عورتن جون درد ڪهاڻيون : قسط ٻيو
ڪجھ ساعتون چپ رهي ڪري وري پنهنجي ڳالھ کي جاري رکندي وراڻي:” جيتوڻيڪ اسين هن مهل انتهائي تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ليڪن اِن جي باوجود آءُ هاڻ هن اسڪول جي طرفان ملندڙ نوڪري کي ڪنهن بہ قيمت تي قبول ڪونہ ڪنديس“، سندس ڳالهيون ٻڌي ڪري مون کي ڪنهن قدر حيرانگي ٿي تہ آيا ڪا چري آهي صفا جو آئي بہ نوڪري ڪاڻ آهي ۽ هاڻ وري جڏهن کيس شايد نوڪري ملڻ تي آهي تہ وري چئي ٿي تہ آءُ نوڪري ڪانہ ڪنديس، مون کانس اِهو پڇيو تہ آخرڪار اوهان نوڪري جي آفر کي ڇو ٿا ٺُڪرايو، ڪهڙو سبب آهي جو اوهان پنهنجي ئي عمل جي نفي ڪري رهيا آهيو ۽ پنهنجي روزگار تي پاڻ ئي لت ڇو ٿا ڏيو؟
نماڻن نيڻن سان مونڏي نهاري ڪري چوڻ لڳي:” عورت کي دنيا جي هر بازار ۽ ميلي ۾ ويڪائو مال سمجهيو ٿو وڃي، هتي آءُ جنهن خوابن کي ساڻ کڻي ڪري آئي هيس هاڻ اُهي چڪنا چور ٿي چڪا آهن، هتي منهنجو انٽرو وٺندڙ صاحب مون کي اهو چيو تہ تون کي هڪ شرط تي هتي نوڪري پڪي ٿي ملندي جيڪڏهن تون مون سان دوستي رکي ۽ جئين اسان تو کي چونداسين تئين تو کي ڪرڻو پوندو ۽ اگر جي جيڪڏهن تنهنجو جواب نہ آهي تہ پوءَ مهل سان وڃي ڪري ٻيو ڪو در کڙڪائي هتي اسان وٽ تنهنجي لاءَ جڳھ ناهي.
هاڻ توهان ئي ٻڌايو آءُ ڇا ڪريان؟
پنهنجي بي وسي جي دانهن ڪنهن کي ڏيان؟
پنهنجي گهر جي ڀاتين جي مفلسي جي ڳالھ ڪنهن فرشتي صفت انسان سان اوريان جيڪو منهنجو مدد بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ڪري يا پنهنجي عزت جو سودو هنن رهزن صفت انسانن سان ڪيا؟
اِها ڪٿا ٻڌائيندي سندس اکين مان بي دڙڪ لڙڪ جاري ٿيڻ لڳا، اکين مان وهندڙ لڪڙن سان منهنجي سامهون اُٿي ڪري هلي وئي ۽ آءُ خاموش تماشائي بڻجي ڪري سندس بي وسي تي سوچيندو رهيس.