ڪالم / مضمون

دراوڙ جاڳ ۾ آهن

هي ڪتاب ليکڪ، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار محب ڀيل جي مضمونن جو مجموعو آهي.
جن ڪردارن کي مضمونن ۾ محب ياد ڪيو آهي اهي ڪردار انسانيت جا پيروڪار بڻجي ۽ ڌرم جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي انسان جي عظمت لاءِ پيرڙا کڻندا رهيا آهن. محب ڀيل شناخت جي بحران ۾ ورتل ڪردارن جو ليکڪ آهي. هو ڌرتي ڌڻين جي ويڳاڻپ جي سببن تي لکي ٿو. سندس موضوع ڪهڙا؟ آديواسي ۽ خانه بدوش، پيڙهيل طبقا، انقلابي ڪردار، مزدور، هاري پورهيت...! ترقي پسند قلم ڌڻيءَ محب ڀيل جو قلم وقف ٿيل ئي پورهيت ۽ هن سماج جي ڌڪاريل ماڻهن جي دردن لاءِ آهي.
  • 4.5/5.0
  • 7147
  • 613
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دراوڙ  جاڳ ۾ آهن

دلت تحريڪ، ڪجهه سوال؟

هن ڌرتيءَ تي رهندڙ لاتعداد انسان جيڪي صدين کان برهمڻ سامراج جون ڏنل مصيبتون ڀوڳي رهيا آهن. انهن ماڻهن ۾ لاشعوري جي ڪري ڪا انقلابي تبديلي يا بغاوت ڪر نه کنيو ۽ نه ئي ورهاڱي کان پوءِ هتي هنن پيڙهيل انسانن ايڏي ترقي ڪئي، ڇو ته هتي به مسڪين جاتين جي حقن تي برهمڻ سامراج جو ڪارو نانگ ڦڻ ڪڍيو ويٺو آهي، پر پوءِ به سندن حياتي ڀارتي آديواسي قبيلن جي زندگي کان ڪجهه قدر بهتري طرف وڌي رهي آهي. پر پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيستائين سندن حقن تي پاڻ کي خود ساخته ڀڳوان جي مُک مان پيدا ٿيل سمجهندڙ سامراجي سيٺين جو قبضو جيئن جو تيئن برقرار آهي. انهي اسٽيٽسڪو کي ڪڏهن به باقاعدي ڪنهن سياسي پليٽ فارم تان حڪمت عملي تحت چيلينج ڪرڻ يا للڪارڻ جي جدوجهد نه ڪئي وئي. برهمڻ سامراج جو هر متاثر ماڻهو پنهنجي منهن ڇڙوڇڙ رڙيون ڪندو رهيو. انهن جي نه گڏجڻ پويان به برهمڻ سامراج جون انيڪ سازشون شامل رهيون آهن. جنهن ڪري سندس اجتماعي حقن جي جدوجهد کي ڪامياب ٿيڻ اڳ ئي کان ئي ختم ڪيو ويندو رهيو آهي. سياسي پارٽين کين نظرانداز ڪندي کين جائز نمائيندگي نه ڏني. جيئن سن 2017ع واري آدمشماري سميت ماضي ۾ ٿيل پنجن ئي آدمشمارين ۾انهن چاليهارو کن جاتين کي پنهنجي قانوني ۽ آئيني خاني “شيڊول ڪاسٽ” ۾ ڳڻجڻ کان روڪڻ لاءِ سازشن جا ڄار وڇائي مظلوم انسان جي آبادي گھٽائي برهمڻ سامراج جي آڱرين تي ڳڻڻ جيتري %5 سيڪڙو آبادي کي وڌائي % 95 سيڪڙو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ اسان جا ڪيترائي ڀائر برهمڻ سامراج وٽ پنهنجن رت جي رشتن خلاف استعمال ٿيندا رهيا آهن. افسوس جهڙي ڳالهه اهو آهي ته اهي ونگارو نوجوان پنهنجي انا کي تسڪين ڏيڻ خاطر هڪ تاريخي غلطي تي ديده دليري سان بيٺا رهيا. ٻي طرف ڪجهه دوست همدردي خاطر عملي طور پيڙهيل طبقن سان گڏ بيٺل رهيا. هتي انهن ماڻهن جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن، ظلم ۽ زيادتين خلاف يڪجهتي طور خورشيد قائم خاني، ماما فيض محمد شيدي جهڙن ڪيترن ئي انسان دوست ماڻهن سڄي حياتي خانه بدوشي ۾ گذاري. خورشيد قائم خاني سموري حياتي پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ خانه بدوشن جا درد بيان ڪيا. هن پنهنجي اميراڻي حياتي جي سکن ۽ آسائشن کي لت هڻي سموري زندگي عملي طور خانه بدوشي ۾ گذاري. ڊاڪٽر امبيڊڪر جي فڪر کي پنهنجي حال سارو دلت ادب جي نالي سان شايع ڪندو رهيو. مرحوم خورشيد صاحب سڄي حياتي پنهنجي خيالن جي ماڻهن سان گڏجي دردن جو درمان ٿي پاڻ پتوڙيندو رهيو. پر باقاعدي ڪا سياسي تحريڪ جو وجود نه هو.

