اسين خانه بدوشن دردن جو انتقام بڻباسين
ماڻهو مسلسل جاکوڙ، جستجو، سخت پورهيا، انيڪ تجربا، ڪوششون ڪندو پنهنجو نسل برقرار رکندو رهيو آهي. پر ان ڪرت ۾ ڪائنات اندر ڪال، ڪروڌ ۽ ڪلفتون به هن ڌرتيءَ ماتا کي رت سان رڱينديون رهيون آهن. هومو اريڪٽس، هومو ميگنان، هومو شيپين ۽ هيومن يعني سالم دماغ سان اُڀو هلڻ واري مڪمل انسان ٿيڻ جي سفر ۾ جدل جو جنون بنيادي طرح آهي ئي بقاءُ جي جنگ، سو ماڻهو شعور جي شروعاتي وکن کان وٺي هيل تائين فقط بقاءُ جي جنگ ۾ حياتيون وڃائيندو رهيو آهي. ڪائنات جي اوائلي زماني ۾ ڇڙوڇڙ ٿيل ماڻهو گڏ ٿي ٽولن جي صورت ۾ رهڻ لڳا ۽ ٽولن جي صورت ۾ لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا. ان دور جي ماڻهن باهه، پاڻي، ٻوڏون، طوفان، زلزلا، شديدگرمين ۽ سخت سردين سميت ٻين لاتعداد قدرتي آفتن، موسمي تبديلين جا راز پروڙيا، سمجھيا ۽ انهن جا حل ۽ بچاءُ جا طريقا ڪڍيا. هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين لڏپلاڻ جا سبب قدرتي آفتون ۽ موسمي تبديلين سان منسلڪ هئا. يعني ان اوائلي دور جو هر ماڻهو خانه بدوش بڻجي رولاڪين جي زندگي گذاريندو هو.
ان شروعاتي زماني جي ماڻهو (اڻ سڌريل انسان) جي پيٽ گذر جا ذريعا شڪار، جهنگ جا آڙڪ ڦل فروٽ، اناج هئا. زخيرااندوزي جي سوچ ماڻهو جي دماغ ۾ تڏهن به گھر ڪري ويٺل هُئي. جنهنڪري اهي ارتقائي ماڻهو خوراڪ جو زخيرو ڪري رکندا هئا. ڏاڍا قبيلا هيڻن تي هلان ڪري سندن خوراڪ جا گڏ ڪيل زخيرا لُٽي کڻي وڃي پاڻ کائيندا هئا. انهن ماڻهن کي غلام بڻائي جبر ۽ ڏاڍ سان سخت پورهيا ڪرائي پنهنجي قبيلن لاءِ سک ۽ آسائشون ميسر ڪيون وينديون هيون. جديد دور جي سرمائيدارن پاران ڏاڍمڙسي جو ڪارهنوار اڄ به جاري آهي پر طريقي واردات منفرد، جديد ۽ نئين آهي. جنهن کي دنيا جا قانون انڪري سپورٽ ڪن ٿا جو اهي قانون جوڙيل ئي انهن سرمائيدارن جا آهن. پٿر جي دؤر وارن ماڻهن جو هڪٻي سان شروعاتي تضاد به خوراڪ جي گڏ ڪيل زخيرن تي قبضي جي سبب ڪري ٿيو هو. ان دؤر جا ماڻهو پيٽ گذر خاطر ٽولن جي صورت ۾ لڏپلاڻ ڪري اهي محفوظ جايون ڳوليندا هئا جتي کين خوراڪ سميت جان ۽ مال جو تحفظ هجي ۽ زندگي جو گاڏو گھلجي سگھي. روزي ڪارڻ اڻ ڏٺل منزلن تي لڏپلاڻ جو اهو سفر لاتعداد ڏکن، سورن، پيڙاهن سان ڀريل هوندو هو. پيٽ خاطر لڏا کڻندڙ خانه بدوشن جا ڪافلا لٽجڻ جو ڪيئن ڪٿائون ۽ وارتائون آهن. ڪروڙين سال پوئتي ماضي جي تاريخ ۾ جھاتي پائڻ کانسواءِ به ويجھي تاريخ ۾ اهڙيون لڏپلاڻون ٿينديون رهيون آهن. ماني پويان پورهيتن جي ڊگھي پنڌن جا پير ڌرتيءَ جي گولي تي ڳيري وک آهن. مظلوم طبقن تي ڪاهون ڪندڙ ڏاڍا نسل در نسل ڏاڍا بڻجي دنيا جي هيڻن جي روزي روٽي تي ڌاڙا هڻندا رهيا آهن. دنيا ۾ اهي دربدر ٿيل خانه بدوش پورهيت ٻي عالمي يڌ بعد ڌرتيءَ تي ڪنڊيدار تارون وڇائجڻ ڪري محدود دائرن ۾ روزي پويان رولاڪين جا سفر ڪندا رهيا. فرق صرف ايترو پيو جو اڳ هو بنان ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ڀارت، چين، روس، بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان، مالديپ، سريلنڪا، عرب ملڪن سميت ڌرتيءُ جا سمورا زميني توڙي پاڻي جا رستا لتاڙي پيٽ ڀرڻ لاءِ لڏپلاڻ ڪندا هئا. جڏهن ڌرتيءُ تي سرحدي ليڪا ماڻهن جي ورهاڱي جو سانحو بڻيا تڏهن کان هو رولاڪ ماڻهو دربدر به هڪڙي محدود دائري ۾ ٿين ٿا. وسيع ڌرتيءَ تي انهن کان دربدر ٿيڻ جو جمهوري حق به کسجي ويو. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ به جپسين جي وڏي آبادي آهي پر سڌريل ملڪن جا جپسي به سڌريل آهن. انهن کي سمورا بنيادي انساني حق حاصل آهن. اڻسڌريل ۽ پوئتي پيل ملڪن جا خانه بدوش پورهيت اڄ هن ترقي يافته دور ۾ به انسانيت جي لڪير کان هيٺ واري حياتي گھارين ٿا. هن ديس جي خانه بدوشن کي ته ملڪي شناخت به نه ملي سگھي آهي ڇو ته انهن وٽ رهائشي سرٽيفڪيٽ نه هئڻ ڪري قومي سڃاڻپ ڪارڊ به نٿو ٺهي سگھي. جنهنڪري ملڪ جي خانه بدوشن جي وڏي دربدر ٿيل آبادي ڳڻپ ۾ ئي نٿي اچي. سندن گھر دنيا جي گولي تي ئي ناهن ته گھرشماري جو نمبر ڪٿي لکجي؟ لکين بي گھر خانه بدوش جپسين جا گھر فٽ پاٿ، ڪکن پنن جون جھڳيون، چتيون لڳل خيما، ڦاٽل تنبو، اجگر بنگلن جا اداس پاڇا، شهر جي ڪچري جا ڍير، واهن ۽ شاخن جا ڪنڌا، ميلن جا ميدان، پوٺن جا پڊ، گھاٽا جھنگ ۽ پيچرن جا پاسا سندن غيرمحفوظ آشيانا آهن. جيڪي مستقل نه پر عارضي آهن.
