ناول

پيار درياھ

اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
Title Cover of book پيار درياھ

4

جمعي جي منجھند جو رسيپشنسٽ ڪلاس ۾ آئي ۽ آيان کي فهد جي نالي واري چٺي ڏني. فهد ۽ آيان کي ويڪ اينڊ تي برنو ۾ رهندڙ دوست جي پٽ جي سالگرهه ۾ وڃڻو هيو. انڪري آيان اڳ ئي ڪوآرڊينيٽر کي ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ هن کان اڌ ڏينهن جي موڪل به وٺي ڇڏي هئي. انڪري ڪمري تان رڪ سيڪ کڻي هو عمارت کان ٻاهر آيو.
آيان، فهد سان ملي کيس ڪيفي جي رکيل ڇٽيءَ هيٺيان ويهاريو ۽ دخل تي پنهنجي ۽ هن لاءِ ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو. عمارت جي گيٽ طرف آيان جي پٺي هئي، کيس فهد ٻڌايو ته ڪا ڇوڪري ٻه دفعا گيٽ مان ڏسي واپس هلي وئي آهي. آيان اندازو لڳايو ته اهو عائده کان سواءِ ڪير به نه ٿو ٿي سگھي. هن، فهد کي چيو ته اها ئي ته عائده آهي.
جنهن تي مرڪندي فهد کيس چيو:
”جنهن جي ڪري سائين جن هي ورڪشاپ تياڳڻ وارا هيا“. آيان به کلي ويٺو.
ڪجھه وقت کان پوءِ عائده وري آئي. کيس پيلي شرٽ ۽ ڪارو مني اسڪرٽ پيل هيو. جنهن مان هنجيون ڳاڙهيون سڊول ٽنگون ۽ انهن جي سنهي ٻُرٻُر سج جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيون هيون. آيان، عائده جو تعارف فهد سان ڪرايو. عائده جو چهرو اداس هو ۽ اکين ۾ پاڻي هيو. عائده ڪجھه ڳالهائڻ پئي چاهيو پر خاموش رهي. فهد، پنهنجي ڪافي پوري ڪندي، هنن ٻنهي کي اڪيلو ڇڏيندي آيان کي چيو :
” تون آرام سان اچ، مان تيستائين گاڏيءَ جو پاڻي چيڪ ٿو ڪيان“.
عائده پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ آيان جي هٿن کي پڪڙيندي چيو :
”پليز نه وڃ. ڇو ٿو وڃين؟“
آيان کيس ڳراٽڙي پائيندي چيو :
”آءُ پاڻ توسان گڏ رهڻ چاهيان ٿو. پر ان موقعي تي سڀ پراڻا دوست گڏ ٿيندا ۽ منهنجي لاءِ اهو سٺو موقعو آهي ته سڀني سان ملاقات ڪيان. هونئن به ته رڳو ويڪ اينڊ جي ڳالهه آهي“.
عائده، آيان کي پيار ڪندي چيو:
”دل ته نه ٿي چاهي پر تنهن جي مرضي. پر مون سان فون تي ڳالهائيندو رهجانءِ“.
عائده اٿي آيان کي ڀاڪر پائيندي چيو :
”مان وڃان ٿي، توکي ويندو نه ٿي ڏسي سگھان“.
ڪس ڪري، محل جي شاهي در ۾ ڪنهن الف ليلوي شهزاديءَ جيان، هوءَ گم ٿي وئي.
هو به اتان اٿي پاڻ سان آندل رڪ سيڪ کڻي وڻ هيٺيان بيهاريل فهد جي ڪار ۾ ويٺو. هو ڪجھه دير خاموش رهيا، ڪار رستي جي منظرن کي پوئتي ڌڪيندي وڃي رهي هئي.
