15
”آءِ لو يو، منهنجن انهن لفظن تي يقين رک“.
آيان خوش ٿيندي کيس چيو:
”چڱو ٿيو جو تون فون ڪئي. اڄ ڏاڍو اداس هيس، توکي مِس پيو ڪيان“.
”توکي اداس ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇو جو تنهنجي يورپين محبوبا هر وقت تنهنجي باري ۾ سوچي ٿي“.
هوءَ روئڻهارڪي انداز ۾ چئي ٿي:
”مان جڏهن تنهنجو خط پڙهيو ته ڏاڍي رنس، ڇو جو منهنجي لاءِ اهي لکيل لفظ نه هئا پر ائين پئي لڳو ته تون مون سان ڳالهائي رهيو آهين“.
”تنهنجي ڪا سهيلي ڪونهي ڇا؟ يا ڪوئي دوست؟ پنهنجو پاڻ کي بزي رک“.
” رومانيا ۾ مون کي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ گم ٿيڻ لاءِ کوڙ بهانا آهن. پر اهو خيال ئي ڏاڍو ڏکيو آهي ته ان شخص کان بغير رهجي جنهن سان بيحد محبت هجي“.
”اهو ته آهي پر اها به حقيقت آهي ته اسان هڪ ٻئي کان پري آهيون ۽ پري ئي رهنداسين“.
”اها مون کي به خبر آهي، پر تون جيڪڏهن مون سان پيار ڪرين ٿو ته مون کي خط لکندو رهه، ته جيئن مون کي گذارو ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. آءُ تنهنجو آواز ٻڌڻ ٿي چاهيان، توکي ڳلي لڳائڻ ٿي چاهيان، پر جي تون ناهين ته مون کي ڪير سمجھندو؟ ڪير آهي منهنجو؟“.
عائده روئڻ لڳي ته آيان کيس چيو:
”نه روءُ، اڄ منهنجي دل به اداس آهي“.
”هڪ تنهنجي پيار جي تڙپ، ٻي هيءَ مشڪل پڙهائي، خبر نه ٿي پئي ته ان سان منهن ڪيئن ڏيان؟! مون کي لڳي ٿو ته هاڻي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ ٻيهر مون کي پيار نصيب ئي نه ٿيندو“.
“ايئن ناهي، ڏس! هن وقت به تنهنجو پيار، توسان ڳالهائي ٿو ۽ هر وقت تو ساڻ رهي ٿو. هي مفاصلا جسماني طرح ته آهن. پر ذهني ۽ دلي طرح ويجھو آهن“.
”متان ڪارڊ ختم ٿي وڃي، فون بند ٿي وڃي. مان وري پوءِ ڪڏهن توسان ڳالهائينديس، پر منهنجي اي ميل پڙهي، ان جو جواب ضرور ڏجانءِ. نه ته مون کي ننڊ نه ايندي. لو يو ...“.
آيان فون رکي، ڪمپيوٽر ڊپارٽمينٽ فون ڪئي ته شام جي ڪلاسز ڪري اتي سندس دوست اڃان موجود هيو. هو ان وٽ ويو ۽ کيس ايميل چيڪ ڪرڻ لاءِ چيو. هُن کيس ٻڌايو ته اڄ سڄو ڏينهن، سکر کان ورتل انٽرنيٽ ڪنيڪشن خراب رهيو آهي. پر وري به ڏسون ٿا.
پر اتفاق سان ان وقت ڪنيڪشن ملي ويو ۽ آيان ايميل کولي ان ۾ عائده جي ميل هئي.
”مون کي يقين آهي ته تون خوش هوندين. اصل ۾ مان به خط لکڻ ۽ ايميل ڪرڻ وقت خوش هوندي آهيان، ڇو جو مون کي لڳندو آهي ته مان توسان ڳالهائي رهي آهيان. يا ايئن چوڻ بهتر ٿيندو ته مان ڳالهائي رهي آهيان ۽ تون ٻڌي رهيو آهين. ڇو جو جڏهن پاڻ گڏ هوندا هياسين ته مان ئي ڳالهائيندي هيس ۽ تون رڳو ٻڌندو هئين ۽ خاموش رهڻ جو سبب پڇڻ تي تون وراڻيندو هئين، ته تون مون کي محسوس ڪرڻ چاهين ٿو.
تون پنهنجي باري ۾ ٻڌاءِ؟ مون کي خبر آهي ته تون مصروف آهين، پر پنهنجي پياريءَ لاءِ ڪجھه گھڙيون ڪڍي سگھين ٿو. تنهنجو خط مون کي ڏاڍو وڻيو. ايئن محسوس ٿيو ته تون مون کي پنهنجن هٿڙن سان ٿڌڙا ڪڍندو هجين.مون کي محسوس ٿيندو آهي ته تون منهنجي اندر موجود آهين.
