ڪالم / مضمون

سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
Title Cover of book سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

سماجي قدرن جي اهميت ۽ افاديت

مختلف فردن، ڪٽبن ۽ قبيلن جو مجموعو ملي ڪري سماج کي تشڪيل ڏين ٿا، سماج کي جوڙڻ وارا بہ حضرت انسان آهن ۽ سماج کي بگاڙڻ توڙي فنا ڪرڻ وارا بہ حضرت انسان ئي آهن، اهڙي ريت دنيا جي جوڙيل ڪنهن بہ مهذب سماج سان جڏهن اسان پنهنجي سماج جي ڀيٽ ڪري ڏسون ٿا تہ اُن مھل اسان کي پنهنجو سماج انتهائي ڏٻرو، ڏتڙيل ۽ کنڊر محسوس ٿي ٿو، جنهن جو بنيادي ڪارڻ اسان وٽ سماجي قدرن جو گهٽجڻ آهي، اسان جو سماج جنهن جا اسان توهان حصو آهيون، اُن سماج ۾ سماجي قدر ڪيتري قدر قابل اهميت آهن ان ڳالھ کان اوهان بذات خود بہ واقف آهيو، اسان وٽ تہ اهو الميو آهي جو ماڻهو ڪنهن کي ڪو رستو ڏيڻ بجاءَ اڃا ڪنهن جي رستي يا لنگ تي قبصو ڪرڻ کي بهتر سمجهن ٿا، سرڪاري پلاٽن ۽ عمارتن کي مفت جو مال سمجهي ڪري انهن مٿان قابص ٿيڻ لاءَ هر روز نت نيان هربا هلائن ٿا، اسان وٽ سماج اندر ڪجھ اهڙا ئي سماجي قدر قائم ٿيل آهن.
ان جي برعڪس ٻاهرين ملڪن ۾ جيتري قدر اُتان جا ماڻهو سماجي ڪمن ڪارن ۾ اڳڀرا رهن ٿا اُهي وري ايترا ئي سماج جي قدرن کي عام ڪرڻ لاءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا، ڇو تہ اُهي ڄاڻن ٿا تہ سماج جو بنيادي عنصر يا سماج کي جوڙيندڙ بنيادي پهلو آهي ئي انسان، سماج جو سنئو سڌو واستو انسان سان آهي، ان لاءَ جڏهن سماج جو بنيادي پهلو پنهنجي عقل، فهم ۽ ڏاهپ کي استعمال ڪندي سماج جي بهتري لاءَ ڪم ڪندو تہ يقينن ان بهتري مان کيس بہ فائدو پوندو ۽ سندس ايندڙ نسل بہ ان مان لاڀ حاصل ڪندو، انسان ازل کان آزادي پسند آهي، آزادي مطلب ڪن معتبرن اصولن ۽ ضابطن سان بنا ڪنهن رنڊڪ توڙي پريشاني سان پنهنجي زندگي گذارڻ، اهڙي ريت مهذب معاشرا پنهنجي اندر موجود فردن کي اهو حق ڏيو ويٺا آهن، کين بنا ڪنهن پريشاني جي سڪون ۽ آرائش واري زندگي گذارڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو جنهن سبب کيس دلي توڙي ذهني سڪون تقريبن هميشه ميسر هوندو آهي ۽ اُتان جا فرد ماضي جي ڀيٽ ۾ پنهنجي مستقبل تي نظر رکندي اهم فيصلا ڪندا آهن.

