ڪالم / مضمون

دراوڙ جاڳ ۾ آهن

هي ڪتاب ليکڪ، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار محب ڀيل جي مضمونن جو مجموعو آهي.
جن ڪردارن کي مضمونن ۾ محب ياد ڪيو آهي اهي ڪردار انسانيت جا پيروڪار بڻجي ۽ ڌرم جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي انسان جي عظمت لاءِ پيرڙا کڻندا رهيا آهن. محب ڀيل شناخت جي بحران ۾ ورتل ڪردارن جو ليکڪ آهي. هو ڌرتي ڌڻين جي ويڳاڻپ جي سببن تي لکي ٿو. سندس موضوع ڪهڙا؟ آديواسي ۽ خانه بدوش، پيڙهيل طبقا، انقلابي ڪردار، مزدور، هاري پورهيت...! ترقي پسند قلم ڌڻيءَ محب ڀيل جو قلم وقف ٿيل ئي پورهيت ۽ هن سماج جي ڌڪاريل ماڻهن جي دردن لاءِ آهي.
  • 4.5/5.0
  • 7147
  • 613
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دراوڙ  جاڳ ۾ آهن

ڇوت ڇات ۽ نفرت جو ٻج ڪنهن پوکيو؟

اسان وٽ اسان سان ٻين مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو گڏ کائين پيئن ٿا، انهن جي نظر ۾ انسانيت جي ناتي اسان عظيم آهيون، باقي جنهن ڌرم ۾ اسان جا نسل ڳري ويا آهن، جتي اسان جون قربانيون شامل آهن ان ڌرم ۾ اسان سان گڏ کائڻ، پيئڻ، سماجي واسطا، ڀت پوت، برادري، رشتيداري تي “منوسمرتائي آئين” موجب سخت پابندي عائد ٿيل آهي، بلڪه جيڪي پريمي سجن چون ٿا ته سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي، دنيا چنڊ تي پُڄي وئي آهي، ترقين جا قراقرم پار ڪري ويا آهيون، انهن کان پڇون ٿا ڀلا! پوءِ برهمڻ سامراج جي ڇوت ڇات ۽ نفرت آميز روين خلاف متاثر ماڻهن جون آخر رڙيون ڇو آهن؟

[b]ڪُتي جي پُڇ مان ڪهڙي دؤر ۾ ور نڪتو آهي؟
[/b] ابا! برهمڻ سامراج اسان سان اسان جي ڏاڏي پاربرهم جي ميلي تي به گڏ نٿو کائي (پر هڪ دفعي ته ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ، جوڳين کي لٺون هڻي ميلي مان ئي ڌڪي ڪڍي ڇڏيو) وري چون ٿا پاڻ آهيون ڀاءُ، ابا! ٽنڊو جان محمد ۾ اخبار تي ماني کارائي تذليل ڪئي وئي، چوندا وتن پاڻ ڌرم جا ڀاءُ آهيون، ابا ! ٽنڊوجان محمد ۾ برهمڻن سامراج ڌرتيءَ ڌڃاڻي پانچو ڀيلڻ جو لاش سندس سهري ڀڳت بنارام ڀيل جي قبرستان ۾ پورڻ ڪونه پئي ڏنو، سڄو ڏينهن لاش اُس ۾ پيل رهيو، گوڙ ڪيوسين تڏهن چار چڱا گڏ ٿيا لاش دفنايو سين، ۽ اڳتي لاءِ برهمڻ سيٺن فرمان جاري ڪيو ته هي آخري لاش پوريو اٿئو، هاڻ هتي لاش نه کڻي اچجو، هتي اسين پنهنجا ماڻهو دفن ڪرڻ لاءِ قبرستان تي ولار ڪيون ٿا. ادا! مسڪين موهن رٻاري کي برهمڻ سامراج جي نام نهاد سيٺين قتل ڪري خودڪشي جو ڊرامو رچائي، خون ٻوڙي آجا ٿي ويا، ابا ! مندرن جي دڪانن تي به برهمڻ سامراج جو قبضو، ابا! سمورن مندرن ڌامن تي برهمڻ جو ڪاروباري قبضو، مال تي ڌمال اوهان هڻو ۽ ٻڪري واري ٻَلي اسان جو ڪنڌ ڏي؟ ٻيلي هاڻ ڏاها ٿيو، تقريبن ڏيڊ ڪروڙ جي آبادي اسان جي ايوانن ۾ اڪثريت اوهان جي؟ ڀلا اهيو ڪهڙي جمهوريت، انسانيت ۽ ڌرم ۾ جائز آهي؟ “آهيون ڌرم جا ڀاءُ باقي ماني اخبار تي کائو، ادا آئو، ڀلي آئو ڀت اخبار تي کائو، پاڻي ٻڪ ۾ پيئو سدا شوڌر ٿي جيئو” هاڻ گھڻو ٿيو، هاڻ ان تذليل جو دنگ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. سنڌ وطن جا وارث دراوڙو ! اک پٽو، نفرت ۽ اڻبرابري جي بنياد تي سون جي ٿانءَ ۾ کارايو وڃي تڏهن به نه کائو، جتي انسانيت جو تقدس پائمال ٿئي، جتي توهان جي تذليل ڪئي وڃي، اُتي نه وڃو،

[b]ڀلي بک ڀرم جي شل نه وڃي شان،
[/b]“اها جاءَ جلي جتي باهه ٻري” سو هڪ ڊگھي زماني کان برهمڻ سامراج پاران برصغير جي وڏي آبادي کي پنهنجي غيرانساني، ڏاڍ، جبر، خطرناڪ چالبازين، انياءُ، ظلمتن ۽ ناانصافين جا اڻکٽ سلسلا جاري رکندي مظلوم انسانن جي وجود تي جيڪي باهه جا مچ ٻاريا ويا آهن، اُنهن جو سيڪ ته اهي ئي محسوس ڪندا جيڪي جُڳن کان ان برهمڻي باهه ۾ نسل در نسل تاريخ جا پيڙهياتا ٻاريل، ساڙيل، ڌڪاريل انسانن جا چچريل وجود، مذهبي انتهاپسند بال ٺاڪرن پاران سخت، جسماني توڙي ذهني ٽارچر جو نشانو بڻيل ڌرتيءَ ڌڻيءَ دراوڙ ئي چڱي ريت محسوس ڪري سگهن ٿا، باقي “ڪهڙا سيڪ پاڙي واليان نو”
مڃون ٿا،
اسان جون زبانون به پاڙان پٽائي سگھو ٿا،
اسان جا سڀئي،
درد ورلاپ سڏڪا،
گفتا ء ڳالھيون،
رکي وات تي ھٿ دٻائي سگھو ٿا،
مڃون ٿا او ماري!
ڪارونجھر مٿان جي،
ڪئي ڪڻڪ ڪونجن
انھن جا پڙاڏا ڪڻڪاٽ ڪوڪون
رڳو ٿر جي صحرا ۾،
ٿورو به گونجن،
ھا مڃون ٿا،
بڇي باز بحري انھن تي
انھن جو پک پک پٽائي سگھو ٿا،
مگر منھنجا سائين!
ڀلا تن جي گونجن کي گھائي سگھو ٿا؟
لڳايو ڀلين،
جي پڙاڏن تي پھرا لڳائي سگھو ٿا.
دنيا جي سڄي تاريخ ۾ ڌرتيءَ جي پوري گولي تي اهڙو ظلم ڪٿي به ڪونهي جهڙو برصغير جي مظلوم انسانن سان قبضاگير برهمڻ سامراج ڪيو، دنيا جو هي واحد موضوع آهي جنهن تي لکين ڪتاب لکي سگھجن ٿا. پر هن درد جي نه پڄاڻي آ، صدين جي انهن سورن جو ڪو انت ناهي، برهمڻ سامراج جي غلامي هنن جي ذهنن ۾ گھر ڪري وئي آهي. جنهنڪري هو مختلف صورتن ۾ غلامي کي انجواءِ ڪندا رهندا آهن. مون کي سندن قوت برداش تي وڏي حيرت ٿيندي آهي ته آخر هيترن سارن ظلمتن جي خلاف انقلابي بغاوت اڃا ڪڏهن جنم وٺندي؟ ڌرتيءَ ڌڻيائپ کان بدتر ڊگھي غلامي جي سفر تائين انساني تذليل ۽ توهين جو هڪ ڊگھو عرصو گذري چڪو آهي.
