”ها مان ڌرتيءَ جو دراوڙ ڀورو ڀيل آهيان“
پاڻ ته وڏن کان ٻڌو، تاريخ ۾ پڙهيو ته سنڌ وطن جا اصل والي وارث مسڪين دراوڙ ڀيل، ڪولهي، جوڳي، گُرگلا، اوڏ وغيره آهن، جن کي موجوده وقت جي “دانشواراڻي” ٻولي ۾ ڀٽڪندڙ نسلن طور سڃاڻپ مليل آهي. سنڌ جا ڌرتيءَ ڌڻيءَ وقت پاران مليل هزارين تڪليفن کي پنهنجو بدنصيب مقدر سمجهي ڀوڳين ٿا. پنگريي شهر ۾ منهنجو بچپن گذريو آهي، پنگريي جي گلين ۾ منهنجي پيرن جا نشان اڃا تائين تازا هوندا، پر اُن ڏينهن الائي ڇو پنهنجو ئي پُرامن پنگريو اوپرو اوپرو پئي لڳو؟ هر طرف هجوم هئا.
خنجر خنجر ڪيئي هٿ
مان اڪيلو سامهون سٿ.
خوني نظرن کان پاڻ بچائيندو “نو گو ايريا” بڻيل پنهنجي ئي محبوب شهر جي گلين مان گذرندو وڃي سرد لاش جي سامهون بيٺس، اهو لاش دراوڙ ڀوري ڀيل جو هو ۽ ڄڻ ڪجهه سوال پُڇي رهيو هو محب ! تون هن سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندو آهين؟ جنهن سنڌ ۾ جيئري ته مونکي سڪون سان رهڻ نه ڏنو ويو، سدائين لڏپلاڻ، خانه بدوشي ۽ دربدري جا عذاب ڀوڳياسين پر جهان ڇڏڻ بعد به مونکي منهنجي ڌرتيءَ ماءُ جي گود ۾ سڪون سان سمهڻ به نه ڏنو ويو آهي.
محب ڀاءُ !
مون نه ڪيل گناهه جي سزا ڀوڳي آهي،
مون سنڌ سان جند جڙڻ جي سزا ڀوڳي آهي،
مون وطن سان عشق جي سزا لوڙهي آهي،
مون پاڻ فنا ٿي به ماتر ڀومي سان نينهن نڀائڻ جي سزا ڀوڳي آهي،
مون پُرامن هجڻ جي به سزا ڀوڳي آهي،
مون جهنگلي ۽ خانه بدوش بڻجي به ڌرتيءَ نه ڇڏي آهي،
مون موئن جي دڙي جي تهذيب سان ملهايو آهي،
مون ته ڀٽائي جي رسالي سان عقيدت رکي آهي،
مون ته اجرڪ جي عظمت کي ڄاتو آهي،
مون ته جا ٻولي ٿڃ سان پيتي
تنهن ٻولي ۾ رُنو، رڙيو ۽ ڳايو آهي،
مون ته مٽي سان نيهن نڀايو آهي،
مون کي منهنجو گناهه ته ٻُڌا؟
جنهن جي سزا ۾
منهنجي ماءُ جو پيٽ چيري مونکي اُڇلايو ويوآهي،
منهنجو گھر ڪوڏرن جي نطر ٿيو،
مون ستل کي وڍيو ويو،
هي ڏس منهنجي ٻانهن ۾ ڪوڏر لڳي،
هي ڏس ٺونٺ مان رت پيو وهي،
هي ڏس منهنجي هٿ ڪپيو ويو،
هي ڏس منهنجي موتي ڀاءُ پاران
وياج تي ورتل ڪفن ڦاڙيو ويو آهي،
هي ڏس سام ڏنل اجرڪ به ڦاڙي وئي آ،
هي ڏس منهنجي جسم تي رهڙون
هي ڏس مونکي گهلي گهلي
ڪانگن ۽ ڪتن جي اڳيان اڇلايو ويو آ،
ڏک ته ٻالڪپڻ جي لانگوٽين يارن،
علو، ولو ۽ خميسي تي به ٿيو،
جن جي اکين تي صفا ڌاريائپ جي چادر چڙهي وئي هُئي،
ٻڌاءِ تون ڪهڙي سنڌ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟
مون چيو نه ڀورا ڀاءُ
مون جنهن سنڌ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي
اها سنڌ سڀاڻي توسان ٿيل انياءُ تي ڀڀڙ بڻجي اٿندي،
اها سنڌ چوندي
ها مان ڌرتيءَ جو ڌڻيءَ دراوڙ آهيان،
“ها مان ڀورو ڀيل آهيان”
پوءِ واقعي ٿيو به ائين ٻي ڏينهن منهنجي خوابن جي سيڪيولر سنڌ اُٿي پئي، سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي،
هلو هلو ڪاڪ تڙين، جت نيهن اُڇل
نه ڪا جهل نه ڪا پل، سڀ ڪا پسي پرين کي.