اسان جي ديس جا خانه بدوش جپسي پورهيت به ڏاڍن جا عتاب ڀوڳي دربدري جو جيون جيئن ٿا. سماج بدلجڻ، ترقي ڪرڻ، علم پرائڻ، بنيادي انساني، جمهوري حق حاصل ڪرڻ سان سنڌن ڪو سروڪار ناهي. هو بس سموري حياتي روزي جي رولاڪين ۾ دربدر ٿي زندگي جي راهن تي موت جو سفر ڪن ٿا. ماني جي لولي جي حاصلات لاءِ گرمين، سردين، آڙنگن ۽ جهولن جون رولاڪيون هنن جي قسمت تي ٿاڦجي ويون آهن. هو مقدر جا سڪندر ڪڏهن ٿي ڪونه سگھيا آهن. پر مقدر ۽ ڀاڳ هنن کي رٺل ئي رهيو آهي.
هو رولاڪين جي رڻن ۾ ڄمن ٿا، بکن ۽ بيمارين ۾ پلن ٿا، رڙهن ٿا، رڙن ٿا، چنگھن ٿا، چُرن ٿا، ڦٿڪن ٿا، تڙپن ٿا، هو لاشعوري ۾ مست الست ٿي غلامي ۽ دربدر خانه بدوش جيون کي انجواءِ ڪن ٿا، مڌ جي مڌهوشي ۾ نچن ٿا، ڪڏن ٿا، ڪرن ٿا، جُھرن ٿا. سستن سگريٽن ۾ سڙن ٿا، تاريخ جي غم کي ڀُلائڻ لاءِ ڪچي ٺري جي ٻاٽلي ۾ پناهه وٺن ٿا، ٿڙن ٿا، ٿاٻڙجن ٿا، وري پين ٿا ۽ مرڻ لاءِ وري جيئن ٿا، رولاڪين جا درد خانانه بدوشن جا نسل ڳڙڪائيندا رهيا آهن.
خانه بدوشن جا مرڻا، پرڻا، تڏا، خوشيون، غم سڀ رولاڪين جي پنڌن جي نظر ٿيو وڃن ٿا. هو نيلي آسمان جي ڇپر ۽ ڇانءَ ۾ زهر جهڙي زندگي سان نڀاءُ ڪن ٿا. هنن جو سهاڳ راتيون ڦاٽل خيمن ۾ ۽ تڏا قتل ٿيل پکين جي مرتيي جيئن آسمان ۾ وڇايل هوندا آهن. سرمائيدارن جي اڻ اعلانيل عالمي قانون تحت خانه بدوش بستين ۾ پڪي سر نٿي لڳي سگھي ڇوته ان لاءِ هُنن وٽ ستون فارم ناهي، پر هُنن جي وهي کاتي جا پنا به دربدرين جي تيز طوفانن ۾ اُڏامي ويا آهن. هنن جا گھر به ناهن ته قبرستان به ناهن، هو جيئري به دوزخ جهڙو جيون گھارين ٿا مُئي پڄاڻان به قبرن مان ڪڍي اُڇلايا وڃن ٿا. هنن وٽ رهڻ لاءِ هن ڌرتيءَ تي آشيانو ناهي پر مرڻ کانپوءِ جسد خاڪي دفن ڪرڻ جو پروانو به ناهي. هنن کي پنهنجي خبر ناهي ته هو ڪير آهن؟ هنن کي ڪير پنهنجو ڪري ٿو؟ هنن جون ريتون، رسمون، عيد، رواج، تهذيب، ثقافت، تمندن ڪهڙي آهي؟ هو پيءَ ۽ ڏاڏي جي نالي کان اڳتي جو شجروگھڻو ڪري ڪونه ڄاڻن. هنن جي ذهنن مان هنن جي تاريخ ائين ميسارجي وئي آهي ڄڻ سندن ذهني ياداش گم ٿي وئي هجي. جيڪا هاڻ شايد وري يا نه به وري، سندن حالت ڪوما ۾ پيل مريض جھڙي بڻجي وئي آهي جنهن ۾ فقط ساهه آهي باقي هو هن ڪائنات لاءِ ناڪاره بڻيل پرزو آهي. جپسي مٽي جا ماڻهو آهن جيڪي ڌوڙ ۽ ڪک پن بڻجي طوفانن ۾ اُڏامن ٿا ۽ سائبيريائي پکين جيئن چوڳي لاءِ ڊگھا سفر ڪن ٿا. ان سفر ۾ هو ڪٿي شڪار پڻ بڻجي ويندا آهن.
