ڪالم / مضمون

دراوڙ جاڳ ۾ آهن

هي ڪتاب ليکڪ، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار محب ڀيل جي مضمونن جو مجموعو آهي.
جن ڪردارن کي مضمونن ۾ محب ياد ڪيو آهي اهي ڪردار انسانيت جا پيروڪار بڻجي ۽ ڌرم جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي انسان جي عظمت لاءِ پيرڙا کڻندا رهيا آهن. محب ڀيل شناخت جي بحران ۾ ورتل ڪردارن جو ليکڪ آهي. هو ڌرتي ڌڻين جي ويڳاڻپ جي سببن تي لکي ٿو. سندس موضوع ڪهڙا؟ آديواسي ۽ خانه بدوش، پيڙهيل طبقا، انقلابي ڪردار، مزدور، هاري پورهيت...! ترقي پسند قلم ڌڻيءَ محب ڀيل جو قلم وقف ٿيل ئي پورهيت ۽ هن سماج جي ڌڪاريل ماڻهن جي دردن لاءِ آهي.
  • 4.5/5.0
  • 7147
  • 613
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دراوڙ  جاڳ ۾ آهن

خانه بدوشن جو همدرد خورشيد قائم خاني

2 سيپٽمبر 1933ع تي راجستان جي ڳوٺ حصار ۾ پيدا ٿيندڙ خورشيد قائم خاني شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول سوائي ماڌو سنگھه اسڪول سيڪر (راجستان) مان حاصل ڪئي. ان دوران برصغير کي ورهاڱي جا وڍ مليا. جنهن بعد خورشيد قائم خاني جي خاندان کي به لڏپلاڻ ڪري نئين ملڪ پاڪستان جي صوبي سنڌ اچڻو پيو. جتي خورشيد قائم خاني پنهنجي تعليم جاري رکڻ خاطر 1948ع ۾ اٺون درجو ٽنڊوالهيار مان ۽ ميٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول مان پاس ڪري ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. 1958ع ۾ ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول مان ڪميشن پاس ڪرڻ بعد فوج ۾ ميجر جي عهدي تي پهتو. بنگال سانحي ۾ جتي هڪ ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو ۽ لکين انساني جانين جو بي گناهه خون وهيو. جنگ دوران پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن جو رت وهائڻ وارو عمل خورشيد قائم خاني جي طبعيت کان بلڪل اُبتڙ هو. جنهنڪري هن فوج ۾ پنهنجي اهم عهدي تان استيفا ڏيئي رولاڪين جو راهي ٿيو. پنهنجي زندگي جي سک ۽ آسائشن کي ٺُڪرائي ڏکن ۽ تڪليفن کي گلي لڳايو. هن معاشري ۾ عظيم انسانيت ۾ اوچ نيچ جي گھٽيا ذهينيت ۽ سوچ سماجي اڻبرابري کي جنم ڏي ٿي. جنهن تحت ذاتي مفادن جي آڙ ۾ سماج جا خود ساخته ٺيڪيدار ماڻهن کي طبقن ۾ ورهائڻ جا ماپا مقرر ڪري ڇڏيا آهن. خورشيد قائم خاني انساني اڻبرابري جي اهڙن مدي خارج روايتن کي ٽوڙي هن سماج جي ڌڪاريل مسڪين ۽ مظلوم ڌرتيءَ ڌڻين ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوگي، گُرگلا، راوڙا، سامي، اوڏ، ۽ ٻين خانه بدوش دلت جپسين سان زندگي جي آخري گھڙين تائين گڏ رهيو. جنهن طبقي کي وقت ۽ حالتن “حاڪم مان هيڻا” بڻائي ڇڏيو. جن ڀٽڪندڙ ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ ڌرتيءِ تنگ ڪئي وئي هجي. جن سنڌ جي اصلوڪن ۽ آديواسي وارثن جا لاش پنهنجي ئي ڌرتيءَ ماءَ جي گود مان ڪڍي تاريخ جي بدترين توهين جي ور چاڙهي امن جي ڌرتيءَ تي روم جي بازار جا منطر پيش ڪيا ويا هجن. خورشيد قائم خاني ته انهن ماڻهن کي پنهجائپ، قرب، پيار ڏئي هميشه لاءِ پنهنجو ڪري ويو. خورشيد قائم خاني جي وڇوڙي تي سندس پوئنرن جي بنگلن ۾ به ڏک جو ماحول هو پر خورشيد صاحب جي موت تي اصل تڏو ته سنڌ جي لکين خانه بدوشن جي دلين ۾ وڇايل هو. خورشيد جي مڙهه تي ڀيلن جا ڳوٺ، جوڳين جون جھوپڙيون، ڪولهين جون بستيون، سامين جا سُنگ، اوڏن جا اباڻا ڪک سوڳوار هئا. سندس مرتيو جپسين جا جيءَ جھوري ويو، سندس وڇوڙي تي ڪيترائي ڏينهن خانه بدوشن بستين مان اوڇگارون اينديون رهيون. اهڙي بي لوث محبت شايد ڪنهن جي نصيب ۾ هجي ؟ جيڪا محبت، قرب، پيار ۽ پاٻوهه خانه بدوشن جي جهوپڙين ۽ دربدر ماڻهن جي ڪکن مان خورشيد قائم خاني کي مليو. خورشيد قائم خاني جي زندگي جو محور پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي تاريخ جا لٽيل، اٻوجھه ۽ بي سهارا ماڻهو هئا. جن ماڻهن کي اڄ انساني آزادي جي عالمي قانون تحت کين فقط “انسان” تسليم ڪرڻ جي عنايت به نه ٿي سگھي آهي. جنهنڪري اڄ به دربدرين جا اڻ کُٽ درد انهن زبردستي خانه بدوش بڻايل ڌرتيءَ ڌڻين جي زندگي ۾ باعث عذاب بڻيل آهن.خورشيد قائم خاني جو قلم وقت جي وڏن ماڻهن جي روايتي ثناخواني ڪري مراعتون حاصل ڪرڻ بجاءِ ڌرتيءَ جي بُکين، انگ اگھاڙن، نجي جيلن جي باندين، جوڳي بستي جي سورن تي درد جا داستان لکندو هو. سندس لکڻين جو موضوع سدائين تاريخ جا ٻاريل ماڻهو رهيا. ڊاڪٽر امبيڊڪر، جوگندر ناٿ منڊل، گوتم ٻڌ، مهاراجه اشوڪا جي ڪردار ۽ شخصيت کان متاثر فقير منش سيلاني قلم ڌڻي خورشيد قائم خاني جو قلمي پورهيو سپنون ڪا ديس، ڀٽڪندڙ نسل، پرهه جو پانڌيئڙو ، موت ڪي سوداگر، جوگي بستي (ناول)، مين گيا وقت هون، جھڙا شاندار ۽ شاهڪار ڪتاب ادب جي ميدان ۾ وڏي اهميت حاصل ڪري چڪا آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جا موضوع به اڪثر ڪري ڌرتيءَ جا دربدر دلت ئي آهن. ذات پات، رنگ نسل، مذهبي مت ڀيد، رجعت پرستي، انساني اڻبرابري، اوچ ۽ نيچ جي فرق ۽ ڦيري کان ڪوهين ڏور خورشيد قائم خاني هڪ عظيم تبديلي پسند، انقلابي سوچ رکندڙ انسانيت جو علمبردار ماڻهو هو. ڌرتيءَ ڌڻي خانه بدوشن ۽ جپسين جي زندگين کي بدلائڻ لاءِ لکين روپين جي خرچ سان مهانگين هوٽلن ۾ سيمينار ۽ گڏجاڻيون ڪوٺائيندڙ اين جي اوز ۽ انساني حقن جا علمبردار بڻيل عالمي ادارا ته خورشيد قائم خاني جيئن عملي طرح خانه بدوشن جي ڏکن، پيڙاهن، تڪليفن جو حصو ته نه بڻبا هئا. جو اهي سور سندن محسوسات