مهاڳ : ڌرتيءَ ڌڻين جون درد ڪٿائون سرجيندڙ محب ڀيل
اتهاس به ٻڌائي ٿو ته جتي رڳو پوڄا پاٽ جي ڌرمي ڌاڳن ڦيڻن جو شوڪارو هوندو آهي، ۽ ڌرتي جي دفاع ۽ جنگ جي فن جي تعليم نه هوندي آهي، اهي قومون يا فرد غلام ٿي ويندا آهن. ورڻ نيتي ۾ کشترين کانسواءِ ٻين طبقن لاءِ وڙهڻ ممنوع هو، ان ڪري غلامي جو ڦندو ڪنڌ ۾ ڦاسي پيو. پروهتن جي پوٿين ۽ سنسڪارن ماڻهو منجهائي ڇڏيا. ايئن تاريخ جي جبر جي نتيجي ۾آديواسي خانه بدوش ٿي ويا، ذلت آميز جيون گهارڻ لڳا...! محب ڀيل جي ڪتاب “دراوڙ جاڳ ۾ آهن” جا موضوع مجموعي طور پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ سان منسلڪ آهن “ تاريخي پسمنظر ۾ ڀيم رائو امبيڊڪر هندوستان جي سماجي ۽ معاشي بيهڪ جي خلاف اڇوستان جي ڳالھ ڪئي. ڊاڪٽر امبيڊڪر قانون ۽ اقتصاديات جو ماهر هو. کيس سويڌان نرماتا به چيو وڃي ٿو. سندس جنم هو اڇوت مهار جاتي ۾ 14 اپريل 1891ع ۾ مهاراشر ( مڌيه پرديش) جي ڳوٺ مهو ۾ ٿيو. هندوستاني سماج ۾ نسلي تعصب، اوچ نيچ ۽ ڇوت ڇات جو عنصر ڪجھ وڌيڪ هو. ان سماجي سرشتي جي رد عمل ۾ آل انڊيا شيڊيول ڪاسٽ فيڊريشن جو بنياد وڌو. گانڌي سان هڪ معاهدو پونا پيڪٽ جي نالي سان ڪيو ته جيئن جسادن کان بچي سگهي. هن اڇوتن لاءِ دلت لفظ استعمال ڪيو، جنهن جي معني آهي پيڙهيل. 11 آڪٽوبر 1956ع ۾ ٻڌ مت اختيار ڪيو. تعليم، تحريڪ ۽ تنظيم جو درس ڏئي مظلوم پرتن کي متحد ڪيو ۽ جاکوڙ لاءِ اتساھ ڏنو.
جوگندر ناٿ منڊل امبيڊڪر جو نظرياتي دوست هو. هو پاڪستان جي پهرين ڪابينه ۾ قانون جو وزير ٿيو. جناح پاڪستان جي شروعاتي مشڪل ۽ بحراني دور ۾ منڊل کان قانون سازي لاءِ مدد گهري هئي. منڊل جو تعلق بنگال جي شيڊول ڪاسٽ سان هو. 3 جون 1947ع تي وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن بنگال کي ٻن حصن ۾ ورهايو، ۽ منڊل پاڪستان جي حمايت ڪئي. آزادي کانپوءِ هتي هندوستان مان آيل پناھگيرن کي رهائڻ لاءِ اصلوڪن ماڻهن کي دربدر ڪيو ويو. قتلام ۽ قبضا ڏسي جوگندر جو جيءُ جهري پيو. هن پاڪستان کي سيڪيولر رياست ڏسڻ ٿي چاهيو. هن کي محمد علي جناح مان توقع هئي ته آزادي کانپوءِ پاڪستان ۾ شيڊول ڪاسٽس جا حق تسليم ڪيا ويندا ۽ هو وقار سان جيئي سگهندا. هن محمد علي جناح ۽ لياقت علي خان جي تضادن کي محسوس ڪيو. بيروڪريسي جي ڪردار ۽ رويي جي ڪري منڊل استعيفا ڏيئي، ملڪ ڇڏي ڪلڪتي هليو ويو.