هي خانه بدوش ماڻهو انهي لاوارث گونگي ۽ ٻوڙي ٻار جيئن آهن جيڪو ٻالڪپڻ ۾ ميلي ۾ چند روپين عيوض هٿن تي مهندي جا چِٽ (مهندي جا گُل) ڪڍندڙ ماءُ جي آڱر ڇڏائي وڃائجي ويو هو ۽ پوري حياتي ڀٽڪڻ ۽ خانه بدوش ماءُ جي ڳولا باوجود اهو لونگيو دراوڙ هٿ نه اچي سگھيو. مُئي جو هڪڙو سور پر جيئري وڃائجي ويل جگر جي ٽڪري جا پل پل سور پون ٿا، هانءَ ڇڄي ٿو. لاپتا خانه بدوش ٻار جا ماءُ ۽ پيءَ روز مرن ٿا ۽ روز جيئن ٿا. تاريخ جي ستم ظريفين ۾ انهن کان ته دڳ به وسري ويا ته وڳ به وسري ويا.
“غلام فريد” مين تو ايوين وڇڙي،
جيوين وڇڙي ڪونج قطاران.
سندن حياتي آس جي ونٽيليٽر تي آهي. هي خانه بدوش ماڻهو به اڄ تائين پنهنجا وڃائجي ويل دڳ ڳولي نه سگھيا آهن. پر دڳ پويان رولاڪيون سندن من تي لاتعداد ڏنڀ ڏيئي ويون آهن. اڻ ڏٺل منزل تي الله توهار ڪري پلاڻيندڙ خانه بدوش پورهيت هن جڳت جي اُلٽي ريت جو شڪار بڻجي رولاڪين ۾ روح رولين ٿا. پاڻ وڃائي پاڻ ڳولين ٿا ۽ پرٿوي جو اهو بيرحم چرکو چلندو رهي ٿو.
سج لهن ٿا، سج اُڀرن ٿا، چانڊوڪيون ۽ چيٽ ٿين ٿا، اُماس راتيون ۽ سر نسرن ٿا. بادشاهين جو انت اچي ٿو جمهوريتون بحال ٿين ٿيون ۽ ڪٿي آمريت جو راڄ اچي ٿو، تخت ۽ تختا نروار ٿين ٿا. ڪئين واءُ گھلن ٿا. پر هو بي پرواهه ۽ لاتعلق بڻجي خانه بدوشين جي دربدرين جا عذاب ڀوڳين ٿا. آخر هنن ماڻهن کي مهذبپڻي ۽ تهذيب يافته معاشري کان ايڏي فراريت ڇو آهي؟ هو ڇو پنهنجي حال تي خوش آهن؟ هو ماڙين ۽ بنگلن کان ايڏو ڏور ڇو ڀڄن ٿا؟ ايڏي دوري جي مجبوري ڪهڙي؟ هو پاڻ کي سماجي ڌارا کان شعوري ۽ لاشعوري طور ڇو ڌار ڪن ٿا؟ سندن اهو ڪهڙو تاريخي انوکو احتجاج آهي؟ انهي ڳجھه تي به ڪا ريسرچ ٿيڻ گھرجي ۽ ان تي به سنڌ جي گھڻ پڙهيل دوستن کي تحقيق ڪرڻ گھرجي. انساني حقن جو پڙهو گھمائيندڙ عالمي انسانيت جي علمبردارن کي دنيا جي ان وڏي خانه بدوش آبادي تي سوچ، ويچار، غور، فڪر ۽ سنجيدگي جي ضرورت آهي. ڌرتيءَ جي خانه بدوش پيرن جون لڦون انساني حقن جي نالي تي مال ميڙيندڙ ماڻهن جي ڪردار تي سواليه نشان بڻيل آهن.
اسان مٽي جي اوٽ ۾
جڏهن به دفن ٿي وڃون
جڏھن به ڪفن ٿي وڃون
هي نيڻ ٻوٽجي وڃن
۽ چاندنيون سمهي پون
جڏھن گهرن کي جاڳ ٿئي
جڏھن به عشق آڳ ٿئي
حسن جون اجرڪون لُڏن
گجن جون هو ٽڪون ٻُرن
وري ملهار جي اچي
اسان جي سار جي اچي
ته چئجو ڪنهن گلاب کي
جو راه ۾ فُٽي پوي
۽ چئجو هر حجاب کي
اسان مٽي کي چاهيو
اسان مٽي کي پوڄيو
اسان امانتن جيان
انهئ کي آھي سانڍيو
انهي جي عشق ۾ سدا
گلي گلي ۾ ڳايو
اهي جي گيت او پرينء
زنجير ڪا ٺهي پون
مٽي لئي هير ٿي پون
اسان کي ٻيو کپي به ڇا؟
اسان پُڄاڻان جيڪڏھن
گلاب واٽون ٿي پون
گسن تي لاٽون ٿي پون
اسان جا پيار ڇانورا
ڇمر ۽ ڇاٽون ٿي پون
تڏھن اسان جي روح کي
لطيف جون سٽون ڏجو!
لطيف جون سٽون ڏجو!
خانه بدوشي سراپا سور ۽ دردن جو نالو آهي، رولاڪين جي جيون ۾ غربت، تاريخي احساس محرومي، ڏک، مفلسي، مجبوري، لاوارثي، سماجي اڻبرابرين جا تذليل آميز رويا ۽ معاشري جون شڪي نگاهون، علم، ادب، تعليم ۽ شعورکان دوري، بي مقصد حياتي، بنان منزل جي صدين جا سفر خانه بدوش حياتي لاءِ ڪا معنى نٿا رکن. هُنن کي بس پنڌ ڪرڻو آهي، ان لاءِ هُنن وٽ گڏهه گاڏين ۽ گھوڙا گاڏين سميت هن جديد دور ۾ ڪاٺ جي ڦٽن واريون موٽرسائيڪل جوٽيل چنگچي به آهن، جن تي هنن کي تتل سج هيٺان “هڙڪ هلو، ڌيمان هلو” جهڙي ڪيفيت ۾ سفر به ڪرڻو آهي، ان کانسواءِ هڪ خانه بدوش وٽ هن ڪائنات ۾ پنهنجي ڪل ملڪيت ۽ ڪاٻاڙو چند اِڪڙي جا لڙها، ڦاٽل قنات، واڻ جي نوڙين جو ويڙهو، ٻياني، ڪهاڙي، رنبو، سر جي ڪانين وارو اڌ ٽٽل پکو، ٻه پاليل ڪتا، ڪُنو ڀڳل گھڙو، هڪ آري تي ويٺل ڪڪڙي، ننڍڙي راملي جا کوکي ۾ بند پيل ٽي ڪبوتر، ور ۾ پيل لاٽون، بلور، پتن جي تاش، گليل، اڍائي رليون، تن تي پاتل پرائي بدن جا لاٿل لٽا، اڻڄاڻ پيرن جو چتيون لڳل نيلامي جوتن جو جوڙو ۽ اڌڙوٽ خانه بدوش همراهه جي کيسي ۾ پيل پونسٽان فورٽ جو پتو چار مينار نسوار جي پُڙي هڪ خانه بدوش جي ڪل ملڪيت آهي. هن سموري مٽيريل سان سٿيل گڏهه گاڏين جي قافلي کي ميرانجھري سانجهه ۾ اڻ ڏٺل منزل تي لڏو لاهڻو آهي ۽ ڪچڙي صبح ۾ لڏو کڻڻو آهي، ڍاڀو ڪيل پٽن تان پنهنجا پير ڊاهڻ لازمي فرضن ۾ شمار آهي.
