ناول

پيار درياھ

اسحاق انصاريءَ جي لکڻيءَ ۾ بي ساختگي، نفاست ۽ رواني موجود هوندي آهي، جنهن جي ڪري پڙهندڙ تي سندس لکڻيءَ جي گرفت آخر تائين برقرار رهندي آهي. سندس پھرين ناول ”خالي بينچ“ وانگر اسحاق انصاريءَ جي هن ناول ”پيار درياهه“ جو موضوع به ”پيارُ“ ئي آهي.
Title Cover of book پيار درياھ

2

آهستي آهستي هنن جو هڪ گروپ بڻجي ويو هو ۽ ان گروپ ۾ آيان کان علاوه بيلورشيا جو دميتري، ليٽويا جو ييٽي(جنهن کي اهو نالو سنگت ڏنو هو ان ڪري جو هو ڊگھو هو ان کان علاوه سندس رشين نالي جي معني به هئي ”جبلن ۾ رهندڙ شخص“)، بلغـاريا جو زدراوڪو، بلغـاريا جي ئي روزي، رومانيا جون ڊائنا، ديلا، ۽ ديتلينا ۽ البانيا جي عائده شامل هئي.
دميتريءَ جي انگلش، ”ييس، نو“ تائين محدود هوندي هئي، پر کيس گھڻا لطيفا ياد هوندا هيا. جن جو ترجمو ييٽي ڪري ٻڌايندو هيو. ييٽي ڪمپيوٽر جو ماهر ۽ انگلش ميوزڪ جو شوقين هيو. بلغـاريا جو زدراوڪو سٺو اسپورٽسمين ۽ اسڪنگ جو انسٽرڪٽر هيو، هو لاابالي طبيعت جو هو، سندس دلچسپي ڊائنا ۾ هوندي هئي. ڊائنا هڪ ڊگھي ۽ سلم ڇوڪري هئي. هن جا سونهري وار وڏا ۽ اکيون نيريون هيون، جن تي سونهري فريم واري عينڪ هوندي هئي. سندس چپ لپ اسٽڪ کان بغير به ڳاڙها هوندا هيا. روزي خاموش طبيعت هوندي هئي. هن جي بلغارين نالي جي معني گلاب هئي، جنهن ڪري هوءَ سڀني لاءِ روزي هئي، هن جا ڪارا ڊگھا وار هن جي چيلهه تي جھومندا هيا. ديلا ٿوري ٿلهي هوندي هئي، پر سندس نقش معصوم ٻار جهڙا هوندا هيا ۽ ديتلينا سنهي سڪڙي پر سندس ڪمپني مزو ڏيندڙ هئي.
ان گروپ ۾ آيان جي دلچسپيءَ جو محور ڊائنا هئي ۽ ديلا جي نظرن ۾ وري آيان نچندو رهندو هيو. گروپ جو لوگو هو: ”هيئر وي آر“.
بور ليڪچرن ۽ بحثن مان واندا ٿي سڀ گڏجي ان ننڍي ڳوٺ جي سر سبز پيچرن تي واڪ ڪندا هيا، ته ڪڏهن سائيڪلن تي نيري ڍنڍ تي ويندا هيا ته ڪڏهن ڳوٺ جي ويجھي ننڍي شهر ۾ چڪر ڏيندا هيا. پر جيئن ئي سج لڙندو هيو، ڳوٺ ۽ محل تي رومينٽڪ اوندهه پکڙبي هئي، ته اهو ٽولو اتان جي ننڍي پر خوبصورت پب ۾ گڏ ٿيندو هيو. ڇوڪرا بيئر جي بوتلون خالي ڪندا هيا ته ڇوڪريون وري ريڊ وائين جا چسڪا ڀريندي ڳل ڳاڙها ڪنديون هيون. پب کان واپسيءَ تي خاموش ماحول ۾ ٿڌ جي ڪري، هو ڪيلاش قبيلي جي ڊانس جيان هڪٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي، وات مان ٻاڦ اوڳاڇيندا، گانا ڳائيندا، پنهنجي محل ڏانهن واپس ورندا هيا ۽ شاهي ڪاريڊورس ۾ الوپ ٿي ويندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن عائده ۽ آيان محل جي اڱڻ ۾ رکيل وڪٽورين بينچ تي ويهي ڳالهيون ڪندا هيا. اهڙي ئي هڪ ڪچهريءَ ۾ عائده آيان کي ٻڌايو هيو ته هن جو البينين دوست کيس ڇڏي ويو هو، جنهن ڪري عائده ڏاڍي ڊسٽرب هئي. ان وچ ۾ کيس هن ورڪشاپ جي انويٽيشن اچي وئي، پر هُن نه پئي اچڻ چاهيو. سندس والدين زوريءَ موڪليو هيس ته جيئن هنجو من وندري پئي. عائده آيان سان ڳالهيون شيئر ڪرڻ کانپوءِ پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندي هئي.

