اسان جي معاشرتي اصولن جو زوال
آخر سبب ڇا آهي جو اسان جا معاشرتي اصول صدين کان وٺي ڪري ساڳيا ئي آهن، انهن اصولن ۾ ڪا نواڻ اچي ئي نٿي، ارتقا جو سفر اڳتي وڌي ئي نٿو، پاسداريون ٿين ٿيون پراڻن ريتمن توڙي رسمن جون، پراڻن روايتن کي جياريون ٿو وڃي، قديم کان قديم تر اصولن کي قديم ٿيڻ ڏنو ئي نٿو وڃي انهن جي روحن ۾ ساه ڦوڪي ڪري وري کين جياريو ٿو وڃي، حالانڪ دنيا جا مهذب معاشرا نت نون اصولن ۽ ضابطن کي جوڙڻ ۾ مصروف عمل آهن.
اسان وٽ سياست جهڙي مهذب عمل ۾ غير مهذب توڙي غير اخلاقي ٻولي ڳالهائيندڙ فرد صدين کان قبصو ڄمايو ويٺا آهن، سندن هٽ ڌرمي نون چهرن کي اڳتي اچڻ لاءَ ڪو گس ئي فراهم نٿي ڪري، نت نوان حربا هلائي ڪري نئي جوش نئي ولولي کي ٿڌو ڪري ماٺ ڪرائي ٿا ڇڏين، ڀوتارڪو ذهن پنهنجي بادشاهت کي ختم ٿيڻ ئي نٿو ڏي، عوام سان ويساه گهاتي ڪئي وڃي ٿي سان بہ بار بار، افسوس جو مقام آهي.
جهموريت جي دعويدار حڪمرانن پاڪستان ۾ ڪهڙي نواڻ آندي آهي، بلخصوص سنڌ کي هنن جهموري حڪومتن ۾ ڪيتري ترقي نصيب ٿي آهي، سڀ ڪجھ اوهان جي سامهون آهي، اسان جا شهر ٻهراڙي جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن، اسان جو اسپتالون تباه ٿي چڪيون آهن، تعليمي ادارن ۾ معياري تعليم اڻ لڀ ٿي چڪي آهي، اسان جون يونيورسٽيون بينل اقوامي معيار تي پوريون نٿيون لهن، اسان جي استادن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، اسان جي نياڻين جي تقدس کي روڊن تي سرعام پائمال ڪيو ٿو وڃي، اِهو ڪهڙو ظلم آهي، ڇا اسين سنڌ واسي ايترا گهنگار آهيون، ڇا اسان ايترا ڏوهي آهيون.
ان سڀ ڪجھ جي ٿيڻ جي باوجود بہ اگر هن دفعي وري انهن ساڳين اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي اسان توهان اسيمبلي ھالن تائين پهچايو تہ پوءَ پڪ ڄاڻو سنڌ صدين تائين پوئتي هلي ويندي، سنڌ اهڙي هڪ اونداهي کوھ جي حوالي ٿي ويندي جنهن اونداهي واري کوھ مان کيس اسان جا پوئنر بہ ڪڍي ڪونہ سگهندا، ان لاءَ اچو تہ هاڻ وقت سر فيصلو ڪريون، آزمايلن کي وڌيڪ نہ آزمايون، هي وقت آزمايلن کي آزمائڻ جو ناهي بلڪ کين تبديل ڪرڻ جو آهي.
وقت جي پڻ اِها تقاضا آهي تہ سنڌ جي عوام جي دردن، پيڙاهن ۽ سورن جو باب هاڻ بند ٿيڻ گهرجي، کين هاڻ دنيا سان گڏ هلڻ وارو رستو ملڻ گهرجي، سنڌ ڌرتي کي پنهنجو هر وسيلو فطري طور ميسر آهي، سنڌ جي ماڻهن ۾ هر قسم جي قابليت ۽ نکار آهي، بس اگر جي ڪنهن شئي جي ڪمي آهي تہ اُهو آهي وقت سر فيصلو ڪرڻ واري سگھ، پر هاڻ اِها سگھ پاڻ ۾ پيدا ڪرڻي پوندي تڏهن ئي وڃي ڪري هتان جي ماڻهن جي دردن جو ڪو درمان ٿي سگهندو.
جهموريت جون پاڙون عوام ۾ کٿل آهن، عوام چاهي تہ سياست جو رخ کن پل ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، هي حڪومتي ڪارندا ۽ ٺڳ حڪمران سڀ جا سڀ عوام اڳيان بي وس ۽ لاچار آهن، بس رڳو هاڻ پاڻ سڃاڻڻ جي دير آهي، پنهنجي ووٽ جي طاقت کي سمجهڻ جي دير آهي، علي قاضي چواڻي جڏهن عوام ڪو فيصلو ڪندي آهي تہ پوءَ ان فيصلي کي خدا جي ذات ئي روڪي سگهي ٿي باقي ٻي ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي، اهڙي ريت هن دفعي عوام ڀوتارڪي ذهنيت رکندڙ فردن کي پنهنجي حلقن کان تڙي ڪري ٻاهر ڪڍي تہ جئين نئي معاشري جي جوڙجڪ پاڪيزه ۽ صاف سٿري سوچ رکندڙ فردن جي اڳتي اچڻ سان ٿي.
ڪالھ واري سنڌ ۽ اڄ واري سنڌ ۾ ڪيترو فرق واضع نظر اچي ٿو، ڪالھ واري سنڌ ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري وارو ماحول قائم هو، اڄ واري سنڌ ۾ بد امني، گنڊا گردي توڙي ڦر لٽ وارو ماحول قائم آهي، سنڌ کي کنڊرات بنائڻ وارا اصل ۾ اِهي ئي جهموريت جا دعويدار حڪمران آهن جن پوري سنڌ کي موئن جي دڙي مثل بڻائي ڇڏيو آهي.
روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
03 جون 2018