سنڌ اندر اِعتِدالي سياست جو ڏيوالِپڻو
هر ڏينهن سوشل ميڊيا تي ڪنهن نہ ڪنهن اميدوار جي ويڊيو ليڪ ٿي ڪري سامهون اچي ٿي جنهن ۾ سندس تڪ جي ماڻهن طرفان سندس آڏي پڇا ڪئي وڃي ٿي ۽ سندس ڪارڪردگي بابت سوال اٿاريا وڃن ٿا، حالانڪ اهو عمل گهڻن ماڻهن ۽ خاص طور تي ان اميدوار سان لاڳاپيل فردن لاءَ تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي پر ان جي باوجود اهو عمل مجموعي طور سنڌ اندر بغاوت واري فزا کي تسلسل بخشي رهي آهي ۽ عوام ۾ سوال اٿارڻ ۽ آڏي پڇا ڪرڻ واري قوت سگهاري ٿي رهي آهي، حقيقتن کي مدنظر رکي ڪري اگر ڏسجي تہ واقعي سنڌ اندر هن مھل تائين جهڙي ريت عام ماڻهون لاءَ بنيادي سهولتن جو فقدان پيدا ڪيو ويو آهي تهڙي صورتحال شايد دنيا جي ٻي ڪنهن بہ خطي ۾ نہ هجي، خوشحال سنڌ جي ماڻهن کي ڏکارو ڪيو ويو آهي، لازم آهي تہ اهي سڀ ميارون توڙي ملامتون انهن ئي حڪمرانن تي ئي واجب ٿين ٿيون جيڪي ڪي ئي سال حڪومتي ڌارا جا حصا بڻجي ڪري سنڌ جي خوشحالي لاءَ ڪو مناسب حڪمت عملي پيدا نہ ڏئي سگهيا آهن يا وري عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءَ ڪا بہ آساني فراهم نہ ڪري سگهيا آهن، جهموريت جي دعويدارن کي اهو هر گز نہ وسارڻ گهرجي تہ پنهنجي تڪ جي اميدوار کان سوال ڪرڻ هر هڪ ووٽر جو بنيادي حق آهي ڇو تہ انهن ووٽرن جي ووٽ جي طاقت سان ئي تہ اهي نمائدا ايوانن تائين پهچن ٿا ۽ حڪومت جو حصو بڻجن ٿا.
هاڻ جڏهن انهن مسلسل سنڌ تي پورا ڏھ سال جهموري حڪومتي طور تي حڪومت ڪئي آهي ۽ سنڌ جي نمائدا پارٽي جا دعوٰه ڪندا رهيا آهن ان جي باوجود پوري سنڌ ۾ ڪو اهڙو مثالي ادارو قائم نہ ڪري سگهيا آهن جنهن جو مثال ڏجي ها، پوءَ ڀلي نہ ڇو اهو ادارو تعليم جو هجي يا، صحت جو يا وري زراعت جو، پر دراصل حقيقت ۾ هنن کي بجيٽن جي صورت ۾ مليل ڏوڪڙن منجھ هڪ روپيو بہ عوام جي چڱائي لاءَ ڪتب قطعي طور ڪونہ آڻڻو هو ان لاءَ هنن ان پئيسي کي ڪرپشن جي لپيٽ ۾ آڻي ڪري پنهنجا بئينڪ بئلنس ڀريا، هاڻ جڏهن سندس حڪومت ڪونہ رهي آهي ۽ هڪ دفعو وري کين عوام ڏانهن لاڙو ڪرڻو پيو تہ ان جي لاءَ هاڻ کين هر جڳھ تي تذليل ۽ خواري کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
پوري سنڌ کي موئن جي دڙو جهڙو بنائڻ جي باوجود بہ جيالا ايترا تہ نڪ جا پڪا آهن جو اڃا تائين پنهنجي جماعت جي سنڌ اندر ڪامياب ٿيڻ جي توقع رکيو ويٺا آهن، جيالن جي اها مها منافقت آهي جو کين سنڌ ڌرتي جا اجتماعي ڏک، ڏوجهڙا ۽ تڪليفون نظر نٿيون اچن کين پنهنجا انفرادي مفاد سنڌ جي اجتماعي مفادن کان وڌيڪ پيارا آهن تڏهن ئي تہ اڃا تائين منافقت واري رويي کي اپنائيندي پنهنجي پارٽي جا گُڻ ڳائن پيا، پر وري بہ ڀلو ٿي سوشل ميڊيا جو جنهن وقت سر منافقن جا چهرا پڌرا ڪيا، انهن فردن کي بہ جس هجي جيڪي پنهنجي علائقي جي چونڊيل نمائدن جو احتساب ڪري رهيا آهن، انهن کان سندس ڪارڪردگي بابت پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهن.