******

ان ڏينهن سج چمڪي رهيو هيو، عائده ۽ آيان ڪلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ سائيڪلون کڻي ڳوٺ جي ڍنڍ ڏانهن نڪري ويا هيا. عائده کي ڪاري نيڪر ۽ بسنتي رنگ جي ٽي شرٽ پهريل هئي ۽ آيان کي وائيٽ نيڪر ۽ گري ٽي شرٽ پهريل هئي. رستي جي ٻنهي طرفن کان حد نظر تائين سايون سايون ٻنيون هيون ۽ نيرو آسمان. ڪناري جي ٻنهي طرفن کان ڊگھا ڊگھا وڻ هيا. آيان کي ماحول، جان ڪانسٽيبل جي ڪنهن لينڊ اسڪيپ پينٽنگ جيان لڳي رهيو هو. هو جڏهن ڍنڍ تي پهتا ته سج لهي رهيو هيو. عائده ۽ آيان ڪناري تي سائيڪليون بيهاري پاڻيءَ ۾ اندر تائين ٺهيل ڪاٺ جي پليٽ فارم تي ويٺا. هنن کان علاوه اتي ڳوٺ جو هڪ نوجوان جوڙو به ويٺو هيو، جن لهندڙ سج کي ڏسي چمي ڏني ۽ تيستائين هڪ ٻئي سان چهٽيل رهيا، جيستائين سج لهي نه ويو. آيان ۽ عائده هڪ ٻئي کي ڏسي مرڪي پيا هيا. هو گھڻي دير تائين اتي ويٺا رهيا، ٻئي خاموش هيا نيٺ آيان کانئنس پڇيو:
”ايتري خاموش ڇو آهين؟“.
”حقيقت ۾ خاموش ناهيان. منهنجي ذهن ۽ دل ۾ هڪ ئي وقت الائي ڪيتريون ڳالهيون هُري رهيون آهن پر زبان تي نه ٿيون اچن، پر اهو تو کي ضرور ٻڌايان ته تنهن جي ويجھي ويهڻ سان مون کي تحفظ جو احساس ٿئي ٿو، جيڪو مان وڃائي چڪي هيس، تون ئي مونکي نئين سِر جيئڻ جو اتساهه ڏنو“.
”ٿينڪس فار ڪامپليمينٽس“.
”نه ٿينڪس جي ضرورت ناهي،مون مان زندگيءَ جو موهه نڪري ويو هو. هڪ شخص منهنجن ٽهڪن جي آڏو ڊيم ٻڌي ڇڏيو هو. منهنجي خود اعتماديءَ جي ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ٿي پيا هيا، پر تون منهنجي لاءِ ريسڪيو بڻجي آيو آهين“.
”اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي هئي؟!!“.
”ڪجھه ڏينهن توکي اڳ ٻڌايو هيم ته منهنجو البانيا ۾ هڪ دوست هوندو هيو. اسان اسڪول جي زماني کان دوست هياسين. اسان جي گھر وارن کي به ڪو اعتراض نه هوندو هو. هڪٻئي جي گھر ايندا ويندا هياسين. اونهاري جون موڪلون به گڏ گھاريندا هياسين، اسڪنگ تي به گڏ ويندا هياسين، ته وري بيچ تي به گڏ. نه رڳو البانيا ۾ پر ٻين ملڪن ۾ به گڏ گھمڻ ويندا هياسين“.
”پر تون ته رومانيا ۾ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهين ٿي، ۽ هو؟“.
”هو البانيا ۾ ئي انجنيئرنگ پڙهندو هو، پر تڏهن به اسان جو ملڻ عام جام ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو رومانيا ايندو هو، نه ته عام طور تي موڪلن ۾ آءُ البانيا ويندي هيس، باقي فون تي ته روز ڳالهائڻ ٿيندو هو“.
”توهان جو ته تمام سٺو جوڙو لڳندو هوندو“.
”ها سڃاڻو سڀ ايئن چوندا هيا، نه رڳو سڃاڻو پر جيڪي اسان ٻنهين کي گڏ ڏسندا هيا، اهي به تعريف ڪندا هيا“.