هڪ ڳالهه مون کي هميشه تنگ ڪندي آهي، اها آهي پنهنجي گڏ گھارڻ وارن ڏينهن ۾، تنهنجي هر معاملي ۾ پرفيڪٽ هوندي به، بستر ۾ تو سان کيڏندي هيس ۽ توکي مون سان گڏ هوندي به سڀڪجھه هوندي به سيڪس ڪرڻ نه ڏيندي هيس. ڪيڏي نه بيوقوف هيس، ڪيڏو نه توسان ظلم ڪندي هيس. پر تون منهنجي مجبوري کي سمجھندي مون کي اهو چئي مطمئن ڪندو هئين ته: ”ڪا ڳالهه ناهي“. اهو صرف تون ئي ڪري سگھين ٿو. ٻيو ڪوئي به نه. توسان هوندي مون کي لڳندو هو ته مان جنت ۾ آهيان، پر سچ پڇين ته مان جهنم جي لائق آهيان. تو جهڙي شخص سان زيادتي ڪرڻ جي ڪري. يقين ڄاڻ ته مون کي اهو سڀ ڪجھه سهڻ ڏکيو لڳندو هو، مان پاڻ به توسان سيڪس ڪرڻ چاهيندي هيس پر منهنجا آدرش انهن ڳالهين جي اجازت نه پيا ڏين. پر جي تون زور ڪري مون سان سنجوڳ ڪرين ها ته اهو تنهنجو منهنجو آخري ڏينهن هجي ها ۽ توکي ڪڏهن به معاف نه ڪري سگھان ها.
آءُ هتي پنهنجن دوستن سان گھمڻ ڦرڻ ويندي آهيان، ڪڏهن ڪو ڇوڪرو مون ۾ دلچسپي وٺڻ لڳندو آهي ته مان کيس اهو چئي بريڪ هڻائيندي آهيان ته منهنجي مڱڻي ٿيل آهي. ڪالهه به مان پنهنجي سهيلي ۽ هن جي بواءِ فرينڊ سان هڪ ڪيسينو ۾ وئي هيس. اتي هنن جو هڪ ٻيو واقفڪار به مليو، جنهن ڪافي پيسا کٽيا ۽ مون کي چئي پيو ته آءُ هُن جي لاءِ ڀاڳ بڻجي آئي آهيان، جڏهن ته مون کيس چيو ته تنهنجي ڪري منهنجو ڀاڳ نه ٿو کُلي. اسان پوءِ ڊنر ڪئي، هو مون کي هاسٽل تائين پنهنجي گاڏي ۾ ڇڏڻ آيو. هُن جڏهن منهنجي اڪيلي هجڻ جو سبب پڇيو، ته مون کيس وراڻيو ته منهنجو بواءِ فرينڊ پاڪستان ۾ آهي. هُن حيرانيءَ مان مون ڏي ڏٺو ۽ حقارت سان چيو:
”تون بواءِ فرينڊ به ڪيو ته اهڙي ملڪ جو.... ۽ يقين نه ٿو اچي ته تون ڪنهن مسلمان سان پيار ڪيئن ٿي ڪري سگھين؟!“.
مون کيس جواب ڏنو:
”مون کي ته توهان تي حيرت آهي، ها پهرين ته پنهنجي زبان سنڀاليو، مون کي تون نه پر توهان ڪري مخاطب ٿيو“.
مون کي هُن جو چهرو ڪنهن شيطان جيان لڳي رهيو هو ۽ کيس چيو:
”پاڪستان ۾ رهندڙ شخص، منهنجو عشق آهي ۽ عشق جي ڪا عمر، مذهب يا ملڪ نه هوندو آهي“.
هن جي گاڏيءَ مان لهندي کيس چيم:
”هاڻي توهانجو چهرو مون کي ڪنهن شيطان جيان لڳي ٿو، اڃان به رومانيا جا اصلي ڊراڪولا ٿا لڳو. مون سان ملڻ جي ڪڏهن ڪوشش نه ڪجو“.
اهو ٻڌي هُن جي چهري جا تاثر ئي بدلجي ويا. مون کي هُن کان ان لمحي ئي نفرت ٿي وئي.
******
سبينا، پنهنجي حسين چهري تي اداسي ويڙهيون، آيان جي آفيس ۾، هُن جي آڏو ويٺي هئي. هُن آيان کان پڇيو:
”اڄ ڪلهه توهان خاموش رهو ٿا؟ ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا؟“.
”نه اهڙي ته ڪا ڳالهه ناهي“.