خانه بدوشن لاءِ لڏپلاڻ جي اڻ اعلانيل ڪُل وقتي ايمرجنسي واري صورتحال جو قهري قلم ڄڻ هنن تي عالمي قانون جي ادارن لاڳو ڪيو آهي، دنيا جي سمورن خانه بدوشن جي بدتر حالات پسي ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته دنيا سڀ جمهوريت پسند توڙي آمريتي راڄ وارا ملڪ قانون جي ڪتابن مان گم شده قانون تي سختي سان پابند بڻجي عمل پيرا آهن، ڄڻ اهو عالمي معاهدي جو نتيجو آهي ته خانه بدوشن جا حالات بدلائڻا ئي ناهن؟ اقوام متحده جا ادارا، عالمي عدالتون ۽ انساني حقن جا علمبردار ادارا خانه بدوشن جي دردن جي دوا لاءِ اڄ تائين ڪهڙو خاص پروگرام رکن ٿا؟ هو لڏپلاڻ دوران سدائين تڪڙ ۾ هوندا آهن ڄڻ لاڏائو جپسين پويان مهاٻوڏ، جهنگ جي باهه يا چنگيز، هلاڪو، هٽلر جي نازي فوج هجي. هو هڪ ڏينهن حيدرآباد مان لڏو کڻندا ته ٻي ڏينهن ٻنون ۾ هوندا آهن ۽ ٽي ڏينهن الئه ته ڪٿي سندن ڪانوائي کي قرار اچي؟ هنن کي بس حياتي جي ان چرخي کي مسلسل ان ئي محدود دائري ۾ چورڻو آهي. جيئن اکين تي کوپا ٻڌل نار جو ڍڳو يا اُٺ کي ڇوڙي وٿاڻ جي ڪلي ۾ ٻڌبو ته اُتي به ڦيرا پيو ڏيندو. لڏپلاڻ هاڻ ته خانه بدوش قبيلن جي نفسيات ۾ شامل ٿي عادت بڻجي وئي آهي ۽ عادت ته عضوو هوندي آهي.
رستن جي دوڙ ۽ طوفاني واچوڙن جو محور به اڪثر خانه بدوشن جا لڏا ۽ سندن عارضي اجھا آهن، جن جا ڪک پن به طوفان ۽ واچوڙن جي زد ۾ اچي آسمان جي بلندين تي اُڏندا آهن. خانه بدوش قبيلن کي مسافرين جا عذاب ڀوڳڻا آهن، اڌ ڍئو ۽ اڌ بک تي سمهڻو آهي، هنن جي حياتي تمام گھڻين معاشرتي پابندين کان آجي به آهي ته جڪڙيل به آهي. هو ڪٺن جيون جي اڙانگين راهن جا رمتا جوڳي آزاد هوندي غلام به آهن. هنن جي ذهنن کي عالمي سامراج جي ظالم نظام لاشعوري جا زنگيل تالا هڻي چاٻيون عميق سمنڊ ۾ اُڇلائي ڇڏيون آهن هاڻ هنن جون سوچون سامراج جي قيد ۾ آهن، هنن جا بيمارين ۾ جڪڙيل جسم سامراجي سنگھرن ۾ سوگھا آهن. ان ڏاڍ، جبر ۽ انياءُ خلاف هن دور جي خانه بدوش قبيلن ۾ اسپارٽيڪس جھڙي بغاوت ۽ مزاحمت به ناهي، هنن ۾ ڪو مارٽرلوٿر ۽ نيلسن منڊيلا به ناهي، هنن جي اندر جو لائو ٿڌو ۽ شانت آهي، هنن ۾ بغاوت جي آگ اُجھي وئي آهي، خانه بدوش فقط ماڻهن جي روپ ۾ زنده آهن باقي انهن جا آدرش، اميدون، آشائون بي موت مري ويون آهن. هوهر وقت زندگي جي ميلي ۾ کيسو ڪٽجي ويل ٻهراڙي جي ڳوٺاڻي جي خيالن جھڙا پور پچائن ٿا. پر مونکي يقين آهي ته خانه بدوشن جي اندر جو آتش فشان هڪ ڏينهن ڦاٽندو! ان باهه جا ڀڙڪا انسان دشمن سامراج کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندا.
