ڪالم / مضمون

سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
Title Cover of book سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

سنڌو دريا جي بقا جي جنگ

سنڌ سان وفاق طرفان ناانصافيون هاڻوڪيون ناهن انهن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهن، ليڪن ان جي باوجود جهڙي ريت گذريل ڪجھ ڏينهن کان وزيراعظم عمران خان ۽ چيف جسٽس ثاقب نثار ڀاشاه ڊيم کي اڏڻ جا جتن ڪري رهيا آهن، يقينن اهو عمل انتهائي ڏک ڏيندڙ آهي ڇو تہ جڏهن پوري صوبي جا ماڻهون ان رٿا کي رد ڪري چڪا آهن ۽ سنڌ جو عام ماڻهو بہ اِها ڳالھ سمجهي ٿو تہ سنڌو دريا تي ڊيم اڏجڻ سان سنڌ جو پاڻي اڃا گهٽ ٿيندو ۽ سنڌ جو زمينون بنجر ٿينديون، سنڌ ڏڪار طرف ڌڪجي ويندي ۽ عام ماڻهو جو جئيڻ جنجال ٿي پوندو، سنڌو دريا ۾ پهريان کان ئي پاڻي جي اڻاٺ آهي ۽ پُڇڙي واري علائقن ۾ اڄ ڏينهن تائين پاڻي نٿو پهچي جنهن سبب سنڌ جا مورک اڃن مرن ٿا.

ليڪن الاءَ ڇو تبديلي جي ڳالھ ڪندڙ وزيراعظم کي اِها ڳالھ سمجھ ۾ ئي نٿي اچي تہ سنڌ جا ماڻهو ڪنهن بہ صورت ۾ سنڌو تي ڪو بہ ڊيم قبول نہ ڪندا ان جي عيوض پوءَ ڀلي کين ڪيتريون ئي تڪليفون ڇونہ برداشت ڪرڻيون پون، عمران خان جهڙي ريت ڊيم جي اڏاوت بابت مهم هلائي رهيو آهي ۽ وري مٿان سنڌ جي ماڻهن سان ويساھ گهاتيون ڪري رهيو آهي تهڙي ريت ٿي سگهي ٿو تہ اڳتي هلي ڪري کيس سنڌي قوم مان مڪمل مايوسي نصيب ٿئي، جيتريون سيٽون هن دفعي واري اليڪشن ۾ کٽيون اٿس، ٿي سگهي ٿو ايندڙ اليڪشن ۾ اُهي بہ نہ کٽي سگهي ڇو تہ هن وقت سندس اِهي فيصلا سنڌ اندر موجود سندس پارٽي جي ڪارڪن ۽ عهديدارن جي ساک کي متاثر ڪن پيا ۽ سندس همدردن توڙي ڪارڪن ۾ اضافو ٿيڻ بدران گهٽتائي اچي پئي.

سموري سنڌ جا ماڻهو اجتماعي طور اِن ڊيم جي اڏاوت جي خلاف هِن وقت حالت احتجاج ۾ آهن، پوري سنڌ اِن رٿا کي اجتماعي طور رد ٿي ڪري، قومي تحريڪ جا ڪارڪن، قومپرست پارٽيون، مذهبي پارٽيون، سياسي توڙي سماجي تنظيمون وزيراعظم جي اِن منصوبي جي نفي ٿا ڪن، افسوس سان اِهو لکڻو ٿو پوي جو وزيراعظم پاڪستان جناب عمران خان کان اُهي واعده ۽ اقرا وسري ويا آهن جيڪي اُن حڪومت ۾ اچڻ کان پهريان سنڌي قوم سان ڪيا هئا، ڪراچي کي روشنين جو شهر بنائڻ وارو واعدو، خوشحال سنڌ جي ضمانت وارو واعدو، سنڌ سان يڪجاءَ طور ورتاءُ ڪرڻ وارو واعدو، مطلب تہ کانس هر طرح جا قول ۽ اقرار وسري چڪا آهن جن تي اعتبار ڪندي سنڌ جي ماڻهن کيس ووٽ ڪيو ۽ سنڌ اندر پاڪستان تحريڪ انصاف ڪجھ سيٽون کڻي ڪامياب ٿي.

هاڻ جڏهن ڳالھ سنڌ جي ماڻهن جي بقا ۽ فنا واري صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي تڏهن اهو مڃڻ تہ رب جي رضا ۾ راضي رهي ڪري کيس ڊيم ٺاهڻ ڏنو وڃي ۽ اڳتي هلي ڪري پنهنجي ٻچڙن کي پنهنجي اکين جي سامهون مفلس، لاچار ۽ بيمار مرندو ڏسجي ان لاءَ بهتر آهي تہ هر اُن رٿا، منصوبي، يا حڪمت عملي جو وقت سر مخالفت ڪري پنهنجي ڌرتي کي ابدي بقا فراهم ڪجي، سندس سينڌ کي ميرو ٿيڻ کان بچائجي، سنڌو دريا سنڌ ڌرتي جي حُسانڪين جو وسيلو آهي سنڌو جو سُڪجڻ يا سندس پاڻي ۾ لاٿ اچڻ سنڌ جي ساوڪ کي ختم ڪري کيس بجر بڻائي ٿي جنهن سبب سنڌ جي حُسناڪي متاثر ٿئي ٿي، ماروئڙن جا تڪليف وڌن ٿا، سندن حياتي گنڀير کان گنڀيرتا ڏانهن سفر ڪري ٿي.

ان لاءَ سنڌ اندر پاڪستان تحريڪ انصاف جي هر هڪ ڪارڪن توڙي پارٽي جي عهديدارن کي گهرجي تہ اُهي معتبرانہ طريقي سان پنهنجي وزيراعظم توڙي پارٽي جي سربراھ کي اهو لکت ۾ موڪلي ڏين تہ سائين جيڪڏهن اوهين اِن رٿا کي اسان جي منشا مطابق اتي ئي رفا دفعا نٿا ڪريو ۽ پنهنجي ڳالھ تي اٽل رهي ڪري سنڌ جي ماڻهن سان هڪ مها دوڪو ٿا ڪريو تہ پوءَ سائين اسان جي اڄ کان وٺي اوهان کان ۽ اوهان جي پارٽي کان لاتعالقي آهي، اسين پنهنجي بنيادي رڪنيت ۽ عهدي کان استعفيٰ ڏيندي اوهان جي هن ساٿ کي خير باد ٿان ڪريون، باقي اسان جو جئيڻ مرڻ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان هوندو ڇو تہ اسان لاءَ سنڌ وطن آهي.

روزاني هلال پاڪستان
جمع 28 سيپٽمبر 2018