خورشيد قائمخاني به ڀيم راءِ جو نظرياتي حامي ۽ دلت فڪر جو پرچارڪ هو. هن جيون خانه بدوش ٿي گذاريو. هن جو بي چين روح ٿائينڪو نه ٿيو. هو ورهاڱي جو درد سيني ۾ سانڍي گهمندو هو. هو تاريخ جي جبر جو اولڙو ٿي پيو هو. هن غيرفطري ورهاڱي کي ڪڏهن قبوليو نه هو. هو سيلاني ٿي رلندو رهيو، سياحت ۽ صحافت ڪندو رهيو. تاريخ، تهذيب ۽ ڪلچر هن جا پسند ديده موضوع هئا. هن جپسين جي دردن تي پراثر انداز سان لکيو. امبيڊڪر جو نظرياتي حامي ڪامريڊ فيضو شيدي جيڪو خورشيد قائمخاني ۽ خديجه گوهر جو ساٿي هو. هن جا سياست جا ڪردار ڌرتي ڌڪاڻا هئا. هو باگڙين، شيدين، ڀيلن، بالميڪين ۽ ٻين پيڙهيل جاتين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. پاڻ هارين جي حقن ۽ ٽريڊ يونين جي سياست ڪئي. اڄ هو دٻي ۾ هوشو شيدي جي آڳنڌ ۾ دفنايل آهي.” مٿي پيش ڪيل هي سڄو پسمنظر محب ڀيل جي ڪتاب “دراوڙ جاڳ ۾ آهن” ۾ بيان ڪيل ڪٿائن جو آهي. جن ڪردارن کي محب ياد ڪيو آهي اهي ڪردار انسانيت جا پيروڪار بڻجي ۽ ڌرم جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي انسان جي عظمت لاءِ پيرڙا کڻندا رهيا. محب ڀيل شناخت جي بحران ۾ ورتل ڪردارن جو ليکڪ آهي. هو ڌرتي ڌڻين جي ويڳاڻپ جي سببن تي لکي ٿو. سندس موضوع ڪهڙا؟ آديواسي ۽ خانه بدوش، پيڙهيل طبقا، انقلابي ڪردار، مزدور، هاري پورهيت...!
جتي هو پرمپرا جي نالي بيڪار ۽ مدي خارج رسمن کي نندي ٿو، اتي قومي انقلابي سياست جي ڳالھ ڪري ٿو. جتي مسڪينن کي متحد ٿيڻ جو درس ڏيئي ٿو، اتي ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيل سياسي ۽ سماجي رويي جي به ڳالھ ڪري ٿو. هو سوال پڇڻ واري عقليت پسندي جو قائل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو: سنهري ماڻهن جا ڪنا ٿانءُ، ها مان ڌرتي جو دراوڙ ڀورو ڀيل آهيان، آدمشماري ۽ شيڊول ڪاسٽ ڪيس، ۽ سوال پيدا ڪريو جهڙا شاندار مضمون لکي عام لوڪ کي سجاڳ ڪري ٿو.
موجوده سنڌ جي سياسي ۽ سماجي بيھڪ ۾ دلت سوال تي منھنجا اختلاف به آھن، پر مان ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به الڳ نظريي ۽ سڃاڻپ جي حق جو به مخالف ناهيان. محب ڀيل پنهنجي مضمون “ دلت تحريڪ ۽ ڪجھ رهجي ويل سوال” ۾ دلت موضوع تي سنجيده بحث ڪندي ايندڙ وقت لاءِ سوال اٿيارا آهن. ڇا اين جي اوز وارا ڪانچه.الائيه، جتي با ڦولي، وي ٽي راجشيکر، مهراج ڇترپتي شاهو جي جهڙا ڪردار آهن؟ جيڪي دلت ته نه هئا، پر انهن تهمتن، ۽ سزائن کان بي نياز ٿي برهمڻ سماج جي بنيادن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا. هتي پورهيتن ۽ مظلوم انسانن جي سياست کي اين جي اوز جو عرق ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، ان بنياد تي توھان ڪھڙو انقلاب برپا ڪندا؟ هي ڪردار ئي رد-انقلابي آھن! انهن ڳالهين کي محب جي مضمون جي تناسب سان سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڪامريڊ محب ڀيل جهڙا پورهيت دوست ليکڪ لکندا آهن ته “ غلامي، بربريت ۽ خانه بدوشي جا سبب ڪهڙا آهن؟ پورهيتن جي ڏک جا سبب ڪهڙا آهن؟ هو لڏين ۽ دربدر ڇو ٿا ٿين؟ انهي سڄي عمل پويان ڪهڙي سياست آهي؟ ” سرشٽي جي پوري اتهاس ۾ پورهيت طبقو ڳجهو نه رهيو آهي، پر اهي سرمايه دار ۽ وڏيرا آهن جيڪي جهالت، غلامي ۽ بيٺڪيت جو سبب بڻيا آهن. انهن هر ڌارئي ۽ حمله آور جي حضور ۾ غلامي جا طبل وڄايا آهن. انهن سر، خان بهادر، خان صاحب، جا لقب ماڻي زمينون وٺي، رعيت جي غلامي لاءِ مورچه بندي ڪئي آهي. انهن هر دور جي “خلائي مخلوق” جي حڪمن جي بجاآوري ڪري، پنهنجي مسند جو اسپيس پئي ٺاهيو آهي. ان ڪري ئي محب ڀيل لکي ٿو ته: “ اسين خانه بدوش دردن جو انتقام بڻباسين.”
انسان جو بهترين مستقبل ترقي پسند ۽ طبقاتي سياسي جدوجهد سان سلهاڙيل آهي، ڌرم تبديل ڪرڻ سان ڪو فرق نه پوندو. ڌرم بدلائڻ کانپوءَ پنندي ۽ جسم فروشي ڪندي ماڻهو ڏٺا ويندا آهن. سياسي جدوجهد کانسوءِ مڪتي حاصل ٿي نٿي سگهي. ذلتن ۽ زيادتين جو انتقام سياست جي ترقي پسند ۽ روشن خيال متي ۾ مقيم آهي. ان ڪري محب لکي ٿو ته: “مسڪين متحد ٿين، ۽ پنهنجا ننگ بچائن.”
