ڪالم / مضمون

سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
Title Cover of book سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

سنــڌ جي تعليـم تـي تجـرباتي حــربا

سنڌ حڪومت جهڙي ريت سنڌ جي تعليم تي تجرباتي حربا وقت بہ وقت هلائيندي رهندي آهي، اهڙي ريت ڪجھ سال پهريان سکر آي بي اي کي سنڌ جي اندر تعليم جي معيار جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ کيس هڪ ميگا پراجيڪٽ ڏنو ويو، جنهن جو نالو مختصرن سيٽ رکيو ويو، هن پراجيڪٽ تحت پوري تعلقي منجھ پرائمري جي پنجين ڪلاس ۽ مڊل جي اٺين ڪلاس جي ٻارن کان هر سال ٽيسٽ ورتي ويندي آهي، ٽيسٽ جي نوعيت اِها هوندي آهي تہ اُها آبجيڪٽو ٽائپ هوندي آهي.

سکر جي واحد يونيورسٽي جنهن جو نالو کڻڻ شرط ئي اصول ۽ ضابطا ذهن تي اُڀري اچن ٿا، اگر سندس ڪنهن خامي جو تذڪرو ڪجي ٿو تہ ان اداري ۾ پڙهندڙ اسان جا يار وڏيون اکيون ڪري اسان طرف ڌڪارت واري نظر سان ڏسن ٿا، انهن کي ڪير سمجهائي تہ سهڻا سائين هي ادارو آخرڪار انسانن جو تخليق ڪيل آهي ۽ غلطيون ڪرڻ انسان جو فطري عمل آهي، هن اداري کي ملائڪ ٿورئي ٿا هلائين جو هنن کان غلطي نٿي ٿي سگهي، پاڻ هتي ان سيٽ پراجيڪٽ جي مجموعي ڪارڪردگي تي روشني وجهنداسين.

سڀ کا پهريان هن پراجيڪٽ جا واڳ جن واڳ ڌڻين جي حوالي ڪيا ويا انهن دوستن جو انهن تعلقن سان ايترو خاص لڳ لاڳاپو ڪو نہ هو، جهڙوڪ مثال طور ٺري ميرواه تعلقو جن دوستن کي ڏنو ويو اُهي بنيادي طور تعلقي گمبٽ جا رهواسي هئا، هر روز ٺري اچڻ توڙي وڃڻ عيوض سندس وقت توڙي وسيلا خرچ ٿيندا رهيا، ان کان علاوه ٻي تعلقي جي هجڻ سبب کين مختلف اسڪولن ۾ استادن جي ناز نخرن سان پڻ منهن ڏيڻو پيو، ٽي ڳالھ تہ کين اسڪولن جي صحي دڳ پنڌ توڙي روٽ جي مڪمل سڌ ڪا نہ هئي جنهن سبب ڳپل وقت جو بي وجا خرچ ٿي پوندو هو.

ان کان علاوه مختلف اسڪولس جن کي سينٽر منتخب ڪيو ويو هيو اُتي انهن ۾ بہ ڪافي پيچيدگيون ڏسڻ وٽان مليون، جهڙوڪ ڪنهن اسڪول جون جوابي ڪاپيون ان اسڪول جي داخلا جي تناسب سان گهٽ نڪتيون، وري ڪٿي داخلا جي تناسبت کان وڌيڪ جوابي ڪاپيون ميسر ٿيون، ڪٿي ڪن ڪاپين ۾ ٻولي جو تضاد نڪتو، پورو اسڪول سنڌي ميڊيم وارو آهي تہ اُتي وري ڪاپيون انگريزي يا اردو ميڊيم وارو نڪتيون، مطلب تہ اهڙا تضاد هر روز هر ڪنهن نہ ڪنهن اسڪول ۾ نڪرڻ شروع ٿيا جنهن جي سبب انهن جو منفي تاثر استادن، شاگردن ۽ والدين جي ذهنن تي پوڻ لڳو، ان کان علاوه اُتر جي اسڪول کي ڏکڻ واري سينٽر اسڪول ۾ رکيو ويو تہ وري ڪٿي اولھ وارن اسڪولن کي اوڀر واري سينٽرن ۾ رکيو ويو مطلب تہ سڄو سسٽم ئي ڌرم ڀرم، خاص طور تي نياڻيون ان ڳچ پنڌ واري مفاصلي ۾ تڪليف زده ٿيون.