خانه بدوش ڌرتيءَ جي گولي جا اهي ڀٽڪيل باشندا آهن جيڪي قافلن جي صورت ۾ وڃائجي ويل عزت، آزادي، آجپي، تشخص واري حياتي جا پيرا کڻن ٿا. خانه بدوش ته دنيا جي پورهيت انقلابن کان اڻڄاڻ آهن، هو “داس ڪيپيٽال” جي اکر اکر کان اڻواقف آهن جيڪو لکيو ئي دنيا جي سمورن لاورث، لاچار ۽ هيڻن انسانن لاءِ ويو آهي. هنن وٽ پئسو ئي ناهي ته بئنڪ اڪائونٽ به ڪٿي هوندا؟ نه ئي هنن وٽ ڪو سرمايو آهي نه ئي هنن “سرمايو” پڙهيو آهي. هنن وٽ ته بس بک ۽ بدحالي جو سرمايو آهي. هو ڦٽل تقدير کي سنوارڻ لاءِ ڪنهن معجزي جا متلاشي آهن، ڪائنات جا هي بيگانه ماڻهو معيشت جي پيچيده انگن، اکرن، ورن، وڪڙن، حسابن ۽ ڪتابن کان بلڪل بي خبر بڻيل رهيا آهن. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ جي سببن جي به خانه بدوشن کي خبر ناهي. هنن جو اسٽاڪ ايڪسچينج جي هيٺ مٿاين سان ڪو به واسطو ناهي. سچ پڇو ته جي هاڻ دنيا ۾ ٽين عالمي جنگ لڳي ته ان ۾ به هنن مسڪين پورهيتن جو ڪو ڪردار نه هوندو، هو ته ڄڻ صدين کان اڻ اعلانيه جنگ جي خطرناڪ صورتحال ۾ آهن ۽ پنهنجا ٻچا بچائڻ جي ڪوشش ۾ نسل در نسل لڏپلاڻ سندن نصيب بڻجي ويو آهي. هن ڪائنات جا ڪروڙين خانه بدوش انسان اڻپڙيل آهن پر هنن کي ڪنهن انقلابي ميڪسم گورکي جو ناول “ماءُ” ۽ ڳاڙهو لالٽين به پڙهي ناهي ٻڌايو، هو غلامي جي انهي ڏاڪي تي پهتل آهن جتي سن زو ۽ نيپولين بونا پارٽ جي ويڙهه جا فن هنن لاءِ ڇٽل ڪاتوس جيئن ناڪاره بڻيل آهن. خانه بدوشن جي پيرن ۾ ڄڻ ڪال چڪر آهي جنهنڪري کين ڪٿي به سڪون ناهي، هو ڪٿي به ٿڪ نٿا ڀڃن، هو فقط پلن لاءِ پڙاءُ ڪن ٿا. هنن جي ننڊ ۽ جاڳ رڻن ۾ رلندي رهي ٿي.
هنن فقط ٻڌو هو “هي ڌرتيءَ مالڪ سائين جي آهي” پر وقت جي وڏيراشاهي هنن کي رب جي ڌرتي تي چار پل سک سان ويهڻ به ڪونه ڏنو. هو انڌيري رات جي سانت ۾ بنان ڪنهن دانهن، ڪوڪ، رڙ ۽ مزاحمت جي تاريخ جي بي رحم خاموشي سان لڏو کڻي وڃي غيرآباد ڪلراٺي پوٺي تي پڌاريا، پر هو اتان به رات جي رهزنن کان روپوش ٿي پنهنجا ننگ بچائي ڀڳا هئا. ڇو ته وڏيري جي لوفر پٽ جون اکيون خانه بدوشن جي جوان نياڻين ۾ هيون.
هو ڪائنات جي قبضاگير سامراجي سوچ جو ڏنل بنواس بدحواسي ۾ ڀوڳين ٿا. جنهن سوچ هن حسين ڪائنات جي بهارن کي باهيون ڏيئي ڇڏيون آهن، جنهن سوچ هن ڪائنات مان گلن جا فصل ڀيلاڙ ڪري دهشتگردي جا پلانٽ ۽ خون پياڪ بلائن جون نرسريون لڳايون آهن. جنهن سوچ هن ڪائنات اندر “ماڻهپي” کي ست راڄي مان نيڪالي ڏيئي هُڪو پاڻي ۽ هٿ بند ڪري ڇڏي آهي. جنهن سوچ هن ڪائنات ۾ خون جا درياهه وهائي امن ۽ انصاف جي اڇي پکي کي رتورت ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سوچ ڪتابن کي قتل ڪري لائبريريون برباد ڪري ڇڏيون آهن، ان سوچ مظلوم ماڻهو جي رت جا پياسا سفاڪ، وحشي درندا هن دنيا کي مقتل گاهه بڻائي ڇڏيو آهي. سڄي دنيا جي خانه بدوشن جا درد هڪجهڙا آهن، انهن دردن جي ڪرڀ ۽ محسوسات به ساڳي آهي. گھڻو ڪري سڄي دنيا جي دربدر خانه بدوش جپسين جي رولاڪين جا سبب به ذري گھٽ ساڳيان آهن. هنن جو استحصال ڪندڙ سامراجي هٿ به ساڳيان آهن. پوءِ چاهي هو يورپي ملڪن جا جپسي هجن، چاهي ريڊ انڊين ۽ نيگرو هجن يا کڻي هتي جا ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙ لاڏائو قبيلا هجن، جيڪي سنڌ وطن تي هزارين سالن جي مهذب تهذيب، تمندن، ثقافت، ٻولي، ڌرتيءَ، درياهه رکن ٿا، جيڪي وطن جا والي هاڻ فقط تاريخ جي ورقن ۾ هن ڌرتيءَ جا وارث لکيا ويا آهن. باقي حقيقي طور وارثي جون واڳون ته قبضاگير آرين جي آمد کانپوءِ انهن جي هٿن مان نڪري ويون هيون، جيڪي اڄ ڏينهن تائين سندن هٿن ۾ واپس نه اچي سگھيون آهن، هزارن صعوبتن جي باوجود ڌرتيءَ ڌڻين پنهنجن پڊن کي ناهي ڇڏيو، هو هاڻ خانه بدوش بڻجي به پنهنجي ڌرتيءَ جي حدن ۾ اجتماعي لڏا کڻي ڄڻ پهرو ڏيندا هجن. هو ڄڻ پنهنجي بادشاهي جي بچيل آخري آثارن جي بنان اجوري خود ساخته رکوالي ڪن ٿا، ۽ وطن سان وفا نڀائن ٿا. هو پاڻ رولين ٿا ۽ ڳولين ٿا سنبارا جي وڃائجي ويل ڇير جا گھنگھرو جيڪي موئن جي دڙي جي مٽي ۾ مدفون آهن جيڪي شايد هاڻ ڪنهن دراوڙ رقاصا جي پير ۾ نه ٻڌجي سگھن، ڪنن ۾ شيهو پلٽايل تاريخ جي ٻوڙن ماڻهن جي سماعتن ۾اڄ به ڇيرن جي ڇم ڇم صدين پڄاڻا به گونجي ٿي، هو گونگا بڻجي به پنهنجي ٻولي کي پڙهڻ لاءِ بي چين آهن ته سندن وڏا پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ ڪهڙيون هدايتون لکت ۾ ڏيئي ويا آهن؟
