ڪالم / مضمون

سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
Title Cover of book سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

سنڌ جي شعور کي سھڪار جو سڏ

سنڌ جيڪا هزارين سالن کان علم، هنر، ڏاهپ، فن، تهذيب و تمدن سميت جملي خاصيتن جي حامل ۽ هر طرح فطري نعمتن ۽ عظمتن سان ڀرپور ۽ سينگاريل رهي آهي نہ صرف ايترو پر فلسفي، نظرين، مهذبن ۽ تهذيبن جي ڏس ۾ سنڌ هميشه پوري دنيا جي قومن جي رهبري ۽ رهنمائي پڻ ڪئي آهي، هن ڌرتي پنهنجي خمير مان اهڙو عظيم سرجهڻار ۽ مهان سورما پيد پي ڪيا جن هڪ طرف پنهنجو لازوال تخليقي ۽ تعميري ڪردار ادا ڪندي سنڌ جي سينڌ کي پئي سنواريو آهي تہ ٻئي طرف وري سنڌ جي قومي تشخص جي بقا، حدن ۽ سرحدن جي حفاظت سان گڏ ڌرتي جي چانڊاڻ ۽ مانڊاڻ کي زنده رکڻ لاءَ هميشه پاڻ پتوڙيو آهي.

هن مھل ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ سنڌ اندر خاص طور تي شاگرد طبقي لاءَ ڪو اهڙو ادارو ميسر نہ آهي جنهن جي گهمڻ سان کين پوري سنڌ جي جهلڪ نظر اچي، جنهن ۾ سنڌ جي عظيم ڪردارن کان وٺي ڪري سنڌ جي وستي توڙي واھڻ جي کين معلومات ملي سگهي، ان فقدان کي مد نظر رکندي اسان جي ڪجھ مخصوص مخلص ساٿين ۽ علم، ادب، سنڌي ثقافت، سنڌ ۽ لطيف سان محبت ڪندڙ ساٿين خيرپور ضلعي جي تعلقہ سوڀوديري جي قديمي شھر رسول آباد ۾ شاھ لطيف ميوزم ۽ لائبريري نالي هڪ اهڙي اداري کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن کي اجرڪ ۽ مختلف ثقافي رنگن ڊزائين سان سينگاريو ويندو، شاھ لطيف جي بيتن سان سهڻا پورٽريٽ پوري عمارت ۾ لڳائڻ سان گڏ سنڌ جي عظيم شخصيتن جا الڳ الڳ ڪارنر ٺاهي، سندن مجسما، سندن زندگين جا خاڪا، انهن تي ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪتابي شڪل ۾ مواد گڏ ڪري هر هڪ جي ڪارنر ۾ رکيو ويندو.

ان کان علاوه هر هڪ ڪردار سان گڏ موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ڪوٽڏجي جو قلعو ۽ ٻين تاريخي ماڳن بابت ويڊيوز جي صورت ۾ ڊاڪومينٽري ٺاهي ڪري ان کي هر وقت اسڪرين تي هلايو ويندو تہ جئين هر ايندڙ ويندڙ فرد توڙي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد ان طريقي سان ڀرپور معلومات حاصل ڪري سگهن، ان سان گڏوگڏ هڪ وڏي سينٽرل لائبريري پڻ ترتيب ڏني ويندي جنهن ۾ لطيف، تاريخ، مهذب، سائنس، ادب ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب گڏ ڪري رکيا ويندا تہ جئين اُتي مطالعي جا شوقين پنهنجي علمي اُڃ اُجهائي سگهن، اسڪولن، ڪاليجن توڙي يونيورسٽي جي شاگردن کي عمومي طور اُهي جڳهون گهمڻ لاءَ ملنديون آهن جتان کين ذري برابر بہ ڪو تاريخي معلومات ملي نہ سگهندو آهي تنهن سبب سندن ٽوئر صرف ڏينهن گذارڻ کان علاوه ٻي ڪنهن شئي جو سبب بڻجي نہ سگهندي آهي.

