ناول

پيار درياھ

اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
Title Cover of book پيار درياھ

7

برٿ ڊي پارٽيءَ ۾ آيان جا ڪافي پراڻا دوست مليا. پارٽي هاسٽل جي ڀرسان واري ٻيلي ۾ رکي وئي هئي. وڏي مچ جي چوڌاري ويهي ميوزڪ سان گڏ دوستن سان ڪچهريون به هلي رهيون هيون ۽ سئو ليٽر واري بيئر جي ڊرم کي خالي به ڪري رهيا هيا. ڪجھه دوست موج ۾ اچي ڇوڪرين سان ڊانس به ڪري رهيا هيا. جڏهن انيا به اتي آئي ته آيان کي ۽ هُن کي حيرت انگيز خوشي ٿي ڇو جو اهو ٻنهي لاءِ سرپرائيز هيو. هن آيان کي ٻڌايو ته هوءَ انڊيا وئي هئي پر هاڻي وري هوءَ واپس چيڪ ريپبلڪ ۾ آئي آهي، ڪنهن فرم ۾ ڪم ڪري ٿي.
انيا سان آيان جي پهرين ملاقات تڏهن ٿي هئي جڏهن هوءَ ڪوشيتسي(Kosice) مان پنهنجو ٻوليءَ وارو اسڪول ختم ڪري براتيسلاوا(Bratislava) ۾ ڪيميڪل انجنيئرنگ پڙهڻ آئي هئي. انيا وڏين اکين واري خوبصورت ۽ سلڇڻي ڇوڪري هئي. آيان جي هن سان گھڻي هم آهنگي هئي، هن کي ڌيئرن جهڙو پيار ڏيندو هيو. هڪ ڀيري راکيءَ واري موقعي تي اداس هئي، آيان هن ڏانهن پنهن جي ٻانهن وڌائيندي چيو:
”مان تنهنجو پيءِ به آهيان ته ڀاءُ به“.
ان رات آيان راکيءَ سان گڏ گھر کي ياد ڪندي انيا جا سُڏڪا به ٻڌا هيا.
ڪوشيتسي ۾ پڙهڻ دوران ئي هن جو راجستان جي مهيندر سان پيار ٿي ويو هيو. مهيندر به سلجھيل ڇوڪرو هيو. هو دوستن سان محبت ڪرڻ وارو ۽ پنهن جي پڙهائيءَ سان ڪافي سنجيده هيو. هن هڪ ڀيري ڪچهريءَ دوران آيان کي چيو هيو:
”اسان وچولي طبقي جا آهيون، انڪري اسان جي لاءِ تعليم ضروري آهي ۽ اها به انڪري وٺون ٿا جو اسان کي نوڪري ملي“.
”ها، گھڻو ڪري ماڻهو ان ڪري پڙهن ٿا“. آيان کيس چيو.
”منهنجي دل ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ عجيب خوف پيدا ٿيندو آهي ته مان شايد تعليم پوري نه ڪري سگھان“.
”نه، نه اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، تون محنت ڪرين ٿو ۽ تنهنجا گريڊ به سٺا آهن“ آيان سندس همت وڌائيندي چيو.
”پر الائي ڇو هڪ خوف آهي ته جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري مان ڊگري نه وٺي سگھيس، ته وري واپس وڃي ڪڏهن به راجستان جي ريت تي ويهي راڳ نه ٻڌندس. دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيندس“.
ٻين شاگردن جيان انيا به ڪڏهن ڪڏهن پارٽ ٽائيم جاب ڪندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هوءَ هڪ انڊين واپاريءَ وٽ ڪم ڪندي هئي. اهو ڀارتي واپاري اتي پڙهندڙ ٻين هندوستاني شاگردن سان به اٿندو ويهندو هو. ان ڪري مهيندر به هن وٽ ايندو ويندو هو.
هڪ ڏينهن خبر پئي ته ان واپاريءَ کي ڪو چاقو هڻي، مرڻينگ ڪري ويو آهي. جلدئي خبر پئي ته هنن اهو الزام مهيندر تي هنيو آهي ۽ پوليس وٽ به رپورٽ ڪرائي هئي.
پر آيان ۽ هُن جي ٻين دوستن کي يقين نه پئي آيو. ڇو جو مهيندر ڪڏهن به جذباتي نه ٿيندو هو، هو ته هر وقت مسڪرائيندو رهندو هو.