[b]دلت تحريڪ وار پڙهن ته امبيڊڪر ڇا چيو آهي ۽ هو ڇا پيا ڪن؟
[/b]“آئون پنهنجي زندگي ۾ پنهنجو مشن پورو ڪري نه سگھيس. مون چاهيو ٿي ته پنهنجي ماڻهن جي بهتري لاءِ اڃا ڪجهه وقت تائين ڪم ڪريان. منهنجي خواهش هئي ته پنهنجي زندگي ۾ ئي مظلوم ذاتين ۽ پيڙهيل طبقن کي هندستان تي حڪومت ڪندي ڏسان. آئون پنهنجي ان مشن ۾ ڪامياب ٿي وڃان ها جيڪڏهن مون کي پنهنجا ماڻهو دوکو نه ڏين ها. منهنجي محنت جو ثمر صرف پڙهيل لکيل طبقو کڻي رهيو آهي. جيڪو غيرڪارآمد ۽ بي وقوف آهي.
هاڻي آئون چاهيان ٿو ته پنهنجي سموري توجهه پنهنجي اڻپڙهيل ماڻهن جي فلاح و بهبود تي ڏيان. ليڪن افسوس هاڻ منهنجي زندگي تمام ٿوري بچي آهي. اڳتي لاءِ منهنجي خواهش آهي ته ڪو اچي ۽ منهنجي ان ڪم کي سنڀالي البته مون کي ڪو به اهڙو ماڻهو نظر نٿو اچي جيڪو هن تمام وڏي ۽ اهم ذميواري کي سنڀالي. افسوس جو سڀ خود غرض ۽ لالچي آهن ۽ پاڻ ۾ الجهيل رهندا آهن (آخري تقرير جا ڪجهه حصا)
حقيقت هي آهي ته ذات پات جو ڀيد ڀاو ئي آهي هندن کي ڦهلجڻ ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي پاڻ اندر جذب ڪرڻ کان روڪي رکيو آهي. جيستائين اهو ڀيد ڀاو رهندو اوستائين هندن جو مذهب ڪڏهن به مشنري مذهب بڻجي نه سگهندو.
شڌي جهڙيون تحريڪون حماقت ۽ بڪواس آهن. اسان جي جنگ ملڪيت يا اقتدار لاءِ ناهي، اها آزادي جي جنگ آهي ۽ اها انساني تشخص جي بحالي جي جنگ آهي. توهان کي پنهنجي منزل جي عظمت ۽ تقدس ۽ پورو يقين هئڻ گھرجي. اڇوتپڻي کان انسان ذات کي نجات ڏيارڻ جو مقصد تمام مقدس آهي. اڇوت طبقي مان اهي ماڻهو جيڪي اڇوتن جي برابري ، ڀلائي ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اهي دنيا جا خوش قسمت انسان آهن جيڪي هن عظيم مقصد جي راهه ۾ پنهنجي فرض جي ادائگي ڪري رهيا آهن ”

[b]دلت تحريڪ بابت
[/b]“دلت” سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي. اُن اکر جي لفظي معني “پيڙهيل” آهي. دلت تحريڪ جي نالي سان ڀيم راءِ امبيڊڪر هندستان ۾ برهمڻ سامراج خلاف زبردست تحريڪ هلائي. دلت لفظ کان ڊنل برهمڻ سامراج ايترو ته تڪراري بڻايو جو خود پيڙهيل طبقن جا ماڻهو ان کان ايترو ڀڄڻ لڳا جيترا کائن برهمڻ ڇوت ڇات رکن ٿا. برهمڻ سامراج پاران پُٺ ۾ ڇُرو هڻڻ لاءِ پردي پويان رهي پيڙهيل طبقن جي صِفن مان ماڻهو تيار ڪري ميدان تي لاٿا ويا. هي معامرو سوشل ميڊيا تي ذاتي انا سبب سگهارو بحث ٿيڻ بجاءِ ذاتيات جي ور چڙهي ويو. جنهن ڪري دلت تحريڪ وارا هتي پنهنجن جي حقن لاءِ ٿوري گھڻي جدوجهد سان گڏ رڳو پنهنجي وجود جي سلامتي ۾ لڳي ويا. اها جنگاڻ ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال اڃا به جاري ساري آهي. گار، گند، الزام تراشين، فتوائن جو اڻکٽ سلسلو سئو سٺ جي رفتار سان جاري ڪيو ويو. برهمڻ سامراج پاران بڇيل مخالفن ڪڏهن پابندي پيل ۽ دهشتگردن تنظيمن خلاف ته ڪڏهن اکر به ڪونه ڪُڇيو پر دلتن جي پويان پئجي ويا، کين ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون. ڪرائي