”مون محسوس ڪيو آهي ته جڏهن کان توهان ٻاهران واپس آيا آهيو، تڏهن کان اداس، سدائين سوچن ۾ گُم ۽ ذهني طور تي غير حاضر آهيو“.
“مون چيو نه ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي“. آيان بيزاريءَ مان وراڻيو.
“هاڻي ته توهان کي منهنجي ڳالهائڻ تي چڙ به اچي ٿي، بيزار ٿي پيا آهيو؟“.
آيان کيس ڪو به جواب نه ڏنو ته سبينا کيس چيو:
”معاف ڪجو، ڪنهن انگريزياڻيءَ کي ته دل نه ڏئي آيا آهيو؟“.
آيان چڙ مان وراڻيو:
”جي ايئن هجي به، ان سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟“.
سبينا اکين ۾ آيل پاڻي کي لڪائيندي ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو:
”خبر ناهي، واسطو آهي به يا نه؟ جي سمجھو ته وڏو واسطو آهي، نه سمجھو ته ڪو به واسطو ناهي“.
هُن جي اکين مان ڳوڙها ڪرڻ لڳا. آيان کي ٿوري پشيماني ٿي ۽ ٿڌي لهجي ۾ کيس چيائين:
”بس ڪا ڳالهه ناهي، مون کي پاڻ سمجھه ۾ نه ٿو اچي“.
”مون کي ٿورو گھڻو سمجھه ۾ اچي ٿو ۽ مان توهان جي دوست آهيان، ڀلي کڻي توهان ڪڏهن به نه مڃيو آهي. جي مان اوهان جي ڪا مدد ڪري سگھان ته حاضر آهيان. مان توهان ڏي آيل ايميلز پڙهيون آهن ۽ انهن مان اوهان جيڪي نه پڙهيون آهن، انهن جي پرنٽ ڪڍي آئي آهيان“.
آيان حيرانيءَ مان سبينا کي ڏسي ٿو، پر کيس ڪجھه چئي نه ٿو، ڇو جو يونيورسٽيءَ ۾ گھڻو ڪري انٽرنيٽ نه هلندو هو ۽ آيان پاڻ ئي پنهنجو پاس ورڊ کيس ٻڌايو هو ته جيئن سبينا سکر ۾ ايميل چيڪ ڪري سگھي پر ان کان اڳ ته هن جون ايميلز رڳو اڪيڊمڪ هونديون هيون. آيان خاموشيءَ سان سبينا کان پيپر وٺيِ پڙهڻ شروع ڪيا:
منهنجا پيارا دوست!
مون کي ڏاڍي کل آئي جڏهن مون سوچيو ته تون منهنجو دوست آهين. مون توکي شروع کان ٻڌايو آهي ته آءُ تنهنجي دوست ٿي نه ٿي سگھان. مان صرف ۽ صرف تنهنجي محبوبا ۽ تون منهنجو محبوب ٿي سگھين ٿو. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته مون پنهنجي زندگيءَ سان ڇا ڪيو؟ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ جو مون کي خدا سزا ڏئي رهيو آهي؟ مون کي پيار ڏنائين ۽ سڀ کان سٺو محبوب ڏنائين وري ان کي مون کان کسي ايڏو پري ڪري ڇڏيائين، ڇا مان ان لائق آهيان؟ يا مان حوا آهيان جو جنت جهڙي زمين تي آدم کان سوين ڪوهه پري ڦٽو ڪري ڇڏيائين. خبر ناهي وري ملنداسين به يا نه؟
مون کي پنهنجي سڄي ڏينهن جو پرگرام وقت سميت لکي موڪل ته تون ڇا ڪندو آهين؟ ته جيئن مان تصور ڪري سگھان ته هن وقت، هن مهل ڪٿي هوندين، ڪهڙو ڪم ڪندو هوندين ۽ ڪيئن لڳندو هوندين؟!
تنهنجا خط ۽ ايميل دير سان ايندا آهن ته پنهنجو پاڻ کي مارڻ تي دل چاهيندي آهي، اهو سوچي ته ڇا تون مون سان پيار ڪرين به ٿو يا نه؟ پر جڏهن وري تنهنجو خط يا ايميل ايندي آهي ته هڪ هِير گُھلي ويندي آهي من اندر ۾ ۽ يقين ايندو اٿم ته تون مون کي چاهين ٿو. پر هيءَ دوري مون کي نهوڙي وجھندي آهي. مان ته تو کي ڇهڻ چاهيان ٿي، تو کي چمڻ چاهيان ٿي، تو سان ڳالهائڻ ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ چاهيان ٿي، جيئن تون ۽ مان پراگ ۾ ڏيندا هياسين.
