پرمپرا جي نالي تي فضول ريتون رسمون
[b]عورت جي گرڀ وتي ٿيڻ جون رسمون
[/b]برهمڻن پاران جيڪي به ريتون رسمون پرمپرا جي نالي تي جوڙيون ويون سي سڀ رجعت پرستي کي هٿي ڏين ٿيون، اٻوجهه ماڻهن کي ذهني غلام رکن ٿيون. انهن رسمن جي شروعات ته تڏهن کان ٿيو وڃي جڏهن ڪا عورت گرڀ وتي (پيٽ سان) ٿئي ٿي، شروعاتي مهينن کان ثابت ناريل، ڏونگين جا سير خريد ڪري ڳاڙهن ڪپڙن ۾ ٻڌي رکيا ويندا، ٻڪريون، پٺون، ڇيلا، پاڏا، ڪارا، اڇا، ڳاڙها ٻانگا ڪڪڙ خريد ڪري ان عورت تان گهوريا ويندا، روڪ رقم، سونا ٽِڪا، خوراڪ جو سيدو سامان ۽ ڪپڙا لٽا وغيره جو فضول خرچ ڪرايو ويندو، تنترين پاران اهو سڀ ڪجهه نه ڪرڻ جي صورت ۾ گرڀ وتي مائي توڙي پيٽ ۾ پيل ٻار تي خطرناڪ گرهه جو اثر هجڻ سبب موت يقيني هجڻ جو ڊپ ڏيئي ٻنهي هٿن سان ڦري ڀينگ ڪئي ويندي آهي. ان سڄي ڪارهنوار ۾ لٽجندڙ ۽ لٽيندڙ راضي هوندا آهن. رسمن سبب لٽجندڙ ڌر پنهنجو فرض سمجهي لٽجي ٿي ۽ لُٽيندڙ پنهنجو صدين کان “حق” سمجهي لٽيندا رهن ٿا. ان نظام خلاف هن جديد دؤر ۾ به ڪو قانون ناهي، ماڻهو پنهنجي خوشي سان ڪسجن ٿا.
[b]ٻار جي پيدائش تي ٿيندڙ رسمون
[/b]جڏهن ٻار جو جنم ٿئي ٿو ته فوري طور ڪڪڙن، ڇيلن ۽ پاڏن جون ٻليون چاڙهيون وڃن ٿيون، رت پياڪ ڀوپا ڳجهن جيان پهچي ويندا آهن. مفت ۾ پيا مال روڙيندا آهن. منشيات جو واهپي سبب اکيون ڳاڙهيون ڪيو اٻوجهن جي ننگن ۾ اکيون وجهيو ويٺا هوندا آهن. مختلف ميڊيڪلي ۽ سائنسي سببن جي ڪري گھڻي وقت بعد جنهن کي اولاد ٿيو هوندو اتي ته ڀوپن جا وارا نيارا ٿي ويا هوندا، اتي ماحول اهو ٺهيل هوندو ته اهو جيڪو بار ٿيو آهي سو فقط ان ٻاوي ۽ ڀوپي جي ڪرامت جو بي مثال نتيجو آهي، ورنه سڄي حياتي ان جوڙي کي اولاد نه ٿئي ها؟ ان بليڪ ميلنگ عيوض ڀوپا ته ماڻهن جا مال متا، رڍون، ٻڪريون، ڍور، اُٺ، گابا، گھوڙا، گڏهه، گھيٽا ڪاهيو وڃن. ڪنهن مسڪين جي در تي ڪارو ڪڪڙ به ڪونه ڇڏين. ٻار جي پيدا ٿيڻ جي ڇهين ڏينهن ڇٽي جي رسم تي هر ماڻهو پنهنجي پهچ مطابق ضرور خرچ ڪندو آهي. پر ان جي باوجود به مالي حالات چاهي ڪيترا به بدترين هجن پر وياج تي قرض کڻي به برهمڻي پرمپرا “راڄا ريت” (ذهني مرض) خاطر اهو رسمون هرحال ۾ پنهنجو پاڻ کي به گروي رکي ضرور ادا ڪرڻيون آهن. ٻار جو نالو رکڻ لاءِ به پئسا ڏيڻا پون ٿا، معنى ته جنهن جو ٻچو آهي ان کي پنهنجي ٻچڙي جو نالو به پنهنجي پسندي سان رکڻ جو حق حاصل ناهي، نالي جو ٻار جي شخصيت تي اثر پوي