ڪالم / مضمون

دراوڙ جاڳ ۾ آهن

هي ڪتاب ليکڪ، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار محب ڀيل جي مضمونن جو مجموعو آهي.
جن ڪردارن کي مضمونن ۾ محب ياد ڪيو آهي اهي ڪردار انسانيت جا پيروڪار بڻجي ۽ ڌرم جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي انسان جي عظمت لاءِ پيرڙا کڻندا رهيا آهن. محب ڀيل شناخت جي بحران ۾ ورتل ڪردارن جو ليکڪ آهي. هو ڌرتي ڌڻين جي ويڳاڻپ جي سببن تي لکي ٿو. سندس موضوع ڪهڙا؟ آديواسي ۽ خانه بدوش، پيڙهيل طبقا، انقلابي ڪردار، مزدور، هاري پورهيت...! ترقي پسند قلم ڌڻيءَ محب ڀيل جو قلم وقف ٿيل ئي پورهيت ۽ هن سماج جي ڌڪاريل ماڻهن جي دردن لاءِ آهي.
  • 4.5/5.0
  • 7147
  • 613
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دراوڙ  جاڳ ۾ آهن

برادري اتحاد جي سياست

ڪائنات جي ارتقائي سفر ۾ ڏاڍي ۽ هيڻي انسان جي وچ ۾ جيئڻ جي وسيلن تان ڪشمڪش اڳتي هلي سياست جو روپ ڌاريو، جنهن کي هاڻ ايترو ته ڪراهت لائق بڻايو ويو آهي جو هر پرامن انسان سياست کان ڏور ڀڄي ٿو، سياست کي سياه معنى ڪارو ست معنى طاقت (ڪاري طاقت) سمجهيو وڃي ٿو. جنهن ڪري عام خلق جو سياست جهڙي عظيم عمل مان يقين ختم ٿيندو وڃي. سو برصغير ۾ سياست جي شروعات گھڻو ڪري ٿيندي ئي پنهنجي ذات کان آهي. ڪيترائي نالي وارا ماڻهو سياست جي شروعات برادري اتحادن کان ڪري چڪا آهن، پر اڳتي هلي اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا. اڃا به ڪيترا ماڻهو آهن جيڪي قومي سياست ۾ پنهنجي مفاد ماڻڻ ۽ افرادي قوت ڏيکارن خاطر پنهنجين برادرين کي بدترين طريقن سان استعمال ڪري رهيا آهن. آصف علي زرداري ملڪ جو صدر هئڻ وقت “زرداري برادري” جي سرداري جي پڳ پڻ پنهنجي مٿي تي رکرائي هئي. اهڙي ريت ٻروچ برادرين ۾ به اهڙا اتحاد عام جام آهن ۽ سماٽن ۾ به اهڙا اتحاد موجود آهن. گھڻي وقت کان سنڌ ۾ برادري اتحادن جي سياست عروج تي آهي. اهو چسڪو مهينو کن مون به چکيو هو، جنهن بعد هميشه لاءِ توبهه ڪري پنهنجي حال سارو قومي سياست ۾ پير پاتوسين. اهو سفر اڀري حال سان جاري ۽ ساري آهي. ڳالهه عالم انسانيت جي ڪبي، ذات تائين محدود ٿيڻ به انتهاپسندي جو هڪ نادر نمونو آهي. انتهاپسنداڻي خطرناڪ انسان دشمن سوچ کان بچي ۽ نج انسانيت جي بنياد تي آدم ذات جي خدمت ڪرڻ گھرجي.

[b]برادري اتحاد جي ابتدا
[/b]ماڻهو پنهنجي اندر ۾ رات ڏينهن ڪجهه ڪرڻ لاءِ پتوڙي ضرور ٿو، پر لوڀ ۽ لالچ سبب اها جاکوڙ ڪڏهن ڪڏهن مظلوم انسانن جي اجتماعي ۽ قومي مفادن بجاءِ ذاتي مفادن تي دنگ ڪري ٿي. پنهنجن مفادن اڳيان قومي مفادن کي قربان ڪندڙ ماڻهو توڙي جو تاريخ ۾ ڪهڙي حيثيت سان ياد ڪيا ويندا؟ اها حقيقت هاڻ لڪل ناهي. هڪ طرف سنڌ جي دراوڙن کي آرين مذهب جي آڙ ۾ ذات، پات، رنگ نسلن ۾ ورهائي سندن قومي ٻڌي، اتحاد ۽ يڪجهتي ٽوڙي مروڙي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. اڄ به ان حقيقت کان منهن موڙي نٿو سگهجي ته سمورا دراوڙ پاڻ ۾ گڏ کائڻ پيئڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ته اُتي سڱ، سڱاوتي، رشتيداري ڪرڻ جو تصور ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟ انهن ڌرتيءَ ڌڻين جي قومي اتحاد کي جيترو منو مهراج ڇيهو رسائي هڪٻي کان ڌار ڪري رکيو آهي، بلڪل اهڙي طرح اهي اتحاد مسڪين برادرين کي هڪٻي کان ڌار رکڻ لاءِ سرگردان آهن. ڄڻ هي اتحاد منو جا جان نشين هجن، ڪو به چرندڙ ڦِرندڙ ذهن جڏهن معاشري ۾ ڪجهه ڪرڻ جي شروعات ڪندو آهي ته سڀ کان پهرين سندس ذهن ۾ پنهنجي برادري جو خيال جنم وٺندو آهي. تنهنڪري سندس سياست، جدوجهد، جاکوڙ جو ابتدائي محور برادري هوندي آهي، جنهن کي اهي ماڻهو “قوم” سڏي يا چئي مخاطب ٿيندا آهن منهنجي ذاتي راءِ آهي ته انسان جي اندر جي شروعاتي اٿل، پٿل محدوديت تي مبني هجڻ ڪنهن حد تائين فطري عمل آهي، تنهنڪري ئي انسان شايد عالمگيريت جي سوچ بجاءِ ذات کي اهميت ڏي ٿو، پوءِ اڳتي هلي جڏهن کيس دنيا جي هوا لڳندي آهي ته “دنيا ۾ ٻيا به مظلوم انسان آهن جيڪي اسان جا ڀاءُ آهن” ته پوءِ سندس سوچن ۾ عالم انسانيت جا عظيم خيال جنم وٺندا آهن.
اهي ماڻهو دنيا جي مظلوم انسان جي ڪائنات پرستي واري سوچ ڌارين ته انهن کي محدوديت جي دائري ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت قطئه پيش نه ايندي. پر افسوس انهن جون سوچون کوهه جي ڏيڏر جيئن کوهه کي ئي ڪائنات سمجهن ٿيون