خانه بدوشن جون رولاڪيون ڄڻ پنهنجي ڌرتيءَ جا گس، گھيڙ، گھاٽ، گام، ڳوٺ، پاڙا، وڻ، پتڻ، ڍنڍون، ڍورا، ڀٽون، دڙا، پيچرا، پاڇا، ڀڏا، ڀڙا، چنگ ۽ چڙن جي عشق جو اظهار آهن. جنهن عشق ۾ رولاڪيون سندن اڻ لکيو نصيب بڻجي ويون ۽ ان چري چاهت کين دربدري جا عذاب ارپيا آهن. تاريخ جي تنزلي سبب رولاڪيون هاڻ هنن جي رڳ رڳ ۾ رت جيئن گردش ڪن ٿيون. ستي ۾ مليل رولاڪين ۾ هنن کي شايد سڪون اچي ٿو؟ ڌرتيءَ جا رولاڪ قبيلا پنهنجا عارضي آشيانا پاڻ سان گڏ کڻي مسافرين جا سفر طئه ڪن ٿا. انهن ئي رولاڪين جي رڻ ۾ سندن جيون جا پل سماپت ٿين ٿا. سنڌ ۾ اڪثر خانه بدوش بڻيل ڀٽڪندڙ انسانن جي ماضي ۾ مالڪي پڻ رهي آهي. قبضاگير آرين جي پڌارڻ کانپوءِ سرزمين سنڌ جا اصل وارث ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوڳي، گرگلا، اوڏ، راوڙا، سامي، جنڊاوڙا ۽ ٻيا دراوڙ قبيلا جيڪي بعد ۾ پنهنجي ئي وطن جي واڳ وڃائڻ کانپوءِ لاوارثي جي حالاتن ۾ ڌڻين مان ڦري ڌاريان بڻجي ڀٽڪندا رهيا پر اڄ ڏينهن تائين هو ان عشق ۾ وطن سان بي وفائي نه ڪري سگھيا آهن. ڇا اهيو عشق انهن لاءِ ڪنهن عذاب کان گھٽ ثابت ناهي ٿيو؟ جنهن ڌرتيءَ تي هو مالڪ بڻجي رهيا هجن اُتي ئي کين غلامي جو ڳٽ ڳچي ۾ پئجي وڃي ۽ پوءِ تاريخ انهن کي “ڀٽڪتي نسلين” جي سڃاڻپ جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي ڇڏي ۽ هو صدين تائين خانه بدوش بڻجي وڃن. ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته“اڄ جا خانه بدوش ڪلهه جا ڌرتيءَ ڌڻي هئا” سنڌ جي هنن رولاڪ قبيلن سان تاريخ جو ورجاءُ آخر ڪٿي ڇيڙو ڪندو؟ سنڌ وطن جي اڇي کير جهڙن خانه بدوش انسانن سان تاريخي تذليل، توهين ۽ تنزلي ڪٿي دنگ ڪندي؟ هي لاڏائو بڻجي ويل وطن جا مسافر ڪٿي ته ٿڪ ڀڃندا؟
پٿون ٿيل پيرن هيٺان پنهنجي ئي ڌرتيءَ کسڪڻ جي درد جي ڪيفيت ۽ ان جي محسوسات جو زهر جهڙو ذائقو ۽ پنج سئو صدين جي غلامي جو احساس ڌرتيءَ جي دراوڙ خانه بدوشن کان وڌ ڪير ٿو محسوس ڪري سگھي؟ سانحن جا سور ته انهن جي سينن ۾ صدين کان سانڍيل آهن، اهي سور ۽ پور لاوي جيئن پچي ڪڏهن آتش فشان جيئن ڦاٽي سگهن ٿا؟ علم، شعور، تعليم ۽ ترقي کان ڪوهين ڏور سنڌ جا هي خانه بدوش لاڏائو قبيلا پيٽ گذر خاطر مختلف مزدوريون ۽ پورهيا ڪن ٿا. هنن خانه بدوش قبيلن ۾ ڪجهه قبيلا نالي ماتر ترقي ڪري سگھيا آهن. جن ۾ ڀيل، ڪولهي ميگھواڙ، اوڏ شامل آهن. ان نالي ماتر ترقي ۽ شعور جا ڪجھه سائنسي سبب پڻ آهن. هي ذاتيون لڏپلاڻ جي دوران به زراعت سان لاڳاپيل رهيون آهن ۽ انهن ماڻهن ويهڻ لاءِ ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ پنهنجا پلاٽ خريد ڪيا آهن. ٻني ٻارو ۽ محنت مزدوري ڪري ڌرتيءَ جي هنن پورهيت ماڻهن لڏپلاڻ بجاءِ هڪ هند ويهي زندگي جي سفر کي اڳتي وڌائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. ان جي باوجود هنن قبيلن جا لکين ماڻهو اڄ به روزي ڪارڻ لڏپلاڻ ڪن ٿا. سڄي سنڌ ۾ لاڏائو قبيلا رهن ٿا پر انهن جي اڪثريت ميرپورخاص، بدين، عمرڪوٽ، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ، نواب شاهه، ٺٺو آهن. جڏهن ته انهن جي آبادي جي وڏي اڪثريت ٿرپارڪر ضلعي ۾ رهي ٿي. جتي انهن جا مڙهه، مقام، ٻنيون، ڳوٺ، گام، اجها ۽ آشيانا آهن. پر ان جي باوجود هرسال ٿر جي هنن قبيلن جي لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوي ٿي. جنهن جو وڏو سبب ڏڪار سان گڏ غربت آهي. بک، بيروزگاري، بي وسي، بدحالي ۽ لاچاري