فهد ۽ آيان جي ملاقات ان وقت ٿي هئي، جڏهن آيان هتي پي ايڇ ڊي ڪرڻ آيو هيو. اهو آيان جو پهريون هفتو هيو. فهد سان سندس ملاقات حميرا ڪرائي هئي، آيان جڏهن پهريون ڀيرو پراگ ايئرپورٽ تي پهتو هو ته هُن سمجھيو هو ته کيس منسٽري يا ايمبيسي جو ڪو ماڻهو وٺڻ ايندو، جيئن ٻين ملڪن ۾ اسڪالرشپ وارن کي وٺڻ ايندا هيا. پر اتي ڪو به نه هو. هو پريشان ٿي ويو، نه ئي کيس سندن ٻولي پئي سمجھه ۾ آئي، نه وري کيس ڪا سُڌ هئي ته ڪٿي وڃي. هڪ ڪائونٽر تي ويٺل رسيپشنسٽ کي هُنَ چيو ته پاڪستان ايمبيسيءَ جو نمبر هٿ ڪري، انهن کي فون ڪري. هن ڇوڪريءَ نمبر ته ملايا، پر ٻي طرف کان ڪو به جواب نه هو. هاڻي آيان پريشان ٿيو، ته هن اوپري ديس ۾ ڇا ڪري؟! جنهن تي ان رسيپشنسٽ آيان کان پڇيو ته هتان جو ڪو ليٽر هجي ته اهو ڏيکار ته متان ان تي ڪا ايڊريس يا فون نمبر هجي. آيان ليٽر ڪڍي هن کي ڏنا جن مان هڪ ته پاڪستاني گورنمينٽ جو هو، ٻيو چيڪوسلوواڪيا حڪومت جو هو، جنهن ۾ اسڪالرشپ جي باري ۾ لکيل هو ۽ ان ۾ ئي هڪ ايدريس هئي جنهن تي چيڪوسلوواڪيا پهچڻ کانپوءِ رابطي ڪرڻ لاِءِ لکيل هو. ان عورت کيس ٻڌايو ته اها شاگردن جي هڪ هاسٽل آهي، ۽ هو اتي وڃي. پوءِ هن ان ايڊريس کي چٽو ڪري ٻي پني تي لکي آيان کي چيو ته اهو ڪاغذ ٽيڪسي واري کي ڏيکاري، جيڪو کيس ان هاسٽل تي وٺي ويندو. آيان، پنهنجي ملڪ جي ٽيڪسي وارن جا افعال ڏٺا هيا، انڪري هن رسيپشنسٽ کان پڇيو ته اندازن ڪرايو ڪيترو ٿيندو، جواب ۾ هن 100 ڪرائون ٻڌايا. آيان بينڪ مان ڊالر مٽائي، ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتو. ٽيڪسي واري کانئنس اشارن ۾ پڇيو ته هن کيس ايڊريس ڏيکاري جنهن تي هن آيان جي هٿ مان ڳري بيگ وٺي ڊگيءَ ۾ رکي، پر وري به آيان کانئنس ڪرايو پڇيو، ته هن انگن ۾ 100 لکي ٻڌايا ۽ هو هاسٽل ڏانهن روانا ٿيا هيا. هڪ هاسٽل تي پهچڻ کان پوءِ ٽيڪسيءَ واري کيس اشاري سان گيٽ طرف اشارو ڪيو ۽ هو بيگ کڻي هاسٽل اندر داخل ٿيو. جتي رسيپشن تي هڪ ڪراڙي وراتنيڪ(رسيپشنسٽ) ويٺي هئي، جنهن کي انگلش نه پئي آئي، پر هُن آيان جو پاسپورٽ ڏسي مائڪروفون تي چيڪ ٻوليءَ ۾ ڪجھه چيو ۽ آيان کي هٿ جي اشاري سان انتظار ڪرڻ جو چيو. ٿوري دير ۾ هڪ وڏن گهنڊي وارن واري سمارٽ ڇوڪري جينز ۽ ٽي شرٽ ۾ آئي، آيان سان اردوءَ ۾ ڳالهائڻ لڳي، هُن