اها خبر به پئي ته پوليس مهيندر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هڻڻ لڳي هئي، جنهن ڪري هن هاسٽل تي رهڻ ڇڏي ڏنو ۽ روپوش ٿي ويو. پر ان هوندي به هو ڪڏهن ڪڏهن هاسٽل تي انيا کي فون ڪندو هو.
ان دوران هن آيان کي به فون ڪئي ۽ پنهنجو ڏوهه مڃيندي کيس ٻڌايو:
”ها مون اهو قدم کنيو آهي، پر پوليس کي هٿ ڏيڻ کان اڳ توهان سان ملڻ چاهيان ٿو. مون انيا کي به چيو آهي، پر خبر ناهي هوءَ ڪنهن جي چوڻ تي ٿي هلي. هن جو اهو چوڻ آهي ته آءَ پهريائين پوليس کي هٿ ڏيان، پوءِ اتي اچي ملاقات ڪندي. توهان کيس سمجھايو“.
”ها. مان کيس سمجھايان ٿو، جتي به تون چوندين اتي اينداسين“.
”ٺيڪ آهي آيان جي ! آءٌ ڪو مناسب شهر يا ڳوٺ ڏسي، پوءِ فون ڪري ڏينهن ۽ وقت ٻڌائيندس“.
”ٺيڪ آهي، فڪر نه ڪر“.
”مهرباني“.
جيستائين مهيندر جي ٻي فون اچي ته ان وچ ۾ خبر هُلي ته مهيندر ريل هيٺان اچي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو آهي. ان خبر جي صداقت لاءِ هُن جا دوست ڪوشش ڪندا رهيا ۽ ان وچ ۾ پوليس جي به فون آئي ته هو انيا کي لاش ڏيکاري تصديق / شناخت ڪرڻ چاهي ٿي. انيا کي مهيندر جي وفات جي خبر ٻڌائڻ جي ڊيوٽي آيان تي رکي وئي. آيان انيا کي ساڻ وٺي کيس هاسٽل جي ڀرسان واري ٻيلي ۾ گھمائڻ وٺي ويو. هِتان هُتان جون خبرون چارون ڪرڻ کانپوءِ آيان انيا کي چيو :
” هڪ خبر آهي“.
انيا هڪدم ڇرڪ ڀري چيو :
”مهيندر ڏي ته خير آهي نه؟“.
”نه ساڻس هڪ حادثو پيش آيو آهي“.
”جيئرو ته آهي؟“.
آيان جي ذهن ۾ هڪدم ”ها“ ۽ ”نه“ جا ڪيئي بم ڪريا. آيان جڏهن ڏٺو ته هاڻي ”ها“ به ”نه“ بڻجي ويندي. هُن کيس بغير جواب ڏيڻ جي ڀاڪر پاتو ۽ ٻئي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا.
گھڻي وقت کان پوءِ انيا چيو :
”آءُ سندس منهن ڏسڻ چاهيان ٿي ۽ اوهان به مون سان هلندئو“.
آيان کيس ها ڪئي. هو ٻئي بي مقصد رستن تي رلندا رهيا. هاسٽل تي پهتا ته پوليس جو نياپو آيل هيو ته انيا اچي لاش جي سڃاڻپ ڪري. هو ٻئي رات جو ٽرين ذريعي ڪوشيتسي لاءِ روانا ٿيا.
اتي پهتا ته مهيندر جي بنگالي دوست، آيان کي پاسي تي وٺي وڃي چيو:
“انيا کي لاش نه ڏيکاريو وڃي ته بهتر..... ڇو جو ڏاڍي بُري حالت ۾ آهي. اسان دوستن جي ئي حالت خراب ٿي وئي هئي“.
آيان، انيا کي چيو ته هو پاڻ وٽ مهيندر جو مرڪندڙ چهرو رکي ته بهتر، جنهن به ان ڳالهه کي مڃيو.
هو جڏهن پوليس اسٽيشن ويا ته آفيسر انيا کي چيو:
”لاش جي سڃاڻپ ته ٿي چڪي آهي، باقي جي اوهان لاش ڏسڻ چاهيو ته اوهان جي مرضي“.
جنهن تي هُنن ٻنهي انڪار ڪيو.