[b]برادري اتحادن جا فائدا ۽ نقصان
[/b]برادري اتحاد جڏهن ٺهندا آهن ته انهن جو بنياد فقط سياسي، سماجي احساس ڪمتري ۽ ٺلهي، کوکلي جذباتيت تي مبني هوندو آهي. جيڪو اڳتي هلي ذاتي مفادن جو گھٽيا ڪاروبار بڻجي ويندو آهي. ٻڌي، اتحاد، علم ۽ شعور جون جذباتي ڳالهيون ڪري اٻوجهه ۽ علم کان وانجهيل ماڻهن جي جذبن سان کلواڙ ڪيو وڃي ٿو. بنان ڪنهن عوام دوست نظريي، فڪر، گس، منظم تنظيم سازي، مضبوط آرگنائيزيشن، قائدا، اصول ۽ ضابطن کانسواءِ فقط ياري باشي ۽ ذاتي واسطن جي بنياد تي تنظيمون جوڙي پنهنجن مخالفن ۽ سياسي پارٽين کي پنهنجي حامين جي افرادي قوت ڏيکاري باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ان سڄي ڪارگذاري پويان ڪيتريون لڪل حقيقتون آهن. جنهن تي قلم کڻجي ته ڪيئي ڪتاب لکجي ويندا. جڏهن ته برادري اتحادن کي قومي تناظر ۾ ڏسنداسين ته اهي اتحاد فقط عام جنتا کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي انتهائي خطرناڪ انسان دشمن سازشن ۾ گھيريل نظر ايندا. هتي ڀيل برادري جو مثال ڏيندس،گھڻو عرصو اڳ جڏهن اڃان برادري اتحاد ايترا سرگرم نه هئا تڏهن سڄي سنڌ جي ڀيل برادري هڪٻي جي مرڻي، پرڻي، ڪُني ۽ ماني سميت هر ويل هڪٻي سان گھڻو سلهاڙيل هئي، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ اتحادن پنهنجو ابتو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو، برادري اتحاد ته بنيادي طور برادري کي متحد ڪرڻ لاءِ هجڻ گھرجن، پر ٿيو ائين جو سڄي برادري ڇڙوڇڙ ٿي وئي، قيادت تان اختلاف، ڦڏا ۽ فساد شروع ٿي ويا، ٽولي ۽ گروهه بازي جنم ورتو، جنهن بعد ذات پرستي وارو اتحاد سُسي ڌڙي بندي ۾ مبتلا ٿيندي، نُک پرستي تي پهتو، جنهن بعد ان جي بدترين پڄاڻي شخصيت پرستي تي ٿي. پوءِ اتحاد ٽٽي ويا وري اتحادن مان نوان اتحاد ٺهي ويا، هاڻ انهن جي سرگرمي جو اصل مقصد گم ٿي ويو، هو فقط هڪٻي جي ڇتي مخالف ۾ ميدان تي لهي پيا، صورتحال ذاتي دشمني ۽ تڪرارن تي پهتي، جتان علائقي پرستي جهڙي زهريلي سوچ جنم ورتو، هتي ساري سنڌ پرين جو پاڇو وارو خوبصورت قومي تصور ختم ٿي ويو، اتحاد ضلعن ۽ شهرن جي حدن ۾ محدوديت جي دائري ۾ قيد ٿي ويا، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، ٽنڊوالهيار ۽ سانگهڙ جا ماڻهو پنهنجي ضلعي جي ماڻهو کي سپورٽ ڪرڻ لڳا، پر ڳالهه اُتي دنگ نٿي ڪري ڳالهه ته سنڌي، اُترادي، ٿريي، مارواڙي، ڪڇي، لاڙي، ڍاٽي، مهراڻوي، ۾ ورهائجڻ ڏانهن وڌي وئي. سياست کي بُرو ڀلو به چيو ويو ۽ وري سياست ڏانهن رجوع به ڪئي وئي. ڪجهه اتحادن کي ڇڏي ڪري گھڻي اڪثريتي اتحاد صرف پنهنجي برادري جي مسئلن کي فوڪس ڪن ٿا ۽ جڏهن ته ٻي طرف پنهنجي ئي برادري جو ڪو ظالم ٻي مظلوم سان ڏاڍ مڙسي، ناانصافي، انياءُ، ظلم ڪندو آهي ته سنڌن منهن تي چپ جو ڍڪ چڙهي ويندو آهي. سو ادبي ايمانداري سان سوچي ويچاري غور ڪرڻ بعد مون ته فقط اهو سمجهيو آهي ته برادري اتحادن بجاءِ ذات، پات، رنگ ۽ نسل کان بالاتر مظلوم انسانن جو سياسي اتحاد هجڻ گھرجي، سموري دنيا جي مظلومن کي پنهنجو سڳو ڀاءُ سمجهڻ گھرجي. هيڻن انسانن کي ورهائڻ ۽ ويڙهائڻ جو هي ڪڌو ڪم ڪنهن به ريت فائديمند ناهي. اتحاد عظيم انسانيت جو هجڻ گھرجي، جدوجهد ۽ تحريڪون مظلوم ماڻهن، قوم ۽ وطن جي اجتماعي حقن لاءِ هئڻ گهرجن.