وراتنيڪ سان به ڳالهايو، جنهن ٻڌايس ته آيان جي باري ۾ کين ڪا به معلومات ڪونهي، پر اها معلومات آفيس مان ملندي جيڪا هن وقت بند آهي. اها رات حميرا، آيان کي پنهنجي ڪمري ۾ رهايو ۽ پاڻ ڪنهن ٻي ڪمري ۾ سمهڻ هلي وئي. حميرا کيس ٻڌايو ته هوءَ ڪراچي جي هڪ ڪامريڊ جي ڌيءُ آهي، هتي پڙهڻ لاءِ پارٽيءَ جي اسڪالرشپ تي آئي آهي. آيان کي پهريون ڀيرو ڪنهن ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ رهڻ جو عجيب احساس پئي ٿيو. ڪمري ۾ ڪپڙن کان وٺي سڀ اهڃاڻ ڇوڪرين وارا هيا. هُن اڌوگابري ننڊ ڪئي، صبح جو حميرا هُن کي آفيس وٺي وئي جن ٻڌايو ته آيان جي داخلا، سلوواڪيا جي گاديءَ جي هنڌ براتيسلاوا، جي هڪ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي آهي، پر پهريان کيس ٻوليءَ جي اسڪول وڃڻو پوندو. منجھند جي ٽرين ۾ اسٽيشن تي کيس هڪ چيڪ ڇڏڻ آيو، جنهن اشاري سان کيس گھڙيءَ طرف چئن ڪلاڪن تي اشارو ڪري ٻڌايو، ته ٽرين چئين وڳي براتيسلاوا پهچي ته اتي لهي پئي ۽ کيس هڪ پني تي ايڊريس لکي ڏنائين ته ٽيڪسي تي اتي هليو وڃي.
واقعي به ريل پوري ٽائيم تي هڪ اسٽيشن تي پهتي. هن دٻي ۾ ويٺل هڪ ماڻهوءَ کي ايڊريس ڏيکاري پڪ ڪئي ته ساڳي اسٽيشن آهي ته هن ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئي.
وري ساڳي نموني، ٽيڪسي ڪرائي ايڊريس ڏيکاري ٻوليءَ واري اسڪول پهتو. آيان کي ٻوليءَ واري اسڪول ۾ رهايو ويو. سندس روم ميٽ يمني هو. جنهن کيس ٻڌايو ته ڪلاس هفتي کان پوءِ شروع ٿيندا ۽ کيس اهو به ٻڌايائين ته هو ٻن ڏينهن کان پوءِ پراگ ويندو. آيان به کيس گڏ وٺي هلڻ جو چيو. ڇو جو حميرا کيس ٻڌايو هو ته هڪ سنڌي فهد نالي پراگ ۾ رهي ٿو.
پراگ ۾ حميرا، کيس فهد سان ملايو. هُن جي فهد سان ملاقات ان وقت ٿي هئي، جڏهن کيس چيڪ يا سلوواڪ زبان نه ايندي هئي، جڏهن کيس هتان جي بريڊ خليبا(Chleba) جي ٽيسٽ اگري لڳندي هئي. جڏهن سندس بوٽن تان اڃان سنڌ جي مٽيءَ جي دز نه لٿي هئي ۽ نه ئي اکين مان سنڌ ۽ سنڌ واسين جا عڪس ڌنڌلا ٿيا هيا. جڏهن کيس ان ڌارئي ماحول ۾ ڪنهن پنهنجي جي ضرورت هئي. هو قد جو ننڍو، نفيس پر دل جو وڏو شخص. هر ڳالهه تي ٽهڪ ۽ ٽهڪ به اهڙا جيئن تاترا جو پهاڙي سلسلو. هڪ ٽهڪ جي پڄاڻيءَ تي وري ٻيو شروع. ٻکين پيا ته ڄڻ ٻنهي ڄامشوري جي هوا کي ڀاڪر پاتو هجي.