کين خانه بدوش بڻائي ٿي. هو سنڌ ۾ ڪٿي به پيٽ گذر ڪارڻ لڏپلاڻ ڪري مزدوري تي ويا هجن پر “وٺي جون واڌايون” ملندي ئي پنهنجي ملڪ ملير تي مينهن واءُ ڪندي پڄي ويندا آهن. جيڪڏهن سال سامهون آيو ۽ مندائتي مينهن جي ڪري ٻارهن مهينن جو قوت ڪٺو ٿيو ته ٺيڪ نه ته وري “ساري سنڌ پرين جو پاڇو” جوڳي رمتا ڀلا، پنهنجن ڪکائن جھوپن کي ڍينگهر ڏيئي لاڏائو پورهيت سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ واپس ورندا آهن. لارين ۽ ڇکڙن جون ڇتون ٿر جي ڀٽن مان خانه بدوش پورهيتن سان ٻڪرين ۽ رڍن جيئن سٿجي نڪرنديون آهن. بسن جي اڏن تي ان وقت فقط انهن ماڻهن جي وڏي پيهه نظر ايندي ڄڻ هو فلسطين جا پناهه گير هجن؟ انهن جي ايندڙ منزل ساريالا ۽ مرچ، ڦٽي وارا علائقا هوندا آهن. جتي هو ٻن مهينن تائين لابارو ۽ مرچ ڦٽي جي چونڊائي بعد ڪمند جي ڪٽائي تي سانگھڙ، نواب شاهه، حيدرآباد سميت انهن علائقن جو رخ ڪندا آهن جتي زرعي مزدوري گھڻي هجي. ائين ئي هو بک کي رولڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ رلندا ۽ دربدر ٿيندا رهن ٿا. ٿر، لاڙ ۽ اُتر جا علائقا لتاڙي هو ٻيهر پنهنجي ڪکن ۾ اچن ٿا. اهو رولاڪين جو سفر صدين پڄاڻان ان ئي محور ۾ ڦرندو رهي ٿو. ان لڏپلاڻ سبب انهن لاڏائو قبيلن جي مستقبل جا معمار معصوم ٻچڙا به تعليم جي زيور کان وانجھيل رهجي ويندا آهن. علم کان دوري سبب هنن ۾ شعور جي ڪمي فطري عمل آهي جنهن ڪري خانه بدوش قبيلا قديمي ريتن، رسمن ۽ رواجن ۾ جڪڙيل هئڻ ڪري لاتعداد عقوبتون ڀوڳين ٿا.
سنڌ ۾ خانه بدوشن جا ڪجھه اهڙا به قبيلا آهن جن جا رولاڪين ۾ پيٽ گذر جا ذريعا به ڪجھه منفرد آهن. انهن ۾ ڪجھه ماڻهو سر جي ڪانين مان پکا، سُپ، معصوم ٻارڙن جا پينگھا ٺاهين ٿا. اهي جتي به لڏپلاڻ ڪري ويندا آهن ته ان سفر ۾ سندن ڪرت به جاري هوندي آهي. ان کان علاوه ڪجھه لاڏائو قبيلا ٻارڙن جا رانديڪا ۽ هٿن تي مهندي جا گل چٽي روزي ڪمائن ٿا. اهي ڀٽڪندڙ باشندا ٻهراڙين سميت شهرن ۽ ميلن ۾ گھڻو نطر ايندا آهن. انهن جي لڏپلاڻ ميلن تي دارومدار رکي ٿي. هنن جو سفر هڪ ميلي کان ٻي ميلي تائين ۽ هڪ شهر کان ٻي شهر تائين هوندو آهي. ميلا ويجھا ايندي ئي هو ٻهڪي پوندا آهن. سندن خوشيون ٻيڻون ٿي وينديون آهن، هو پنهنجا گاڏولا جوٽي وڏي تيزي سان وهيٽن کي ڪُٽيندا وڃي ميلن ۾ لڏو لاهيندا آهن. جتي اهي خانابدوش ميلي جي گل ٿيڻ تائين پنهنجي پيٽ جي باهه اُجھائڻ خاطر رانديڪا ٺاهي پيا وڪڻندا آهن ته گھمي ڦري خوش پيا ٿيندا آهن. هنن خانه بدوشن ۾ ڪجھه قبيلا ڀاڄيون، سبزيون، واڙيون ۽ باغ ٺيڪي تي کڻي پيٽ گذر ڪن ٿا. هو ان ڪم ۾ تمام وڏو تجربو رکن ٿا. لاڏائو قبيلن ۾ ڪي ماڻهو فقط پنڻ کي پنهنجو روزگار ٺاهي گداگري ڪندا آهن. جنهن ۾ شڪاري ڀيل، جوڳي، گُرگلا، سامي، ٻڙها، باگڙي وغيره پڻ شامل آهن. هي خانه بدوش قبيلا به سڄي سنڌ پيرن مان ڪڍن ٿا. هي شهري علائقن جي ٻاهرين پاسن، ڳتيل آبادين ۽ گند ڪچري وارن علائقن ۾ پنهنجيون عارضي جھوپڙيون ٺاهي حياتي جا عذاب ته ڀوڳين ٿا پر مُئي پڄاڻان به کين دفن ٿيڻ لاءِ جاءِ نٿي ملي. جيتوڻيڪ اهيو انساني تاريخ جو عظيم سانحو پڻ آهي. پر الئه ته ڇو ان الميي وس وارن جون پوريل اکيون ڇو نه کوليون آهن؟
برصغير ۾ ان لٽيل طبقي لاءِ ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر جي جدوجهد کي موهن لال ڪرمچند گاندي پنهجي ڊرامائي بک هڙتال ذريعي پُٺ ۾ ڇُرو نه هڻي ها ته اڄ صورتحال ڪجهه ٻي هجي ها. ڊگھي ماضي جي تاريخ ۾ هن لکين نيچ قرار ڏنل مسڪين ماڻهن جي جدوجهد وڏا ڇال ڏيئي انتهاپسندن ۽ رجعت پرستن کي للڪاريو هو. جنهن بعد انتهاپسند سامراج هن پيڙهيل طبقي خلاف نئين سر منصوبابندي ڪري کين غلام رکڻ جي رٿابندي ڪئي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهي پر ڪوڙ جا اهي ڪوٽ هڪ ڏينهن ڀڄي ڀري پوندا، غلامي جون هٿ ڪڙيون ۽ پيرڪڙيون ضرور چڪناچور ٿينديون. انسان ازل کان آزاد آهي ۽ آجپو يقيني آهي.