جي منو وادين کان هندو دشمن ۽ ڪافر جون فتوائون سادر ڪرايون ويون. ان سڄي وارتا کان پوءِ ڪجهه ماڻهو دلتن جا سخت مخالف ٿي بيٺا ٻيا وري ان تحريڪ جو حصو ٿي ويا ۽ ڪجهه مون پارن ماڻهن جون همدرديون وري برهمڻ سامراج جي پاڪستان ۾ جوڙيل هندو ڪائونسل ۽ بال ٺاڪرن بجاءِ پيڙهيل طبقن سان ٿيڻ فطري عمل هو. ڳالهيون ٻه آهن يا ته ماڻهو ظالمن جي صِفن ۾ بيٺل هوندو يا وري مظلومن سان گڏ هوندو. برصغير جي سڄي تاريخ برهمڻ سامراج جي ظلمتن سان ڀري پئي آهي، تنهنڪري مون جهڙا ڪيترائي ماڻهو پنهنجين پارٽين جا سرگرم ۽ ذميوار ڪارڪن هوندي به منومهراجن بجاءِ دلتن کي انهن جي ڀيٽ ۾ بهتر سمجهن ٿا. پنهنجن مظلوم ڀائرن جي فطري همدردي خاطر ٺوڳي انتهاپسند جي ابي گاندي بجاءِ آئون برصغير ۾ پيڙهيل ماڻهن جي اڳواڻ ڊاڪٽر امبيڊڪر کي ڪروڙين دفعا بهتر سمجهان ٿو، هُن جو تعلق ڪهڙي به ملڪ سان هجي پر هُن ڳالهه مظلومن جي ڪئي آهي، جيئن سڄي دنيا ۾ انسانيت جا حامي ماڻهو جرمني جي هٽلر کان ته نفرت ڪن ٿا پر ان ئي ملڪ جي مارڪس سان ته محبت ڪن ٿا. جيئن سڄي دنيا جا پورهيت آمريڪي سامراج سان نفرت جو اظهار ڪن ٿا پر شڪاگو جي عظيم شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪن ٿا. گاندي “اهنسا” جي آڙ ۾ انسانيت جو قاتل وحشي درندو هو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ امبيڊڪر انسان دوست اڳواڻ هو، ان ڳالهه کي تاريخ ثابت ڪري چُڪي آهي. هن وقت پاڪستان ۾ چند ماڻهن دلتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ دلت تحريڪ جوڙي آهي، تنهنڪري ان سان لاڳاپيل معامرن جون وضاحتون اُن جا ذميوار عهديدار ئي بهتر انداز سان ڪري سگهن ٿا. آئون هتي فقط پنهنجا خيال پيش ڪندس، جيڪو هڪ مشاهداتي تجزيو هوندو. جنهن کي تنقيد برائي اصلاح جي نظر سان سمجهيو ويندو ته بهتر آهي. جي ان ڳالهه کي تنگ نظري سان ڏٺو ويو ته پوءِ ساڳي مينهن مُٽيو پاڻي ۾، انقلابي ۽ نظرياتي سياست ڪندڙ ماڻهو سدائين پاڻ تي ٿيندڙ اصلاحي تنقيد جي آجيان ڪندا آهن. بحرحال ان تحريڪ کي جوڙڻ لاءِ دلتن تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ نوجوان صوفي حُسين مهيسر ٻين تمام گھڻن تجربن سان گڏ هڪ سياسي “تنظيم” جو “ تجربو ” به ڪيو، اُن ڪم لاءِ صوفي حُسين پاڪستان ۾ رهندڙ پيڙهيل طبقن سان تعلق رکندڙ پڙهيل لکيل سياسي سماجي ماڻهن سان مُلاقاتون ڪيون. نيٺ 17 اپريل 2016ع تي ميرپورخاص ۾ ان تحريڪ جو قيام عمل ۾ آيو. جنهن ۾ راڌا ڀيل کي چيئرپرسن چونڊيو ويو. راڌا ڀيل پنهنجي حال سارو سرگرمي ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. “سياسي ميدان تي ثابت قدمي سان فقط اهو ماڻهو بيهي سگهي ٿو جيڪو زبردست سياسي تربيت ۽ نظرياتي طور پختو هوندو.” ڊي ايس ٽي ۾ سندس ڪردار تمام گھڻو تڪراري رهيو. هي تحريڪ سوشل ميڊيا تي شديد بحث جو شڪار رهي. جنهن سبب هنن جو ڪم چند فردن تي مشتمل ٽولي تائين محدود رهيو، عوام تائين سندن پيغام نه پهچي سگهيو.

