ڪالم / مضمون

سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
Title Cover of book سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

منهنجو خواب

هي ڌرتي جيڪا مجموعي طور دنيا جي ٻين سڀني قومن، تهذيبن ۽ ارتقا جي مرحلي کي پار ڪندڙ ملڪن جي اُستاد رهي آهي، آءُ ان ڌرتي جو هڪ يگانو عاشق ۽ پتڪڙو ليکڪ آهيان، هن ڌرتي پنهنجي خمير مان محمد ابراهيم جويو جهڙي حلالي فرزند کي جنم ڏنو، رسول بخش پليجو جهڙي ڏاهي کي جنم ڏنو، ڪامريڊ سوڀو گيچنداڻي جهڙي سنڌ پرست کي جنم ڏنو، وڏي ڳالھ تہ اِها آهي جو هن ڌرتي جو هڪڙو سچو، پڪو عاشق مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد بہ هو، جنهن ڌرتي سان عشق ڪرڻ وارو فرد ڏاهپ جي بلند درجن تي هجي ڇا ٿا سمجهو اُها ڌرتي ڪيڏي نہ سونهاري، پياري ۽ اهميت واري هوندي.
منهنجي سنڌ جيڪا هن مھل مون کي دردن، پيڙاهن ۽ تڪليفن منجھ نظر ٿي اچي، جنهن ۾ هر هڪ فرد سماجي مونجهاري ۽ انتشارن جي ور چڙهيل محسوس ٿي ٿو، اُن سنڌ لاءَ آءُ لکندو آهيان، اُن سنڌ جي سحن ۾ رهي آءُ لفظن کي جوڙيندو آهيان، فڪر جي ڦرهي کي هٿ ڪري سهڻا جملا ۽ ڪالم ٺاهيندو آهيان، منهنجا ڪالم ۽ مضمون سنڌ جي هر هڪ فرد، سنڌ جي هر هڪ ڪنڊ ۽ سنڌ جي هر هڪ درد توڙي پيڙاھ جي نشاندهي ڪندڙ هوندا آهن، ڇو تہ هي منهنجي ڌرتي آهي جنهن تي لکڻ کانسواءَ منهنجو عشق مڪمل ٿي نہ ٿو سگهي.
آءُ هر روز ڪجھ نہ ڪجھ لکندو رهندو آهيان، ڪجھ نہ ڪجھ سوچيندو آهيان، ڪجھ نہ ڪجھ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ڇو تہ حالتون ئي اِهڙيون آهن جو هتي سڀ کان وڌيڪ تڪليفون شعور رکندڙ فرد کي ئي ملنديون آهن، جنهن فرد کي پنهنجي ديس جو فڪر هوندو آهي اُن ئي فرد کي حالتون اِهڙيون خراب محسوس ٿينديون آهن جو اُن ماڻهو جي سوچ ڪروڌ سان ڀرجڻ لڳندو آهي ۽ اِهڙي ريت ڪجھ فرد لکڻ واري ڪِرت سان وابسطہ ٿي ويندا آهن ۽ لکڻ کي عبادت سمجهي ڪري هر روز ڪجھ نہ ڪجھ لکندا رهندا آهن.
هي ڌرتي جنهن جا ماڻهو انتهائي سادا سٻاجهڙا، مهمان نواز ۽ ٻين کي دلين ۾ جڳهيون ڏيندڙ آهن ليڪن اُن جي باوجود هتان جي ماڻهن جي سادگي کي ڏسندي ڪجھ چالاڪ لومڙي صفت قومن ۽ انهن قومن ۾ وري بگهڙ صفت فردن هتان جي سٻاجهڙن سان ڪافي ويساھ گهاتيون ڪيون آهن جنهن سبب هاڻ هتان جي سٻاجهڙي ماڻهو وٽ ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ جو حوصلو گهٽ آهي، ڇو تہ جهڙي ريت دنيا ترقي ڪري پئي ۽ جديد کان جديد تر اوزار ۽ آلا تيار ٿي ڪري بازارن ۾ وڏي تعداد ۾ اچن پيا تهڙي ريت اسان جي سنڌ ۽ سنڌين کي بہ جديد دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري هلڻ لاءَ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو، تعليم ۾ اڳڀرو ٿيڻو پوندو تڏهن ئي وڃي ڪري هن ڌرتي جا درد گهٽ ٿيندا.
