ڪالم / مضمون

سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
Title Cover of book سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

بلوچي ٻولي تي سنڌي ٻولي جو اثر

سڀ ٻوليون بنيادي طور تي اظهار ڪرڻ جون هڪ نادر نمونو آهن ليڪن ان سڀ ڪجھ جي هوندي ڪجھ ٻوليون پنهنجي آس پاس ڳالهائي ويندڙ ٻولين جو اثر قبول ڪري وجهنديون آهن جنهن سبب سندن اصلوڪي صورت ۾ بگاڙ اچڻ شروع ٿيندو آهي يا وري ڪجھ ٻوليون اِن جي ڪري بہ ٻين ٻولين جو اثر قبول ڪنديون آهن جو انهن وٽ لفظن جي اڻاٺ هوندي آهي، سنڌ اندر جيتوڻيڪ هن مهل مختلف قبيلن، ذاتين ۽ برادرين جا ماڻهون رهائش پذير آهن، ڪجھ قبيلن، ذاتين يا برادرين ۾ اڃا تائين سندن اُها ئي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي جيڪا ٻولي سندن بنيادي ٻولي آهي مطلب تہ جيڪا ٻولي سندن وڏن سنڌ اندر اچڻ کان اڳ ڳالهائي هوئي يا ڳالهائيندا ايندا هئا.

جئين تہ پوري سنڌ جي مجموعي طور تي زبان سنڌي ڳالهائي ويندي آهي ۽ سنڌ اندر رهندڙ سڀئي ذاتيون هڪ ٻي سان هم ڪلام ٿيڻ وقت هڪ ٻي سان سنڌي ٻولي ۾ گفتگو ڪندا آهن پوءَ ڀل ڇو نہ اُهي فرد پنهنجي گهر اندر سرائيڪي، بلوچي يا پٺاڻڪي ڳالهائيندا هجن، اهڙي ريت هن وقت سنڌ اندر رهندڙ بلوچي ٻولي ڳالهائيندڙ فردن جي بلوچي زبان تي سنڌي ٻولي جا اثر چٽا ۽ واضع نظر اچن ٿا، جيتوڻيڪ اِهو اثر ٻين ٻولين بہ قبول ڪيو هوندو ليڪن ٻين ٻولين تي اِهو اثر اڃا ايترو واضع نظر نہ ٿو اچي جيترو بلوچي ٻولي تي نظر اچي رهيو آهي، اچو تہ ان اثر تي هڪ نظر وجهون ۽ اهو معلوم ڪريون تہ بلوچي ٻولي تي سنڌي ٻولي جو اثر ڪئين آهي.

بلوچي ٻولي ۾ هڪڙو لفظ ڳالهايو ويندو آهي” پاڙو“، جيڪو سنڌي ۾ پڻ لفظ ” ڳوٺ“ جي جاءَ تي قطب ايندو آهي حالانڪ مختلف ماڻهن جي مجموعي کي ڳوٺ سڏبو آهي ۽ وري هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ئي برادري يا وري رهائيش پذير مختلف برادرين جا الڳ الڳ پاڙا هوندا آهن، هاڻ بلوچي ٻولي وٽ لفظ” ڳوٺ“ جي جاءَ تي پنهنجو لفظ” حلخ “ موجود آهي، حلخ مطلب ڳوٺ، ليڪن بلوچي ٻولي کي ڳوٺ اندر موجود ٻين پاڙن کي بيان ڪرڻ لاءَ لفظ نہ آهي جنهن ڪري بلوچي ٻولي پنهنجي ڳوٺ ۾ موجود مختلف پاڙن کي بيان ڪرڻ لاءَ سنڌي ٻولي کان مدد وٺندي لفظ” پاڙي“ کي قطب آڻي ٿو جنهن وسيلي هُو پنهنجي ڳوٺ جي مختلف پاڙن کي واضع ڪري ٿو ۽ جهڙي معنيٰ ۽ مفهوم سان لفظ پاڙو سنڌي ۾ قطب اچي ٿو بلڪ اِهڙي ئي معنيٰ ۽ مفهوم سان ساڳيو لفظ بلوچي ٻولي ۾ پڻ قطب اچي ٿو.

بلوچي ٻولي ۾ هڪ ٻيو لفظ آهي” ڪنگو“ جيڪو سنڌي ٻولي جي لفظ” ڦڻي“ جو ٻيو يا متبادل نالو چئي سگهو ٿا، هاڻ اِهو ڪنگو/ڦڻي ٻئي لفظ سنڌي ۾ قطب ايندا آهن ڪٿي ڪنگو چيو ويندو آهي تہ وري ڪٿي کيس ڦڻي چيو ويندو آهي، بلوچي ٻولي اِن ساڳي شئي کي پنهنجي ٻولي ۾ لفظ” ڪنگو“ طور سمائي ڇڏيو آهي، بلوچي ۾ اِن شئي کي ڦڻي چوڻ جي بجاءَ ڪنگو چيو وڃي ٿو حالانڪ ڪنگو بذات خود سنڌي ٻولي ۾ قطب اچي ٿو ليڪن اِن جي باوجود بلوچي ٻولي وٽ ان لفظ جي نہ هجڻ سبب ائين کڻي چئجي تہ اُن سنڌي ٻولي کان سندس متبادل لفظ کي اڌارو وٺي ڪري پنهنجي ٻولي ۾ سمائي ڇڏيو آهي جنهن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو تہ واقعي سنڌي ٻولي جو اثر بلوچي ٻولي تي باقاعده آهي ۽ وري بلوچي ٻولي سندس اِن اثر کي فراغ دلي سان قبول ڪيو آهي.