[b]دلتن جي نالي تي پروجيڪٽ وارو مامرو ڇا آهي؟
[/b]جيڪي ماڻهو دلت تحريڪ سان واڳيل رهيا آهن انهن جو سياست سان گھٽ واسطو رهيو آهي. هُنن جو گھڻو ڪم سماجي ادارن (اين جي اوز) ۾ رهيو آهي. انهن نام نهاد اين جي اوز سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ وڏيون تباهيون به ڪيون آهن (اين جي اوز جي تباهين تي ٻي ڀيري پورو ڪتاب پيش ڪبو) هي تحريڪ هتي تنقيد جو نشانو به اُن ڪري رهي آهي جو هُن ۾ ڪم ڪندڙ گھڻا تڻا ماڻهو اين جي اوز سان تعلق رکن ٿا. جنهن ۾ خاص طور سماجي خدمتن جي عيوض صدارتي ايوارڊ يافته ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، ملجي مل، پُشپا ميگهواڙ ۽ خود راڌا ڀيل سميت ٻيا پڻ ڪيترائي ماڻهو اين جي اوز سان لاڳاپيل آهن. جيئن سياست کي مذهب کان جُدا سمجهڻ گھرجي تيئن منهنجو ذاتي خيال آهي ته اين جي اوز کي به سياست کان جيترو ٿي سگهي دور ڪجي ته بهتر ٿيندو، تڏهن ئي تبديلي ۽ انقلاب ممڪن آهي. (هون ته خود سياست به هاڻ انقلابي آدرشن واري گھٽ هئڻ ڪري پاڪ پوتي ته نه رهي آهي) سو ڊي ايس ٽي کي به ان ڪري ئي هتي مشڪلاتن سان نبرڻو پيو جو ان ۾ ڪم ڪندڙن جي اڪثريت اڄ به اين جي اوز سان واڳيل آهي. جيڪي ان تحريڪ جا مخالف نروار ٿيا اهي به گھڻا اين جي اوزي هئا. هاڻ هنن هڪٻي تي پروجيڪٽن جا الزام هڻڻ شروع ڪيا جيڪي اڃا به جاري آهن. پروجيڪٽ جي الزامن جي ڪري هنن واري سياست رُڪي پئي آهي. هرڪو ماڻهو انڪري پاسو ڪري ٿو ته متان ڪٿي پروجيڪٽ وٺڻ جو الزام نه لڳي وڃي؟ واقعي ڪجهه سوال پيدا ٿيڻ ڪري ماڻهن کي سوچڻ جو حق به آهي ته هن ملڪ ۾ دلتن جي دردن جون ڳالهيون ڪندڙ همراهه دلتن جي نالي تي ٻاهرين ملڪن جا دورا، فنڊ، پروجيڪٽ، ايوانن ۾ سيٽون، نوڪريون ۽ ٻيون کوڙ ساريون مراعتون وٺڻ لاءِ ڪم ڪندا هجن؟ انهن کي جي مظلوم ماڻهن سان محبت آهي ته اي سي روم مان نڪري ڪاڙهن ۽ جهولن ۾ عوام سان گڏ حقيقي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهن؟ باقي ترقي جون ٺلهيون خبرون ته برهمڻ سامراج به ڪن ٿا. اين جي اوز جون ٽرينگون، سکيا ۽ ورڪشاپ اي پڻ چڱو ڪم، پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان مظلوم ماڻهن جا دک دور ٿين. (مرشد لطيف کان معذرت)
برهمڻ سامراج جي ڀيٽ ۾ دلت تحريڪ لاءِ همدرديون رکندڙ ٻيا اهي ماڻهو جيڪي نظرياتي طور برهمڻن جي مقابلي ۾ پيڙهيلن ماڻهن جا همدرد بڻيل آهن. اهي خود سياسي پارٽين ۾ سرگرم ڪردار نڀائيندڙ ماڻهو آهن. اهي دوست دلت تحريڪ ۾ ڪٿي به ذميوار نه آهن. پر هو چاهين ضرور ٿا ته سندن طبقي جو آواز بُلند ٿيندو رهي.