شروع شروع ۾ پوري تعلقي منجھ هر هڪ اسڪول جي استادن ۾ هڪ عجيب قسم جي خوف واري لهر ڇائجي وئي، هر ڪنهن کي ان ڳڻتي اچي ورايو تہ اگر جي ان جي اسڪول جي پڙهائي جو تناسب گهٽ آيو تہ شايد سندس اسڪول کي بند ڪيو ويندو يا وري ڪجھ استادن جو اهو خيال پڻ هو تہ اگر جي انهن جي شاگردن هن ٽيسٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري تہ متان کين ڪنهن انعام يا وري اسڪالرشپ ڏني وڃي، اهڙي ريت ان خوف جي سبب هر هڪ سينٽر ۾ استادن گڏيل طور هر هڪ ٽيم جي سٺي نموني مهمان نوازي ڪئي ۽ ڪچهري ئي ڪچهري ۾ هن ٽيسٽ جي اصليت بابت سوال پڇي ڪري پنهنجا مونجهارا ختم ڪرڻ لڳا، اهڙي ريت هي پراجيڪٽ مسلسل چوٿين سال کان وٺي ڪري هر سال جي فيبروري مهيني ۾ ورجائي ويندي آهي.

هاڻ تہ استاد بہ سمجهي چڪا آهن تہ هي ٽيسٽ سڄو سارو ٽوپي ڊرامو آهي، مسلسل چار سال سنڌ جي تعليم جو ڪاٿو هڻندي اڃا تائين سنڌ حڪومت اِها سٽ ڪانہ سٽي سگهي آهي تہ هاڻ اڳتي لاءِ کين ڪهڙي حڪمت عملي جوڙڻ کپي جنهن تحت سنڌ جي خاص طور تي ٻهراڙي جي تعليم سڌري سگهي، هن ٽيسٽ تي هر سال حڪومت لکين رپيا خرچ ڪري ٿي پر بدلي ۾ کيس ملي ڇا ٿو ؟
آڳوٺو
سنڌ جي اسڪولن کي ڇا ٿو ملي ؟
آڳوٺو
سنڌ جي شاگردن کي ڇا ٿو ملي ؟
آڳوٺو
هر سال ٽيسٽ جو ورجاءُ ٿيڻ جي باوجود بہ هن ٽيسٽ ۾ هر سال غلطيون ٿين ٿيون، جنهن جي ڪري اسڪولن مان سندن ٻارن کان ورتل ٽيسٽ جي صحيح نيتيجو لاڳاپيل استادن ڏانهن نٿو موڪليو وڃي، ڪافي دفعا ائين ٿيو آهي تہ هڪڙي اسڪول جو رزلٽ ٻي اسڪول ڏانهن موڪليو ويو، ٻي اسڪول جو رزلٽ ٽي اسڪول ڏانهن، مطلب مڙئي سڄي ڪم کي گهن چڪر ڪري اير ڦير ۾ وجهي وقت پہ ٽپايو ويو
هڪڙي پاسي سکر آي بي اي معياري تعليم جو نارو بلند ڪري پنهنجو ڳاٽ اُچو ڪري ٻين آڏو سرهائي سان پيش اچي ٿي تہ ٻي طرف ٻهراڙي جي اسڪولن جي معيار جاچڻ خاطر سندس اِها بي ڌهاني ڪهڙي ذمري ۾ شمار ڪجي؟
ڇا کيس صرف پراجيڪٽ جي تڪميل ٿيڻ جو انتظار آهي ؟
ڇا کيس صرف پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ جي ڳڻتي آهي؟
ڇا کيس سنڌ جي ٻهراڙي جي تعليم بابت ڪا ڳڻتي يا فڪر ڪونہ آهي؟
اگر جي آهي تہ پوءِ ان ٽيسٽ جي پوري پنجن سالن جي عرصي ۾ ان ٽيسٽ جي طريقڪار کي درست ۽ پر اثرائتي ڇو نہ بڻائي سگهي آهي؟
آخر هن ٽيسٽ ۾ هر سال غلطيون ڇو ٿيون ٿين، انهن غلطين جو اثر اهو ٿو ٿي جو اسان کي تعليم جي اصلوڪي نوعيت ۽ حالت جي صحي خبر نہ ٿي پوي، اسين هميشه جيان ٻڏتر جا شڪار رهو ٿا.