منهنجا محبوب آءُ تو سان نفرت ڪيان ٿي. تون مون کي ايڏو پيار ڏئي ۽ وري وڇوڙو ڏئي گھر موڪلي ڇڏيو. ايئرپورٽ تي اچي مون کي موڪلڻ بجاءِ پاڻ وٽ رکي ڇو نه ڇڏيئي؟
آءُ هتي ڪنسرٽ ۾ وڃان ٿي، آرٽ نمائشون ڏسان ٿي، پارٽيز ۾ وڃان ٿي. دوستن سان خوش آهيان پر جڏهن ڪو جوڙو ڏسان ٿي ته اداس ٿي وڃان ٿي. هر ڪو پنهنجي پيار جي ويجھو آهي، باقي آءُ ڇو نه؟
هاڻي مهرباني ڪري هميشه جيان اها صلاح نه ڏجانءِ ته مان ڪو بواءِ فرينڊ رکان. منهنجي لاءِ ممڪن ئي ناهي. مان هُن کي پنهنجو بُت ڪيئن ڇهڻ ڏينديس؟ جنهن بت تي تنهنجا هٿ گھميا هجن! ڪيئن هُن کي ڪس ڪيان؟ نه نه ...
ڪالهه فِنلينڊ مان آيل پنهنجن دوستن سان ريسٽورنٽ ۾ پيزا کائڻ وياسين. سمورو وقت انگلش ۾ ڳالهه ٻولهه هلندي رهي ته تون ياد آئين.
مون کي اهو ئي ڪارو ريمپر پاتل هو جيڪو تو کان وڇڙڻ مهل پاتل هيو. اسان هڪٻئي سان چرچا ڪري رهيا هياسين ته هنن مان هڪ پڇيو ته منهنجي جينز ڪرائون ڪمپني جي آهي. مون کيس ها چيو ته هُن چيو:
”تو جهڙي سونهن راڻيءَ کي ڪرائون جينز نه پر اصلي ڪرائون مٿي تي پائڻ گھرجي“.
اهو ٻڌي مون کي روئڻ اچي ويو. ڇو جو تون مون کي ايئن چوندو هئين. مون کي روئيندو ڏسي هو پريشان ٿي ويا ۽ معافي گھرندا رهيا ته شايد هنن جي ڳالهه مون دل ۾ ڪئي آهي.
اڳلي ڏينهن تي اسان سڀ ٻن آرٽسٽن جا انٽرويو ڪرڻ وياسين. هو ٻئي ڏاڍا سٺا هئا. مون کي آرٽسٽ وڻندا آهن. جيئن تون مون کي وڻندو آهين. آءُ ٽرانسليٽر جو ڪردار ادا ڪري رهي هيس. هنن مون کي پنهنجي تصويرن جي ڪاپي پنهنجي صحيءَ سان ڏني ۽ اڳتي به اچڻ لاءِ چيو. موڪلائڻ مهل هنن منهنجي هٿ تي ڪِس ڪئي مون کي سٺو لڳو. پر مون کي ان وقت مزو ايندو هو، جڏهن تون منهنجي هٿ تي ڪِس ڪري ان کي پنهجين اکين تي رکندو هئين. مون کي ڏاڍو سُڪون ايندو هو، پر تون ڪڏهن به نه ٻڌايو ته تون اکين تي ڇو رکندو هئين؟ ڪو به ايئن نه ڪندو آهي. تنهنجو هر عمل ايڏو مڪمل هوندو هو، جو آءٌ پنهنجو پاڻ کي بهشت ۾ محسوس ڪندي هيس. پر ڇا اهو سڀ ڪجھه پاڇو هو؟ ڪيڏانهن ويو؟ مان توسان ملڻ چاهيان ٿي پر نه وڇڙڻ لاءِ. پر ڪيئن ۽ ڪٿي.؟
تون پنهنجو احوال ڏي، ڇا ٿو ڪرين؟ اڃان اڪيلو آهين يا ڪو ٻيو توسان آهي؟ هوءَ ڪيئن آهي؟ مون کان بهتر؟ تو کي جيڪڏهن اهو احساس ٿي وڃي ته تون ڪهڙي ڇوڪريءَ کي وڃايو آهي ته تون مون کي هرگز وڃڻ نه ڏين ها. ڪنهن به تو کي ايترو نه چاهيو هوندو، جيترو مون توکي چاهيو آهي، يا تو کي پوڄيو آهي. ايئن ته ناهي مان غلط آهيان. مون تي کلجانءِ نه، تون هميشه اهڙين ڳالهين تي کلندو هئين. مان ڄاڻان ٿي ته مان تنهنجي لٽل گرل آهيان(جيئن تون چوندو هئين) پر اهو يقين رک ته تنهن جي لٽل گرل توکي گھڻو چاهي ٿي ۽ هوءَ تو کي انهن سڀني کان بهترين ماڻهو سمجھي ٿي جن سان هوءَ اڄ تائين ملي آهي..
