ڌرتيءَ ڌڻين سان سياسي پارٽين جو رويو
[b]خود مينارٽي ۾ اڪثريت رکندڙن مسڪينن جي ووٽ تي برهمڻ سامراج ويٺل آهي.
[/b]“اقليت” لفظ جي بجاءِ اسان سدائين پاڻ کي سنڌي قوم سمجهيو آهي. ۽ حضرت جناح جي هن پياري پاڪستان جا پُرامن شهري آهيون. پر پوءِ به مذهب جي بنياد تي آبادي جي لحاظ کان ٿورائي ۾ هجڻ ڪري اقليت جي تصور کي قانوني حيثيت حاصل آهي. پر پوءِ سڄي دنيا ۾ اقليتن کي جيڪي حقوق حاصل آهن اهي ته ته ملڻ اسان جو جمهوري حق آهي. هن ملڪ ۾ سياسي پارٽيون مخصوص سيٽن تي اهي نمائيندا مقرر ڪن ٿيون جيڪي اقليت ۾ به صرف پنج سيڪڙو آبادي رکن ٿا، پر ايوانن ۾ پنجانوي سيڪڙو آبادي رکندڙ ماڻهن تي غيرجمهوري حڪمراني ڪن ٿا. پنجانوي سيڪڙو آبادي رکندڙ ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ، ڀنگي، اوڏن سميت 42 اهڙا قبيلا آهن جن کي پنج سيڪڙو نمائيندگي به حاصل ناهي. اهو سياسي پارٽين جو غيرجمهوري رويو آهي جنهن ڪري غريبن جي حق ماريو وڃي ٿو. پارٽين جي اهم عهدن تي به ڌرتيءَ ڌڻين جي نمائيندگي ڪيتري آهي؟ تنهنڪري سياسي پارٽين کي پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻ گھرجي، مظلوم ماڻهن کي انهن جا حق ڏيڻ گھرجن.
[b]مخصوص سيٽون ختم ڪري اقليتن کي ٻٽي ووٽ جو حق ڏنو وڃي.
[/b]مشرف دؤر ۾ اقليت جو جدا ووٽ وارو قانون ختم ڪري گڏيل ووٽ جو حق ڏنو ويو، اهو زبردست ساراهڻ جوڳو عمل آهي. ان سان وڏيراشاهي کي غريبن جي ووٽ جي غرض ٿي آهي. پر ان بعد مسڪين ماڻهو ڪو به پنهنجي مرضي جو ميمبر ايوان ۾ پهچائي نه سگهيا آهن. سياسي پارٽيون اقليتن مٿان اڳڙين جي گُڏن کي ٿاڦينديون رهيون آهن. ان سرڪار کي گھرجي ته ملڪ جي اقليتن کي ٻٽي ووٽ جو حق ڏي، ته جيئن اهي پنهنجي تڪ جي ميمبر کي چونڊڻ سان گڏ پنهنجو مينارٽي جو نمائيندو به چونڊي ايوان ۾ پهچائي سگهن. ان طرح هر ڪو ميمبر پنهنجي قابليت، صلاحيت، بيباڪ ڪردار، قربانين عيوض اسمبلي ۾ پهچندو. اهو آزاد چونڊجي آيل نمائيندو اعلى ايوانن ۾ مظلوم ماڻهن جي ڀرپور نمائيندگي سان گڏ سگهارو آواز به بڻجي اڀرندو. ٻي صورت ۾ ساڳيو ڳن ساڳيو ڪهاڙو، اهي ئي برهمڻ سامراج جا ڪاروباري سيٺيا ايوانن ۾ نمائيندگي بجاءِ ننڊون ڪندا جيڪي نسل در نسل ڪرسين تي چقمق جيئن چهٽيل آهن. تنهنڪري اعلى اختيار وس وارن کي نهايت ئي سنجيدگي سان غور ۽ ويچار ڪري هن اهم ۽ تاريخي مسئلي کي حل ڪري غريبن کي ٻٽي ووٽ جو حق ڏنو وڃي ته جيئن غريب ماڻهو پنهنجي همدرد ماڻهو کي ايوان ۾ پهچائي سگهن. ۽ پنهنجا مسئلا حل ڪرائي سگهن.
[b]سياست ۽ تعليم
[/b]دنيا جي سمورن مظلوم طبقن جي غلامي جا سبب هاڻ ته نسري نروار ٿي چڪا آهن. تنهنڪري ڏاڍ، جبر ۽ انياءُ جو شڪار ماڻهن جي ترقي ۽ آزادي جو راز فقط علم ۽ سياست ۾ سمايل آهي.تنهنڪري پڙهڻ لاءِ پنڻو پئي ته پني به پنهنجا ٻچا پڙهايو، علم حاصل ڪيو، تعليم اوهان کي پٽ تان ڇٽ تي کڻي ويندو. مسڪين ماڻهن جي زندگي مان جهالت جي اونڌاهي ٻاٽ ۾ مشعل بڻجي ترقين جا انيڪ گس کلي ويندا. مظلوم طبقن جي باشعور ماڻهن کي پنهنجي وس آهر سياست ضرور ڪرڻ گھرجي، سياست ئي واحد ذريعو آهي جنهن سان اکين تي ٻڌل لاشعوري جون ڪاريون پٽيون لهن ٿيون.