هيستائين دلت تحريڪ ڪا پنهنجي منهن اڪيلي سر ڪامياب جدوجهد نه ڪئي آهي. ڪجهه ريپ ڪيسن خلاف دلت تحريڪ احتجاج ڪيا جيڪي رڪارڊ تي آهن ٻيو سال 2017ع واري آدمشماري ۾ شيڊولڊڪاسٽ لکائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي چڱي مهم هلائي هئي، جنهن جو فائدو پڻ ٿيو. ان لاءِ جس لهن. اين جي اوز جو مزاج انقلابي ۽ آدرشي سياست جو ضد آهي. گھڻيون اين جي اوز هونديون ئي اُتي جتي بک ۽ بدحالي هوندي. “سُڃ، بک ۽ بدحالي” تي پروجيڪٽ ملندا آهن، اين جي اوزي صاحب لوڪن جو مسڪين عوام جي سورن سان ڪهڙو واسطو؟ تنهنڪري اين جي او کي گھڻو تڻو فڪر مسڪينن جو نه پروجيڪٽن جو هوندو آهي. اين جي اوز ڪو سياسي “نظريو” يا “فڪر” ته ڪونه آهي، جنهن کان متاثر ماڻهو انقلابي قربانيون ڏيڻ لاءِ جدوجهدن جي ميدان تي اچن. اين جي اوز عالمي سامراج جي سازش ۽ ڪجهه نام نهاد ماڻهن جي ڪمائي جو ڀلوڙ ذريعو آهي، اين جي اوز ته هيستائين باصلاحيت ۽ شاندار ذهنن کي خريد ڪري انقلاب لاءِ هموار ٿيندڙ راهه ۾ هزارين رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن. اڄ به پنهنجي محبوب وطن لاءِ زبردست ۽ تاريخ ساز ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ ڪيترائي قومي ڪارڪن اين جي اوز ضايع ڪري ڇڏيا آهن. انهن انقلابين جا گوڏا اين جي اوز جي خطرناڪ مم چٽي وئي آهي، اهي رد انقلابي جوڌا هاڻ جدوجهد بجاءِ پروجيڪٽ لاءِ نوس نوس ڪندا وتن، جيڪي هاڻ عملي ڪم ڪرڻ بجاءِ اي سي رومن مان ويهي اسان جي دردن تي ڳالهائيندا آهن. مونکي حيرت ٿيندي آهي ڪچهرين ۾ انهن نوجوانن جي قربانين پيش ڪرڻ جو به عجيب منطق آهي “ابا هي فلاڻي نوجوان جو والد ۽ والده هاري آهن، انهن هن کي غربت ۾ پڙهايو، همراهه ڊگري حاصل ڪئي، هاڻ هو اين جي اوز ۾ ستر هزار کڻي پيو. پر ادا! ستر هزار کڻڻ کان پوءِ هو ته پنهنجو ڪلاس ئي ڀُلجي ويو آهي. ڀلا هُن جون قوم ۽ وطن لاءِ ڪهڙيون خدمتون آهن؟ ” منهنجي هي ڳالهه رڪارڊ تي رکي وڃي ته اين جي اوز هائبرڊ سياست متعارف ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهي. يعني سياست جو ٻج به اين جي اوز جي ڊونرن وٽ هُجي، پوکيندڙ وٽ ان فصل جو ٻج ئي نه هجي، گھڻي وقت کان اين جي اوز گيڙو رومال ڪنڌن ۾ لڙڪايو صوفي ازم تي قبضي جي چڪر ۾ آهي ته ڪڏهن اها ذهينيت گڏهه کي گج پارائڻ لاءِ ادب جي ميدان تي ڪاهه ڪيو زوري دانشور ٿيڻ جي ڪوشش ۾ هوندي آهي، اين جي اوز جي اها پروجيڪٽي سوچ دلتن (پيڙهيل انسانن) جي حقيقي جدوجهد کي پنهنجن ذاتي پروجيڪٽي مفادن جي خاطر ڪريش ڪرڻ خاطر سرگرم به ٿي سگھي ٿي؟

[b]منهنجي خيال ۾
[/b]مون محسوس ڪيو آهي ته هڪ طرف دلتن جي جدوجهد ۾ برهمڻ سامراج اڳتي هلي ڪنهن سازش تحت پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪري سڄي دلت ڪيس کي ائين خراب ڪندو جيئن ڀارت ۾ ڪيو ويو. پوءِ ٿيندو ائين جو هن قسم جي مظلومن جي تحريڪن مان ماڻهن جو يقين کڄي ويندو. پيڙهيلن جي ڳالهه ڪرڻ ڪنڊن جي سيج آهي ۽ ان ڳالهه جو ڪهڙو يقين آهي ته هن تحريڪ سان لاڳاپيل غيرسياسي اين جي اوزي ماڻهو مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي سان هن ڪاز تي بيهڻ جي سگهه رکي سگھندا؟ هو ڪٿي برهمڻ سامراج جي سازشن جي ڄار ۾ ڦاسي وڪجي ۽ جهڪي به سگهن ٿا؟ هو ان جدوجهد جي بلڪل اُبتڙ به وڃي سگھن ٿا؟ ڇوته ڪميونسٽ پارٽي روس ۽ چين جي مرڪزي ڪميٽين ۾ ڪيترائي ظالم سامراج جا ڇڏيل ڇاڙتا مرڪزي ميمبر ٿيو ويٺا هئا. انهن خدشاتي ڳالهين کي فقط نج سياسي ذهن رکندڙ ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا. ان تحريڪ کي برهمڻي ڄورون چهٽي دلتن جو رت چوسڻ لاءِ آدم بوءُ آدم بوءُ ڪنديون وتن. تنهن ڪري هنن کي ڦوڪي ڦوڪي قدم کڻڻا پوندا. جيستائين مظلوم ماڻهو سندن ڳالهه کي سمجهن نٿا تيستائين هي تحريڪ اڳتي هلي سياسي ٿيڻ بجاءِ مفادن جي حاصلات جو نادر نمونو ۽ ذريعو ئي بڻيل رهي سگهي ٿي. دلتن تي صوفي حسين جي پي ايڇ ڊي جا “ تجربا ” ڪڏهن انهن مظلوم برادرين کي ويجهو ڪن ٿا ته ڪڏهن هڪٻي جا ويري بڻايو ڇڏين. اهڙا ڪيترائي مثال گذريل ٻن سالن ۾ سامهون آيا آهن. ڀيلن، ميگهواڙن، ڪولهين، اوڏن کي هڪٻي سان جهيڙيندي ڏسي اسان جون اکيون رت رنيون. زمانن کان پوءِ ته اسان هڪٻي سان ويجها ٿيا هئاسين.