آءُ اسٽنگ جو هڪ گانو ٻڌان پئي ”ميڊ ابائوٽ يو“ ۽ منهنجيون اکيون ڀڄي پيون. ان گاني جي احساسن کي استعمال ڪندي منهنجو ڪجھه اظهار هن ريت آهي:
مان چانڊوڪيءَ ۾ اڪيلي گھمندي رهيس
۽ لکين ستارن جي چمڪڻ تي سوچيو
منهنجي دل ڪنهن ڏورانهين گرهه تي گم ٿي وئي
جيڪا اپريل جي چنڊ چوڌار گھمندي رهي
چوڌار ڦيراٽيون ڄڻ هڪ ڪمان
مان توکان سواءِ ڪجھه به ناهيان
مان توکان سواءِ ڪجھه به ناهيان
حالانڪ منهنجون سڀ بادشاهتون
واريءَ ۾ تبديل ٿي ويون
۽ سمنڊ ۾ غرق ٿي ويون
مان تنهن جي لاءِ چري آهيان،
مان تنهنجي لاءِ چري آهيان
تون مون سان گڏ ڇو ناهين يا آءُ توسان گڏ ڇو ناهيان؟ گڏ هجون ها، توسان بيڊ ۾ هجان ها، تنهنجي گرم بُت کي ڇهان ها، چمان ها، تنهنجي ساهن جي خوشبوءِ محسوس ڪري سگھان ها ۽ تو کي هر هر چمان ها.
ٻي ڀيري ٿي سگھي ٿو ته مان پروگريس ڪيان ۽ توسان سنجوڳ ڪيان. يا هن ڀيري تون انڪار ڪندين؟
ايندڙ ڀيري مان پنهنجي دل کان ”ها “ ڪرائينديس. ڇو جو اها تنهنجي آهي. مان ٻيو ڇا ڪنديس جيڪڏهن تو سان سنجوڳ نه ڪنديس؟ تنهنجو خط مليو آهي. تون ايڏا سهڻا لفظ لکين ٿو جو مان خوش ٿيڻ سان گڏ اداس به ٿي وڃان ٿي. خوش ان ڪري جو، مان تنهنجي آهيان ۽ اداس انڪري جو تو کان پري آهيان. توکي محسوس نه ٿي ڪري سگھان، نه ئي وري تو کي چرين جيان چُمي سگھان ٿي. خير ڪا ڳالهه ناهي. اسين انتظار ڪري سگھون ٿا. مان پاڪستان اچڻ لاءِ پيسا گڏ ڪيان ٿي يا وري پراگ ۾ ملڻ لاءِ.
مان واعدو ٿي ڪيان ته هن ڀيري مان سٺِي ۽ فرمانبردار ڇوڪري هونديس. تون مون مان ايترو خوش ٿيندين جو مون کي وڃڻ نه ڏيندين.
مون کي پورو يقين آهي ته تون خوش هوندين ڇو جو تون پنهنجي مُلڪ ۾ پنهنجن سان آهين. هتي مان پرديس ۾ هر شيءِ کان محروم آهيان. گھر کان، والدين کان ۽ وڏي ڳالهه ته تو کان به.
رات توسان فون تي ڳالهه ٿي مان ته توکي وڌيڪ مِس ڪيان ٿي. توسان گھڻو ڳالهائڻ پئي چاهيو پر لڳي ٿو ته ڪارڊ تي پنهنجيون ڳالهيون پوريون نه ٿي سگھنديون. منهنجا پيسا ايميلز(ڪيفي) ۽ فون تي خرچ ٿي وڃن ٿا. سوچيان ٿي ته هن ڀيري مان پنهنجي والدين کان توڏانهن اچڻ لاءِ پيسا گھران.
پر وري سوچيان ٿي، ايڏانهن نه اچان. مان وري ٻيهر ايتري سگهه ڪٿان آڻي سگھنديس، ته تو کان ڌار ٿي سگھان. مان وري اهو ڏينهن ڪيئن برداشت ڪنديس؟
سچ ۾ منهنجي لاِءِ اهو سڀ ڪجھه اذيت ڏيندڙ آهي. توکان ڌار گذارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. خاص ڪري جڏهن مان تو کي ايترو چاهيان ٿي. مان توکي هر گھڙي گڏ ڏسڻ چاهيان ٿي.