سنڌ جي ڳچي ۾ پيل هار جا مڻيا هيرن ۽ موتي مثل آهن جن جي چمڪ ۽ ڌمڪ هڪ ٻي کان نرالي ۽ انڊلٺي رنگن سان ڀرپور آهي سنڌ جي معلوم تاريخ جي انهن هيرن ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي، مخدوم بلاول، صوفي شاه عنايت شهيد، سچل سرمست، دولھ دريا خان، سورھ بادشاھ، مها راجہ ڏاھر، روحل، بيدل، بيڪس، سامي سميت ڪيترائي سنڌي قوم جا مهان انسان ٿي گذريا آهن جن بقا باهمي، اتحاد انساني ۽ ترقي بني آدم واري اصول ۽ آفاقي نظريي جي پاسداري ڪندي پنهنجي تمام عمر گذاري، هاڻ اِها وقت جي تقاضا پڻ آهي تہ سندن پيار محبت واري فلسفي توڙي تعليم کي دنيا آڏو مھذب نموني سان پيش ڪجي تہ جئين اُن کي ڏسي ڪري پوري دنيا کي اهو يقين اڃا پڪو ٿي تہ واقعي ئي سنڌ سڀني تھذيبن ۽ درسگاهن جي بنياد رھي آهي.

هن اداري کي قائم جو ڪرڻ مقصد اسڪولن، ڪاليجن توڙي يونيورسٽي جي شاگردن لاءَ اهڙو ادارو ٺاهڻ جتي هو گڏيل طور جامع معلومات حاصل ڪري سگهن. سنڌ جي ثقافت، اخلاقي قدرن، خوبصورت ۽ معياري روايات مذهبي رواداري، تصوف ۽ قديم تاريخي ماڳن مڪانن بابت سنڌ جي نوجوانن کي معلومات ميسر ڪري ڏيڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي مھان سورمن ۽ عظيم انسانن جي فن، فڪر ۽ جدوجهد کان کين ڀرپور نموني واقف ڪرڻ جي يقيني ڪوشش ڪرڻ. پڙهيل لکيل شاگردن سان گڏ عام ماڻهون ۽ اڻ پڙهيل لاءَ سنڌ شناسي جو سامان ميسر ڪرڻ تہ جن ۾ تصويرون، مجسما، ويڊيوز جي صورت ۾ خاڪا، انٽريوز، ليڪچر پروگرام، تقريرون، ۽ ڊاڪومينٽريون شامل هوندا، سنڌ اندر اهڙو مرڪز قائم ڪرڻ جتي استاد شاگرد، شاعر، اديب، مختلف شعبن ۽ فنون لطيفہ سان تعلق رکندڙ ماڻهون گڏ ٿي سگهن ۽ گڏيل تعميري، تخليقي، معلوماتي، ثقافتي ۽ تفريحي پروگرام پڻ منقعد ڪري سگهن. مختلف موضوعن تي تحقيق ڪندڙ شاگردن ۽ اسڪالرن لاءَ سھل ۽ آسانيون پيدا ڪرڻ تہ جئين انهن جو تخليقي توڙي علمي ڪم ۾ ڪنهن بہ قسم جا ڪا رنڊڪ پيدا نہ ٿئي، ڀٽائي جي هن ڀون جي ازلي ۽ تاريخي ورثي جي وارثي جو حق اسان سڀ پنهنجو اخلاقي ۽ قومي فرض ڄاڻيندي رضاڪارنہ بنيادن تي ادا ڪرڻ چاهيون ٿا ان لاءَ اسان سمجهون ٿا تہ اگر گڏيل باهمي تعاون، مستقل مزاجي ۽ سھڪار سان اهڙي اهم قومي فريضي جي ادائگي سرانجام ڏبي تہ ان جا نتيجا انتهائي مثبت، غير معمولي، يقيني ۽ ديرپا هوندا، ان لاءَ پوري سنڌ مان اوهان سڀني کي پنهنجي ساٿ سان گڏ ساٿي سمجهندي هن قومي، تاريخي ۽ تعميري ڪم ۾ سھڪاري ٿيڻ جي اميد ڪريون ٿا.

انهن دوستن طرفان ” شاه لطيف ادبي ۽ ثقافتي فورم“ پڻ جوڙيو ويو آهي جنهن جو مقصد شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن جي تعميري، تخليقي ۽ فني صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي ان کان علاوه لطيف جي شاعري ۾ موجود فلسفي تي مختلف ميڙاڪن ۾ روشني وڌي ويندي آهي .

روزاني ڪاوش هائيڊ پارڪ 23 سيپٽمبر 2018