فهد ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي طرفان چيڪوسلوواڪيا پڙهڻ آيو هو. سويت يونين ۽ ٻين ايسٽ يورپ جي ملڪن ۾ مختلف سوشلسٽ ملڪن، خاص ڪري لاطيني آمريڪا، ايشيا ۽ آفريڪا جا شاگرد تعليم پرائڻ ايندا هيا. جن ملڪن ۾ سوشلسٽ حڪومتون نه هيون، اتان جي پارٽين طرفان شاگرد موڪليا ويندا هيا. پاڪستان مان ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي اتحادي جماعتن جا شاگرد موڪليا ويندا هيا. پر افسوس جو اتي به ميرٽ کي نظر انداز ڪيو ويندو هيو ۽ صرف ڪجھه فيميلن جا ماڻهو هتي پڙهڻ ايندا هيا، جن وٽ پوري نظرياتي پختگي به نه هئي. آيان کي افسوس ٿيندو هو ته ڪيترائي نظرياتي دوست جيل جي اونداهين۾ گم ٿي ويا، پر سک ۽ سهولتون ٻين ماڻيون.
آيان کي فهد پهرين ڏينهن کان وڻي ويو هو. يورپ ۾ رهندي به هو ساڳيو سٻاجھو سنڌي هو. هنن ٻنهي پهرين ڏينهن ئي پراگ جي گھٽي گھٽي گھمي هئي. آيان گھڻو انجواءِ ڪري رهيو هو ته فهد کيس چيو:
”تون منهنجو پهريون پاڪستاني دوست آهين، جنهن پراگ ۾ من موهڻين جي هر نقش کان وٺي، گھٽين جي فرشبندي ۽ عمارتن جي آرڪيٽيڪچر کي انجواءِ ڪيو آهي“.
آيان جي يونيورسٽي، سلوواڪيا جي گاديءَ براتيسلاوا ۾، ته فهد جي وري پراگ ۾ هئي.پراگ ۽ براتيسلاوا جي وچ ۾ چئن ڪلاڪن جو سفر هيو، پر اهي فاصلا هنن ٻنهي لاءِ وڏا نه هيا. هر خوشيءَ ۽ غم جي موقعي تي ملندا هيا. ملڻ ڇا هيو، رڳو هيو کلڻ ۽ ڊانسون. ڪڏهن پراگ جي وچ مان گذرندڙ ولتاوا نديءَ تي ڪنهن فيري ۾ Smetana جي سيمفني ”ولتاوا“ تي ڪنهن حسينا جا وار سنواربا هيا ته ڪڏهن شويڪ جي ڪردار واري پب ۾ آرگن تي لوڪ ڌنون ٻڌبيون هيون، ته ڪڏهن ڪافڪا جي محبوبا “Mlena” جي نالي سان ٺهيل ڪيفي ۾ ڪافيءَ جا سپ ڀربا هيا ته ڪڏهن وري Karlovari ۾ ٿيندڙ عالمي ميلي جي پريس ڪورنگ ڪندي، حسين اداڪارائن سان گڏ ڊنر ڪبي هئي، ته ڪڏهن تاترا جي هل اسٽيشن تي گھمبو هو، ته ڪڏهن ديوين قلعي تي چڪر هڻبا هيا.
فهد هر عمر جي عورتن ۾ مقبول هو. کيس ريجھائڻ جا گُر ايندا هئا. جوانڙين سان پوڙهيون پڪيون به سندس دوست هيون.
اسٽڊي ختم ڪرڻ کان پوءِ ايشيا جا گھڻا شاگرد نون ايندڙ واپارين جا پئسا کائي پاڻ واپاري بڻجي، ڪڇا ۽ گنجيون وڪڻڻ لڳا هيا، يا وري ٻيا ٻاهرين ماڻهن کي غير قانوني بارڊر ڪراس ڪرائيندي لک پتي بڻجي ويا، پر فهد پنهنجي سچائيءَ سان نوڪري ڪندو رهيو.