پر هڪ ڳالهه مون محسوس ڪئي آهي، ته مان آهستي آهستي تبديل ٿيندي ٿي وڃان. مونکي حاصلات ۽ نه حاصلات هڪ جهڙي لڳڻ لڳي آهي. مان راتين جون راتيون جاڳان ٿي. مونکي محسوس ٿئي ٿو ته مان اهو سڀڪجھه حاصل ڪيو آهي جيڪو ڪنهن کي زندگيءَ ۾ حاصل ٿيڻ کپي. تنهنجو عشق مونکي هڪ نئين راهه ڏيکاري ٿو. ان ڏينهن ان آرٽسٽ سان ڪچهري ٿي جنهن لاءِ مون توکي اڳ ٻڌايو هو ته هن مونکي پنهنجون ٺاهيل تصويرون به تحفي طور ڏنيون هيون. هن مونکان سوال ڪيو ته ڇا مان به آرٽسٽ آهيان؟ ته مون کيس نهڪر ۾ جواب ڏنو. هن چيو ته منهنجو آرٽ کي سمجھڻ وارو انداز بنهه مختلف آهي، مان پينٽنگ کي ان جي ظاهري رخ کي نه ٿي ڏسان پر ان جي ٻين رخن کي به سمجھان ٿي، جيڪي تمام ٿورا ماڻهو سمجھندا آهن. پوءِ هن مونکان پڇيو ته پڙهڻ يا لکڻ ۾ دلچسپي، جنهن تي مون کيس چيو ته :
”ڪتاب پڙهندي ته آهيان پر لکندي رڳو خط آهيان“.
جنهن تي هن حيران ٿيندي چيو: ”خط“ مون زور ڏيندي چيو: ”ها خط“. پوءِ هن مونکان پڇيو:
”جي ٻڌائڻ پسند ڪرين ته ڪنهن کي خط لکندي آهين!“.
خبر ٿي مان تنهنجو اڪيلي سر بار کڻي کڻي ٿڪجي پئي آهيان جڏهن هن پڇيو ته منهنجين اکين مان بي اختيار ڳوڙها نڪتا ۽ هن حيرانيءَ مان مون ڏي ڏٺو. مون کيس تنهنجي باري ۾ ٻڌايو .
هو گھڻي دير ته خاموش رهيو، پوءِ وڌيڪ تفصيل سان پڇندو رهيو. اهو پڇيائين:
”ڇا هو جسماني ۽ جنسي طرح ايڏو سگھارو آهي ڇا؟“.
مون کيس وراڻيو:
”اها ڳالهه اسان ٻنهي لاءِ ايڏي اهميت نه ٿي رکي. ايترا ڏينهن گڏ هوندي به اسان ڪڏهن ان جي تڪميل يا اوج تي نه پهتاسين. مون وٽ هڪ پنهنجو اصول هو ۽ هو وري منهنجي مانً کي مانُ ڏيندو هو“.
آرٽسٽ وات پٽي منهنجيون ڳالهيون ٻڌندو رهيو. پوءِ وري تنهنجي وڇڙڻ جو ۽ روز جي رابطي جو ٻڌايم ته هو ڪجھه گھڙيون ته پنهنجي مٿو هٿن ۾ جهلي هيٺ نهاريندو رهيو.
پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي مونکي چيائين:
”يقين نه ٿو اچي، مونکي ته لڳي ٿو ته مان سترهين صديءَ جي ڪِن عاشقن جون خبرون ٿو ٻڌان. يا وري ايئن ٿو لڳي ته ڪنهن مسٽڪ شاعر جو سٽون ٿو پڙهان. ڪٿي آهي اڄڪلهه اهڙو عشق؟!، نه رڳو عشق پر ان جو اهڙو انداز، اهڙيون ڳالهيون، اهڙو پيار، ايڏي شدت، ايڏي تڙپ، ڪير يقين ڪندو ته رومانيا ۾ يونيورسٽي پڙهندڙ ڇوڪري سائنس جي اصولن کي پڙهندي پنهنجي سوچ ۾ ايڏي سگھاري هوندي، جو هو تخيل ۾ پنهنجي هڪ دنيا جوڙي. ان ۾ رهي به ٿي ۽ ان مان سگھه به حاصل ڪري ٿي.
هن مونکي، به ٽي شعر ٻڌايا، مونکي ڏاڍا وڻيا. مون کانئنس پڇيو ته ڪنهن جا آهن ته هن ٻڌايو ته ترڪي جي مسٽڪ شاعر روميءَ جا آهن.
You try to be faithful
And sometimes you're cruel.
You are mine. Then, you leave.
Without you, I can't cope.
(تون وفادار. سچو به رهڻ جي ڪوشش ڪرين ٿو
۽ ڪڏهن تون وري ظالم آهين
تون منهنجو آهين، ۽ پوءِ تون ڇڏي وئين
تو بغير، مان جي نه ٿو سگھان)
And when you take the lead,
I become your footstep.