اهڙي ريت بلوچي ٻولي ۾ ڪافي سارا اِهڙا لفظ آهن جيڪي بنيادي طور تي سنڌي ٻولي جا الفاظ آهن ليڪن انهن کي ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم سان بلوچي ٻولي ۾ پڻ قطب آندو وڃي ٿو، اِهڙي نموني جا ڪجھ الفاظ هيٺ بيان ڪجن ٿا.

کٽ رلي واچ پنا اڇو ڳاڙها نارنگي صوف ڪيلا منڊي صابڻ ٿنڀا رستا بٽڻ ڪڙٻ لوسڻ ڦٽي رائي ساڳ ڀينڊي ديڳڙي ويلڻ پنڊي ڪرسي وغيره وغيره.

مٿي بيان ڪيل چند لفظن کي پڙهي ڪري اِهو معلوم ٿئي ٿو تہ بلوچي ٻولي تي سنڌي ٻولي جو اثر تمام تر گهرو ۽ گهاٽو آهي، مٿي بيان ڪيل لفظن کان علاوه اڃا بہ کوڙ سارا اِهڙا لفظ آهن جيڪي بلوچي ٻولي ۾ قطب ايندا آهن، سڀني لفظن کي هتي لکڻ جي گنجائش نہ آهي اِن لاءَ فل حال ڪجھ ئي لفظ سمجهاڻي طور قطب آندا آهن، سنڌي ٻولي جيتوڻيڪ پنهنجي اندر مختلف ٻولين جي لفظن کي سمائي ڪري رکيو آهي ۽ انهن بنيادن تي اوهان اِهو اعتراض بہ ورائي سگهو ٿا تہ مٿي بيان ڪيل فلاڻو لفظ سنڌي ٻولي جو بنيادي لفظ ڪونہ آهي، اِهڙي ريت اوهان جو اعتراض درست بہ ٿي سگهي ٿو ليڪن هتي هڪ ڳالھ جي وضاحت بہ ضروري آهي تہ بلوچي ٻولي ۾ قطب ايندڙ سنڌي لفظ سڌي طرح سنڌي ٻولي کان ئي اثر طور قبول ڪيا ويا آهن پوءَ ڀلي ڇو نہ اُهي لفظ ٻين ٻولين جا هجن، ڇو تہ سنڌ اندر رهندڙ بلوچي ڳالهائيندڙ آبادين جو سنئو سڌو سماجي ڳانڍاپو ۽ لاڳاپيو سنڌي ڳالهائيندڙ فردن سان گهڻو آهي جنهن جي ڪري سندن ٻولي تي بہ اثر سنڌي ٻولي جو گهرو ۽ گهڻو آهي.

ڇو تہ علاقائي زبانون علاقائي آبادين تي پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن، ڪجھ ٻولين جا اثر گهرا ۽ ديرپا ثابت ٿيندا آهن تہ وري ڪن ٻولين جا اثر وقتي ۽ ناپيد ثابت ٿيندا آهن، جيڪا ٻولي ڳالهائڻ سان گڏ لکي ويندي آهي اُها ٻولي پنهنجي بقا جي جنگ کٽي ويندي آهي ۽ وري جيڪا ٻولي لکڻ جي بجاءَ صرف ڳالهائي ويندي آهي(جهڙوڪ بلوچي) تہ اُها ٻولي پنهنجي بقا جي جنگ ۾ شڪست کائيندي آهي، بلوچي ٻولي کي لکڻ مهل اردو جي رسم الخت کي قطب آندو ويندو آهي ڇو تہ اڄ ڏينهن تائين بلوچي ٻولي جي پنهنجي بنيادي الفا بيٽ/رسم الخت ايجاد نہ ٿي سگهي آهي جنهن کي استعمال ڪندي بلوچي ٻولي کي ڳالهائڻ سان گڏ لکيو بہ وڃي ۽ سندس لکت کي محفوظ ڪري کيس هميشه لاءَ امرتا بخشي وڃي، سنڌ اندر هن مهل بلوچي ڳالهائيندڙ فردن ڳچ انگن ۾ موجود آهن ليڪن سڀ جا سڀ بلوچي ٻولي کي لکڻ کان قاصر آهن ۽ لکڻ واري معامري ۾ نج سنڌي ٻولي کي قطب آڻيندي هڪ ٻي سان هم ڪلام ٿيندا آهن.

روزاني هلال پاڪستان
تاريخ 26 آڪٽوبر 2018