ٿو، نالو ڪو چڱيرڙو هجڻ گھرجي. پر پئسا وٺي پنجاهه روپين وارو “”ٽپڻو” کولي هڪ خوبصورت ٻار جو برهمڻ جيڪو نالو رکي ڏيندو تنهن نالي کان خود ٻالڪ جي پيءَ جي مغز ۾ به کاڄي پئي ٿيندي، ڪراهت پئي ٿيندي، پر مجبوري خاطر اهو نالو قبول ته ڪرڻو آهي. برهمڻ ذهنيت اها آهي جو دراوڙن کان ته پنهنجي ٻچن جا خوبصورت نالا رکڻ جو حق به هزارين سالن کان قانوني طور کسيل آهي. دراوڙن تي نالي جي پويان نالو سنگهه (شينهن، بهادري جو اهڃان) رکڻ تي به پاندي رهي آهي. برهمڻ ذهينت ايتري ته چالاڪ ۽ شاتر آهي جو شوڌر قرار ڏنل انسانن جي نالي سان گڏ “داس” ۽ “مل” لکي ڏيندي، جنهن جي معنى غلامي ۽ غلاظت کي ظاهر ڪري ٿي. “داس” معنى گولو، غلام، زرخريد ڪيل نوڪر ۽ “مل” جي معنى غالبن منهنجي ناقص ڄاڻ مطابق ڍڳي جو “مُٽ” (پيشاب) آهي. هاڻ ٻڌايو جي ماڻهو جي اکين تي لاشعوري جي پٽي ٻڌي برهمڻ ڪيڏي تذليل ڪن ٿا؟ ڇٽي جي رسم تي به ڌرم جي نالي ۽ آڙ ۾ مال اوڳاڙيو وڃي ٿو. جيڪو پڻ هڪ غير ضروري ۽ فضول عمل آهي.
[b]مڱڻو[/b]
ڪائنات ۾ انسان اربين سالن جو ارتقائي سفر طئي ڪري جڏهن تهذيب يافته بڻيو تڏهن مهذبپڻي جي شروعات رشتن جو قدر ۽ تقدس سان سڃاتي وڃڻ لڳي. زال، مڙس ۽ ڀيڻ، ڀاءُ جي رشتي جي سماجي تميز، اهميت، ادب ۽ اخلاقيات جي شناخت ظاهر ٿيڻ لڳي. ڪائنات ۾ انساني آبادي کي مهذب ۽ قانوني طريقي سان وڌائڻ ويجهائڻ لاءِ عورت ۽ مرد ۾ جنسي ميلاپ (حق شرح) کي قانوني شڪل ڏني وئي جنهن جي شروعات “مڱڻي” (انگيجمينٽ) سان ٿي. پر هاڻ ان رسم کي به برهمڻن ڪمائي جو زبردست ذريعو بڻائي اٻوجهه ماڻهن کي لُٽي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. “مڱڻو” شادي جو ابتدائي سماجي مهاهدو (سوشل ايگريمينٽ) آهي. جيڪو بعد ۾ باقاعدي شادي خانه آبادي جي حيثيت حاصل ڪري دنيا ۾ نروار ٿيندو ۽ ان جوڙي کي هن مهذب معاشري ۾ انساني نسل وڌائڻ جو قانوني حق ملي ويندو آهي. پر ان رسم کي سادگي سان ڪرڻ بجاءِ وڏي دام دوم سان ڪرڻ لاءِ اتساهي ماڻهن کي مالي طور تباهه ڪرڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي ويندي آهي. مڱڻي جي مهورت جا ڏينهن مقرر ڪرڻ به برهمڻ جي وس آهي. اهو حق به گھوٽ، ڪنوار يا والدين کي حاصل ناهي، جنهن تحت اهي پنهنجي سهولت سان مصروفيتن کي مدنظر رکي مڱڻي جو رسم ڪري سگهن. هن رسم کي سادگي سان به ڪري سگهجي ٿو پر اٻوجهه ماڻهن کي تباهه ڪرڻ جي سازش تحت مڱڻي ۾ به لکين روپين جو خرچ ڪرايو وڃي ٿو.