جڏهن وطن جي وارث دراوڙن کان ڌڻيائپ جون واڳون آرين پاران کسجي ويون ته دراوڙن جي تاريخ جو انتهائي ڪارو دؤر شروع ٿيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. موهين جي دڙي جا مالڪ ته فطرت جا عاشق هئا انهن وٽ رجعت پرست، تنگ نظر، بال ٺاڪراڻي مها انتهاپسندي جو تصور ئي ڪونه هو. قبضاگير آريا پاڻ سان انساني اوچ نيچ جي تفرقي واري خطرناڪ ٻج جون پُٺارڪون گڏ کڻيو آيا. انتهاپسندي جي ان ٻج ڌرتيءَ جي مقدس وجود تي ضرب هڻي ڇڏي، وطن جي وارثن کي غلام بڻائڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا گھٽيا حربا اڄ ڏينهن تائين استعمال ڪيا ويندا رهيا آهن؟ جنهن جو ٺلهو تصور ئي ڏيل ڏڪايو ڇڏي. درٻارين ڌرتيءَ ڌڻين خلاف ڌرم جي آڙ ۾ من پسند هٿ ٺوڪيا قانون، ڪتاب ۽ ڪوڙ تي ٻڌل تاريخ لکي انهن کي پنهنجي ڏاڍ مڙسي جي ذور تي “آسماني حڪم” ڄاڻائي لاڳو ڪري انسانيت تي قهر جي شروعات ڪئي وئي، انسانن جي ٻڌي ۽ اتحاد کي ٽوڙڻ لاءِ کين خطرناڪ ورڻن ۾ ورهائي ڇڙوڇڙ ڪيو ويو ته جيئن سندن طاقت جي توازن کي ٽوڙي سگهجي. ان سازش ۾ گھڻي قدر هو ڪامياب ٿيندي ويا، ڌرتيءَ ڌڻين جو برهمڻن جي خطرناڪ غلامي کي ذهني طور قبولڻ ئي تاريخي غلطي هُئي، اها غلطي هر صورت ۾ ڪنهن به ريت عذاب کان گھٽ ثابت نه ٿي، اڄوڪو نسل جيڪو ڪجھه به ڀوڳي پيو ان جي ڪاري تاريخ پويان برهمڻ سامراج جي ناانصافين جا ڏکوئيندڙ داستان رقم ٿيل آهن. برهمڻ سامراج پاڻ کي ڀڳوان جي مُک مان پيدا ٿيل ڄاڻائي ۽ ٻين کي وئش، کتري هجڻ جا فرمان جاري ڪيائين پر انسانيت جي توهين ۽ تذليل ڪندي وڏي دشمني پاريندي پُرامن انساني آبادي جي وڏي اڪثريت کي سندن مذهب ۾ “شوڌر” ڄاڻائي کين سماجي جانور جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو.
“هن دنيا ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اهو برهمڻ جو آهي، ڇو جو اهو مخلوق ۾ برتر ۽ افضل آهي” (منو ڌرم شاستر)
“جو شخص برهمڻ کي سفيد پيرن واري رڍ خيرات ڏي ٿو ، اهو سورڳ ۾ وڃي ٿو” (اٿر ويد)
“شوڌر کي جيڪڏهن آزاد به ڪيو وڃي ته اهو آزاد نه سمجهيو وڃي، ڇو جو قدرت هُن کي غلام ڪري پيدا ڪيو آهي” (منو سمرتي)
يعني ٿورڙن هڏ حرام ماڻهن جي معاشي ۽ قبضاگيري مفاد خاطر ڌرم جو آئين ڪروڙين انسان جي خلاف لکرائي انهن انسانن جي تاريخي تشخص کان انڪار ڪئي وئي آهي، انهن جا حق غضب ڪري سندن استحصالي ڪئي وئي آهي، انهن جي نسلن کي هزارين سالن تائين ظلمتن جي چيچڙي ۾ پيڙهيو ويو، انهن سان نفرت آميز روين سان پيش اچي تاريخي تذليل ڪئي وئي، ساڳي ڌرم ۾ رهندي به انهن مسڪينن کان ڇنڊو ورتو ويو، انهن کي ڇهڻ حرام قرار ڏنو ويو، انهن سان گڏ کائڻ پيئڻ، اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ پاڪ ڪتابن ۾ مها پاپ قرار ڏنو ويو، انهن جي جمهوري حڪمراني تي هميشه لاءِ برهمڻي آمريت لاڳو ڪئي وئي، انهن تي علم جا ويد پڙهڻ تي پابنديون