******

فهد ڪار ۾ هلندڙ مائي ڀاڳيءَ جي لوڪ گيت “لهرن مان لڙهندي اچي...” جي آواز کي وڌايو ته آيان سوچن مان واپس ڪار ۾ اچي ويو ۽ فهد پنهنجي گاڏي هڪ موٽيل تي بيهاري، جنهن تي ماضيءَ ۾ به اڪثر اسٽاپ ڪندا هيا. چوڌاري بسن ۽ ڪارين ۾ آيل ٻيا مسافر به ويٺل هيا. هو به وڻن هيٺان رکيل ڪاٺ جي بينچن تي ويٺا. فهد هُن لاءِ بيئر ۽ گاڏي ڊرائيو ڪرڻ ڪري پنهنجي لاءِ ڪولا وٺي آيو هو. هو پنهنجي چوڌاري بيٺل وڻن جي چوٽين کي به ڏسي رهيا هيا ۽ پنهنجن پراڻن دوستن جي باري ۾ به ڳالهيون ڪري رهيا هيا. فهد هن کان ايريڪا جي باري ۾ پڇيو ته هن سان سندس رابطو آهي يا نه؟.
آيان کيس اهو ٻڌائي حيران ڪري ڇڏيو ته هوءَ ته هُن وٽان لاڙڪاڻي مان به چڪر هڻي وئي آهي پر هاڻي هوءَ گذاري چُڪي آهي. پوءِ کيس سربستي ڳالهه ٻڌائي.
هنن ٻنهي ڄڻن وري پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ هن ڀيري فهد سلوواڪ ڳائڻي ماريڪا گمبيتووا جي ڪيسيٽ هلائي. کيس خبر هئي ته هوءَ آيان جي پسنديده ڳائڻي آهي. هن جي مڌر آواز تي آيان ماضيءَ ۾ پهچي ويو. هوءَ ڳائي رهي هئي:
”منهنجي من ۾ هڪ خالي جڳهه آهي“.
آيان جي ذهن ۾ ايريڪا جي ياد تازي ٿي وئي، هُن سان سندس ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن هو پنهنجي ايشين روح کي يورپ جي زمين تي رهڻ لاءِ آماده ڪري رهيو هيو ۽ ايئن هيو جيئن ميلي ۾ به تنها تنها. ان وقت تائين کيس يوروپين چپن جي سواد جي خبر نه هئي.
هو جيئن ئي پاڪستان مان سلوواڪيا پهتو هو، کين براتيسلاوا جي شولتيسووي(Soltesovej) اسٽريٽ جي ٻوليءَ واري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو هيو. هنن جي پهرين يا ايئن چئجي ته سندن نظرن جي پهرين ملاقات به ٻوليءَ وارن ڪلاسن ۾ ٿي هئي. هوءَ ڊگھي، سنهي سيپڪڙي، شولڊر ڪٽ سونهري وارن واري ننڍي عمر جي جرمن ڇوڪري هئي ۽ هن کي گول شيشن وارو فلاسفرن جيان چشمو پاتل هيو. ڪلاس ۾ هن کي ۽ آيان کي انگلش پئي آئي. جنهنڪري هنن جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه سٺي هئي. هن سان آيان جي ملاقات جو سلسلو شروع ٿيو ته ڄڻ هڪ نئين دنيا آباد ٿي وئي، اڻڄاتل يورپ پنهنجو ٿي ويو. هو ٻئي ڄڻا اڪثر گڏجي ڊرامن، بيلي ۽ آرٽ ايگزيبيشن تي ويندا هيا. آيان جي ڪمري تي به هن جو حق وڌي ويو هيو. سندن گھڻو ٽائيم گڏ گذرڻ لڳو..
هڪ ڏينهن هو ٻئي ڄڻا نيشنل آرٽ گيلري ۾ ايگزيبيشن ڏسي ڊينيوب جو ڪنارو ڏئي SNP پل جي ٻي ڇيڙي تي ٺهيل ٽاور جي مٿين حصي ۾ گھمندڙ Revolving ريسٽورنٽ ۾ ويٺا هيا ۽ چوڌاري لڳل شيشي جي درين مان ڊينيوب ۾ ترندڙ ٻيڙين کي پسي، بيئر جا ڍڪ ڀري رهيا هيا. ايريڪا، آيان کان پڇيو :
”خبر ٿي ته SNPجو مطلب ڇا آهي، جنهنجي نالي سان هي ريسٽورنٽ به آهي ته اها آرٽ گيلري جنهن ۾ هليا هياسي، ان جو نالو به اهو آهي“.
