ڪالم / مضمون

سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
Title Cover of book سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

ڇا سنڌ کي چورن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏجي

لفظ سياست جي مفهوم تي فڪر ڪندي هڪ ڳڻتي ورائي ٿي وڃي تہ ڇا سياست يا جهموريت هڪ ئي خاندان جي ساڳين فرد کي مسلسل چونڊڻ جو نالو آهي يا عوام کي خوشحالي جي دولاب ۾ رکي ڪري هر دفعي انهن سان چالاڪي ڪرڻ جو نالو سياست آهي، اگر ائين ناهي تہ پوءَ سنڌ اندر انهن مظلوم ماڻهن جي آواز کي طاقت نصيب ڇو نٿي ٿئي جيڪي حڪومتي دورن ۾ رڙيون، دانهون ۽ ڪوڪو ڪن ٿا، انهن جي دانهن جو درمان ڇو نٿو ٿئي، سندن آوازن کي ٻڌڻ بدران دٻايو ڇو ٿو وڃي، کين هيسايو ۽ دٻايو ڇو ٿو وڃي، اليڪشن کان پهريان پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف سوشل ميڊيا تي ٻاريل باھ پوري سنڌ جي عوام کي اهو تاثر ڏنو تہ سنڌ جا ماڻهون پاڪستان پيپلز پارٽي کان بيزار آهن ۽ وري جڏهن هاڻ اليڪشن ٿي چڪي آهي ۽ سنڌ جي سياست تي هڪ نظر ڦيرائجي ٿو تہ اهو پتو پوي ٿو تہ سنڌ جي اڪثر اهم تڪن تي پ پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، آخر سوچڻ جهڙي ڳالھ اِها آهي تہ سنڌين جي پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف اجتماعي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪيڏانهن وئي، اِها ڪاوڙ ۽ ڪروڌ حقيقي روپ ۾ سامهون ڇو نہ آهي، سنڌ جي عوام پاڻ سان ٿيل نا انصافين جو ازالو ووٽ جي طاقت کي استعمال ڪندي ڇو نہ ڪيو، وري بہ ساڳين ڀوتارن ۽ لٽيرن کي پاڻ مٿان قابص ڪري آخر ڪار سنڌ جا ماڻهو چاهن ڇا ٿا، هڪ طرف پنهنجي پوري زندگي قومي سياست کي ارپيندڙ سائين جلال محمود شاھ توڙي سائين زين شاھ جهڙا اهم سنڌ پرست ناڪام ٿين ٿا تہ وري ٻي طرف اياز لطيف پليجو، محترم علي قاضي، استاد لياقت ميراڻي توڙي مولانا راشد محمود سومري صاحب جهڙا اعلي ظرف اڳواڻ بہ حڪومتي چالاڪي جو شڪار ٿيندي پنهنجن تڪن تا سوڀ حاصل نٿا ڪن، عام ماڻهو جهڙي ريت اليڪشن کان مطمئن آهن تهڙي ريت سنڌ جا اهم اڳواڻ ۽ سنڌ پرست فرد اليڪشني چالاڪين سبب فڪر ۾ ورتل آهن ڇو تہ هن اليڪشن کي هڪ سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت عمل ۾ آندو ويو آهي، اليڪشن ٿيڻ کان تمام جلد ئي آر ٽي ايس سسٽم جو خراب ٿيڻ ۽ نتيجن جو دير سان اعلان ٿيڻ مطلب تہ هن اليڪشن کي اليڪشن نہ پر سليڪشن چئي سگهجي ٿو، ڇو تہ مٿان ويهي ڪري جن جي حق ۾ فيصلا ڪيا ويندا اُهي فيصلا عام ماڻهون کي صدقنا آمنا چئي ڪري قبول ڪرڻا پوندا، اهڙي ريت هن دفعي واري اليڪشن مونجهارن مٿان مونجهارن پيدا ڪري رهي آهي.

هڪ طرف تمام سياسي پارٽين جي پاڻ ۾ گڏجاڻين جو فيصلو ٻي طرف ڪجھ سياسي پارٽين جو اليڪشن جي نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ ٽي طرف وري اهڙا امڪاني ڪم جن جي صادر ٿيڻ سان هزارين سوال جنم وٺن ٿا ۽ ذهن ۾ شڪ جو پهلو سگهارو ٿي ٿو تہ اهڙي ماحول ۾ ملڪ جي بهتري جي ڪهڙي توقع ڪري سگهجي ٿي، ڪهڙي ريت اهو سمجهجي تہ هاڻ سنڌ جا سور ساڳيا نہ رهندا، اهو ڪين مڃي وٺجي تہ هاڻوڪي حڪومتي دور ۾ ڪراچي جي رستن تي سنڌ جي نياڻين جي تذليل نہ ٿيندي، اهو ڪين مڃي وٺجي تہ هاڻ ڪراچي ۾ روڊن تي استادن تي لٺيون نہ وسايون وينديون سندن تذليل نہ ڪئي ويندي، کين گهر کان بي گهر نہ ڪيو ويندو، اهو سڄو ڪار وهنوار ڪهڙي ريت دم ٽوڙيندو ڇو تہ وري بہ اُهي ئي ساڳيا حڪمران ڪامياب ٿيا آهن جن کي پوري قوم رد ڪيو هو، جن عام ماڻهو جي تقدس کي نہ سمجهندي کيس ويڪائو چيو هو سندس ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪيو هو ۽ کيس ڇولا وڪڻڻ واري تجويز ڏني هئي، هاڻ اُهي ساڳيا حڪمران ڪهڙن اصولن تحت سنڌ جي ماڻهن ۽ خاص طور تي سنڌ جي مفادن تي جنگ لڙندا، يقنن اهڙو ڪجھ ڪونہ ٿيندو سنڌ جا سور متان اڳ کان وڌيڪ ناسور ٿين ۽ پوري سنڌ انهن ماڻهن کي پاراتو ڏي جن سنڌ جي حقيقي وارثن ۽ ڀٽائي جي گيتن جهڙي شفاف شخصيت رکندڙ فردن کي ڪامياب ٿيڻ لاءَ ساٿ نہ ڏنو، ان لاءَ سنڌ کي اهڙن چورن جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي، سو اچو تہ سنڌ جي مفادن لاءَ پنهنجي جنگ وقت جي فرعونن سان جوٽيون ۽ کين اهو احساس ڏياريون تہ اسان پنج هزار سال پراڻي تھذيب جا وارث آهيون، هي ڌرتي اوهان جهڙن چورن جي ناهي بلڪ هي ڌرتي انهن فردن جي لاءَ آهي جن کي پاڻ کان وڌيڪ ٻين جو اُنو رهندو آهي.

روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
29 جولاءِ 201