تاريخ هاڻي مزدورن، عورتن، ۽ غريب لوڪن جي نقطه نظر سان لکي پئي وڃي. اهو دؤر گذري ويو جڏهن رڳو بادشاهن، راڻين ۽ وزيرن جي تاريخ لکبي هئي. هاڻ محلاتن بجاءِ چونرن ۽ جهوپڙين جي درد ۽ پيڙاءُ جي ذڪر کانسوءِ اتهاس جو ڪينواس اڌورو آهي. ان پيرايي ۾ ليکڪ محب ڀيل سوال ڪري ٿو: “ اسان کان پڇو ٿا اسان ڪير آهيون؟”
هن ڪتاب ۾ شامل مضمون: “برادري اتحاد جي سياست محدوديت آهي.” ۾ نسلي پرستي جي اڀار تي تنقيد ٿيل آهي. حقيقت به اها ئي آهي ته سنڌ ۾ ذات برادري تائين محدود سياست قبائلي ۽ نسلي تضادن کي ڊيگھ ويڪر ڏني آهي. ضياء الحق جتي ڌاڙيل ڪلچر، شهري_ لساني دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي پروموٽ ڪيو، اتي نسل پرستي جو رجحان به وڌي ويو. ڪامريڊ جوزف اسٽالن ڌرتي، ٻولي، تاريخ، تهذيب، ثقافت، سياسي ۽ پيداواري مفاد ۽ گڏجي رهڻ جي جذبي کي قوم سڏي ٿو. نسل پرست يا ذات برادري جي بنياد تي سياست نان_ سوشلسٽ، غير جمهوري، قوم دشمن ۽ انسان دشمن سياست هوندي آهي. اهڙي سياست ۾ هڪ نسلي گروھ کي محور بڻائي ٻين برادرين جي مسئلن ۽ دردن کا منهن موڙيو وڃي ٿو، ۽ تعصب وارو رويو روا رکيو وڃي ٿو. خاص ڪري مختلف هندو جاتين پاڻ ۾ ايترا تضاد وڌايا آهن جو هڪ ذات جا ماڻهو ٻي ذات جي ماڻهو جي لاش کي ڪلهو ڏيڻ به سٺو نٿو سمجهن. شادي ته هڪ ذات ٻي ذات سان ڪونه ڪري، پر شادي وواھ ۽ مرڻي جو رسمون ۽ ريتون به الڳ آهن. اڄ به ڪافي ذاتيون هڪ ٻي جي ٿانءُ ۾ کائن ڪونه! اهڙي بدترين جهالت ۽ دقيانوسي سوچ ۽ عمل جي اپٽار محب ڀيل “ڇوت ڇات ۽ انسانن ۾ نفرت جو ٻج ڪنهن ڇٽي؟” جي عنوان سان عقلي انداز ۾ ڪئي آهي. ڪامريڊ محب نظرياتي، آدرشي ۽ انقلابي سياست جي وڪالت ڪري ٿو.
محب ڀيل هڪ کاهوڙي ليکڪ ۽ جاکوڙي سياسي ڪارڪن آهن. هن پنهنجي حياتي پورهيت طبقي جي حقن لاءِ عملي جدوجهد ڪندي گذاري آهي. عملي ميدان ۾ به، ته قلم جي نوڪ سان هن جواني جون بهارون جدوجهد کي ارپي حيات جي ڪارج جو احاطو ڪيو آهي. ان ڪري هو “ڌرتي ڌڻين سان سياسي پارٽين جي رويي” جو بهتر تجزيو ڪري سگهيو ٿو.
هي ماضي قريب جي ڳالھ آهي آئون ۽ نارو ڀيل سندس جهڏي واري آشياني تي ڪچهرين تي ويندا هئاسين. هو انقلابي راھ ۽ جدوجهد جي موضوعن تي پيو لکندو، ڳالهائيندو ۽ عملي جدوجهدون ڪندو هو، سندس اهي سرگرميون ويران وير وڌ نظر اچن ٿيون. جيئن ته پاڻ به هڪ مظلوم دراوڙ نسل سان واسطو رکي ٿو، ان ڪري دراوڙن جا درد هن جي من ۽ ذهن تي ڇانيل رهيا آهن. جتي به ڪنهن مسڪين جي ٻانهن ڪپي، ڪنهن غريب تي وار ٿيو ته محب دانهن ڪئي. اها گونجار رنگ، نسل، مذهب ۽ قوم جي سانچن کان سوائي رهي آهي. هو لکندو رهيو آهي، ۽ لکڻ جي آرٽ ۾ به تيز اهڙو جو ڪتاب پويان ڪتاب پيو آڻي. هن جا موضوع واقعي منفرد آهن. تاريخ ايئن ئي لکجي. منهنجي ڪلپنا آهي ته هو مطالعو به ڪندو رهي ۽ لکندو رهي.
رام اوڏ
امرڪوٽ سنڌ