ڪالم / مضمون

دراوڙ جاڳ ۾ آهن

هي ڪتاب ليکڪ، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار محب ڀيل جي مضمونن جو مجموعو آهي.
جن ڪردارن کي مضمونن ۾ محب ياد ڪيو آهي اهي ڪردار انسانيت جا پيروڪار بڻجي ۽ ڌرم جي ٻنڌڻن کان آزاد ٿي انسان جي عظمت لاءِ پيرڙا کڻندا رهيا آهن. محب ڀيل شناخت جي بحران ۾ ورتل ڪردارن جو ليکڪ آهي. هو ڌرتي ڌڻين جي ويڳاڻپ جي سببن تي لکي ٿو. سندس موضوع ڪهڙا؟ آديواسي ۽ خانه بدوش، پيڙهيل طبقا، انقلابي ڪردار، مزدور، هاري پورهيت...! ترقي پسند قلم ڌڻيءَ محب ڀيل جو قلم وقف ٿيل ئي پورهيت ۽ هن سماج جي ڌڪاريل ماڻهن جي دردن لاءِ آهي.
  • 4.5/5.0
  • 7147
  • 613
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محب ڀيل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دراوڙ  جاڳ ۾ آهن

پيڙهيل طبقي جو اڳواڻ جوگندر ناٿ منڊل

برهمڻ سامراج پاران برصغير جي ڪروڙين پيڙهيل انسانن خلاف اوچ، نيچ، اڻبرابري جي مت ڀيد وارو خطرناڪ غيرانساني، غيرمذهبي، غيرجمهوري منوسمرتائي قانون، آئين، ريتن، رُسمن، رواجن سبب ظلمتن جي ڊگھي تاريخ جا لکين ڏکوئيندڙ داستان ماڻهن جي سينن تي ڪوڙي ايف آءِ آر جيئن درج ٿيل آهن. انهن ناانصافين کان ڀلا ڪير انڪار ڪندو؟ ڌرم جي آڙ ۾ برصغير اندر برهمڻ سامراج ڌرتيءَ جي وڏي پُرامن آبادي کي پنهنجي خطرناڪ چالبازين ۾ جڪڙي رکيو هو، مذهبي انتهاپسند ۽ رجعت پرست برهمڻ سامراج جي انهي غيرانساني ڏاڍ ۽ جبر خلاف ڊاڪٽر ڀيم راءِ امبيڊڪر جي جدوجهد تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکي ويندي. پاڪستان ۾ انهي سوچ ۽ ويچار جو زبردست انسان جوگندر ناٿ منڊل آيو هو (جيڪو بنگال سان تعلق رکندو هو) جنهن جو ذڪر هتي ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. جوگندر ناٿ منڊل برصغير ۾ “اڇوت” قرار ڏنل ڪروڙين ماڻهن جو مقبول اڳواڻ هو. جيڪو ورهاڱي بعد پاڪستان ۾ پهريون قانون جو وزير بڻيو هو ڀارت ۾ پهريون قانون جو وزير ڊاڪٽر امبيڊڪر ٿيو هو. جوگندر ناٿ منڊل جي وزارت تان استعيفى بابت سندس موقف جو مختصر ذڪر هتي ڪجي ٿو.