عائد ڪيون ويون، گيان ٻڌڻ جي نتيجي ۾ ڪنن ۾ شيهو پلٽايو ويو، علم حاصل ڪندي ڏسڻ جي گناهه ۾ اکيون ڪڍيون ويون، تيراندازي تي آڱوٺا ڪٽي اڻ اعلانيا طور بندش وڌي وئي، انهن جي گھوڙي سواري تي پابندي وڌي وئي، صبح سويل ۽ سنجها ويل انهن جي ٻاهر نڪرڻ تي سئو چوئتاليهه لاڳو ڪيو ويو، ڀڳوان جي مندر ۾ اچڻ تي پوجا پاٽ تي بندش وڌي وئي (اها پابندي گھڻين جاين تي اڄ به جاري ساري آهي) جنهن تلاهه تان ڪتا، ٻلا، گڏهه ۽ ٻيا جانور آزادي سان پاڻي پي سگهن ٿا پر برهمڻن پاران شوڌر قرار ڏنل ڪروڙين اشرف المخولقات تي انهن ئي تلاهن مان پاڻي پيئڻ جي انڪار جي مهر لڳائي انسانيت جي توهين ڪري انسانن کي اُڃ ماريو ويو. انهن جي پيرن ۾ غلامي جون سنگهرون وڌيون ويون، هٿن ۾ هٿ ڪڙيون هنيون ويون، اڇو ڪپڙو پائڻ تي خلاف قانون پاس ڪيو ويو، زمين تي ٿڪڻ پاپ ٿي ويو جنهن ڪري سندن منهن تي لوٽو ٻڌو ويو، پنهنجي ئي ڌرتيءَ ماتا تي پير رکڻ سان سرشٽي ناپاڪ ٿيڻ جا هوڪا ڏئي ڪروڙين انسانن پويان سندن پير ڍاهڻ لاءِ ڍينگهر ٻڌا ويا. ڪٿي ڪٿي ته ڦل پراپت ٿيڻ خاطر شوڌر قرار ڏنل مسڪينن جي ٻچن سان زنا جائز قرار ڏنو ويو، ۽ جيڪڏهن ڪو شوڌر ڀُل چُڪ ۾ ڪنهن برهمڻي ڪنيا ڏانهن ڏٺو ته ان جي اک ڪڍي وڃي انصاف جا علمبرادرو! اوهان ٿوري نظرته گھمايو اوهان جي ان قانون جي دنيا ۾ هن وقت ڪهڙي پوزيشن آهي؟ دنيا ان انسان دشمن منوسمرتائي آئين کي ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿي؟ دنيا جي جمهوري ملڪن جا قانون اقوام متحده ۾ ڏٺا وڃن ٿا، اوهان ٿوري نوازش ڪري منوسمرتي کي سائي ڪپڙي ۾ ويڙهي تلڪ لڳائي اقوام متحده جي اجلاس ۾ کڻي ته وڃو جتي اوهان جي ظلمن جا ڪارا باب دنيا ڪهڙي نگاهه سان ڏسندي؟ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. اوهان ڪهڙي منهن سان هيومن رائٽس تي ڳالهائيندا؟ رجعت پرست ۽ انتهاپسندن جو ابو موهن لال ڪرمچند گاندي ڊرامي بازي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙيندي لانگوٽو هڻي، ٽٽل چشمو پائي، رٻ پيئڻ لاءِ ڳن ڀڳل چمچو ۽ کير پيئڻ لاءِ گڏ ٻڪري ڪاهي، گول ميز ڪانفرنس ويو هو، تڏهن ئي پنجانوي سيڪڙو پيڙهيلن جي آبادي بجاءِ هُن نام نهاد ٿورڙن برهمڻ اوچ جاتين جي نمائيندگي ڪئي پئي، ڳالهين ۾ هارجڻ بعد امبيڊڪر صاحب جي ڪروڙين مسڪينن لاءِ ڪيل حقيقي جدوجهد کي برهمڻ سامراج جي هڪ خطرناڪ هٿ ٺوڪي سازش تحت ختم ڪرڻ ۽ کيس بدنام ۽ بليڪ ميل ڪرڻ خاطر گاندي جي “مرڻ ورت” بک هڙتال، دوکي بازي ڪوڙ، ترڪ تال کان سواءِ ڪجهه به هُئي، برهمڻن جي ٻاپو گاندي جو جوڙيل“هريجن” ڪالونيون تاريخ ۾ صرف بڪواس کان سواءِ ڪجهه به ثابت نه ٿيون، نهرو ۽ بال ٺاڪري جون همدرديون اسان کي ساريون پيون آهن. انهن جي حرامپاين تان تاريخ پردو هٽائي چڪي آهي، سڀ ڪجهه واضع ۽ چٽو ٿي چڪو آهي. “دنيا ۾ ويڙهه سواءِ ٻي واهه ناهي، گاندي جا ايجنٽو! “اهنسا” عدم تشدد