”پوءِ......“
آيان جي ڳالهه کي اڻ ٻڌو ڪري هوءَ پنهن جي ئي ڌن ۾ ڳالهائيندي وئي:
”هو، ڊگھو هو، هن جا وار سونهري ۽ گھنڊيدار، بدن ورزشي...... هو سٺو تارو به هو، ان کان علاوهه هو فوٽبال جو به سٺو رانديگر هوندو هو. مطلب ته هڪ آئيڊيل ڇوڪري واريون سڀ خوبيون هيون ان ۾، پر بس الائي ڇا من ۾ اچي ويٺس جو مون کان منهن موڙيندو ويو. پهريائين ته مون کي رومانيا ۾ ٽيليفون ڪرڻ گھٽائي ڇڏيائين..... پنهنجو پاڻ کي دلاسو ڏيندي رهيس ته ائين ٿي ويندو آهي. پوءِ وري جڏهن مان اونهاري جي موڪلن ۾ گھر ويس ته روز ملندڙ ماڻهو، مون سان ملڻ ۾ وقفو وجھڻ لڳو. ڪڏهن هڪ ڏينهن ته ڪڏهن ٻَه ڏينهن“.
”تون هن کان سبب نه پڇيو؟“.
”پڇيومانس ته هو لنوائڻ لڳو ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ٿورو مصروف آهي، پرمون کي سندس رويي مان سڀ ڪجھه صاف ظاهر پئي ٿيو“.
عائده جي اکين مان ڳوڙها وهندا رهيا. هن وري پنهن جي ڳالهه جاري رکندي چيو:
”منهنجي ته دنيا ئي بدلجي وئي هئي، هر وقت ڳلي ۾ ڄڻ ڳوڙهو محسوس ٿيندو هو، اکين مان هر وقت ڳوڙها وهندا رهندا هيا“.
هو سڏڪن ۾ پئجي وئي. آيان هن جي هٿ کي وٺي پنهن جي هٿ ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو. عائده کيس ٻڌايو:
”هڪ ڏينهن ته مان هڪڙي پارٽيءَ ۾ بيهوش ٿي ويس. ڇو جو ان پارٽيءَ ۾ هو به آيو هو پر ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان ۽ مون وٽان گذرڻ مهل مون کي نظرانداز ڪندو هو اڳتي وڌي ويو ته منهنجو مٿو ڦري ويو ۽ وڃي پٽ تي ڪريس“.
هوءَ اوڇنگارن ۾ پئجي وئي.
”مان پنهن جي دوست کي چريائپ جي حد تائين چاهيندي هيس، خير ان لاءِ ”دوست“ لفظ ته نه پر ”محبوب“ چوڻ کپي. پر هن جنهن نموني مون کي دوکو ڏنو ۽ مون کي ڇڏي وڃي ڪنهن ٻي سان مليو ته منهنجو محبوب ته نه رهيو نه“.....
آيان خاموشيءَ سان عائده کي ٻڌندو رهيو ۽ هُن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ سوگھو ئي رکيو.
”نيٺ خبر پئي ته ڇا جي ڪري توکي ڇڏي ويو؟“.
”ها، پر اهو توکي پوءِ ٻڌائينديس“.
هن روئيندي، آيان جي ڳلي ۾ ٻانهون وجھي ڇڏيون.

******

آيان ۽ عائده گھڻو وقت گڏ گھارڻ لڳا هيا. سندن اهو معمول ٿي ويو هيو ته ڏهين وڳي واري چانهه هجي يا شام واري ڪافي، هو ٻئي اڱڻ ۾ ڪيفي جي رکيل امبريلا هيٺيان ويهي پيئندا هيا. عائده سگريٽ به پف ڪندي رهندي هئي. منجھند جي ۽ رات جي ماني به هڪ ئي ٽيبل تي ويهي کائيندا هيا. ان کان علاوهه ڪمپيوٽر ليب ۾ به گڏ هوندا هيا ته وري ٽيبل ٽينس به گڏجي کيڏندا هيا. مڪس ڊبل ۾ به هوءَ سندس پارٽنر هوندي هئي. ان کان علاوهه ٻيلي ۾ جاگنگ تي گڏ ويندا هيا، عائده ته جاگنگ نه ڪندي هئي پر هو ڪنهن وڻ هيٺيان ويهي، آيان جي ورڻ جو انتظار ڪندي هئي. شام جو وري ڦوهاري وٽ ڪچهري ڪندي نظر ايندا هيا. سندن ان وڌندڙ قربت کي ٻين به محسوس ڪيو هيو، خاص ڪري ديلا، جيڪا ڪنهن ٻي ڇٽيءَ هيٺيان ويهي کين تڪيندي رهندي هئي.