[b]جوگندر ناٿ منڊل جي استعيفى ۾ شيڊولڊ ڪاسٽ مسئلن جو ذڪر
[/b]“اوڀر بنگال جي پوئتي پيل شيڊولڊ ڪاسٽ جي بهتري ۽ بحالي، جيڪا منهنجي زندگي جو اهم مقصد آهي، ان ۾ ناڪام ٿيڻ تي انتهائي مايوس ۽ ڳري دل سان توهان جي ڪابينا تان جي وزارت تان استعيفى ڏيئي رهيو آهيان. برصغير هند و پاڪ جي هن اهم ۽ تاريخي موڙ تي پنهنجي اکين اڳيان رونما ٿيندڙ واقعن ۽ دليلن جن مونکي اهڙو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ان جي وضاحت ضروري سمجهان ٿو. پنهنجي استعيفى جي واضع سببن کي بيان ڪرڻ کان اڳ مسلم ليگ سان اتحاد جو مختصر پس منظر بيان ڪرڻ ضروري آهي. فيبروري 1943ع دوران بنگال جي ڪجهه ليگي اڳواڻن پاران رابطو کان پوءِ آئون انهن سان گڏ بنگال ليجسليٽو اسيمبلي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿيس. مارچ 1943ع ۾ فضل الحق جي وزارت جي خاتمي کان پوءِ آئون ايڪويهه شيڊولڊ ڪاسٽ ميمبرن سان گڏ خواجه ناظم الدين سان تعاون ڪرڻ لاءِ راضي ٿيس جنهن اپريل 1943ع ۾ ڪابينا تشڪيل ڏني. مسلم ليگ سان اسان جو خاص ۽ بنيادي معاملن تي مشروط اتحاد هو. جهڙوڪ شيڊولڊ ڪاسٽ جي ٽن وزيرن کي ڪابينا ۾ کڻڻ، شيڊولڊ ڪاسٽ جي لاءِ تعليم جي مد ۾ پنج لک روپين جي سالياني گرانٽ ۽ ڪميونل ريشو رولز تحت شيڊولڊڪاسٽ لاءِ خصوصي طور سرڪاري ملازمتن ۾ حصو ڏيڻ جهڙن مطالبن تي اتفاق ٿيو. هتي واضع ڪرڻ ٿو چاهيان ته خواجه ناظم الدين پنهنجي ڪابينا ۾ ٽي شيڊولڊڪاسٽ وزير ۽ ٽي پارلياماني سيڪريٽري شامل ڪيا. مارچ 1946ع جي عام چونڊن کانپوءِ سهروردي مسلم ليگ پارلياماني پارٽي جو رهنما بڻيو ۽ اپريل 1946ع ۾ هن وزارت تشڪيل ڏني آئون شيڊولڊ ڪاسٽ فيڊريشن پاران اڪيلو ميمبر هئس. جنهن کي سهروردي جي ڪابينا ۾ کنيو ويو. هندن منهنجي استعيفى جو مطالبو ڪيو. منهنجي زندگي کي سخت خطرو درپيش هو. مونکي هر روز ڌمڪين وارا خط موصول ٿيڻ لڳا. مگر آئون مستقل مزاجي سان پنهنجي پاليسي تي قائم رهيس. مون پنهنجي زندگي جو جوکم کڻي پنهنجي شيڊولڊ ڪاسٽ فيڊريشن جي رسالي “جاگرن” ۾ شيڊولڊ ڪاسٽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي خونخوار تنازعي کان لاتعلقي اختيار ڪن. منهنجي زندگي کي ان وقت شديد خطرو هو. اها پڻ حقيقت هئي ته منهنجي پاڙيسرين مونکي هندن جي غضبناڪ مشتعل هجومن کان بچايو. مون مسلم ليگ سان تعاون ۽ اتحاد واري پاليسي جاري رکي. ڪلڪتي جي ڀيانڪ قتل عام کان ستت ئي پوءِ سهروردي ج خلاف عدم اعتماد جي فضا قائم ٿي. ان جي ڪابينا صرف منهنجي ڪوششن ۽ حمايت جي ڪري ئي بچي وئي، ڪانگريس سان واڳيل چار اينگلو انڊين ميمبرن ۽ شيڊولڊڪاسٽ جي ميمبر منهنجو ساٿ ڏنو نه ته يقيني طور ليگ جي ڪابينا ختم ٿي وڃي ها. ننڊي کنڊ جا ڪروڙين ماڻهو منهنجي پويان پئجي ويا ۽ مون کي هندن ۽ هندو ازم جو مخالف سمجهڻ لڳا. پر آئون بغير ڪنهن دٻاءُ ۽ خوف جي پاڪستان سان مخلص رهيس.