خانه بدوشن قبيلا تاريخ جا ٻاريل، ساڙيل ۽ لٽيل ماڻهو هئڻ ڪري ڌارئين ماڻهو تي تمام گھٽ اعتماد ڪندا آهن. اها بي اعتمادي سندن نفسيات ۾ پڻ شامل ٿي وئي آهي. پر ماضي جي وطن جي وارثن ۽ هاڻوڪن خانه بدوشن خورشيد قائم خاني تي انڌو اعتماد ڪري پنهنجي ڪکاڻين جھوپڙن ۾ ٻچن سان گڏ جيءَ ۾ جايون ڏنيون. خورشيد قائم خاني به پنهنجا ماڙيون ۽ بنگلا تياڳي ڀيل ڪالوني، جوڳي بستي، سامي نگر جي خانه بدوشن سان ساهه جي آخري گھڙين تائين ناتو نڀايو. هن جي لکڻين جا موضوع، تقريررن جا عنوان ۽ ڪچهرين جا بحث مباحثا خانه بدوشن جا درد ۽ سور رهيا. هن جون دوستيون، واسطا ۽ ياريون خانه بدوش سان هيون. هن جا پند خانه بدوش بستين کان شروع ٿي اُتي ئي ختم ٿيا. هُن جي مرتيي تي خانه بدوشن جي جھوپن ۾ تڏا وڇايل هئا. هن جو موت خانه بدوش رولاڪ قبيلن جي بستين ۾ ماتم جو سبب بڻيو، هن جي جنازي ۾ لاتعداد لاوارث ڌرتيءَ ڌڪاڻا ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوڳي، گرگلا، ٻڙها، راوڙا، سامي اوڇگارون ڏيئي رُنا. هو هزارين خانه بدوش دلتن کي وڇوڙي جا وڍ ڏيئي ويو. خانه بدوشن جي ابي خورشيد قائم خاني ۽ ماما فيض محمد شيدي پڄاڻان خانه بدوشن جي قافلي کي اسان جو فقيراڻو لڏي جا ڪجهه فقير ماڻهو اسحاق مڱريو، جپسي ايف سي (فقيرچند) ميگھواڙ، گنپت راءِ ڀيل، رڻشال داس ڪولهي، شيرمحمد سولنگي، ڏامرو مل ۽ ٻيا دوست سجاگي جي راهه تي بنان ڪنهن لوڀ لالچ جي آڻڻ لاءِ ڪوشان رهيا آهن. جن ماڻهن کي هن دنيا جي اڪثريت نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، انهن خانه بدوشن انسانن لاءِ آواز بلند ڪندڙ ڪردارن کي جس هجي، توڙي جو انهن سان هي چمڪ دمڪ وارو ذهني مريض بڻيل سماج ساڳيون رويو رکيو اچي، پر هو مٽي جي ماڻهن سان عشق نڀائن پيا.
خانه بدوشن جي درد ڀرين رولاڪين تي ادبي دنيا ۾ وڏو مواد موجود آهي. خورشيد قائم خاني “ڀٽڪتي نسلين” ۽ “جوڳي بستي” جهڙا شاهڪار ڪتاب پڻ لکيا آهن. ان کان علاوه ٻيو تمام گھڻو دلت ادب موجود آهي. پر ڪجھه قدامت پسند قوتن جي اکين ۾ ڌرتيءَ جا دربدر قبيلا ڪنڊو بڻيل هجڻ ڪري کين ڀت سان لڳايو ويوآهي. هن طبقي جي نالي تي مختلف اين جي اوز به پروجيڪٽ حاصل ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪيو هوندو. پر انهن جي تقدير موئن جي دڙي جيئن ڦٽل آهي. انساني حقن جي عالمي ادارن وٽ انسانيت جا ميار ۽ قدر ڪهڙا آهن؟ دنيا جا ڪروڙين خانه بدوش ان قدرن جي دائري ۾ اچن به ٿا الئه نه؟ انهن سوالن تي وقت جي عالي جنابن کي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو.
غريب ئي غريب جو ڀاءُ آهي
مظلوميت هاڻ عالمي سامراج لاءِ هڪ فائديمند ڪاروبار پڻ بڻجي چڪي آهي. غريبن جي نالي تي اين جي اوز وارا پروجيڪٽ وٺي پنهنجا ڀڀ ڀرين ٿا. غريبن سان انهن کي ڪهڙي همدردي آهي ان کان سڀ چڱي ريت واقف آهيون. اصل ۾ ظالم سامراج ۽ ان جا ايجنٽ غريبن جا هڏڏوکي نه پر وڏا دشمن آهن. دنيا ۾ فقط غريب ئي غريب جو ڀاءُ آهي، غريب کي ئي غريب جي ڏکن، تڪليفن جو احساس هوندو آهي، باقي جيڪي ڀائپي جون داعوائون ڪن ٿا سي يا ته پاگل آهن يا ته پروجيڪٽي؟ غربت انهن جي ادارن جو شاندار ڪاروباري ذريعو آهي،عالمي سامراج جا ڇاڙتا اين جي اوسٽ ڪٿي چاهيندا ته غربت ختم ٿئي، سندن پروجيڪٽ سماپت ٿين؟ هو ته بس غربت کي ختم نٿا ڪرڻ چاهين فقط غريب کي ختم ڪرڻ چاهين ٿاهنن جو پيٽ گذر غربت سان لاڳاپيل آهي..