان پل جي ٻي ڇيڙي تي هيٺ وٺي وئي، جتي وڃي آيان حيران ٿيو، هو ڪڏهن به اتي نه آيو هو. اهو حصو ڄڻ ته يورپين جوانن ۽ جوانڙين جي جنت هو. ڪي هپي ٽائيپ هيا، ڪي وري پنڪ، ته ڪي وري ڪيئن ته ڪي وري ڪيئن. انهن جي گھڻائي يورپ کان گھمڻ آيل سياحن جي هئي. اهو ڄڻ ته هڪ ميلو هو. ڪٿي کائڻ جا اسٽال هيا، ته ڪٿي بيئر جا، ڪٿي وري ٿئيٽر هو، ته ڪٿي وري ڪو گٽار وڄائي رهيو هو. آيان کي لڳو ته هو ڪنهن نئين دنيا ۾ اچي ويو آهي. زوزانا چيو:
”هل ٿئيٽر ڏسون“.
آيان کيس چيو:
”پهريائين هن ماحول ۾ ايڊجسٽ ته ٿيڻ ڏي“.
زوزانا سواليا نگاهن سان هن ڏانهن ڏٺو، ته آيان کيس چيو :
”ڪجھه پي ڪري هنن جي ليول ۾ ته اچڻ ڏي تڏهن ته هنن جي ڳالهه سمجھي سگھنداسين“.
آيان پيپر گلاس ۾ پنهن جي لاءِ بيئر ورتو ۽ زوزانا لاءِ ڳاڙهو وائين ۽ هو نديءَ ڪناري اچي پيئڻ لڳا، پراگ جو بتيون ولتاوا جي پاڻي ۾ترورا ڪري رهيون هيون.
هنن پوءِ بليڪ ميجڪ ٿئيٽر ڏٺو ۽ رات جو دير سان هاسٽل واپس وريا هيا. جتي فهد پنهنجي هٿ سان ٺاهيل مرغي ۽ ڊبل روٽي رکي، هنن جو انتظار ڪري رهيو هو.
زوزانا، جو ننڍي هوندي کان هڪ دوست هيو، جنهن سان هُن جو مڱڻو به ٿيل هو، پر هوءَ جڏهن يونيورسٽي پهتي ته سندس دوستي فهد سان ٿي، جيڪو کيس ڏاڍو سٺو لڳو، پر هو ٻئي سٺا دوست رهيا ۽ زوزانا جي شادي پنهنجي دوست سان ٿي وئي. فهد سندن فيميلي فرينڊ رهيو.
ڏاڪڻيون چڙهي فهد ڊور بيل وڄائي ۽ در کلڻ سان سامهون زوزانا پنهن جي پوري حسن ۽ قرب سان آڏو بيٺي هئي. حيرانيءَ مان ٻنهي کي ڏٺائين کن پل لاءِ ڄڻ ساهه کڻڻ وسري ويو هجيس. سامت ۾ اچڻ کانپوءِ هن کين ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيو. سندس گھر جي سجاوٽ هن جي آرٽسٽ هجڻ جو ثبوت هئي. هن گھڻيون ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ گھڻي قدر فهد جي بي رخيءَ جون شڪايتون هيون. زوزانا، رهڻ لاءِ گھڻو زور ڀريو، پر جڏهن کيس ٻڌايو ته پارٽي ۽ انکان پوءِ جلدي واپس وڃڻو آهي. تڏهن به هن ضد ڪيو ته واپسي ۾ ضرورو اچن. هن آيان کي چيو:
”توکي ڏيکارڻ لاءِ هڪڙي جڳهه آهي جتي تنهنجو وڃڻ ضروري آهي“.
”پوءِ ته ڪوشش ضرور ڪبي، پر هڪڙو واعدو تون به ڪر“. آيان کيس چيو.
”ڪهڙو؟“.
”ته اسان کي وقت تي واپس ورڻ ڏيندينءَ ۽ رات رهڻ لاءِ نه چوندينءَ“.
زوزانا مرڪندي چيو: ”اصل مقصد ته اهو هو پر جيئن توهانجي مرضي“.
واپسيءَ ۾ جڏهن هو زوزانا وٽ آيا هيا، هوءَ ۽ سندس مڙس کين ان ننڍي شهر جي ڀرسان هڪ ميوزيم ۾ وٺي ويا، جيڪا اوپن ميوزيم هئي ۽ ان ۾ هڪ پراڻي ڳوٺ کي محفوظ ڪيو ويو هو. اهي ئي گھر، ان گھر ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ سندن پوشاڪون ۽ رهڻي ڪهڻي بلڪل پراڻي زماني جي. دڪان به اهڙا، ڪٿي سٽ پيو ڪتجي ته ڪٿي اُن، ته ڪٿي وري آڏاڻو پيو هلي. ڪٿي وري پوڙهيون عورتون آر ۽ ڀرت ڀري رهين هيون. آيان کي تمام گھڻو مزو آيو.
هن زوزانا کي داد ڏيندي چيو:
” واقعي به هي جڳهه ڏسڻ جهڙي آهي، مون کي ته ڏاڍو مزو آيو، ڀلا هي جيڪا پراڻي ثقافتي ڊريس آهي، ان جو ڪو خاص نالو آهي؟“.
”ها، ان کي ”ڪروئي“ سڏيندا آهن“.
”ڇوڪريون ته ان ۾ ڏاڍيون خوبصورت ٿيون لڳن“.
فهد وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا ته سڀني هن کي حيرت مان ڏٺو ته ان ۾ کل جوڳي ڪهڙي ڳالهه آهي. جنهن تي فهد چيو:
”آيان! هونئن ته تون چوندو آهين ته ڇوڪري، ڪپڙن کان بغير ئي سٺي لڳندي آهي توکي“.
آيان، جي منهن تي ڦڪي مرڪ ڦهلجي وئي ۽ هاڻي ٻيا سڀ کلڻ لڳا.
زوزانا پنهن جي ٺاهيل هڪ تصوير آيان کي گفٽ ڪئي، جيڪا هڪ گلاس پينٽگ هئي، جنهن ۾ ڇوڪريءَ جي اندر جي ڪيفيتن جو اظهار ٿيل هيو.