پوليس مهيندر جي باري ۾ انيا کان معلومات ورتي. ان کان پوءِ پوليس انيا کي ٻه هنديءُ ۾ لکيل خط ڏنا. پوليس ان جو ترجمو پاڻ وٽ رڪارڊ ۾ پئي رکڻ چاهيو. هڪ خط مهيندر پنهنجي ماءُ کي لکيو هيو ۽ ٻيو هن انيا لاءِ لکيو هو، جيڪو هوءَ ترجمو ڪندي پڙهندي پئي وئي:
“...تون چوندي هئينءَ نه ته منهنجيون اکيون نه چمندو ڪر ڇو جو اکيون چمڻ وارا پري هليا ويندا آهن. سو مان به توکان اڄ پري وڃي رهيو آهيان. تون مڃين يا نه پر مان ان ٺڳ واپاريءَ کي ان ڪري ماريو، جو هو پيئڻ کان پوءِ تنهنجي لاءِ گاريون ڪڍي رهيو هو. هن چيو ته جيڪڏهن تون هن سان هڪ رات گذارين ته هيءَ دنيا هن لاءِ سرڳ بڻجي ويندي. پهريائين ته مون کيس گھڻو سمجھايو پر هو ويتر مٿي چڙهڻ لڳو ۽ منهنجو راجستاني خون بي قابو ٿي ويو ۽ ڪچن مان ڇري کڻي کيس ماريو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هو ڪمينو بچي ويو.
...مان هي وڏو قدم ان ڪري کڻي رهيو آهيان جو هتان جي حڪومت مون کي سزا ڏيڻ کان پوءِ پڙهڻ ۽ ڊگري وٺڻ کان بغير گھر واپس موڪلي ڇڏيندي ۽ مان نٿو چاهيان ته منهنجا ماءُ پيءُ اهو صدمو سهن. ڇاڪاڻ جو اهو صدمو ۽ طعنو سڄي عمر سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو. پر منهنجو موت کين ڪجھه وقت روئاريندو ۽ پوءِ بس. ها مان توکي پنهنجي نالي جي ٻنڌڻن مان آزاد ڪيان ٿو. خوش گذارجانءِ ۽ مون کي وسارڻ جي ڪوشش ڪجانءِ..... پر توکي هڪ وينتي ٿو ڪيان ته جنهن سان به دوستي رکين کيس پنهنجيون وڏيون وڏيون اکيون چمڻ نه ڏجانءِ. ڇو جو اکين چمڻ وارا واقعي به پري هليا ويندا آهن ۽ ڏاڍو پري ...“.

******

برنو مان آيان ۽ عائده جون فون تي ڳالهيون ٿينديون رهيون. عائده جي کيس اها ئي التجا ته هو جلدي واپس زهرادڪي اچي. جڏهن آيان زهرادڪي پهتو، ته عائده ساڻس چنبڙي پئي ۽ نيڻن مان نير وهائيندي چيائين:
”الائي ڇو توکان بغير سڀ ڪجھه ٻُسو ٻُسو هيو. ويڪ اينڊ تي ڊسڪو به وياسين پر آءُ رڳو ميڻ بتيءَ جي لاٽ کي ڏسندي رهيس. حالانڪ سڀني مون سان ڊانس ڪرڻ پئي چاهي پر منهنجي دل ايئن ڪرڻ لاءِ تيار نه پئي ٿي“.
عائده ٽشوءَ سان نڪ صاف ڪندي ۽ ماڻو ڪندي چيو:
”پر توکي ته منهنجي پرواهه ئي ناهي. I hate you“
ايئن چئي عائده پنهنجيون کڙيون مٿي ڪري، آيان کي ڪس ڪئي ۽ آيان جي مظبوط ٻانهن ۾ هنجو ڪومل بدن لڇڻ لڳو.
ان شام جو عائده گروپ جي سڀني ميمبرن کي پنهنجي طرفان دعوت ڏني. اتان کان واپسيءَ ۾ عائده ڪمري بجاءِ ٻاهر اڱڻ ۾ ويهڻ پسند ڪيو. هو ٻئي ليپا جي وڻ هيٺيان وڪٽورين بينچ تي ويٺا. عائده، آيان جي هنج ۾ ڪنڌ رکي ليٽي پئي ۽ هن جا هٿ سندس وار سنواريندا رهيا. عائده چيو:
”تون منهنجي ضرورت بڻجي ويو آهين. ڪنهن به شخص سان ايترو جلدي ويجھو نه ٿيندي آهيان. مون ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته آءُ ايئن محسوس ڪنديس“.