جي حس کي ڇُهي سگھن. تنهنڪري اي سي هالن ۾ دنيا کي بدلائڻ جون زباني پُلائون کارائيندڙ ۽ ان مظلوم طبقي جي ڏکن، تڪليفن تي ڊگھيون تقريرون ڪندڙ ماڻهن کي ڪهڙو پتو ته پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي دربدري جو درد ڪيڏو ڏکوئيندڙ سانحو آهي. خورشيد قائم خاني جا ڏک ۽ سُک به سنڌ جي مسڪين ۽ مظلوم ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙن سان لاڳاپيل هئا. خورشيد قائم خاني ته هن سماج ۾ اڇوت قرار ڏنل اصل سنڌ جي وارث دراوڙن جي خوشين ۽ غمن ۾ گڏ هوندو هو. خانه بدوشن جي جھوپڙين جا درد ته فقط خورشيد قائم خاني ئي ڄاڻندو هو. خورشيد قائم خاني کي ئي خبر هُئي ته ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوڳي، گُرگلا، سامي، اوڏ، راوڙا ۽ شڪارين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڪيئن تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.؟ ڪيئن سندن نياڻين ۾ ظالم وڏيرا اکيون وجھن ٿا؟ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڪيئن جوڳي لڪي لاش پورين ٿا؟ ۽ انهن قبرن تي گل رکڻ جو حق انهن جي پيارن کان تاريخ ۾ ڪيئن کسيو ويو آهي؟ ٻڪ ۾ پاڻي پيئڻ جو عذاب ڪهڙو ٿيندو آهي؟ اهو خبر ته صرف خورشيد کي ئي هُئي ته خانه بدوشن وٽ دربدري سبب يونين ڪائونسلن جا رهائشي سرٽيفڪيٽ نه هئڻ ڪري پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي شناخت لاءِ پلاسٽڪ جي ڪاغذ جو ٽڪرو (شناختي ڪارڊ) نه هئڻ ڪري پوليس چوڪين تي عوام جا محافظ هن مخصوص طبقي کي هر روز “غريب” هجن جي گناهه ۾ ڪيئن تذليل جو نشانو بڻائڻ ٿا؟ خورشيد قائم خاني کي چڱي ريت معلوم هو ته سنڌ ڌرتيءَ جي خانه بدوشن سان ظلم، زيادتين ۽ انياءُ جي هڪ نه کٽندڙ ڊگھي تاريخ آهي. سنڌ جي دراوڙن سان ظلم به دنيا جي سمورن خانه بدوش ماڻهن سان ٿيل ناانصافين جو تسلسل ۽ ڪڙي آهي. ان سان گڏ تاريخ جا زهريلا ورق به فقط مظلومن کي مسخ ڪن ٿا. هٽلر جي نازي شاهي پاران اوڀر يورپ جي لکين جپسين جو خون وهائڻ، ڊچ ملڪن ۾ لاڏائو ماڻهن سان غير انساني سلوڪ، ان دور جي ظالم ماڻهن پاران جپسين جو شڪار، سوئيڊن ۾ مرد جپسين کي قتل ڪرڻ جو قانون به ان ظلم جو تسلسل آهي. اسپين، هالينڊ، پورچوگال، انگلينڊ، ڊينمارڪ، فرانس، اسڪاٽ لينڊ سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ جپسي دشمن قوتن پاران غير انساني ڪارا قانون جوڙي ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪئي وئي هُئي. تنهنڪري دنيا جي عالمي علم جي گھري مطالعي کانپوءِ خورشيد قائم خاني سنڌ جي لاڏائو قبيلي جي خانه بدوش جپسين جو پنهنجي وس آهر ڀرجھلو بڻيل هو. مرحوم خورشيد صاحب جي ذاتي زندگي تي خانه بدوشن جي رهڻي ڪهڻي جو گھرو اثر