ڪالم / مضمون

سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
Title Cover of book سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

خوشــحال سنــــــڌ جو خــــواب

سنڌ ڌرتي جو هر هڪ حلالي پٽ، سنڌ ڌرتي کي خوشحال توڙي سر و سبز ڏسڻ جو خواهشمند آهي، اسان توهان مان ڪوئي بہ اهو هرگز نہ چاهيندو تہ سنڌ ڌرتي تي اڃا تائين، پيري مريدي توڙي ڀوتارڪي نظام تحت يلغار جاري رهي، هاڻ گهڻو ٿي چڪو آهي، گهڻيون ئي ستم ظرفيون ۽ بي ڌيانيون برداشت ڪيوسين، هاڻ متحد ٿيڻ جو وقت اچي چڪو آهي.

وقت جي پڻ اها تقاضا آهي تہ هن وقت نئي قيادت کي سامهون آڻجي، اُن سياسي پليٽ فارم جو ساٿ ڏيڻ گهرجي جنهن جو ماضي بي داغ هجي، جنهن وٽ ڌرتي توڙي ڌرتي ڌڻين جو درد هجي، جنهن کي پنهنجي ڌرتي سان بي پناه محبت هجي، جنهن کي ڌرتي جو فڪر هجي، جنهن وٽ پنهنجي سوچ فڪر کان وڌيڪ ڌرتي ڌڻين جو فڪر گڏ هجي
حالتن جو جائزو وٺجي ٿو تہ اهو معلوم ٿي ٿو تہ هن وقت تائين سنڌ ۾ موجود هر هڪ سياسي پارٽي سنڌ تي حڪومت ڪئي آهي، هر ڪو اقتدار ڌڻي بڻيو آهي، مگر ڪنهن بہ سياسي پارٽي عوام جي مفادن لاءَ ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو کين ڪرڻ کپندو هو، هر هڪ پارٽي صرف جو صرف پاڻ کي اڳتي آڻڻ واري ڊوڙ جي ڪري سنڌ ڌرتي جي بنيادي حقن توڙي سندن هر هڪ فرد جي بنيادي حقن کان ڪناره ڪشي ڪئي آهي
جنهن سبب هر حالتن توڙي واقعاتن جي پذير ٿيڻ مهل جيڪا ڀوڳنا ڀوڳڻ نصيب ٿي آهي سو اُها ڀوڳنا صرف هتان جي عوام کي ئي ڀوڳڻ لاءَ مليو آهي، سندن ووٽن جي عيوض سندن اميدن توڙي خوابن جا جنازا ڪڍيا ويا، ڪڏهن کين ڇولا کپائڻ واري تجويز ڏني وئي تہ ڪڏهن وري کين سندن نهايت ئي اهم جز ووٽ خلاف اهو چئي تذليل ڪيو ويو تہ ” آءُ ووٽ تي پيشاب ڪندو آهيان.

جهموريت جو اهو ڍنگ ۽ ويس پائي ڪري هتان جي عوام جي جذبن کي هميشه مختلف نمونن سان ٺيس پهچايو ويو آهي، کين اهميت ڏيڻ بجاءَ، پاڻ کان ڪوه ڏور پري ڪيو ويو آهي، جنهن سبب هن وقت سنڌ جي عوام ۾ انتهائي اهم قسم جو مونجهارو ڇانيل آهي، سنڌ جو هر فرد هڪ نئي سياسي پليٽ فارم ۽ متبادل کي تلاشي رهي هئي جنهن وسيلي اهو فرد پنهنجي سياسي قبلن کان جهموري طرح سان بدلو وٺي سگهن ها.

سنڌ ڌرتي جي هر هڪ فرد جي اها ويڳاڻپ واري حالت ڏسي ڪري شايد قدرت واري کي سندن تقدير سنوارڻ واري سَٽ سُهجي، ان سنڌ ڌرتي جي تقدير بدلائڻ خاطر هتان جي عوام کي” تبديلي پسند پارٽي“ جي نالي سان کين متبادل فراهم ڪيو، هاڻ هتان جي عوام کي همٿ پاڻ ڪرڻي آهي.

هاڻ اهو بحث ڪڏهن بہ نہ ٿيندو تہ سنڌ جي ماڻهن کي سياسي متبادل ميسر ڪونہ آهي، هاڻ سنڌ هڪ نئي راھ تي گامز ٿيندي، جتان سندن خوشحالي جي سفر جو آغاز ٿيندو، ڇو تہ هاڻ هتان جو هر فرد پنهنجي ڌرتي کي سر سبز ۽ خوشحال ڏسڻ جو خواهش مند آهي، اسان جو سماج ڊگهو عرصو عليل رهيو آهي.

اسان جي عظيم ۽ شاهوڪار ڌرتي جي هر هڪ فرد کي مختلف طور ۽ طريقن سان مسئلن ۾ جڪڙي ڪري سندن سوچڻ واري سگھ کي يرغمال ڪري رکيو ويو هو، پر هاڻ هر وستي، هر وٿاڻ توڙي هر شهر ۽ ڳوٺ جو فرد معاشري ۾ تبديلي جو خواهش مند آهي، ڇو تہ گهڻو ٿي چڪو آهي، گهڻا ئي آسرا ۽ ڏٽا ملي چڪا آهن، گهڻا واعده ۽ وچن هن قوم سان ڪيا ويا آهن پر وري ٿيو ائين آهي جو اُهي واعده ۽ وچن وفا ناهن ٿيا پر انهن جي برعڪس انهن واعدن ۽ وچنن جي عيوض هتان جي عوام کي نئي ڀوڳنا نصيب ٿي آهي.

سنڌ کان علاوه پاڪستان جي ٻي ڪنهن بہ ٻي صوبي ۾ عوام کي ايتري دربدري ۽ ويڳاڻپ ناهي نصيب ٿي جيتري اسان جي شاهوڪار سنڌ ڌرتي جي فردن کي نصيب ٿي آهي، کين هر طرح سان اڪيلو ڪيو ويو، ڪڏهن کين قبيلائي جهيڙن ۾ جڪڙي ڪري رکيو ويو تہ وري ڪڏهن کين ذاتي مفادن جي ڄار ۾ ڦاسائي ڪري سندن قومي مفادن جو جنازو ڪڍيو ويو آهي.
پر تاريخ شاهد آهي تہ جڏهن بہ ڪنهن قوم پاڻ ۾ ايڪو ڪري، هڪ ٿي ڪري ڪنهن فرعوني طاقت خلاف جنگ جوٽڻ جي ڪوشش آهي تہ وقت انهن جي ٻڌي اڳيان ڳوڏا کوڙي ڪري کين فتح جي تاج سان نوازيندي رهي آهي، دنيا ۾ اهڙا کوڙا سارا مثال ملن ٿا.


روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
6 مئي 2018