رات جي مانيءَ کانپوءِ پب تي به گڏجي ويندا هيا. ان ڏينهن سندن گروپ جي هڪ ميمبر ييٽيءَ جي سالگرهه هئي. سڀ کان پهريائين ته ديلا جو آندل ڪيڪ ڪٽيو ويو. ان کان پوءِ کيس تحفا ڏنا ويا. پوءِ ٿيو ڊرنڪس جو دور شروع. سڀ کان پهريائين ييٽيءَ وڏي ٺڪاءَ سان شيمپين جي بوتل کولي. ييٽيءَ جي صحت جي نالي سان سڀني اٿي بيهي ٽوسٽ ڪيو.
اتان جي پارٽيءَ جي دستور موجب جيڪو به مهمان ايندو آهي ته پاڻ سان گڏ تحفو ۽ پيڻ لاءِ ڪا بوتل به کڻي ايندو آهي. سو ان ڏينهن به هنن واري واري سان مختلف ڊرنڪس پئي گھرايون، جيڪي پيئڻيون به سڀني کي هيون. جنهن ڪري ستت ئي سڀ همراهه مزي ۾ اچي ويا.
جڏهن دميتريءَ جو وارو آيو ته هن پنهنجي ٿيلهي مان بيلورشيا مان آندل وودڪا ڪڍي ته سڀني هڪدم رڙ ڪئي ”اوهه نو“.
ڪنهن به ان وقت وودڪا پيڻ نه پئي چاهي پر دميتريءَ جو ضد هو ته اسان وٽ ڪا به تقريب تيستائين مڪمل نه مڃي ويندي آهي، جيستائين ان ۾ وودڪا شامل نه هجي. انڪري پيڻي ته ضرور پوندي.
ٻين سميت،عائده به گھڻو پيتو هيو. هن جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ هر هر وڏا ساهه کڻي رهي هئي. دميتريءَ رشين اسٽائيل ۾ نرڙ تي گلاس رکي ڊانس ڪري، مدهوشيءَ ۾ پنهنجي هوش وند هجڻ جو ثبوت ڏنو. عائده، آيان کي ٻڌايو هو ته هوءَ گھٽ پيئندي آهي پر جيڪڏهن کيس ڪنهن ڏينهن گھڻو پيئڻو به پوندو آهي ته اها پڪ ڪري پيئندي آهي ته کيس سنڀالڻ وارو ڪو موجود آهي. شيمپين ۽ وودڪا جا جام چاڙهڻ کان پوءِ عائده جي اکين ۾ خمار اچي ويا هيا. هُن کي مونجھه پئي ٿي ۽ هوءَ ٻاهر نڪري وئي.
جڏهن گھڻي دير تاين هوءَ واپس نه آئي ته آيان به هن جي ڪڍ ريسٽورنٽ مان ٻاهر نڪري ويو. هوءَ گيٽ کان ٻاهر کليل هوا ۾ ڀت کي ٽيڪ ڏئي، وڏا وڏا ساهه کڻي رهي هئي. ٿوري دير اڳ ڪا برسات به پئي هئي، جو هوا گھميل هئي ۽ رستا به آلا هيا.
”ٺيڪ ته آهين نه؟“ آيان هن کان پڇيو .
”ها. ٺيڪ آهيان پر ڪجھه مونجھه پئي محسوس ڪيم ان ڪري ٻاهر نڪري آيس ته جيئن کليل هوا ۾ ڪجھه دير رهان“.
”پوءِ هاڻي ڪيئن آهين؟“
عائده هُن جي ڳلي ۾ ٻانهن وجھي ڀت کي ٽيڪ ڏيندي چيو:
”ٺيڪ آهي پر لڳي ٿو ته گھڻو پي وئي آهيان، منهنجو خيال رکجان“.
ٿوري دير کان پوءِ عائده بهتر محسوس ڪرڻ لڳي ۽ هو ٻئي اندر هليا آيا.
ٿوري دير ۾ ئي هنن کي اتان اٿڻو پيو جو گھڻي وقت گذري وڃڻ ڪري ٻيا سڀ همراهه وڃي چڪا هيا، سواءِ هنن جي گروپ جي. پب وارن به ٽيبل تي ڪرسيون اونڌيون ڪري رکڻ شروع ڪيون هيون. هي سڀ اٿيا ۽ پنهنجي محل طرف اچڻ لڳا.