آيان نهڪر ڪئي ته ايريڪا کلي چيس:
”اها اسان جي ڪري آهي، اسان ٺهرائي آهي“.
”مطلب؟!“. آيان مرڪندي پڇيس
”اسان جرمن جي ڪري اهو سڀ ڪجھه ٿيو آهي“. ايريڪا به مرڪندي کيس چيو ۽ پوءَ تفصيل سان کيس ٻڌايو ته:
”ٻي جنگ عظيم ۾ سلوواڪيا جو هڪ سياستدان تيسو، جرمن نازين سان ملي ويو ۽ هتي انهن جي مدد سان حڪومت قائم ڪئي هيائين، پر هتان جا ماڻهو ان جا ۽ جرمنيءَ جا مخالف هيا، پوءِ هنن اندران ئي اندران بغاوت ڪئي ۽ مختلف هنڌن تي گوريلا وار شروع ڪئي. جرمن فوجين تي، حڪومتي مشنريءَ تي حملا ڪيا ويندا هيا، ان تحريڪ کي سلوواڪ ٻوليءَ ۾ ”Slovenské národné povstanie (سلواوڪ ناروديني پوستاويني)“ سڏيندا آهن جن جو مخفف SNP ٿئي ٿو. هاڻي ڏي خبر اسان ئي ٺهرايون نه اهي شيون؟“. هوءَ کلي پئي.
آيان پڇيس: ”هاڻي جرمن ماڻهن جي سوچ يا نفسيات ڪهڙي آهي؟“.
”اڳي واري ساڳي، يعنى پنهنجو پاڻ کي مٿانهون سمجھڻ. پر هاڻي اها ڳالهه ظاهر نه ٿا ڪن. باقي اندر ۾ اهڙا ئي آهن. مان جرمن آهيان پر مون کي گھڻا نه وڻندا آهن؟“.
”ڀلا فيملي سسٽم ڪيئن آهي؟“.
”فيملي سسٽم گھٽ هر ڪو پنهنجي زندگي ٿو گذاري“.
ايريڪا وري آيان کان پڇيو ته هنن وٽ فيملي سسٽم ڪيئن آهي؟! ته جواب ۾ آيان چيو:
”اسان وٽ اڃان تائين فيمليءَ جو ادارو سگھاري طرح موجود آهي“.
آيان کيس پنهنجي ڪٽنب جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو. هوءَ حيرت مان کيس ڏسندي رهي. ايريڪا چيو ته هنن وٽ ڪٽنب ڪمزور ٿي رهيا آهن. هن پنهنجي فيمليءَ جي باري ۾ ٻڌايو ته هو ٻه ڀينرون پنهنجي ماءُ سان گڏ رهنديون آهن. هن جي پيءُ جوانيءَ ۾ خود ڪشي ڪئي. هن کي پنهنجي پيءُ سان ڏاڍي محبت هئي.
ان خود ڪشيءَ واري ڏينهن به هن جو پيءُ ايريڪا سان کيڏي رهيو هو. هن کي چمي، پنهن جي ڪمري ۾ ويو جتان پستول جو ٺڪاءُ ٿيو، جڏهن سڀ ڀڄندا اتي پهتا ته هن جي پيءُ جو بدن فرش تي پيو هيو، جيڪو اسپتال تائين پڄندي پڄندي ٿڌو ٿي ويو. هوءَ ان وقت ڇهن سالن جي هئي. ايريڪا جا ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. آيان هن جي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ مضبوط ڪيو. هن ٻڌايو ته کيس شڪ رهيو آهي ته سندس پيءُ جي خودڪشيءَ جو ڪارڻ سندس ماءُ به آهي، ان ڪري کيس ماءُ کان نفرت آهي. سندس جرمنيءَ کان هتي اچي داخلا وٺڻ جو وڏو مقصد به اهو آهي ته جيئن گھر کان پري هجي“.