Your absence leaves a void.
Without you, I can't cope.
(۽ جڏهن تون اڳواڻي ڪئي
ته مان تنهجن قدمن تي هليس
بغير تنهنجي ڪجھه به ناهي
تو بغير، مان جي نه ٿو سگھان)
You have disturbed my sleep,
You have wrecked my image.
You have set me apart.
Without you, I can't cope.”
(تون منهنجون ننڊون وڃائي ڇڏيون
تون منهنجومان مرتبو ٽوڙي ڇڏيو
تون مون کي ورهائي ڇڏيو
تو بغير، مان جي نه ٿو سگھان)
مون اهي ٻڌا ته مون کي لڳو ته مان به ته ائين ئي ٿي سوچيان پر اظهاري نه ٿي سگھان. ان ڏينهن کان وٺي مون ۾ هڪ خاص تبديلي آئي آهي. مونکي لڳي ٿو ته تون مون ۾ جذب ٿيندو ٿو وڃين. مان، مان نه ٿي رهان تون ٿي ٿي وڃان.
هاڻي ته خواب به عجيب ٿي ويا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڏسندي آهيان ته هڪ واچوڙو مونکي اڏائي ٿو وڃي ۽ مان ڪائنات جي رنگينين کي ٿي ڏسان، ڪنهن کيرڌارا جي ڀرسان ٿي گذران، ڪنهن سمنڊ جي گھرائيءَ ۾ ٿي وڃان پر خبر ٿي هڪ عجيب ڳالهه آهي. انهن سڀني ۾ تون آهين. يار، مونکي الائي ڇا پيو ٿيندو وڃي؟ چري ته نه ٿي ٿيان؟.
ڇڏ انهن ڳالهين کي. خبر ٿي هتي موسم عجيب آهي. ڪڏهن ٿڌ ته ڪڏهن وري ايتري مناسب موسم آهي، جو مان مني اسڪرٽ پائيندي آهيان. مان جڏهن تو وٽ اينديس ته اهڙو لباس پائينديس ته جيئن مون کي تون پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائڻ لاءِ آتو هجين.
مون کي رستو نه ٿو ملي ته تو وٽ ڪيئن پهچان؟ پر مان ضرور اينديس. مان تو کي جاب تي به وڃڻ نه ڏينديس، رڳو تو کي چمندي رهينديس ۽ پوءِ سرشار ٿي تو کي چونديس ”ييس“. پر مون کي شڪ نه پر يقين آهي ته تون اهو چئي مون کي منع ڪندين ته اهو صحيح ناهي.
پر آءُ ڪو طريقو ڪڍي تو کي راضي ڪري وٺنديس. ڇا ٿو سمجھين مان ايئن ڪري سگنديس؟.
آءُ ڪجھه عرصي لاء تو کي خط متان نه لکي سگھان. ڪرسمس لاءِ ترڪي، يونان ۽ البانيا وڃڻو آهي.
توکي خط لکندي ايئن محسوس ٿيندو آهي، مان ڄڻ ڊائري لکندي هجان. حالانڪ اڄ تائين مان ڊائري نه لکي آهي. پر هاڻي تو آهين مان تو کي لکندي آهيان ۽ تون منهنجو آهين ته ان ڪري ڄڻ مان پنهنجي لاءِ ڊائري لکي رهي آهيان.
هتي منهنجو هڪ استاد آهي، هو مون ۾ دلچسپي وٺندو آهي. مون کي ڪافيءَ تي به انوائيٽ ڪيو هيائين، هُن مون سان گھڻيون ڳالهيون ڪيون ۽ ان وقت مون سوچيو ته تون به ته ڪنهن اسٽوڊنٽ سان ائين شام نه ملهائيندو هجين.
هُن مون کان پڇيو ته مون کي پروفيسر ڪيئن لڳندا آهن ته مون تصور ۾ توکي آڻيندي چيو ته ڏاڍا سٺا لڳندا آهن. هو خوش ٿي ويو. هُن وٽ ڪالهه منهنجي واءِ واز به هئي. يقين آهي ته سٺا نمبر ڏيندو، ايئن نه سمجھه ته هو مون کي چاهي ٿو، ان ڪري سٺا نمبر ڏيندو پر منهنجو امتحان به سٺو ٿيو آهي.
توکي مون تي فخر ڪرڻ گھرجي ته تنهنجي وڇوڙي جو بار سهي به اسٽڊي ڪيان ٿي.
تون ٻڌايو ته پراگ مان انويٽيشن آئي آهي. مان خوش آهيان ته انتظار ٿي ڪيان ته اهو ڏينهن اچي. پر اهو عرصو ڪيئن گذرندو؟“.
