يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
ڪالم / مضمون
سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ
- 0/5.0
- 2131
- 553
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئو ڪتاب ” سانجهي ويل سڏڪندڙ خواب“ اوهان اڳيان پيش آهي، ڪالمن ۽ مضمونن جي هن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آهي.يوسف جميل لغاري جي هن ڪالمن جي مجوعي ۾ اهي ڪالم شامل ٿيل آهن جيڪي مختلف حالاتن، واقعن ۽ عنوانن تي لکيل آهي، سندس هر هڪ عنوان جو مرڪز سنڌ ۽ سنڌ جا سور آهن، سندس هي ڪالم روزاني هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيل آهن.
يوسف جميل لغاريَء جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آن لائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. ان کان اڳ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ۽ مضمونن جو مجموعو پڻ سنڌ سلامت تي شيئر ڪري چڪا آهيون.
پيارا يوسف جميل لغاري سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو. اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
Sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ يوسف جميل لغاري
- ڇپيو ويو 2018
- ڇپائيندڙ سنڌ سلامت ڪتاب گهر
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 19/Nov/2018
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 553 ڀيرا