اسان عمومن طور تي مستقبل کي وساري ڪري پنهنجي شاندار ماضي جا مثال هميشه ڏيندا رهندا آهيون، اسين پوري حياتي اهو چوندي گذاريندا آهيون تہ اسين هيترو خوشحال هياسين، هيتري ملڪيت هئي، هيتري عزت هئي، مطلب ماضي جا نہ کٽندڙ قصا پوري زندگي مرڻ گهڙي تائين اسان جي جان ناهن ڇڏيندا، انهي سبب ڪري اسان وٽ ڪا بہ تخليق جنم نٿي وٺي، ڪائي نواڻ نہ ٿي اچي، ڪا ئي بهتري برپا نہ ٿي ٿئي، اسين جڏهن ماضي جي ڀيٽ ۾ مستقبل کي وڌيڪ اهميت ڏينداسين تہ يقين ڪريو اسان جو آئيندو روشن ٿي پوندو، اسان جو معاشرو زبون حالي مان نڪري خوشحالي طرف پنهنجو سفر ڪرڻ شروع ڪندو، هر جڳھ تي پيار محبت جي فضا قائم ٿيڻ لڳندي، نفرتون ڪنهن لفافي ۾ بند ٿي ڪري سمنڊ جي تري ۾ وڃي دفن ٿينديون، فضائون خوشحالي جا گيت چوڻ لڳنديون، هر طرف هٻڪار ٿي ويندي ۽ انسانيت پنهنجو ڳاٽ اُچو ڪري دنيا کي اهو پيغام ڏيندي تہ اسين اڄ بہ مھذب ۽ تهذيب يافتہ قوم آهيون.
۽ اهو پيغام پڻ ڏيندي تہ اسين ان تهذيب جا وارث آهيون جنهن تهذيب جي ماتحت دنيا جي ٻين تهذيبن پنهنجي اُوسر ڪئي آهي، جڏهن دنيا جا ماڻهو غارن راتيون گذاريندا هئا تہ تنهن مھل اسان جا وڏڙا شاندار قسم جي جوڙيل عمارتن ۾ آرامي ٿيندا هئا ۽ بدن تي ريشم جو ڪپڙو اوڍي ڪري هلندا هئا، پوري دنيا سمجھ، ڏاهپ، توڙي وڻج واپار هتان جي ماڻهن کان سکي، ان کان علاوه مهمان نوازي جا اعلي گُر دنيا جي مهذب قومن هتان کان سکي ڪري پنهنجي معاشرن ۾ وڃي ڪري انهن تي عمل ڪيو جنهن سبب انهن جا معاشرا ترقي وٺڻ لڳا، اسان جي سهپ پوري دنيا کي صبر ڪرڻ جو سليقو سيکاريو، اسان جي علم پوري دنيا کي حساب ڪتاب ڪرڻ جو ڏاءُ سيکاريو، اسان جي درسگاهن پوري دنيا کي مطالعي جو رهجان وارو طريقو سمجهايو، اسان جي ڪتابن دنيا کي سيهڙڻ جو طريقو سيکاريو، اسان جي نقش نگاري دنيا کي نقشا ٺاهڻ ۽ رنگن سان راند ڪرڻ جي سکيا ڏني، اهڙي ريت پوري دنيا تي پنهنجو تهذبي ارثر ڇڏيندڙ اسان جو سماج اڄڪلھ سماجي ويڳاڻپ جو شڪار آهي آخر ائين ڇو آهي؟ آخر ان جا سبب ڪهڙا آهن؟

پوري دنيا کي ترقي جي راهن کان متعارف ڪرائڻ وارو سماج اڄڪلھ المناڪ حالت ۾ توهان اسان ۽ سڀني ڏانهن وانجهائي رهيو آهي ڇو تہ اسين بہ انهي ئي سماج جو حصو آهيون، جيڪڏهن سماج صحتمند هوندو تہ يقينن انهي ۾ صحتمند ۽ ڪارڳر لاڙا جنم وٺندا، تخليق جون راهون هموار ٿينديون، نواڻ اچڻ شروع ٿيندو، محبتون عام ٿيڻ لڳنديون جنهن سان انسان ذات کي زندگي گذارڻ ۾ سولائي ٿيندي، ڇو تہ ڪنهن مفڪر چيو هو تہ انسان عمر سان نہ پر فڪر سان پوڙهو ٿيندو آهي، اسان جي سماج جا نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترا فرد انهي فڪر واري ڦرهي ۾ ڦري ڪري وقت کان اڳ پوڙها ٿي چڪا آهن، ڪي جسماني طرح تہ ڪي وري ذهني طرح پوڙها بڻجي چڪا آهن، اچو تہ سماج کي بهتر بنائڻ لاءَ پنهنجي صلاحيتن کي قطب آڻيندي هڪ صاف ۽ اجرو معاشرو جوڙيو جيڪو هر قسم جي ڪيني ۽ قدورت کان پاڪ صاف هجي.

روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
19 آگسٽ 2018