اگر سکر آي بي اي هن پراجيڪٽ بابت هڪ پرسنٽ بہ سنجيده آهي تہ پو۽ هن سيٽ پراجيڪٽ کي مڪمل طور تي شفاف ۽ اثر انداز ڪرڻ لاءِ هيٺين نقطن تي غور ڪري
سڀ کان پهريان هن ٽيسٽ جو تعلقہ ڪو آرڊينٽر ۽ ٽيم جا ٻيا فرد ان تعلقي جا منقعد ڪري، ۽ انهن لاءِ تعليم جو شرط اهو هجي تہ تعلقہ ڪو آرڊينٽر گهٽ ۾ گهٽ ۾ ايم فل ۽ باقي ٽيم ممبران ماسٽرس يا وري ڪنهن مخصوص شعبي ۾ آنرس جي ڊگري رکندڙ هجن، ان کان علاوه پوري ٽيم کي هڪ هفتو ٽرينگ ڏين، جنهن ۾ استادن سان درپيش مسئلا، ٽيم جي ڪم جو نوعيت، ٽيسٽ وٺڻ دوران درپيش ايندڙ مسئلا ۽ انهن جا حل ڊسڪس ڪيا وڃن تہ جئين آئيندا نئي مرحلي ۾ ڪنهن بہ مسئلي سان آشنا نہ ٿيڻو پوي.

ان کان علاه ٽيسٽ وٺڻ جي تاريخ کان ٻہ مهينا اڳ اسڪولن جي موجوده داخلا جا انگ اکر گڏ ڪيا وڃن سي بہ ميڊيم وائيز، پو۽ انهن انگن اکرن موجب جوابي ڪاپيون ٺهرايون وڃن، ان کان علاوه تعلقي جي سڀني هيڊ ماسترن جي هڪ گڏيل گڏجاڻي منقعد ڪئي وڃي جنهن ۾ انهن جي رضامندي سان سينٽرس مقرر ڪيا وڃن ۽ وري انهن سينٽرن ۾ انهن جي راءَ مطابق لاڳاپيل اسڪول ڳنڍيا وڃن تہ جئين ڪنهن کي بہ ٽيسٽ ڏيڻ وقت ڪنهن بہ تڪليف کي منهن نہ ڏيڻو پوي.

اسڪولن جي ڪاڪردگي رپوٽ سيڪريٽري ڏانهن اماڻي وڃي جنهن اسڪول جا انگ اکر گراف ۾ ڊائون طرف ويندا هجن تہ ان اسڪول خلاف ايڪشن ٿيڻ گهرجي، تڏهن ئي تہ تعليم بهتر ٿي سگهي ٿي، باقي رڳو هر سال خالي ٽيسٽ وٺي وري پورو سال گم شم، وري نئي سال ظاهر ٿيڻ مان ڪو فائدو تہ ٿي ئي ڪو نہ ٿو، ها باقي هر سال وقت جو ذيان ڏاڍو معتبر طريقي سان ٿي ٿو سو بہ آي بي اي جي مقدس نالي سان.