جنهن سنڌ ۾ ڀوري ڀيل مرشد لطيف، سچل، ڪبير، ميران ٻائي جي شاعري ڳائيندي ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪيو هو هنن شعرن مان هنڌو ڪهڙو مسلم ڪهڙو؟ پنهنجي لڦون پيل پورهيت هٿن سان ڪڻڪ، ساريون ڀاڄيون ۽ ميوا پوکيندڙ ڀوري ته ڪڏهن به اهو ڪونه سوچيو هو ته هنن مان ڪهڙو داڻو هنڌو کي هضم ٿيندو ڪهڙو سنگ ٻي ڪنهن کي نصيب ٿيندو؟
ڀوري ڀيل جي لاش تي بيهي مون اهو محسوس ڪيو اسان سامراجي غلامي جو طوق ڳچي مان ڪڍڻ لاءِ جدوجهد جي ميدان تي آهيون ته ٻي طرف صوفي مزاج جي سنڌ تي هي سيٽلر مذهبي انتهاپسندي جي خطرناڪ سازش ڪٿي دنگ ڪندي؟
پنهنجي ٻولي، تهذيب، ثقافت، ڌرتيءَ ۽ درياهه جا ڌڻيءَ اڄ لاش دفن ڪرڻ لاءِ پريشان آهن، جن ماڻهن سنڌ جي عشق ۾ اڙجي هزارين صعوبتون برداش ڪيون، انهن سان ظلم، زيادتين، ناانصافين، اڻبرابري ۽ انياءُ جي هڪ ڊگهي ۽ درد ڀري تاريخ انسانيت جي علمبرداري جون ڪوڙيون ۽ کوکليون حامون هڻندڙن جي منهن تي ڪاراٺ ملي ٿي. موئن جي دڙي مان مليل هڏين جا حقيقي وارث اڄ تاريخ جي ان بدترين موڙ تي اچي بيٺا آهن جتي زندهه انسان جي ته تذليل ڪئي وڃي ٿي پر مرڻ کانپوءِ مت ڀيد جي بنياد تي دفن ٿيڻ به نٿو ڏنو وڃي.
ڀوري ڀيل کان اڳ ۽ پوءِ به اهڙا واقعا ورجايا ويا آهن. جن ۾ ٽنڊي باگي ۾ الهڏني ڀيل جو لاش، هڪ واقعو منهنجي ذهن ۾ ٻاٻري ڪنڊي جيئن چڀندو رهي ٿو ڏڪاريل ڏيهه جا دراوڙ پيٽ جا باهه اجهائڻ خاطر سانگهڙ لابارو ڪرڻ ويا هئا اُتي سندن ننڍڙو گلن جهڙو معصوم ٻار ڊائريا ۾ علاج نه ٿيڻ سبب کِلڻ کان اک ڪومائجي ويو، ۽ پوءِ اها مٺ هڏين جي سانگهڙ جي بي تاج بادشاهن دراوڙ هجڻ جي گناهه ۾ دفن ٿيڻ نه ڏني، ان ڏينهن به ڌرتيءَ ڌڻيءَ پنهنجي ماتر ڀومي تان ڌڪجي ان ٻار جو سرد لاش چندو ڪرائي ٿر کڻائي آيا. اهو هن ڪائنات جي تاريخ جو لڄائيندڙ سانحو آهي. مانواري عدليه ملڪي تاريخ ۾ سموسن جي وڌيل اگهه تي سوموٽو نوٽيس ورتو پر ڌرتيءَ ڌڻي جي جسد خاڪي جي ٿيل تاريخي توهين ۽ تذليل تي خاموش بڻيل رهي.