عائده ڀڻڪندي رهي:
“Honey I love you, Baby I love You”

عائده وري ليٽيندي چيو:
“آءُ هتي اچڻ کان اڳ، ڏاڍي اداس هيس. مان ته هتي اچڻ به نه پئي چاهيو. منهنجو دوست مون کي ڌوڪو ڏئي ڌار ٿي ويو هو. پر امان بابا مون کي زوريءَ موڪليو ته جيئن منهنجي دل وندري پئي. پر تون مون کي هتي نئين زندگي ڏني آهي“.
آيان، کيس ڳراٽڙي پاتي. عائده ٿورو چڙندي چيو:
”تون ڇو نه ٿو ڳالهائين؟ سدائين آءُ ڳالهائيندي رهندي آهيان؟ تون به ڪجھه ٻڌاءِ“.
”مان توکي محسوس ڪري رهيو آهيان“.
”پر، تڏهن به ڪجھه ته پنهن جي باري ۾ ٻڌاءِ“.
آيان هُن کي چيو:
”جيڪو تون پڇين اهو ٻڌايانءِ“.
عائده پنهنجي منهن تي مُرڪ آڻيندي چيو:
”چڱو تون مون کي پنهنجي هتان رهڻ واري زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌاءِ. اهو ٻڌاءِ ته توکي هتي سڀ کان گھڻي ڪهڙي شي وڻندي هئي؟“
”سچ پڇين ته سڀ کان گھڻو هتان جون ڇوڪريون ۽ بيئر وڻندو آهي“.
عائده آيان جي نڪ کي پڪڙيندي چيو:
”مون کي تو مان اها ئي اميد هئي، تو مان ڪا ٻي اميد رکڻ ئي اجائي آهي. هاڻي به ته دوڏا ڦاڙي هنن کي ڏسندو آهين“.
”نه يار! تنهن جي هوندي نظر پري وڃي ئي نه ٿي“.
”چڱو ٻڌاءِ ته ڪهڙي ڇوڪري توکي گھڻو وڻندي هئي؟“.
”هتي منهنجي زندگيءَ ۾ کوڙ ڇوڪريون آيون ۽ هر ڪنهن جي پنهنجي خوشبو هئي“.
”اهڙي ڪا جيڪا توکي حاصل نه ٿي هجي“.
”ها“.
آيان جو ذهن ماضيءَ ڏانهن موٽي ويو.
”هوءَ اسان جي هاسٽل ۾ رهندي هئي. سندس بيضوي چهرو، سنهو نڪ، گلاب جي پتين جهڙا چپ، سونهري ڊگھا ۽ گھنڊيدار وڏا وار، جيڪي سدائين هن جي چيلهه تي جھومندا رهندا هيا ۽ وڏيون خوبصورت پر اداس اکيون. هن جي سونهن ۽ سوڀيا ڏسي ڄڻ لوڪ ڪهاڻين جي ڪا شهزادي تصور ۾ ايندي هئي ۽ هن جي اداس اکين ڪري مون کي لڳندو هيو ته هوءَ ڪا شهزادي آهي، جنهن کي ڪنهن ديو وٽ قيد ڪيو ويو هجي. هن کي ڏسندو ئي رهندو هيس. هن جي آڏو مان گونگو ٿي ويندو هيس ۽ ڪڏهن به اظهار ڪري نه سگھيس. اظهار ته پوءِ جي ڳالهه آهي، کيس ڪافيءَ جي دعوت به نه ڏئي سگھيس. هوءَ جڏهن به لنگھندي هئي مون ڏي ڏسي مرڪندي ويندي هئي“.
”اهڙو لڄارو لڳين ته نه ٿو؟“.
