ڪالم / مضمون

سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
Title Cover of book سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

ڌرتي جو سڏ

سڀن سامراجين اڳيان سينو تاڻي
اڙي يار يوسف اُٿي پئو تون هاڻي

اديب ۽ شاعر پنهنجي وقت جا منصور هوندا آهن جيڪي اُتان جي آزادي جي خاتمي لاءَ گڏيل ۽ رائج قانون کي ٽوڙي مروڙي بغاوت جا جهنڊا جهولائيندا آهن ۽ هر دور جي فرعون جو ديده دليري سان مقابلو ڪندا آهن ۽ ڪڏهن بہ پنهنجي مقصد تان نہ هٽندا آهن، غلامي ۽ چاپلوسي جي بدران ڪنڌ ڪپائڻ کي فخر جي ڳالھ سمجهندا آهن، اُهي اديب جيڪي پنهنجي ديس جو درد رکندڙ هوندا آهن سي ائين کڻي سمجهو تہ قوم جو اثاثو هوندا آهن.
سچي اديب جو وجود ظالم جي اک ۾ ٻٻر جي ڪنڊي جيان چڀندو آهي سندس هر ٻول، هر سٽ، هر لکڻي قهر جي ڪوٽن ۾ ڪنبڻي وجهي ڇڏيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن حالاتن جون مصيبتون، اذيتون ۽ پيچيدگيون ڏمر بڻجي ڪري ڪجھ وقت لاءَ ماٺار ۾ ڪم ڪرڻ لاءَ مجبور ڪنديون آهن پر پوءَ بہ اسان جي اڄ جو جديد اديب ۽ شاعر جڏهن بہ پنهنجي ديس ۾ ڪائي آلي اک ڏسندو آهي تہ سندس سک ڦٽي پوندو آهي ۽ وري جڏهن ڪو مرُجهايل مُک پسندو آهي تہ سندس نيڻن سانوڻ جي برسات جيان وسڻ لڳندا آهن، اسان جو هي دوست بہ اهڙي ئي نفيس مزاج جو مالڪ آهي.
سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن هر حال ۾ پنهنجي ڌرتي جي قرض لاهڻ لاءَ لکندا رهيا آهن، ڏکين حالتن سان منهن ڏنائون ۽ ماڻهن کي جيئڻ جو گس ڏنائون، اسان شاعر ۽ اديب پنهنجي مارن جي يادن کي پنهنجي زندگي جو حاصل مطلب سمجهون ٿا ۽ انهن جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙي ويهندا آهيون ۽ وري نہ ئي ڪڏهن ڪنهن وقت جي فرعون اڳيان جهڪندا آهيون، ائين ئي جئين اسان جو هي يار يوسف جميل لغاري آهي، اسان جو هي يار اسان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني هر موڙ، هر مورچي، هر مزاحمت جي ميدان تي اڳ ڀريو ۽ نمايا نظر ايندو رهيو آهي، سندس فڪر جو محور ۽ مرڪز هميشه سنڌ رهيو آهي.
سندس ڪالمن منجهان معاشرتي بغاوت، غلط ڪمن ڪارن توڙي ريتن رسمن خلاف ڪروڌ ۽ تعليم بابت سڄاڳي جا پهلو واضع ۽ چٽا نظر اچن ٿا، هن يار هر ميدان تي پاڻ ملهايو آهي، سندس قلم سان ڪيل جدوجهد نيٺ هڪ ڏينهن رنگ لائيندي ۽ هن ديس مٿان برپا ٿيل ڪارن ڪڪرن کي ختم ٿيڻ تي مجبور ڪندي، تنهن ڪري توهان سڀني کي بہ گهرجي تہ نراسائي ڇڏيو، اُٿو سمجھ سان، محنت سان، علم سان ۽ نيڪ ارادي سان نئي ڪوشش ڪريو ۽ پنهنجي ديس جي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيو ۽ ڌرتي جي هر سڏ تي لبيڪ چئو ۽ ڌرتي جو ساٿ ڪڏهن بہ ڪنهن بہ صورت ۾ نہ ڇڏيو ڇو تہ هي ڌرتي تهذيبن جي ماءُ آهي.

اسان سنڌ خاطر سر ڀي ڏينداسين
ڪنڌن جا هي ڪُنگرا اڏائي ڀلي ڪو
(پيرل قنبر)

آغا سلمان سيلاني
ٺري ميرواهه