هو. هُن ان حالتن کي قبول ڪندي سامين جا پنڌ ڪيا. انهن جي تڪليفن کي ڀوڳيو. پينو فقيرن سان جهوپڙين ۾ رهي انهن سان همدرد ٿيو. جوڳين جي بستين ۾ اصيل نانگن جا کارا مٿي هيٺ وهاڻا ڪري به سُتو. هن خانه بدوشن جي ٻارڙن سان ٻڪريون به چاريون ته هن انهن ٻارڙن کي مليريا ۽ ڊائريا ۾ تڙپندي به ڏٺو. فقيرن جي ٻارڙي کي اگھاڙن پيرن ۾ لڳل ٻاٻري ڪنڊي جو درد به محسوس ڪيو هو. جهوپڙين ۾ ويم دوران مري ويل خانه بدوش ماين جا آخري سڏڪا به ٻڌا هئا. خورشيد قائم خاني ته انهن لوڪن سان زندگي گذاري جن کي هن سماج جا سفيد پوش ماڻهو ته هڪ نظر کڻي ڏسڻ به گوارا نٿا ڪن. خورشيد قائم خاني کي ڪو ادارو يا هي وڏن ماڻهن جو هٿ ٺوڪيو سماج مڃتا ڏي يا نه ڏي پر انهن لکين دربدر خانه بدوش ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙن جو بي لوث محبتون خورشيد قائم خاني لاءِ وڏو اعزاز ۽ مڃتا آهن. 9 جنوري تي سندس ورسي جي موقعي تي سنڌ جا خانه بدوش کيس عقيدت جا گل ارپنا ڪندا آهن. خانه بدوشن جي ابي خورشيد قائم خاني جي هڪ تقرير جو هتي ذڪر ان ڪري ضروري سمجهان ٿو جنهن سان اسان کي ويجھي ماضي ۾ برصغير جي پيڙهيل انسانن سان ٿيل ڏاڍ ۽ جبر جي منظرنگاري کي دل جي اکين سان محسوس ڪري سگھجي ٿو. “برهمڻ، کتري، ۽ وئش جي نالي سان اوچ ذاتيون ملي ڪري به ننڍي کنڊ جي آبادي جو 15 سيڪڙو ٿين ٿيون پوءِ به انهن جي جڪڙ ايتري قدر مضبوط آهي جو باقي 85 سيڪڙو دلت بهوجن ٻڙڪ به ٻاهر نٿا ڪڍي سگھن. 1947ع ۾ اها اميد لڳائي وئي ته سيڪيولر انڊيا ۾ اهو ظلم ختم ٿي ويندو، پر ذات پات جو نظام ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، مڌو چندرا نالي مشهور دلت ڪارڪن مطابق 2002ع ۾ پنج زندهه دلتن جي کل رڳو ان ڪري لاٿي وئي جو اهي هڪ مئل ڳئون جي کل لاهي رهيا هئا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هڪ مئل ڳئون جي کل پنج جيئرن انسانن جي کل کان وڌيڪ قيمتي آهي، مارچ 2006ع ۾ پنجاب جي هڪ دلت شخص جا اوچ ذات وارن ٻئي هٿ ۽ پير ڪٽي ڇڏيا ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي نابالغ ڇوڪريءَ کي اوچ ذات وارن هٿان اجتماعي لڄالٽ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي”

خورشيد قائم خاني جي واٽ وٺون
سنڌ جي باشعور ماڻهن کي خانه بدوشن جي ابي مرحوم خورشيد قائم خاني جي واٽ وٺڻ گھرجي، خانه بدوشن جي دردن جو درمان ٿيڻ گھرجي، انهن جي خانه بدوش بستين جا حال احوال اورڻ گهرجن، انهن جي ڏکن سور ۽ تڪليفن کي دور ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ته پوءِ ڪاميابي جي ڪا اميد نظر ضرور ايندي، انقلاب جو سج اڀرندو. لوڀ ۽ لالچ، ڇڏي پنهنجي وطن جي خانه بدوش ڀائرن جا همدرد ٿيون. خورشيد قائمخاني جي واٽ وٺون