اصل ۾ عوام منجھ پهريان خوف وارو عنصر گهڻو حاوي هو، خوف ۾ مبتلا هجڻ سبب عام ماڻهو پاڻ کي ڪمزور سمجهندو هو ۽ ان جي برعڪس ڀوتار توڙي وڏيري کي پاڻ کان وڌيڪ طاقت ور ۽ سگهارو سمجهندو هو، ان خوف جي هجڻ جي ڪري انهن کان ڪجھ بہ پڇڻ کان قاصر هوندو هو، پر هاڻ سوشل ميڊيا جي عام ٿيڻ سان عام ماڻهو جي اندر جو اهو خوف ختم ٿيڻ لڳو آهي کيس اهو پڪ ٿي چڪو آهي تہ اِهي ڀوتار يا وڏيرا سندس ڪجھ بہ بگاڙي ڪئين ٿا سگهن، کيس اهو پڪ ٿي چڪو آهي تہ اصل طاقت ۽ سرچشمو آهي ئي عوام، ان لاءَ هاڻ سنڌ جو عام ماڻهون پنهنجي اندر بغاوت واري لھر کي سمائيندي پنهنجي تڪ جي اميدوار کان آڏي پڇا ڪرڻ جي صلاحيت پنهنجي اندر منجھ رکي ٿو، سنڌ جي ماڻهن صدين کان خوشحالي جي آسري تي ووٽ ڏئي ڪري پنهنجو پاڻ ڦرايو آهي ڪڏهن ڪنهن ڀوتار جي هٿ تي ووٽ ڏئي ڪري، ڪڏهن ڪنهن مٽ مائٽ جي هٿ تي، ڪڏهن ڳوٺ جي ڪنهن چڱي مڙس جي هٿ تي ووٽ ڏئي ڪري پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪيو آهي، ان جي عيوض کيس انهن ئي عوامي نمائدن وٽان بک، بدحالي توڙي بي روزگاري ملي آهي، پنهنجا حق گهرڻ تي تشدد، پنهنجي ڌرتي جي ڳالھ ڪرڻ تي کيس غدار جي لقبن ۽ عقابن سان نوازيو ويو آهي.
سنڌي ۾ هڪ چوڻي مشھور آهي تہ ٽہ ڏينهن چور جا تہ چوٿون ڏينهن ڀاڳئي جو بہ هوندو آهي، هاڻ ائين سمجهو تہ هي چوٿون ڏينهن هلي رهيو آهي، هاڻ چورن جا ٽہ ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن، ڀاڳئي گهڻو ئي ڀوڳيو، ڀاڳئي گهڻو ئي انتظار ڪيو تہ حالتون تبديل ٿين پر ائين نہ ٿيو ان لاءَ هاڻ ڀاڳين هٿ ۾ ٽچ موبائل کڻي ڪري چورن کي نروار ڪرڻ شروع ڪيو جنهن جي ڪري هن وقت پوري سنڌ ۾ چور موبائل فون کان ائين لنوائڻ لڳن ٿا جئين ڪائون ڀڄي ڪمان کان.
روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
9 جولاءِ 2018