انقلابي سياستدان رسول بخش پليجي صاحب ڀوري ڀيل جي واقعي تي چيو; “ڀوري جي لاش کي قبرستان مان ڪڍي ٻاهر اڇلائڻ هڪڙو سنگين ترين سنڌ دشمن ۽ انسانيت دشمن ڏوهه آهي، جنهن جي مذمت سڄي سنڌ جي ساڃاهه، ثقافت، قومي خوداري ۽ غيرت ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ان قسم جون غير مهذب درندگيون ۽ وحشتناڪ ڪاروايون ختم نه ڪيون ويون ته پوءِ سنڌ جي اڄ جيڪا انتهائي ڪريل حالت آهي اها به ختم ٿي ويندي ۽ هڪڙي ڏينهن سنڌ جا ماڻهو بي وس ٿي هميشه لاءِ خوني ٽولن جا غلام بڻجي ويندا، جيڪي ماڻهو ان صورتحال کي پيدا ڪرڻ سڌي يا اڻ سڌي طرح حصو وٺندا يا ڏوهاري ۽ دهشتگرد ٽولن تي ڪک رکندا، اهي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي قوم جا هميشه لاءِ غدار ليکيا ويندا ۽ جيڪي سزائون قومي غدارن لاءِ طئي ٿيل آهن، انهن جا لائق ٿيندا، سنڌي قوم جو مطالبو آهي ته جوابدارن دهشتگردن کي ترت گرفتار ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي”
ڀوري ڀيل جو لاش قبرستان مان ڪڍڻ خلاف سمورين سنڌ دوست ترقي پسند پارٽين، اڳواڻن، اديبن شاعرن قومي ڪارڪنن هڪ آواز ٿي چيو هو “ها مان ڀورو ڀيل آهيان” جو سڏ پڙاڏو بڻجي ويو، اهو سڏ وقت ۽ حالتن هٿان “ڌڻيء” مان “ڌاريان” بڻائل سنڌ جي دراوڙن جي مٿي تي شفقت جو هٿ هو، اهو دراوڙن جي ٻرندڙ من تي ڇنڊو هو، اهو سڏ مرشد لطيف، سچل، سامي، شهيد شاهه عنايت، دولهه درياهه خان، مخدوم بلاول جو سڏ هو، اهو سڏ سنڌ جي ضمير جو سڏ هو، اهو سڏ سنڌ جي خمير مان اٿيو هو.
ايوب کوسي جو ڀوري ڀيل کي ارپنا ٿيل نظم به اهو سڏ ئي ته هو.
ڇا هي لاڙ اهو ئي آهي؟
جنهن جي خاموشين ۾ چوڙن،
حق موجود تنواريو هرپل،
سانجهه ڀنل ۾ اڏندڙ آڙين
شاهه عنايت ساريو هرپل،
سج دراوڙ ڇاتيءَ جهڙو
جنهن جي هيٺان چمڪيا ٽاڻا
وڻ وڻ گيڙو جوڙو پاتو
دولهه آيا ڪنڌ ڪپاڻا
ڇا هي سنڌ اها ئي آهي؟
جنهن جو سمنڊ ڀٽائي سمجهيو
ڳاڙها ڳانا پاتا ٻانهن
عيدون ڏياريون گڏجي گذريون
اُجرا ڀاڪر پاتا ٻانهن
صوفي رنگ نگاهن اوڍيو
ڇا ته نڀايا ناتا ٻانهن
هئه سا ويئي سنڌ اجهامي
ٿي وئي ڄڻ تهذيب اگهاڙي
ڇا ته ٻڌايان ڇا نه لڳو آ
ڪوجهو دل ۾ ڪانُ لڳو آ،
منهنجي سنڌڙي منهنجي آيل
توکي ڪو طوفان لڳو آ
تو ۾ منهنجو ڀورو آيو
تنهنجي ڌرتيءَ جي آڳر ۾
ڇو نه الاءِ پورو آيو؟
هن جو لاش ڪڍي ويا ٻاهر
منهنجي هرڪا دانهن کپي وئي
مان ٿي ڀانيان مان ٿي سمجهان
سنڌڙي تنهنجي ڇانءَ ڪپي وئي
آندو ويو هو ڪانگن سامهون
ٽلٽي هئي ڄڻ نانگن سامهون
اڄ هي سنڌ ڪٿي آ بيٺي؟
هن جو روح سوالي آهي!