[b]برادري اتحاد ۽ قومي سياست
[/b]برادري اتحاد جي سياست قومي سياست ۽ عالم انسانيت جي عظيم نظريي ۽ فڪر کي ڇيهو رسائڻ جي سازش کانسواءِ ڪجهه به ناهي، سنڌ جي ماڻهن ماضيءَ ۾ ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪيتريون ئي پُرامن قومي عوامي جمهوري جدوجهدون ڪاميابي سان ڪيون آهن. جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته سنڌ جو عوام اجتماعي سوچ ۾ يقين رکي ٿو. جڏهن به سنڌ سڏ ڪيو آهي ته سنڌي قوم شينهن ٿي اُٿي آهي. سنڌي قوم ڪلچر ڊي ته به گڏجي ويندي آهي ته ڪالاباغ ڊيم سميت سمورين سنڌ دشمن سازشن خلاف سنڌي ماڻهن سگهاري قومي ۽ اجتماعي شعور جو اعلى مثال ڏيندي اهو ثابت ڪيو آهي ته مختلف سياسي نظرياتي ويڇا هوندي به سنڌ برادري اتحادن ۾ ورهائجڻ بجاءِ گڏيل سڏ کي ورنائي ٿي. سنڌي قوم قومي مامرن تي پاڻ ملهايو آهي. هن وقت سموري دنيا ۾ غاصب قوتن خلاف انقلاب جي لهر اُٿي پئي، دنيا جون مظلوم قومون اتحاد ڪري اڳتي وڌن پيون، ان صورتحال ۾ سنڌي قوم جي باشعور ماڻهن کي گھرجي ته عام ماڻهو کي برادري اتحادن ۾ ورهائجڻ بجاءِ قومي ٻڌي جي راهه تي آڻجي.
گھڻي عرصي کان سنڌ ۾ برادري سطح جا اتحاد، تنظيمون سرگرم آهن. جنهن سان سرداري ۽ قبيلائي نظام کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ هٿي به ملي ٿي. سنڌ جا پڙهيل لکيل تعليم يافته ۽ باشعور ماڻهو پنهنجيون شاندار ذهني صلاحتون ۽ وسيلا پنهنجن برادرين جي انفرادي حقن لاءِ ڪتب آڻيندا ته سنڌ، سنڌي قوم سميت دنيا جي مسڪين، مظلوم انسانن لاءِ ڪير آواز بُلند ڪندو؟ سوچون منتشر ٿي قوميت مان برادريت تائين محدود ٿي وينديون ته پوءِ عالم انسانيت جي عظيم فڪر جو ڇا ٿيندو؟ پوءِ عالمگير شاعر لطيف سائين جي هن بيت جي ڪهڙي حيثيت هوندي؟
سائين م سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

[b]برادري اتحادن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ
[/b]هن وقت سنڌ ۾ تقريبن هر برادري ۾ هڪ کان ويهه تائين اتحاد موجود آهن. برادري جي سياست ٻين مظلومن کان الڳ، محدوديت ۽ احساس محرومي جي حالتن جو سبب آهي. “برادري اتحاد” جي سياست واري سوچ عالمي انساني حقن، جمهوريت، قومي ٻڌيءَ ۽ اجتماعي سوچ لاءِ اڏوهي آهي. سنڌ ۾ برادري اتحاد جي سياست ڪندڙ ماڻهن کي دنيا جي سياست کي ضرور مدنظر رکڻ گھرجي. هيستائين دنيا ۾ جيڪي به عوامي انقلاب آيا آهن اهي انقلاب برادري سياست نه پر قومي اتحادن مان اُڀريا هئا. روسي انقلاب، چيني انقلاب، ويٽنامي انقلاب، فرينچ انقلاب، ڪيوبا انقلاب، هاڻ وري عرب ملڪن ۾ اٿيل انقلاب جي لهر ان جو شاندار مثال آهن. يا کڻي ستر واري ڏهاڪي ۾ بنگالي جُدا ٿيا، ان ۾ لکين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، ان سڄي وارتا ۾ شيخ مجيب جي شيخ برادري جا ماڻهو هئا يا سڄي بنگالي قوم هُئي؟ تنهنڪري اسان کي دنيا مان سکي اڳتي وڌڻ گھرجي. دنيا ۾ جون حالتون اسان جون بهتر استاد آهن.