منهنجو خواب آهي تہ سنڌ ڌرتي دنيا جي نقشي تي پيار، محبت ۽ رواداري واري ڌرتي طور مشهور ٿي، سندس مهمان نوازي جا ڳڻ پري پري جي علائقن ۽ ملڪن تائين ڳايا وڃن، سندس قدرتي وسيلن ۽ شاهڪار نمونن جا تعريف تاريخ جي سونن ورقن ۾ درج ڪيا وڃن، انسانيت جا اعليٰ مثال دنيا اسان مان سکي ۽ هي ڌرتي عالم انسانيت، ترقي بني آدم توڙي سندس فلاح ۽ بهبود جو مرڪز ثابت ٿي، جئين منهنجي سائين مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد جو خواب پورو ٿي سگهي.
هي ڪتاب جيڪو هن مهل اوهان جي هٿن ۾ پيل موبائل جي اسڪرين تي پڙهجي ٿو پيو سو سڄو سارو منهنجي من جي آند مانڌ ءِ پيڙاهه جي قصن سان ڀريل آهي، پوري انساني تاريخ مان اسان کي اهو پتو پوي ٿو ته پوري عالم جا احساسات، جذبات، اميدون، محبتون، نفرتون ءِ خواهشون هڪ جهڙيون آهن، انهي حوالي سان هاڻ آءُ اها ڳالهه ڪندس ته هي احساسات ڀلي ڇو نه مون لکيا آهن پر انهن احساسن ۾ اوهان کي پنهنجو درد محسوس ٿيندو، ڇو ته اوهان جا ءِ منهنجا احساسات فطرتن هڪجهڙا آهن، بس فرق آهي ته حالتن ءِ واقعاتن ۾ فرق آهي، توهان ڪٿي ءِ آءُ ڪٿي.
آءُ ڪتابن کي ڪنهن پبلشر کان پبلش ڪرائڻ کان وڌيڪ سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي رکرائڻ پسند ڪندو آهيان ان سان هڪ ته اهو فائدو آهي جو ڪتاب کي ڇپرائڻ جا پئيسا بچي ٿا پون ٻيو ته وري جنهن تنهن کي ڪتاب پڙهڻ يا خريد ڪرڻ جي منٿ نٿي ڪرڻي پوي، جنهن کي پڙهڻو هوندو اهو پاڻ ڊجيٽل انداز ۾ شايع ٿيل ڪتاب کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر کان کڻي ڪري پڙهي وٺندو، اسان جو ڪم علم ورهائڻ آهي پئيسا ڪمائڻ نه.
سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي هن کان اڳ منهنجا ٻه ڪتاب اپلوڊ ٿي ڪري پڌرا ٿي چڪا آهن، جن پهريون نالي” خوابن جا پاڇا“ ڪهاڻين جو ءِ ٻيو نالي” واڄٽ ڪن وڻجار“ مضمونن جو آهي، سنڌ سلامت جي بدولت علم ءِ ادب جي انيڪ پاڪيزه ذهن رکندڙ فردن سان واقفيت ٿي.
آءُ پنهنجي قابل احترام، محسن،استاد، قومي اڳواڻ سائين نواز خان زئور صاحب جو تهه دل سان شڪر گذار آهيان جن جي شفقت، محبت ءِ پنهنجائپ منهنجي من ۾ ادب سان لڳاءُ پيدا ڪيو، منهنجي هن ڪتاب لاءٌ سندس لکيل الفاظ منهنجي لاءَ سون جي دروازي جي مثل آهن، آءُ عـــمر ڀر لاءَ سندس مشڪور رهندس.
منهنجي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل سڀ ڪالم روزاني پاڪستان طرفان ڇاپيا ويا آهن، هتي سڀئي ڪالم جامع طور پڙهندڙن جي سولائي خاطر گڏ ڪري پڌرا ڪجن ٿا.


يــوسف جميــل لـغـاري
ٺري ميرواهه