مون هن چوڙا لاهي اڇليا
مون لاءِ وقت مري ويو آهي
مون لاءِ سج پرايو آهي
جنهن تي زهر وري ويو آهي!
ها پر هڪڙي آٿت آهي
منهنجي سنڌڙي تنهنجو جهنڊو
ڀوري جو رکوال ٿيو آ
مان ٿي ڀانيان تنها ناهيان
منهنجو ساهه بحال ٿيو آ!
هن مسئلي جو جو آخر حل ڪهڙو آهي؟
ذات، پات، مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي انسانن جا لاش قبرن مان ڪڍي اڇلائڻ، لاشن جي توهين ۽ تذليل ڪرڻ، انتهاپسندي جي زهر کي ڦلائڻ لاءِ انتشار پکيڙڻ جهڙن مسئلن جو آخر حل ڪهڙو آهي؟ ان لاءِ مستقبل ۾ اسان جي سماج ۽ سرڪار وٽ ڪهڙا حل آهن؟ سرڪار کي گھرجي ته اهڙن مسئلن لاءِ سخت قانونسازي ڪئي وڃي، ان تي عمل نه ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. گھڻڻ جاين تي ته گڏيل قبرستان موجود آهن، اتي اهڙو مسئلو جنم نٿو وٺي پر جتي اهڙو خدشو هجي ته الڳ قبرستانن لاءِ زمين ڏني وڃي، انهن قبرستانن جي زمين کي قبضاگير مافيا کان محفوظ بڻايو وڃي. ڌرتيءَ ڌڻين جي حياتي ته عذابن ۽ عتابن ۾ گذري ٿي پر مرڻ ته سڪون سان ڏنو وڃي، مٽي کي مٽي سان ملڻ جو حق هرگز نه کسيو وڃي.
پنهنجي ذهن مان ڊپ ڪڍو، اڳتي وڌو
مظلوم ماڻهو صدين کان خطرناڪ غلامي جي جڪڙ ۾ بدترين طريقي سان ڦاٿل هئڻ ڪري انهن جي دل، دماغ ۽ من اندر ڊپ، ۽ ڊاءُ گھر ڪري ويٺل آهي. جنهن ڪري اهي مسڪين ماڻهو هن سماج جي حرامي ٽولن کي چيلينج نٿا ڪن، جنهن سبب اهي رهزن ٽولا روز به روز ظمتن جو وهنوار وڌائيندا ٿا وڃن، ڌرتيءَ جي لٽيل ماڻهن تان ڏک ۽ ڏوجهرا ختم نٿا ٿين. انهن مسئلن جو فقط هڪڙو ئي علاج آهي“پنهنجي من مان ڪاغذي شيرن جو ڊپ ڪڍو، پنهنجي دل مان ڊاءُ ڪڍي اڳتي وڌو، پنهنجي ذهن ۾ اهو خيال پختو ڪري ڇڏيو ته هي ظالم سامراج عام جنتا کان ڏاڍو ناهي، جڏهن دنيا جا ڪروڙين مسڪين ماڻهو هڪ ٿي اٿيا ته دنيا جا چند سئو ظالم سامراج عوام جي پيرن هيٺان چپجي، چيڀاٽجي، چچرجي ۽ لتاڙجي مري ويندا، ظلم جا ڪارا ڪوٽ ڊهي پٽ پوندا، ماڪ جا ڏونگر سج نڪرڻ تائين مهمان هوندا آهن”