به ڍونگ آهي ” انگريزکي پويان باهه لڳل هئي، سندن رڌڻي ۾ رولو هو گاندي جي اهنسا جي ڪري انگريز هزار سال به ڪونه وڃن ها، ورهاڱي ۾هندو مسلم فساد ئي اهنسا جو رد آهن، ورهاڱي ۾ رت وهيو هو، ماڻهو بي گناهه قتل ٿيا هئا، لڏپلاڻ ٿي، نهرو عياشي پئي ڪئي (پڙهوخوشونت جو ناول سمندر ۾ تدفين) ۽ گاندي مالا پئي جپي، روم سڙيو پئي نيرو بانسري کي دٻيو بيٺو هو، گاندي فطرت جو وڏو انڪاري ٿي 37 سالن جي ڄمار ۾ خواهشن کي تياڳي ستو جتو ٿيو سڳي جوان ڀائٽي سان گڏ ستو پيو هو، پاڻ ته خواهشن جو گلو گھٽيائين پر جوان نياڻي ڪڄاڙو ڪيو؟ “گاندي ائين هو جيئن سئو ڪوئا کائي ٻلي هلي هنگلاج” برهمڻ سامراج ۽ ان جا ايجنٽو ! ڇا مٿي بيان ڪي داستانن جي ڪنهن هڪ به نقطي کي رد ڪرڻ جي ڪا اخلاقي جُرت اٿئو؟
برصغير جي ڪروڙين پيڙهيل انسانن سان ڪيل انياءُ گنگا جمنا ۾ سنان ڪرڻ سان قطئه ڪونه ڌوپبا، نه ئي معاف ٿيندا، توڙي جو غلامي جا پنج هزار سال گذري ويا آهن پر توهان يقين ڄاڻو ته اسان جو ضمير ذرو به ننڊ ۾ ناهي، دراوڙ جاڳ ۾ آهن، اسان جي اندر ۾ اڄ به آتش فشان آهي، اهو جوالا مُکي ڪنهن به وقت ڦاٽندو، ڪارن، ڪڌن قانونن خلاف بغاوت ڪر کڻندي، جنهن کي روڪڻ هاڻ توهان جي وس ۾ نه هوندو، هڪ دفعو ٻيهر برهمڻ سامراج پاران انسانيت لاءِ ڪاري بڻايل ڪائنات ۾ انقلاب جو روشن سج اُڀرندو. اسان جي خطي ۾ مذهبي اقليتون سماجي اڻبرابري، نسلي مت ڀيد جو شڪار هئڻ ڪري مڪمل انساني حقن کان محروم آهن. جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته هي ماڻهو لاش دفن ڪرڻ لاءِ سخت پريشان هوندا آهن. ڀورو ڀيل جي معاملي کانپوءِ هو ان خوف مان نڪري ڪونه سگھيا آهن. هتي رهائش پذير ڌرتيءَ ڌڻيءَ مسڪين ۽ مظلوم طبقا پنهنجي جان ۽ مال ۽ عزت جي تحفظ جي حوالي سان سخت ڊنل هئڻ ڪري هو پنهنجي بنيادي انساني ۽ شهري حقن لاءِ آواز بلند به نٿا ڪري سگھن. اهڙا مثال هتي ڪافي ملن ٿا. زنا، اغوا جا مسئلا روز جو معمول بڻيل آهن. سماج جي هنن لٽيل ماڻهن وٽ پنهنجو گھر به نه آهي، وڏيراشاهي جي ور چڙهيل هي ماڻهو پنهنجي اغوا ٿيل نياڻين جي بازيابي لاءِ ان ڪري به آواز بلند نٿا ڪري سگھن ته انهن ڇوڪرين جي زبردستي مذهبي تبديلي کان پوءِ مقامي بااثر طاقتور مذهبي ڌريون پنهنجي طاقت جي ڏڍ تي (مذهب جي سهاري سان) انهن کي هيسائڻ، دٻائڻ کان ويندي ٻيا لاتعداد ذريعا استعمال ڪري انهن کي تذليل جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. ان ڊپ، خوف ۽ حراس جي ڪري هتي جون ظلمن جو شڪار ٿيل مظلوم ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم به نٿا ڏياري سگھن. جنهن جي نتتيجي ۾ مستقبل ۾ هي ڌرتيءَ جا ڌڪاريل ماڻهو علم جي زيور کان وانجھيل هجڻ تاريخ جو بدترين الميو آهي. هي غريب طبقو روزگار جي حوالي سان پڻ سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن. تعليم نه هئڻ ڪري هي طبقو