[b]“ليڊر ڪيئن ٿجي؟”
[/b] ليڊر ڪيئن ٿجي؟ جي موضوع تي اين جي اوز تربيت ڪرائيندي آهي. ٻيلي ڏاها ٿيو، هي ڳالهه ڪنهن عالمي مشڪري کان گھٽ ناهي. ٽريڪٽر جي مستري کان ماڻهو جي گڙدي جو آپريشن ڪرائجي؟ يا ڏندن جي ڊاڪٽر کان جهاز جو انجڻ ته ڪونه ٺهرائبو؟ جيڪي ماڻهو هڪ اڌ ڪلاڪ سياست جي ڪنهن عملي جدوجهد ۾ ڪونه هليا آهن، ڪڏهن علائقائي توڙي عالمي سامراج جي مخالف ۾ ڪڏهن ٻه اکر ڪونه ٻوليا آهن، انهن لاڪپن جي هوا ناهي کاڌي، انهن روپوشين ۽ جلاوطنين جا درد ناهن ڀوڳيا، انهن جيلون ۽ ڦٽڪا ڪونه کاڌا، انهن جا ڪونڌر ڪونه ڪُساڻا، انهن انتقامي ڪارواين جا ڪوڙا ڪيس ناهن لوڙهيا، عوام لاءِ قرباني جي ڪاف قلم کان ئي واقف ڪونه آهن سي ويهي ساڍا ڇهه سئو ڏهاڙي تي ليڊرشپ جون سکيائون ڏيندا؟ ليڊر عوامي جدوجهدن مان جنم وٺن ٿا يا اين جي اوز جي اي سي رومن جي ٽرينگ مان؟
جناح، ڀُٽو، پليجو، بينظير صاحبه، جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، فاضل راهو، شيخ مجيب ۽ پوءِ عالمي سطح تي لينن، مارڪس، اينگلس، مائوزيتنگ، چي گويرا، فيڊل ڪاسترو، هوچي منهه، ڊاڪٽر امبيڊڪر، هوگو شاويز، نيلسن منڊيلا، آنگ سان سوچي کي ڪهڙي اين جي اوز ليڊر شپ ٽرينگ ڏني هُئي؟ ڀلا اين جي اوز جي ٽرينگ جي ڪري ڪٿي عوامي انقلاب برپا ٿيو هُجي ته ٻيلي اسان کي به ٻڌايو؟ ٻيلي مهرباني ڪري سياست تي رحم ڪيو. سو جيستائين دلت تحريڪ کي عوامي ۽ سياسي سوچ ذريعي نه هلايو ويندو تيستائين هي تحريڪ ڪو خاص ٻوٽو ٻارڻ بجاءِ سوشل ميديا تي تڪرار ۽ تنقيد جو نشانو بڻيل رهندي. جنهن کي شايد اڳتي هلي هن ديس جي دلتي ٽيم فيس نه به ڪري سگھي؟ يا ماڳهن اهو سڄي ٽيم ان واٽ تان ئي ٿڙي وري ٻيو ڪو پيچرو ۽ پاسو وٺي؟ سندن لائين سرمائيداراڻي به ٿي سگهي ٿي؟ اهي ڳالهيون تاريخ تي ڇڏيون ٿا.

