عورتن جون درد ڪهاڻيون : قسط پهريون
_______________________________________________________________________________
ڪراچي جي هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت سان منهنجي فيس بڪ وسيلي عليڪ سليڪ مطلب دعا سلام ٿي، ڪجھ ڏينهن هڪ ٻي سان خير و عافيت پڇڻ کان پوءَ اُن عورت هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي درد ڪهاڻي ٻڌائي، ۽ اِهو پڻ چيو تہ آءُ اوهان جو لکيل تحريرون فيس بڪ تي پڙهندي آهيان، اوهان منهنجي درد جو احساس بخوبي ڪري سگهو ٿا.
اُن عورت ٻڌايو تہ اسين ڀٽائي آباد جا رهواسي آهيون ۽ آءُ هن مهل هڪ نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندي آهيان جنهن وسيلي پنهنجي گهر ڀاتين جو گذر و سفر ٿيندو آهي، منهنجو مڙس ڪجھ سالن کان وٺي ڪري فالج جي بيماري ۾ مبتلا آهي جنهن سبب گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهي، اسان کي ٻن ڌئيرن جو اولاد آهي، جن جو خرچو وغيره بہ سڀ منهنجي پگهار جي آڌار تي آهي، آءُ هن ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ هر گهز قطعي بہ ڪنهن بہ قيمت تي ڪم ڪرڻ نہ ٿي چاهيان پر ڇا ڪريان، هڪ مڙس جي مفلسي ماريو آهي تہ ٻيو وري ٻچن جي پيٽ پالنا اچي ڳچي مان ورتو آهي؟
مون کانس سندس ڪمپني ۾ ڪم نہ ڪرڻ جو سبب پڇيو؟
اکين مان لڙڪ لاڙيندي وراڻي: ” اِهو قصو انتهائي تويل آهي، نہ پڇو تہ بهتر“، مون کيس ٻڌائڻ تي زور ڀريو ۽ اهو بہ چيو تہ ٻڌايو ٿي سگهي ٿو متان آءُ ڪٿي اوهان جي مدد ڪرڻ جو اهل ٿي پوان، منهنجي گهڻي اسرار کان پوءَ وراڻي: ” ڪجھ سال پهريان منهنجي مڙس کي فالج جو اٽيڪ ٿي پيو، ان اٽيڪ کان پهريان منهنجو مڙس ڪراچي جي هارون آباد واري علائقي ۾ هڪ دوائن جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو، جڏهن کيس فالج ٿيو اُن مهل اسان وٽ جيڪي ڪجھ بچت ڪيل ڏوڪڙ پيل هئا سي بہ سندس علاج تي خرچ ڪري ڇڏياسين، ليڪن اِن جي باوجود بہ سندس طبعيت ۾ ڪو خاص فرق يا بهتري نہ آئي، آخر ڪار گهر جي خرچي پاڻي لاءَ پئيسا درڪار هئا جيڪي اسان وٽ مورڳو بچيا ئي ڪونہ هئا، مون پنهنجي مڙس جي جاءَ تي اُنهي ساڳي نجي ڪمپني ۾ ملازمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو تہ جئين گهر ۾ ڪجھ پئيسا اچن ۽ گهر جو چرخو هلي سگهي، مون جنهن ڏينهن اُن ڪمپني ۾ ملازمت اختيار ڪئي اُن ڏينهن کان وٺي ڪري اڄ ڏينهن تائين سڪون جي ننڍ ناهيان سمهي سگهي، جنهن جو سبب آهي اُتان جو هڪ راشي آفيسر، جيڪو مون سميت نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترن ئي ڇوڪرين ۽ عورتن سان جنسي کيڏ کيڏي چڪو آهي، سندن مجبورن جون ڪاٿو لڳائي ڪري کين مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪري سندس عزت نفس کي مجروع ڪندو رهي ٿو.