سدائين زراعت سان لاڳاپيل رهيو آهي. جاگيردار زميندارن پاران هن مسڪين طبقي کان ٻارين ٻچين جبري پورهيو ڪرائڻ باوجود به انهن کي ٻه وقت جي ماني ٻه مشڪل سان ملندي آهي. ٻيا انساني حق ته پري جي ڳالهه آهي پر تعليم، صحت، خوراڪ، ۽ آزادي به انهن جي نصيب ۾ نه آهي. برک اديب لڇمڻ ڪومل جي جيون ڪٿا واري ڪتاب (وهي کاتي جا پنا) ۾ صفحي 187 تي ليکڪ لکي ٿو“هڪ ڏينهن مان ۽ هاسو پوسٽرن چنبڙائڻ جو ڪم پورو ڪري ڪلهي تي ڏاڪڻ رکي سئنيما هال ڏانهن موٽي رهيا هئاسين جو اوچتو لوهه جو شيخون ۽ لوهي گرڊر کڻي ايندڙ هڪ کليل ٽيمپو زور سان رورس ۾ ڌوڪيندو آيو ۽ چنهبدار لوهي شيخ هاسيءَ ساڄيءَ اک مٿان نرڙ تي زور سان اچي لڳي. هاسي جي نرڙ مان رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو ۽ هو هيٺ رستي تي ڪري پيو. مان ڏاڪڻ ڦٽي ڪري ڀڳس ۽ وڃي کيس هنج ۾ کنيم. چوڌاري خلق اچي گڏ ٿي. ميڙ مان هڪ پهلوان قسم جي ماڻهو هڪدم اسان کان ڪپڙي جو ٽڪرو کڻي زخم تي پهو رکيو، چار ڀيرا ائين ڪرڻ سان هاسي جي مٿي مان وهندڙ رت ته بيهجي ويو پر هو نيم بيهوشيءَ واري حالت ۾ هو. ميڙ مان هڪ ڪميڻي شخص واڪو ڪندي زخم ڀريندڙ ڀلي انسان کي چيو“پهلي پتا تو ڪرو ڪون سي جات ڪا لڙڪا هئه؟” پهلوان هن ڏانهن شوخي سان نهاريو ۽ هو ماڻهو پيهه مان کسڪي ويو. تن ڏينهن اوڀر يو. پي ۽ بهار جا ماڻهو عجيب هئا ۽ نيچتا جي حد تائين ڇوت ڇات ۾ وشواس رکندڙ هئا. بهار ۾ اڃان تائين اهو مرض ڦهليل آهي. اتان جا ماڻهو ڪنهن اجنبي کان سندس نالو پڇڻ کان پهرين سندس ذات پڇندا آهن ۽ پوءِ ئي ساڻس هٿ ملائيندا آهن يا وري هن کي ڇهندا آهن. هڪ ڀيري مان بهار جي شهر “گيا” ويو هئس. مون سان گڏ نياز همايوني به هو. اسين پاٽنا کان گيا گھمڻ آيا هئاسين. هڪ گھٽي مان لنگهي رهيا هئاسين جو هڪڙو ٻن ٽن سالن جو ٻار رڪشا هيٺان اچي ويو، ٻارڙو رتورت ٿي ويو پر ڪير به هُن کي کڻڻ لاءِ تيار نه هو. هر ڪو پڇي رهيو هو “ڪون جات، ڪون جات” مان ۽ نياز ٻار کي ٻانهن ۾ کڻي ويجهو ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃي هن جي ملم پٽي ڪرائي ۽ هن جي مائٽن کي ڳولي لڌوسين. هن ملڪ جا ڪي ڪي علائقا ملڪ جي نقشي تي ڪوڙهه جا چٽا آهن، جيڪي ڪڏهن به مٽجي سگهڻ جا نه آهن، ۽ سڄي ملڪ کي بدزيبو بڻائي رهيا آهن”
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
ستي ساھ جاڳي،
وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي،
ڪتين جا سوين قافلا رھ گذر ۾،
سفر ۾،
سوين ڪائناتون،
نه آغاز جن جو، نہ انجام جن جو،
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
ازل کان ابد تائين سک جون براتون،
جڏهن موٽ کائون،
سوين راز آڻيون،
سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون،
سوين چنڊ چايون،
ستارا تڳايون،
انهن سان اچي جڳ سڄو جڳ مڳايون،
اسين جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!