هو سڀئي هڪٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي ڪڏهن ڪهڙي ملڪ جو، ته ڪڏهن ڪهڙي ملڪ جو لوڪ گيت ڳائي رهيا هيا، جيڪو سڀني کي سمجھه ۾ نه ايندي به سڀ ان سان سُر ملائي رهيا هيا. ٿوري دير ۾ عائده جي رفتار ڍري ٿي وئي ته آيان به ساڻس گڏ هلڻ لڳو. کيس عائده چيو:
”منهنجو خيال رک“.
عائده پنهنجو ڪنڌ آيان جي ڪلهي تي ڍرڪائي ڇڏيو ۽ هن جي ٻانهن جو وراڪو عائده جي چيلهه کي ڏنل هيو.
”مون کي مزو ته اچي ٿو پر گڏو گڏ ڪڏهن ڪڏهن مٿي کي ڦيراٽي به اچي ٿي“.
”ڪا ڳالهه ناهي ٿوري دير ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو“.
”ها، ٺيڪ ٿي ويندو. پر سڀڪجھه نه“.
”سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي ويندو“.
عائده نشي واري حالت ۾ ٿوري وڏي آواز سان چيو
”چيم نه سڀڪجھه صحيح نه ٿيندو. هو وري واپس مون وٽ نه ايندو“.
آيان سمجھي ويو ته هوءَ پنهن جي البينين دوست جي باري ۾ ڳالهائي رهي هئي.
هن جي آهستي هلڻ جي ڪري هو ٻين ساٿين کان گھڻو پوئتي رهجي ويا هيا.سندن ڳائڻ جو آواز به آهستي آهستي پري ٿيندو پئي ويو.
عائده، آهستي آهستي آيان سان وڌيڪ چهٽندي وئي. هن آيان جي ڪلهي کي چميو، پوءِ هن جا چپ، ڪنڌ، ڇاتي ۽ چپن تائين پهتا. عائده جي مست ساهن، ماحول ۾ برسات جي خوشبو ۽ رسيلن چپن جي گرمي ۽ نرميءَ آيان کي به مست ڪري ڇڏيو. هو به عائده جي چپن، ڳلن، ڪنڌ ۽ ڪنن کي چمندو رهيو. هنن جي مٿان وڻن مان ٽِمندڙ برسات جون ڪڻيون ڪرنديون رهيون. ايئن کين ڳپل عرصو گذري ويو. سندن ساٿي اوجھل ٿي چڪا هيا. عائده وڌيڪ مدهوش ٿي چڪي هئي.
هو جڏهن محل وٽ پهتا ته عائده اهڙي حالت ۾ ڪمري ۾ وڃڻ نه پئي چاهيو ۽ آيان کي چيائين:
”ڪجھه دير هتي ويهون ٿا“.
۽ هو ٻئي ڄڻا فائونٽين ڀرسان وڪٽورين بينچ کي اگھڻ کان پوءِ ويٺا.
ٿوري دير کان پوءِ عائده ، آيان جي جھوليءَ ۾ مٿو رکي ليٽي پئي ۽ کيس چيو:
”اڄ توکان ڌار ٿيڻ تي دل ئي نه ٿي چاهي“.
”پوءِ نه ٿي نه“.
”ها رات هتي ئي ٿا گذاريون“.
”جيڪڏهن ٻيهر برسات نه پئي ته“.
”پيار به برسات جيان آهي، جتي ضرورت آهي، اتي ماڻهو هڪ ڦُڙي لاءِ به سڪندا ٿا وتن..... ته ڪٿي وري پئي ٿي وسي“.
وچ وچ ۾ عائده ۽ هو هڪٻئي جي چپن مان امرت رس به پيئندا رهيا.
اکيون ٻوٽڻ سان عائده کي ننڊ اچي وئي. هو ڪافي دير ائين ئي بي سُڌ، آيان جي جھوليءَ ۾ سمهيل رهي.
اوچتو ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ، ڀڙڪو ڏئي اٿي بيٺي ۽ چوڻ لڳي:
”مونکي غلط نه سمجھجانءِ“.
هن جي سهڻين اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. آيان به اٿي بيٺو.
” آءٌ توکي غلط ڇو سمجھندس؟“.
عائده وري چيو:
”مونکي الائي ڇا ٿي ويو هيو؟ مونکي خراب نه سمجھه“.
” آءُ توکي خراب نه ٿو سمجھان“.
آيان هُن کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لڳو ته عائده تيزيءَ سان چيو:
”اچ ته هلون“.
هو ٻئي ڪاريڊور ۾ ڌار ٿي ويا، عائده ندامت ڀريل قدمن سان وڃي رهي هئي. هو حيرانيءَ مان کيس ڏسندو رهيو.
هُن کي عائده سمجھه ۾ نه آئي.