آئون 70 لک پاڪستاني شيڊولڊڪاسٽ عوام جو شڪرگذار آهيان جو منهنجي اپيل تي پرجوش انداز سان ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ منهنجي دل کولي حمايت ڪئي. جڏهن اوڀر بنگال جي ورهاڱي جو سوال اڀريو تڏهن شيڊولڊ ڪاسٽ جا ماڻهو ان جي متوقع ڀيانڪ انجام کان خبردار ٿي چڪا هئا. انهن جي حمايت سهروردي سان هئي. جيڪو بعد ۾ بنگال جو وزيرآعى پڻ ٿيو، سهروردي هڪ پريس بيان ۾ واضع ڪيو هو ته شيڊولڊڪاست عوام کي جيڪي حق حاصل آهن انهن کي ورهاڱي کان پوءِ ڪنهن به صورت ۾ محدود نه ڪيو ويندو. شيڊولڊڪاسٽ نه صرف اڳوڻا حق ماڻي سگھندا پر کين اضافي رعايتون ۽ سهولتون پڻ ڏنيون وينديون” جوگندر ناٿ منڊل جي باري ۾ هتي ان ڪري لکيو ويو آهي جيڪي ماڻهو شيڊولڊڪاسٽ جا صفا انڪاري ٿيو بيٺا آهن. انهن جي اکين تان برهمڻن جا ڏنل ڪارا پردا هٽائي کين حقيقت کان آگاهه ڪجي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ان تاريخي موضوع بابت تاريخ جا ورق نه اُٿلائيندو ته تيسين ان کي ڪهڙي خبر ته اصل حقيقتون ڇا آهن. تنهنڪري جيئن برهمڻن جو ظلم هڪ حقيقت آهي بلڪل ائين ئي برصغير ۾ اهو ظلم سهڻ وارا پيڙهيل طبقا به هڪ حقيقت آهن. جنهن کان انڪار سج جهڙي حقيقت کان منهن موڙڻ جي برابر آهي. شيڊولڊڪاسٽ بابت درست موقف وقت جي اهم ضرورت آهي. آدمشماري چند ڏينهن ۾ پڄاڻي تي پهچي ويندي پر نتيجا تاريخ ۾ رقم ٿي ويندا. تاريخ ۾ اهو به پٿر تي ليڪ بڻجي ويندو ته ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن کي پنهنجي خاني ۾ ڳڻجڻ کان روڪڻ جي تاريخي غلطي ڪنهن ڪئي؟ پنهنجن غريب ڀائرن کي برهمڻ سامراج جي سيٺين جي غلامي ۾ جڪڙڻ لاءِ ڪير سرگرم هو؟ سنڌ جا جيڪي باشعور سياسي ماڻهو آهن اهي شيڊولڊڪاسٽ جي ڪيس کي سمجهن ٿا. تنهن ڪري اهي انهن جي حمايت نٿا ڪن ته مخالفت به نٿا ڪن. پر ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي تاريخ، قانون ۽ آئين جو هڪ پنو پڙهڻ لاءِ تيار نه آهن. بنا سوچڻ سمجهڻ جي سندن ذور آهي ته برهمڻن جو خانو “هندو” ٽڪ ڪيو. ڪنهن به ريت شيڊولڊڪاسٽ جو خانو ٽڪ نه ڪيو اهو مظومن جي آبادي کي سرڪاري رڪارڊ ۾ گھٽ ڏيکارڻ جي برهمڻي سازش آهي. هن جدوجهد کي آئون ڊگھي جدوجهد سمجهان ٿو هن سال ته فقط شروعات ٿي آهي اصل ڪم ته ايندڙ آدمشماري ۾ ٿيندو. جڏهن پنج سيڪڙو آبادي رکندڙ برهمڻن جو آڱرين ڳڻڻ جيترو اصل انگ پڌرو ٿيندو. سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.

[b]مظلوم ماڻهو سازشن کي سمجهن ۽ مقابلو ڪن
[/b]عوام ئي طاقتور قوت آهي. جيڪڏهن ڪروڙين عوام سامراجي سازشن کي سمجهي، انهن جي مظلوم دشمن چالبازين تي ڪڙي نظر رکي ۽ نقصان ڏيندڙ ڳالهين کي سمجهي اصل جڙ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا، سامراجي ڌرين جون سموريون سازشون وائکيون ٿي وينديون پتو پئجي ويندو ته عوام دوستي جو ڍونگ ڪندڙ ڪيترا عوام دوست آهن؟