[b]ٻين ملڪن ۾ دلتن جا حالات
[/b]ڪاوش دنيا ميگزين جي 2 جولاءِ 2017ع واري پرچي ۾ اقبال جاکرو جو ترجمو ڪيل مضمون “ڀارت ۾ صدين کان ماريل دلت اُٿڻ لڳا!” جي عنوان شايع ٿيل مضمون جا ڪجهه چونڊ ٽُڪرا هيٺ ڏجن ٿا. “جيتوڻيڪ ڀارت ۾ دلتن جي استحصال ۽ مٿن ٿيندڙ ظلم جي تاريخ صدين تائين پکڙيل آهي، پر ڪجهه سالن اندر هنن ۾ نئون سماجي شعور پيدا ٿيو آهي، جنهن جي قيادت پڙهيل لکيل پر غيرسياسي نوجوانن جي هٿ ۾ آهي. (هتي به صورتحال ٿوري فرق سان صورتحال ساڳي آهي يعني ڌرمي اوچ نيچ جو شڪار ٿيل انسانن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ گھڻا ماڻهو غيرسياسي آهن، بلڪه اين جي اوز سان لاڳاپيل آهن. ۽ اين جي اوز ته پروجيڪٽ کان سواءِ هلي ئي نٿيون سگهن جيئن گاڏي پيٽرول يا ڊيزل کان سواءِ هلي نه سگهندي) ڳئون جي تقدس کان ويندي مذهب ۾ تبديلي تائين، سماج ۾ نه ڇهڻ واري لاڙي کان ويندي تعليم ۾ امتياز ۽ هيڻن کي هيسائڻ تائين ڀارت جي دلت برادري نام نهاد اعلى طبقي جي انتهاپسندي ۽ جنون جو شڪار رهندي آئي آهي. پر هاڻي دلت نوجوان متڀيد واري ان پاليسي ۽ رويي خلاف آواز اٿارڻ لڳا آهن. سماجي اڻبرابري جي خاتمي ۽ انساني برابري لاءِ جيڪو ڪم ڀڳت ۽ صوفي شاعر ڪيو آهي. اهو سماج سڌارڪن طرفان 19هين صدي ۾ ڪيو ويو، 20 صدي ۾ ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر ان جو مثال آهي. 21 صدي ۾ ڀارت فڪري پستيءَ جي ور چڙهي ويو، جنهن جي نشاني تي اهي برادريون اچي ويون آهن جيڪي تعداد ۽ وسيلن ۾ هر طرح سان اڪثريتي آبادي کان گھڻيون گھٽ ۽ پوئتي آهن، اهڙي مايوسي ۽ خوف واري صورتحال ۾ دلتن پنهنجي آواز کي نئون اوج ڏنو آهي. گجرات کان ويندي اتر پرديش تائين جهڙي طرح دلت نوجوانن جا دستا ڏاڍ جي واقعن خلاف متحرڪ ۽ فعال آهن. ان مان لڳي ٿو ته اهي حالتن کي منهن ڏيڻ جو پڪو پختو پهه ڪري چڪا آهن، قانون جون ڌڄيون اڏائيندڙ هڪ نئين خونخواري کي ماڻهو ڀارت ۾ ڪڏهن لو جهاد ته ڪڏهن گئورڪشا جي نالي تي ڏسندا رهيا آهن. ڇا هي دلت اُڀار (پاڪستان ۾ به ؟) صرف طاقت جي خواهش ۽ سياست جي حصيداري جو هڪ نئون سنسني خيز شارٽ ڪٽ آهي؟ يا انهن حالتن، رٿائين، واقعات ۽ ظلمتن جي هڪ ڊگهي فهرست به شامل آهي. جنهن ۾ دلتن جي انساني حقن کي چيڀاٽيو ويو آهي، کين طبقاتي نظام ۽ برهمڻيت جي منووادي ورهاڱي ۾ ڌڪيو ويو آهي؟ انگ اکر ٻڌائين ٿا ته گذريل ڏهن سالن ۾ دلتن خلاف ڏوهه 66 سيڪڙو کان وڌي ويا آهن. ڀارت جي نيشنل ڪرائيم بيورو جي رڪارڊ مطابق 2015ع ۾ دلتن تي ظلم جا ساڍا 38 هزار کان وڌيڪ معاملا پيش آيا. جن مان سڀ کان وڌيڪ واقعا ترتيبوار : يو پي، بهار، راجستان ۽ مديه پرديش ۾ پيش آيا. دلتن خلاف ڏوهن جي سڀ کان وڌيڪ شرح گووا ۾ 51 سيڪڙو رهي. ان بعد 48.4 راجستان م ۽ بهار 38 سيڪڙو رهي آهي. ٻيا سڀ ظلم پنهنجي جاءِ تي پر ڀارت ۾ هر پندرهن منٽن ۾ هڪ دلت تشدد جو شڪار ٿئي ٿو ۽ روز ٻن دلتن جو قتل ٿئي ٿو. جڏهن ته هر روز 6 دلت نياڻين سان عصمت دري ڪئي ويندي آهي.