هوءَ روئڻ لڳي......
”تون منهنجو سٺو دوست آهين تنهن ڪري توسان شيئر ٿي ڪريان“.
هن ٽيبل تي جھڪندي آيان کي پيار ڪيو ته هن جي چوڌاري بهار جي خوشبوءِ ڦهلجي وئي ۽ کيس ڊينيوب ۾ ترندڙ ٻيڙيون، Aqua Balletڪندي نظر آيون. پوءِ اها خوشبوءِ سندس ڪمري ۾ هر وقت رهندي هئي.
”جرمنيءَ ۾ مون کي هڪ سٺي سهيلي آهي، جنهن سان هر ڳالهه ڪندي آهيان. هوءَ ڄڻ هاڻي پوري ڪٽنب جي دوست ٿي وئي آهي. امڙ کي به جيڪڏهن ڪجھه مون کي چوڻو هوندو آهي ته هن جي ذريعي ئي چوندي آهي“.
”ڇو تنهنجي ماءُ توکي سڌي ريت چئي نه ٿي سگھي ڇا؟“.
“شايد نه، اسان ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي ناهي، توکي ٻڌايم نه ته مان هن کي ڏوهي سمجھندي آهيان، انڪري سندس هر عمل مون کي برو لڳندو آهي“.
”پر نيٺ ته تنهنجي ماءُ آهي.....“
”اهو گھٽ آهي ته ساڻس گڏ رهان ٿي“
آيان کي ان معاملي تي وڌيڪ ڳالهائڻ بيڪار لڳو. انڪري خاموش رهيو. ريسٽورنٽ تان اٿي پيدل ئي پيدل پنهن جي اسڪول آيا ته ايريڪا کيس چيو:
”اچ ته پيانو وڄايون“.
آيان کيس چيو ته هو پنهنجي ڪمري مان ٿي اچي ٿو.
ايريڪا سٺو پيانو وڄائيندي هئي. هو ٻئي اسڪول جي بيسمينٽ ۾ رکيل پيانو وڄائيندا/ٻڌندا هيا، وڄائيندي هوءَ هئي ۽ آيان رڳو ٻڌندو هيو. آيان ڪمري مان ٿي بيسمينٽ ۾ آيو. هال جون سڀ بتيون بند ڪري، هُنَ پاڻ سان آندل ميڻ بتيون ٻاريون ۽ هڪ ڪنڊ ۾ ويهي کيس تڪڻ لڳو. ايريڪا کي ڪارو بلائوز ۽ سائو اسڪرٽ پيل هيو. ان ڏينهن هن موزارٽ جي ”Minor K 457“ وڄائڻ شروع ڪئي. آيان کي خبر نه هئي ته ايريڪا جون فيلنگس ڪهڙيون هيون، پر هُن لاءِ ميوزڪ جي لاهن چاڙهن سان هال ۾ موجود سڀ ڪجھه تحليل ٿي ويو ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ پاڇولو محسوس ڪري رهيو هو. ايريڪا جڏهن آخر ۾ ٻئي هٿ پياني جي keys تي هنيان ۽ هڪدم ميوزڪ بند ٿي وئي ته آيان به هن دنيا ۾ واپس اچي ويو. آيان به ڏٺو ته هوءَ به سحر ۾ هئي هنن ٻنهي نه ڳالهايو ۽ هو ٻئي ٻانهن ۾ ويڙهجي سيڙهجي پنهنجي ڪمري ۾ آيا ۽ هن ڪمري ۾ ٻرندڙ ٽيبل ليمپ جي روشنيءَ ۾ بستري تي وڇيل اڇي چادر تي ايريڪا کي ويهاريو ۽ ٽيپ ۾ روي شنڪر جي ستار هنئين. ان ڏينهن سندن زبانن ڪجھه نه ڳالهايو، پر جسم جي هر عضوي زبان بڻجي ڏاڍو ڳالهايو...... يا شايد ڪجھه به نه ڳالهايو.