آيان اي ميل به پڙهندو رهيو ۽ سبينا کي به ڏسندو رهيو ۽ پوءِ کيس چيائين:
”معاف ڪجانءِ جيڪو پڙهيو ٿي اهو سچ آهي، عائده مون سان گڏ هئي خبر ئي نه پئي ته ڪيئن ايڏو ويجھو ٿي وياسين“.
“توهان معاف ڪرڻ جو نه چئو، هونئن به توهان مون کي اها حيثيت ڏني ئي ڪٿي آهي؟!“.
سبينا روئيندي، آيان کي چيو:
”مان ته توهان کي لفظ به نه چئي سگھيس، ڪيڏي نه خوشنصيب آهي اها ڇوڪري جنهن مهيني ۾ توهان جو ايڏو قرب به حاصل ڪري ورتو ته پيار به“.
آيان ڪنڌ هيٺ ڪري چيو:
”مون کي پاڻ خبر ناهي ته هوءَ ڪيئن خوشبوءِ جيان منهنجي حواسن تي ڇانئنجي وئي“.
آيان ڪنڌ مٿي ڪري سبينا کي چيو:
”مان مڃان ٿو ته پاڻ ٻنهي جي سٺي انڊراسٽينڊنگ آهي، ۽ مون کي توسان ڳالهائڻ، ويهڻ ۾ مزو ايندو آهي سڪون ملندو آهي“.
”بس اها ئي ته غلطي آهي منهنجي، توهان منهنجي لاءِ گھڻو ڪجھه آهيو، پر توهان کي ڪجھه چئي ئي نه سگھيس ۽ هاڻي به توهان کي وڃائڻ لڳي آهيان. تڏهن ايتري جرئت سان ڳالهايان ٿي“.
آيان خاموش رهيو.
”تون وري به معاف ڪجانءِ، مان واقعي به عجيب ڪيفيتن ۾ آهيان، مون کي ڪنهن جو به رخنو ڏاڍو ڏکيو لڳي ٿو. مان صرف عائده سان رهڻ چاهيان ٿو“.
سبينا کيس چيو :
“مان ته توهان کي اهو به نه چئي سگھيس ته توهان منهنجا pacemaker آهيو. توهان آهيو ته لڳي ٿو ته مان جيئري آهيان، دل نارمل ڌڙڪي ٿي، نه ته دل ڌڪ گسائي ٿي“.
آيان اڃان تائين خاموش هو.
سبينا ڪجھه دير خاموش رهڻ کان پوءِ وري چيو:
”توهان منهنجي آڪسيجن آهيو“.
آيان کيس سختيءِ سان وراڻي ڏني.
”پر، توکي اها چڱي ريت خبر پئجي چڪي آهي ته منهنجي آڪسيجن ڪو ٻيو آهي“ .
سبينا، آيان ڏانهن ڏسندي چيو:
“پر مون کي هڪ خوف آهي ته توهان 8000 ميٽر کان مٿي نه چڙهي وڃو، جتي آڪسيجن گھٽ هوندي آهي.... ڪِٿي ساهه به نه کڻي سگھو“.
آيان تيزيءَ مان کيس چيو:
”تون مون کي اهڙو بي وفا سمجھيو آهي ڇا؟“.
”منهنجو مطلب ڪجھه ٻيو هو“.
آيان جي چهري تي ڪاوڙ نظر اچي رهي هئي، سبينا کيس چيو:
”نه، منهنجو مطلب آهي ته آڪسيجن نه توهانکي ڇڏي وڃي، ۽ زيرو Altitude تي هوندي به توهانکي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي ۽ لڳي ته توهان 8000 ميٽر ليول تي آهيو“.
ٻئي ڪجھه دير خاموش رهيا.
سبينا ڳالهايو:
”ڀلا هڪ واعدو ڪريو“.
”اهي واعدا نه ڪري سگھندو آهيان جيڪي وفا نه ڪري سگھان“.
”نه مان اهڙو ڪو به واعدو نه ٿي وٺان جنهن سان توهان کي ڪا ڏکيائي ٿي“.
”باقي؟“.
”اهو واعدو ڪيو ته جيڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿي پئي، اوهان جي آڪسيجن گھٽجڻ لڳي، ته توهان مون وٽ ضرور ايندئو“.
آيان، ڪا وراڻي نه ٿو ڏئي پر هن جي منهن مان ”ها“ بکي رهي هئي.
سبينا پنهجين اکين تان ڳوڙها اگهندي چيو:
”پنهنجو پاس ورڊ به بدلائي ڇڏجو“.
هوءَ آفيس مان تيزيءَ سان نڪري وئي.
******