[b]شادي[/b]
شادي ٻن ماڻهن يعني مرد ۽ عورت کي هن معاشري ۾ زال مڙس جي حيثيت ڏيڻ ۽ نئين حياتي شروع ڪرڻ جي عمل جو نالو آهي. جيڪو تمام سادگي ۽ ٿوري خرچ سان به ڪري سگهجي ٿو. پر هنن ريتن رسمن جي ڪري جن مفت خور هڏحرام ٽوٽين جو چلهو ٻري ٿو سي ان ڳالهه تي ذور ڏيندا ته وڏو خرچ ڪيو وڃي، ڌام ڌوم سان شادي جي رسم ڪئي وڃي، سادگي جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، خوشي جي نالي تي فضول خرچ جي شروعات “لڳن” يعني هڪ ٻاوي کان ٽپڻي تي ڏينهن ڪڍائي (ياد رهي ته سادوڙو ويچارو شڀ گھڙي جو ڏينهن اهو مقرر ڪندو جنهن ڏينهن پاڻ واندو هوندو) شادي ڏينهن، چونري جي ڦيرن جو وقت “چئوگھڙيا” مطابق رکي ڏيندو، شادي ۾ ڀڳوان پاڻ راضي آهي باقي ٻاوو ناراض! سو ڪڏهن ڪڏهن ته ٽپڻو ڏسي چوندو هن نياڻي يا گھوٽ جا ٽي سال لڳن ئي ڪونهي، ابا! هاڻ ڏيو منهن هنن خطرناڪ حالاتن ۾ ڪو مسڪين پني سني پنهنجي نياڻي جا هٿ لال ڪرڻ چاهي سو هاڻ وري ٽي سال ويهي عذاب جهڙا ڏينهن انتظار ۾ گذاري، پوءِ سماجي بُرايون ته جنم وٺنديون؟ سو شادي سادگي سان به ڪري سگهجي ٿي پر ڳري خرچن ۽ ڏاج جهڙي لعنت سان ان عمل کي نهايت ئي پيچيده بڻايو ويو آهي. “گرهه” معنى بُرائي وارا ڏينهن، گرهه جو جواز ڄاڻائي يا ته لڳن ئي نه ڪڍيا وڃن ٿا، پر جي گھڻو ذور ڀرڻ کانپوءِ ڪو عطائي ٻاوو شڀ گھڙي جا لڳن ڪڍي به ڏيندو ته ان گرهه کي هٽائڻ لاءِ ڏهه هزار کن جو پنساري جي دڪان تان سامان به لکي ڏيندو يا چوندو ته پئسا مونکي ڏيو آئون پاڻ وٺي “سامان” وٺي ايندس. اوهان کي گھربل سامان شايد اصل نه به ملي؟ توڙي جو سناتن ڌرم جون سڀ برادريون ۽ قبيلا هڪ ڌرم سان تعلق رکندي به هڪجهڙيون رسمون نٿا اپنائن، انهن جون رسمون ڪٿي الڳ ته ڪٿي ٿوري گھڻي فرق سان هڪجهڙيون آهن، سو هنڌوسماج ۾ رشتا يا ته بدي عيوض سڱ ڏيئي ڪيا ويندا آهن يا وري “ڌرم” معنى ڀڳوان جي نالي تي ڏنل نياڻي خدا ڪارڻ پرڻائي ڏني ويندي آهي. پر ڌرم (ڀڳوان جي نالي) ڏنل نياڻي جي چوئنري جي فيس به ٻه هزار روپيا ڪيش ورتي وڃي ٿي، هڪ مسڪين خدا جي نالي نياڻي جو سڱ ڏيئي سگهي ٿو، پر ڀڳوان جو ڀڳت چوئنري جي في “ڌرم” ڀڳوان جي نالي نٿو پڙهي سگهي؟
[b] ڪاروبار کولڻ يا گھر ٺهرائڻ جي مهورت
[/b]پگهر جو پورهيو ڪري پائي پائي پئسو پئسو ڪري بچت ڪندڙ ماڻهو جڏهن پنهنجو ڪاروبار شروع ڪندا آهن يا گھر ٺهرائيندا آهن ته سڀ کان پهرين پوٿي پٽائيندا آهن. سادوڙو ويچارو ٻه ٽي هزار جي چٽي جي مهورت نٿو ڪري تيسين ڪاروبار ۾ برڪت جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، سو مٿو ڦاٽڻ لاءِ پاڻ ئي اکري ۾ هڻن ٿا، ڌرمي ٺوڳي به گن پوائنٽ تي پئسا ڪونه ٿا وٺن، توڙي جو اهو ڌندو آهي نفسياتي بليڪ ميلنگ تي مبني.