عائده وچ ۾ ٽوڪيندي چيو، پر آيان پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو:
”صرف هڪ ڀيرو هن سان ڳالهائڻ جو موقعو مليو. لاطيني آمريڪا جي شاگردن طرفان شام ملهائي وئي هئي اتي. هت اهو رواج آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن جي شاگردن جون تنظيمون پنهنجا ڏهاڙا ملهائينديون آهن. ان شام ۾ هوءَ ڪاري بلائوز ۽ ڪاري اسڪرٽ ۾ آئي هئي. سندس سونهري وار ڪاري بيڪ گرائونڊ ۾ وڌيڪ سهڻا لڳي رهيا هيا. مون سميت هوءَ گھڻن نگاهن جو مرڪز هئي. جڏهن سلو ڊانس جو وارو آيو ته مون پنهنجي پوري همت سان کيس ڊانس ڪرڻ لاءِ هٿ اڳيان وڌايو، هوءَ مرڪي هڪ شاهاڻي انداز سان اٿي، مون سان گڏ ڊانس ڪرڻ لڳي. جيئن توکي خبر آهي ته سلو ڊانس ۾ ماڻهو سرٻاٽين ۾ ڳالهه ڪري سگھي ٿو، مون سندس حسن جي تعريف ڪندي کيس ٻڌايو ته مان هن کي ڪيترو چاهيان ٿو. هوءَ مرڪي ۽ وراڻيائين ته هُن منهنجين اکين مان پنهنجي لاءِ پسنديدگي پرکي ورتي هئي. هن اهو به ٻڌايو ته هن جي ايندڙ مهيني شادي ٿيڻ واري آهي. اها هڪڙي ڇوڪري هئي جنهن سان چاهيندي به محبت جو اظهار نه ڪري سگھيس ۽ حاصل نه ڪري سگھيس“.
”چڱو ٿيو، توکي به ته خبر پئي ته ڪنهن جي پيار ۾ تڙپڻ ڪيڏو نه اذيتناڪ آهي!“.
آيان مُرڪي عائده ڏانهن ڏٺو. جيڪا اڃان تائين سواليه نظرن سان ڏسي رهي هئي.
”هڪ ٻي ڇوڪري هوندي هئي، نه ايئن چئجي ڇوڪري نه پر عورت هوندي هئي.هتي يا ائين چئجي ته دنيا ۾ اها مصيبت آهي ته جيڪڏهن ڪنهن عورت پنهنجي جوانيءَ واري عمر ۾ شادي نه ڪئي، ان جو سبب کڻي ڪهڙو به هجي، ته پوءِ هوءَ اڪيلي رهجي وڃي ٿي. مرد کي پوءِ به ٿورا گھڻا موقعا ملندا. اها سائيڪاٽرسٽ به يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ پنهنجي ڪيريئر ٺاهڻ جي چڪر ۾ گم هئي. پوءِ وري کانئس اهي موقعا گم ٿي ويا. هوءَ ملي به اتفاق سان هئي. اصل ۾ ٻوليءَ واري اسڪول جي ڀرسان هڪ گھر هوندو هو، هڪ ڏينهن جڏهن مان اتان ٻاهر نڪتس ته پنجيتاليهه، پنجاهه جي وچ واري عمر جو هڪ سلوواڪ مليو، سندس ملڻ جلڻ ڏاڍو سيبائتو هو. ان کيس چيو ته مان سندس مدد ڪيان. مون کانئس پڇيو ڪهڙي مدد ته هن تفصيل سان ٻڌايو ته ڪنهن دوست کيس ٻاهرين ملڪ مان پيسا موڪلڻ جو چيو آهي، جو کيس رنگين ٽي وي وٺڻي آهي پر هو ٻاهرين ڪرنسي وارو اڪائونٽ کولي نه ٿو سگھي، جي مان سندس مدد ڪيان ته هو منهنجي اڪائونٽ ۾ پيسا گھرائي. مون به کيس ها ڪئي. ڪجھه ڏينهن ۾ هن جا پيسا آيا، جيڪي مون کيس بينڪ مان ڪڍائي ڏنا. ان کان پوءِ وري هو مونکي پنهنجي گھر ماني کائڻ جي دعوت ڏيڻ آيو، مون گھڻو لنوايو پر هن جي زور ڀرڻ تي مون پنهنجو راضپو ڏيکاريو. ان مانيءَ واري دعوت ۾ سندس گھر واري، ننڍي ڌيءُ جنهن پيانو تي خوبصورت ڌنون ٻڌايون هيون ۽ اها سائڪاٽرسٽ ملي هئي. جيڪا سندس گھر واريءَ جي سهيلي هئي. ان کان پوءِ منهنجو ملڻ جلڻ هن سان شروع ٿي ويو. هوءَ سٺي سائڪاٽرسٽ هئي. سڄو ڏينهن مريضن کي خوش گذارڻ جا ڀاشڻ ڏئي، رات جو منهن جي سيني جي وارن سان کيڏندي، پنهنجي تنهائي ۽ زندگيءَ جي بي مقصد هجڻ تي روئيندي هئي.