سچر ڪميٽي جي سفارش بابت قائم ڪيل ڪُنڊُ ڪاميٽي پنهنجي جائزي ۾ ڏٺو ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ دلت هندن جي حالت سڀ کان وڌيڪ خراب آهي. شهرن ۾ سندن حالت پوئتي پيل مسلمانن جهڙي آهي، البته دلتن جي خواندگي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي. پر عام طبقي جي 74 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ سندن شرح 66 سيڪڙو آهي. کين ڏنل فائدو به پورو نه پيو ملي، کين ڏنل روزگار ۽ تعليم واري ڪوٽا تي به جوڳي ريت عمل نه ٿي رهيو آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ مهاراسٽر ۾ جنهن دلت شعور جي اُڀار کي ماڻهو “دلت پئنٿرس” جي هڪ بنياد پرست تنظيم جي نالي ۾ ڏسن ٿا، ها ڀل ته پنهنجو اثر وڃائي چڪي هجي، پر ان جهڙيون ٻيون تنظيمون اُڀري آيون آهن. گجرات ۾ تيز طرار نوجوان اڳواڻ جگنيش ميواڻي جي تحريڪ هجي يا يو پي جي نوجوان احتجاجڪار چندرشيکر ۽ سندس ڀيم آرمي جي پُڪار، دلت الڳ الڳ تنظيمن ذريعي هڪ وسيع فڪر جي پاڇي هيٺ گڏ ٿي رهيا آهن. خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ مکيه ڌارا جي انهن اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين لاءِ ڪابه جاءِ نه آهي، جيڪي ڏهاڪن کان دلتن جي ووٽ بينڪ جي روپ ۾ سندن استحصال ڪندا پيا اچن، (هتي به سياسي پارٽين جو رويو دلتن لاءِ ان کان به وڌيڪ بدترين آهي، انهن جي حقن تي برهمڻ جي باقيات ڦاڦي وڃي ٿي) انهن جي موقعي پرستاڻي سياست بيڪار ٿي چڪي آهي. پوءِ ڀلي اها مهاراشٽر جي آر پي آءِ هجي يا يو پي جي بسپا يا بهار يا تاملناڊ جي جاتگت دل يا اکل ڀارتيه سڏائيندڙ ڪانگريس يا غريبن جي هيرو سڏائيندڙ کاٻي ڌر، ڇا دلت شعور جي نئين لهر ڪنهن لاڙي جي ور چڙهي ويندي ياهڪ نئون دڳ ڌاريندي؟ ان سوال جو جواب ان طاقت ۾ لڪيل آهي جيڪا هن وقت دلتن ۾ پيدا ٿي آهي”
رهي ڳالهه ته......
جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته مظلومن جي نالي تي مراعتون وٺي ڦٻي وينداسين ته اهو خام خيالي واري سوچ ذهنن مان هاڻ ڪڍي ڇڏين. ماڻهن کي تري تي سرڳ جا خواب ڏيکارڻ واري سياست هاڻ بند ٿيڻ گھرجي، عام جنتا کي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد، سياست ۽ تعليم لاءِ باقاعدا اتساهڻ گھرجي، عملي ڪم ڪرڻ گھرجي، مظلوم انسانن جي نجات فقط تعليم ۽ عوام دوست انقلابي سياست ۾ آهي. ماڻهو مستقل مزاجي سان مظلوم دوست سياست ڪيئن ڪري؟ اهو ڪمال فقط نظرياتي، انقلابي ۽ آدرشي سياست ۾ آهي اهو عوام جو عشق ئي پٻ جا پنڌ ڪرائي ٿو، ڌرتيءَ جي انهن مظلوم انسانن جي دردن ۽ سورن تي اکيون رت روئن ٿيون، اهي درد من اندر ۾ هن سُري کاڌل سماج کان بغاوت لاءِ اتساهن ٿا، آئون وطن جي انهن مسڪين ماڻهن جي حياتي کي فيض جي هن شاعري جي اک سان ڏسان ٿو. هڪ شاعر جي اک فقط ڏک، سور تڪليفون، عذاب، عتاب، صعوبتون، رسوايون، ناانصافين جو انيڪ وارتائون پسي ٿي، روئي ۽ رڙي ٿي، تاريخ کي پڪاري ٿي.
تیرے ہونٹوں کے پھولوں کی چاہت میں ہم
دار کی خشک ٹہنی پہ وارے گئے
تیرے ہاتھوں کی شمعوں کی حسرت میں ہم
نیم تاریک راہوں‌ میں مارے گئے
سولیوں پر ہمارے لبوں سے پرے
تیرے ہونٹوں کی لالی لپکتی رہی
تیری زلفوں کی مستی برستی رہی
تیرے ہاتھوں کی چاندی دمکتی رہی
جب گھلی تیری راہوں میں شامِ ستم
ہم چلے آئے، لائے جہاں تک قدم
لب پہ حرفِ غزل، دل میں قندیل غم
اپنا غم تھا گواہی تیرے حسن کی
دیکھ قائم رہے اس گواہی پہ ہم
ہم جو تاریک راہوں‌ میں‌ مارے گئے
نار سائی اگر اپنی تقدیر تھی
تیری الفت تو اپنی ہی تدبیر تھی
کس کو شکوہ ہے گر شوق کے سلسلے
ہجر کی قتل گاہوں سے سب جا ملے
قتل گاہوں سے چن کر ہمارے عَلم
اور نکلیں گے عشاق کے قافلے
جن کی راہ طلب سے ہمارے قدم
مختصر کر چلے درد کے فاصلے
کر چلے جن کی خاطر جہاں‌گیر ہم
جاں گنوا کر تری دلبری کا بھرم
ہم جو تاریک راہوں‌میں‌مارے گئے