مسڪين متحد ٿين ۽ پنهنجا ننگ بچائن
پيئي جا پرڀات سا ماڪ م پسو ماڻهوا
روئي ڇُڙي رات ڏسي ڏکوئلن کي.
(يعني پرڀات ويل جيڪا ماڪ پيئي آهي سو ان کي ماڪ سمجهڻ جي ڀُل چُڪ نه ڪجو، اهو ته رات جا لڙڪ آهن، رات رُني آهي انهن ماڻهن جي ڏکن تي جن جا سنها ٻچا بکئي پيٽ ڪيهون ڪندي سُتا، رات انهن مسڪينن جا ڏک ڏسي رُني آهي جيڪي ظلمتن جو شڪار بڻيا)
گھڻي وقت سنڌ ۾ مسڪين ماڻهن جي حياتي، مال ۽ عزت محفوظ ناهي، بااثر ماڻهو غريب ماڻهن جي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندا رهن ٿا، انهن جا واٺيا وري انهن ننگن جا جرڳا ڪرائي مسڪينن جي عزتن کي پئسن عيوض نيلام ڪندا رهن ٿا.
[b]جرڳائي نظام جا نقصان
[/b]ڪائنات ۾ “قانون” جي ضرورت آدم جي اولاد پاران انسانن سان لاقانونيت جي خطرناڪ روين جي ڪري پيش آئي، جنهن ڪري سڌريل معاشرن کان قانون عمل ۾ آيو، جيڏا ڏوهه اوڏيون سزائون مقرر ٿيون، گدري جي چور کي ٻه ٿڦڙون ۽ انسان جي قاتل کي ڦاسي، سو ان قانون تي عمل به ٿيو، جنهن ڪري اشرف المخلوقات ڪجهه سُک جو ساهه کنيو. جمهوريت جي تقاضا به اهو آهي ته امير ۽ غريب لاءِ قانون هڪجهڙو هجي. قانون ۾ ڏوهه جي صورت ۾ ڪنهن سان به رعايت نه هوندي آهي. قانون جي ان ضابطي تحت ئي دنيا ۾ ٿورو گھڻو امن امان قائم آهي سو رڳو قانون جي ڪري آهي. دنيا جي مختلف معاشرن ۾ قانون جا قدر به مختلف آهن،
[b]سماجي قانون ۽ سرڪاري قانون
[/b]اسانجو سنڌي سماج به ذري گھٽ پنجن هزارن سالن کان مهذب ۽ تهذيب يافته سماج آهي، دنيا ۾ خانداني سلطنتن جو ذوال آيو، جمهوريت ۽ عوامي راڄ جو سج اُڀريو ته اسان کي قانون مليو توڙي جو انگريز سرڪار کان اڳ ۾ به جيڪي حڪومتون هيون آهن، انهن جا پنهنجا پنهنجا هٿ ٺوڪيا قانون جوڙيل هئا. جنهن ۾ عوام لاءِ انصاف جي اميد گھٽ هوندي هئي. ماضي جي ان دؤر ۾ “راڄوڻي نظام” کي اهميت حاصل رهي آهي. ان نظام ۾ به ڏوهه جي اهميت سان سزائون مقرر ٿيل هيون.
[b]جرڳائي نظام جا پويان پساهه
[/b]جڏهن پُرامن راڄوڻي نظام ۾ ظالم جاگيردار قوتون پنهنجن مفادن جي حاصلات لاءِ مسڪين ماڻهن تي غلط ۽ پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهڻ لڳيون تڏهن ان نظام انيڪ خرابين جنم ورتو، اهو راڄوڻي نظام انسان دشمن نظام بڻجي ويو، نتيجي ۾ قانون حرڪت ۾ آيو ۽ ان جرڳائي نظام تي پابندي عائد ڪئي. پر اڃان به سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي اهو نظام عروج تي آهي، جنهن ۾ اُتر سنڌ جا ضلعا سرفهرست آهن. جتي قبائلي تڪرارن جا نبيرا اڄ به جرڳائي سردارن جي سرپئنچي ۾ ٿين ٿا. سوين خونن جا فيصلا ڪروڙن ۾ ٿين ٿا. سردارن جي هر فيصلي تي جدا جدا فيس مقرر ٿيل آهي.
[b]غريبن سان ظلمتن جي انتها ۽ جرڳائي پٽيل سردار
[/b]“ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا يا وري جيڪو ڏاڍو سو گابو” واري چوڻي ائين ته وجود ۾ ڪونه آئي آهي؟ ان چوڻي جي پويان به ڪاري تاريخ جي ڪا ڏکوئيندڙ وارتائن جا دل ساڙيندڙ داستان هوندا؟ هتي جيڪو غريب آهي سو ڀلي پنهنجي پگهر جو پورهيو ڪري پيٽ گذرڪندو هجي پر ظالم وڏيراشاهي ان جي بي گناهه خدا ڪارڻ دشمن بڻيل هوندي. هن معاشري ۾ غريب کي انسان نٿو سمجهيو وڃي، مسڪين جي جوان ٻچن ۾ هر وقت لوفر وڏيراشاهي ي حوسي اک هوندي آهي، ڪيترائي واقعا آهن جيڪي جرڳن جي ڪري منظرِعام تي نه اچي سگهندا آهن. ان باوجود به جيڪي مامرا ميڊيا ۾ ظاهر ٿيندا آهن، انهن ۾ به قانون جي سُستي سبب انصاف ي اميد ئي مري ويندي آهي. تنهنڪري انهن مسئلن جي حل لاءِ جاگيردار ڌريون جرڳن کي اهميت ڏيئي پنهنجي مرضي ۽ مفاد جا فيصلا مڙهينديون آهن. اغوا، زنا، تشدد، قتل جهڙن سنگين ڏوهن جا فيصلا جرڳائي سردار پئسن عيوض ڪري عزتن جو اگهه مقرر ڪندا آهن. يعني ڪنهن مسڪين جي نياڻي سان زبردستي زنا جو فيصلو چند هزارن يا لک ڏيڊ ۾ ڪيو ويندو آهي. معنى ته جنهن ماڻهو وٽ ڪجهه لکن جي جائداد آهي ته اهو ماڻهو آساني سان ڪنهن به معصوم نياڻي جي آبرو لُٽي ڪجهه ڏوڪڙ ڏنڊ ڀري وري اهو وحشي بگهڙ، خوني درندو هن معاشري ۾ مڙس ماڻهو بڻيو مُڇون وٽيون آزاد پيو هلندو ۽ ٻين مسڪينن جا ننگ پيو تڪيندو ۽ تاڙيندو. ننگرپارڪر ۾ ڪستوري ڪولهي جي عصمت لُٽي وئي، ويڪائو سماجي ورڪرن ٻارنهن لکن عيوض عزت جي قيمت لڳائي ڇڏي، جوابدار پئسا ڀري آزاد ٿي ويا. اهڙا ته سوين واقعا آهن. جيڪي سردارن جي جرڳائي نظام جي ڪري ٿيندا رهن ٿا. يعني “جرڳو” سردارن جو فائديمند ڪاروبار آهي. هنن جي اوطاقن جون رونڪون جرڳن سان بحال هونديون آهن. پوءِ ڀلا هو ڪيئن امن چاهيندا؟ هو ڇو چاهيندا ته ماڻهو پاڻ ۾ نه وڙهن، هر طرف شانتي هجي ۽ سندن ڊيرا ويران هجن؟