مان توکي صرف انهن ڇوڪرين جي باري ۾ ٻڌايان ٿو جن سان غير رواجي راهه هئي. هڪڙي تانيا ڏاڍي سٺي، سهڻي ۽ ذهين ڇوڪري هئي، هوءَ ميوزڪ جي اسٽوڊنٽ هئي. هن جي ڪنسرٽ ۾ جڏهن ويندو هيس ته هوءَ مون ڏانهن تڪيندي بانسريءَ تي سُر ڇيڙيندي هئي. اسين راتين جون راتيون ٽيبل ٽينس کيڏندا هياسين، ڪنسرٽس تي ويندا هياسين. مون کي مغربي موسيقيءَ جي باري ۾ ڄاڻ هُن ڏني ته اوپيرا ڳائڻ واري جي خاص ڳالهه ڪهڙي آهي؟، موزارٽ ۽ بيٿوين جي موسيقيءَ ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي؟.
شاگرد هجڻ ڪري هن وٽ پئسا گھٽ هوندا هيا، هڪڙي ڀيري منهنجي برٿ ڊي تي هوءَ لڄي لڄي ٿيندي مون وٽ آئي ۽ مبارڪ ڏيندي وراڻيائين ته کيس گفٽ جي لاءِ پئسا ڪونه هيا ۽ هن منهنجي هٿ ۾ گفٽ پيپر ۾ ويڙهيل هڪ نارنگي گفٽ ۾ ڏني. مون کي هن جي سادگيءَ تي ڏاڍو پيار آيو. هوءَ مون کي ڏاڍو پيار ڏيندي هئي. هن جي خواهش مون سان شادي ڪرڻ جي هئي جيڪا مون نه پئي ڪرڻ چاهي تنهن ڪري مون کان ڌار ٿي وئي“.
”شادي نه ڪرڻ جو سبب؟“.
”هڪ ته عمر ۾ مون کان ننڍي هئي، تو کان به ننڍي، ٻيو ته مان شادي ڪري يورپ ۾ رهڻ نه پئي چاهيو ۽ هن کي پاڻ وٽ وٺي وڃي ڊسٽرب نه پئي ڪرڻ چاهيو. بهر حال هڪ ڀيري مان ڏاڍو ڊسٽرب ٿيو هيس، اسان جي فيڪلٽيءَ جي پروفيسر پنهنجي خاتي، (”خاتو“، سلوڪ ۾ ان ڪاٽيج کي سڏيندا آهن، جيڪو هنن جي ٻهراڙيءَ واري باغ ۾ هوندو آهي). ۾ اسان جي دعوت ڪئي، مون سان گڏ منهنجو پروفيسر ۽ ٻيا ڪجھه پي ايڇ ڊي جا شاگر د به هيا. اسان جڏهن کائي پي موجن ۾ آياسين ته پروفيسر جو پٽ به اتي پنهنجي فيمليءَ سان آيو ۽ منهنجي آڏو تانيا آئي، هن پروفيسر جي پٽ سان شادي ڪئي هئي، اها رات اتي رهڻ منهنجي لاءِ عذاب واري هئي، هن جي اکين ۾ ڏاڍا ڏوراپا هيا“.
عائده خاموشيءَ سان آيان کي ٻڌندي رهي، ٿوري جھٽ کان پوءِ هُن وري پڇيو :
”هاڻي ايتري عرصي گذرڻ کان پوءِ تون ڇا ٿو سمجھين تو غلط فيصلو ته نه ڪيو، توکي هن سان شادي ڪري وٺي وڃڻ کپي ها؟!“.
”نه مان اڄ تائين سمجھان ٿو يوروپين جو اتي رهڻ ڏکيو آهي“.
عائده مرڪندي چيو:
”ان جو مطلب آهي ته مان به اميد نه رکان“.
آيان کيس ڏٺو ۽ عائده وڏا ٽهڪ ڏيندي چيو:
”پريشان نه ٿي، مون ته مذاق پئي ڪئي“.
آيان پنهنجين ڳالهين کي اتي روڪي ڇڏيو.