[b]مرڻي جون رسمون
[/b]مرڻي تي ٿيندڙ رسمون هڪ طرف فقط ڪوڙي انا کي تسڪين ڏيڻ، سماجي قد ڪاٺ وڌائڻ جي ناڪام ڪوشش، شوبازي، وڏائي، گرور، هٺ کانسواءِ ڪجهه به ناهن، ته ساڳي ريت ٻي طرف سرڳ ۾ وڃڻ جو ذريعو به سمجهيو وڃي ٿو. سرڳ جو تصور وات گودو ڪريو ڇڏي، سڄي تڪڙ سرڳ جي هوندي آهي. “ڪرياڪرم” جي نالي تي هنڌو سماج جو انتهائي وڏو مفت خوري جو ڪاروبار آهي. جنهن تي ڪيترن ٽوٽي ٻاون جا پيٽ ۽ نسل پلجن ٿا. انهن ڪڏهن ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. سڄو ڏينهن ويٺا پوڙهن ۽ بيمار ماڻهن جي مرڻ جي واٽ جانچيندا، جيئن گورڪن (قبرون کوٽيندڙن جو ڪاروبار موت سان لاڳاپيل آهي) بلڪل ائين هي همراهه به ويٺا واٽو نهاريندا ته ڪٿان ٿي موت جي ڄاڻ اچي، انهن جي عيد ٿي ويندي آهي. مسڪين ماڻهو بيمارين جي خرچ ۾ تباهه ٿيو مرن، گھر تي مرڻ کان پوءِ ڪانگ ويهاريو وڃن، ته مٿان وري مرڻي تي ساڌوڙا ٽولا ڪريو پڄيو وڃن، ٻارنهن ڏينهن اتي پِڙ ڪڍيو ويهو رهن. مانيون، ٻوڙ، مٺا ڀت، شيرا، شربتون، سگريٽ، مين پڙيون، ناس، نسوار ۽ شام جي وقت رنگ رنگ جا فروٽ، رات جو ٻه ٽي ڪلاڪ ست سنگ، چانهيون چسڪا، سنان پاڻي، نرم هند بسترا، ريشمي رومال، چار هزار ڪي ٽي جا وڳا، ڊگھي منهن واريون جتيون، ڏونگيون ناريل، ڊگھا باسمتي چانور، نج گيهه، ارٿين جي تارڻي جي نالي تي خرچ جي وصولي کان ويندي غيرضروري رسم “ٻارس” تي وڏا خرچ ڪرايو، پوءِ عصر ويل جوڳي رمتا ڀلا، پوءِ وري ٻيو در جانچيندا آهن. سو پرمپرا جي نالي تي ٻارس جي رسم غريب ماڻهن جا گھر تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيا آهن. ڪيترائي ماڻهو ٻارس جو خرچ وياج تي پئسا کڻي به ڪن ٿا، مرڻ وارو متر سرڳ ۾ پڄي يا نه پڄي پر خرچ ڪرڻ وارو همراهه جيئري ئي نرڳ ۾ پڄيو وڃي، قرضن جا ڪوڙهه چڙهيو وڃن، حياتي جو گھڻو حضو ٻارس جي قرض ڀريندي گذري ٿو. ان خطرناڪ رسم تي ٿيندڙ خرچ پنهنجي ٻچن جي پڙهائي تي ڪيو وڃي ته مستقبل ۾ مفت خور ٻاوا پيدا ٿيڻ بجاءِ ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، جج، پائليٽ، پروفيسر، استاد پيدا ٿيندا جيڪي هن ڪائنات جي مسڪين انسانن جي تقدير بدلائي ڇڏيندا.