[b]برادري اتحاد جي سياست ۽ موروثي سياست
[/b]انسانيت ۾ برابري ۽ سراسري ئي جمهوريت جو شاندار مثال چئبو، سياست ڪراهت لائق تڏهن بڻبي آهي جڏهن سياست جي صفن ۾ عوام دوست بجاءِ عوام دشمن ماڻهو ٿاڦجي ويندا آهن. اهي ماڻهو ذاتي مفادن جي آڙ ۾ سياست کي نفيدار ڪاروبار بڻائي پنهنجي ذات ۽ پنهنجي خاندان لاءِ استعمال ڪندا آهن تڏهن سياست جي شڪل نهايت ڀوائتي بڻجي ويندي آهي. سياسي پارٽين ۾ به اهڙو غيرجمهوري رويو ڏٺو ويو آهي. برادري اتحاد جو ٻيو نالو “موروثيت” آهي. ڇو ته هڪ برادري اتحاد جو صدر فقط ان برادري جو ماڻهو ٿي سگهندو، پوءِ اهو ان عهدي جي لائق به هجي يا نه؟ سو برادري اتحاد مورثيت جي مامري ۾ اڳين صفن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. پر گھڻو ڪري برادري اتحادن ۾ ته موروثيت ئي نظر ايندي. عوامي عهدن، پارٽين جي عهدن تي نسل در نسل ويٺل ماڻهو قومن سان ويساگهاتين جي وارداتن جا ڪارا باب آهن. اهڙي قبيلائي سوچ سان محڪوميءَ جو ڳٽ عوام جي ڳچي ۾ پوڻ فطري عمل آهي. جنهن ڪري انساني آزادي وارو عظيم مقصد قومن جو مقدر بڻجي نه سگهندو آهي.

[b]برادرين جا برادرين سان اختلاف
[/b]برادري اتحاد جا ٻيا ته ڪيترائي قومي نقصان آهن پر سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته اهي غريب برادريون اڳتي هلي هڪٻي جون سخت مخالف بڻجي وينديون آهن. جنهن جو خطرناڪ نتيجو اهو نڪرندو جو اڳتي هلي قومي ٻڌي اتحاد مڪمل طور ختم ٿي ويندو، مظلوم طبقا پاڻ سان ٿيل ظلم ۽ ذيادتين خلاف گڏيل ۽ سگهاري جدوجهد بجاءِ ڇڙوڇڙ ۽ اڪيلا ٿي شديد احساس ڪمتري جي ڪرڀ ۾ مبتلا ٿي ويندا. ڇو ته ظالم قوتن جو پاڻ ۾ عالمي سطح ته اڻ اعلانيل اتحاد آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪنهن به ظالم کي ڪوسو واءُ لڳندو ته ان جو سيڪ سڀ ظالم سرمائيدار ماڻهو محسوس ڪندا، هڪٻي جون وڏيون مددون ڪندا، پر افسوس اسان سان ظلم ڪندڙ دنيا جي اها ئي هڪڙي قوت خلاف اسان اجتماعي جدوجهد رڳو ان ڪري نه ڪري سگهنداسين جو اسان برادري اتحادن ۾ ورهائجي پنهنجي پير ۾ پاڻ ڪهاڙو هڻي چڪا هونداسين. برادري اتحادن جو هڪڙو ابتو ري ايڪشن ته اهو نڪتو آهي جو هاڻ ڀيلن سان مسئلي تي ڀيل ئي آواز اٿاريندا، ڪولهين سان پيش آيل مسئلي تي فقط ڪولهي ئي احتجاج ڪري سگهندا، بلڪه سڀ غريب برادريون ائين ورهايل هونديون. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ برهمڻ سامراج جي باقيات سيٺيا سڀ مري مُٺ ٿيل هوندا. اهڙي سوچ هر حال ۾ خلق جي فائدي ۾ ناهي.

[b]نُک پرستي به ذهني مرض آهي
[/b]گڏ کائڻ پيئڻ جي مسئلي جي ڪري شروع ۾ آئون به “ڀيل” بجاءِ پنهنجي ڀيل قبيلي جي “ڪارهيندا” پاڙي جي “بولاڻي” نُک (سب ڪاسٽ) سڏائيدو هئس. (منهنجا وڏا به مون کان اڳ ئي بولاڻي سڏائيندا هئا) پوءِ جڏهن شعور جو پاسو ڏيئي گذر ٿيو ته ڀيل سڏائڻ شروع ڪيو. اڄ فخر سان چوان ٿو “ها مان ڀيل آهيان، ها مان ڌرتيءَ ڌڻيءَ دراوڙ آهيان، ها مان سنڌي آهيان” پر هن وقت به ڪيترائي اهل علم دوست ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ وغيره آهن جيڪي پنهنجي غريباڻي سڃاڻپ ظاهر ڪندي شرم محسوس ڪن ٿا. جنهن ڪري انهن جي نالن سان گڏ پنهنجي مسڪين قبيلي جي سڃاڻپ بجاءِ نُک (سب ڪاسٽ) يا ڏاڏي جي نالي ۽ علائقي جي نالي پويان سڏائيندا آهن. ان جي پويان ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ بولاڻي، سنگلاڻي، هيراڻي، ڌاراڻي، ولاسائي، کنگهاراڻي، ٿري، مهراڻوي، صحرائي، بچلاڻي، موراڻي، هميراڻي وغيره جا انيڪ مثال آهن. ان جي پويان صدين جي احساس ڪمتري آهي. تاريخي طور تذليل جو شڪار ٿيل ماڻهو سوچين ٿا ته پنهنجي سڃاڻپ بدلائڻ سان انهن سان لاڳاپيل مسئلا حل ٿي ويندا. ماڻهو ذاتي طور ڪيتري به ڪوشش ڪري پر دنيا ۾ واحد “سڃاڻپ” ئي آهي جيڪا بدلائي نٿي سگهجي. ارڪاڻ نٿا بدلجن، رت ۾ شامل جبلتون نٿيون مٽجن، بهادري ۽ ڊپ نٿو لڪي.
تنهنڪري پنهنجي سڃاڻپ بدلائڻ بجاءِ هن دنيا ۾ عالمي سامراج جي غلامي جي حالاتن کي بدلائجي، لاشعوري جي حالتن کي بدلائي باشعوري جي سفر ڏانهن سنبرجي، احساس ڪمتري جي رحم لائق سوچ مان نڪري مسڪينن ماڻهن جي حوصلاافزائي، همت افزائي ۽ اتساهه پيدا ڪيو. اهڙي محدود سڃاڻپ بجاءِ عالم انسانيت جي عظيم سوچ تحت “انسان” جي سڃاڻپ برقرار رکجي.

[b]برادري اتحادن جو متبادل
[/b]عوامي سيوا جو جذبو رکڻ وارن سمورن ماڻهن کي گھرجي ته هو سماج جي سيوا بنا ذات پات رنگ ۽ نسل جي ڪن، پرامن جمهوري پارٽين ۾ عوام جي حقن لاءِ پتوڙين، “برادري اتحاد” جي محدوديت جي خول مان ٻاهر نڪري سڄي دنيا جي غريبن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهن ته هي ڪائنات امن جو آسيانو بڻجي ويندي، سموري دنيا جي ڏکوئيل انسانن جا سور انهن کي پنهنجا سور محسوس ٿيندا، انهن جي اکين تان محدوديت جي ڪاري پٽي لهي ويندي، تڏهن کين دنيا وسيع نظر ايندي. تڏهن کين رڳو ٻه قوتون نظر اينديون “ظالم ۽ مظلوم” ۽ پوءِ اهو نعرو وڌيڪ سگهارو ٿيندو “دنيا جا مظلومو متحد ٿيو”

سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جر وهي ٿو جال
سئين وهن سير ۾ ماڻڪ، موتي، لال،
جي ماسو جڙيئي، مال ته پوڄارا! پُر ٿئين.
(شاهه لطيف)