گهوري جان جتن تان
هڪڙا آهن معاشري جا نالي ماتر شاعر حضرات، جيڪي پنهنجي هر هڪ ڦڪي، مٺي توڙي ڪچي تخليق تي بہ پنهنجو فوٽو اپلوڊ ڪري مڙئي پيا ماڻهن کان واھ واھ جو داد حاصل ڪندا آهن، هاڻ اِهڙن شاعرن کان ڪهڙن انقلابن جي اميد ڪجي، سندن تخليق مان ڪهڙا گل ڦٽندا، هنن ويچارن کي تہ پنهنجي شاعري کان وڌيڪ پنهنجي پاڻ سان پيار آهي، تڏهن ئي تہ پنهنجن فوٽن جي هڻا مار لاهيو ويٺا هوندا آهن، ٿيڻ ائين کپي ها تہ شاعر حضرات پنهنجي تخليق سان گڏ اُن عنوان سان ڪو ملندڙ جلندڙ تصوير گوگل کان کڻي ڪري اپلوڊ ڪن تہ جئين اُها تصوير سندن لفظن جي عڪاسي ڪري ۽ ٻين کي سندن شاعري منجھ سمايل رمز سمجھ ۾ اچي سگهن.
پر ائين ڪندا ڇو
ويچارن کي پاڻ بہ تہ ڏيکارڻو آهي
پاڻ بہ تہ وڻائڻو آهي
آخرڪار معاشري جا نالي ماتر مهان شاعر جو آهن، افسوس ٿيندو اٿم اهڙن شاعرن جي شاعري فيس بڪ تي ڏسي ڪري جن جا ٻوٿ ٻن لفظن جي سجاوٽ سان هر روز پيا اپلوڊ ٿيندا آهن، اهڙن شاعرن مان معاشرتي اصلاح جي ڪا بہ اميد نہ ٿي رکي سگهجي ڇو تہ اِهي ويچارا پنهنجي پاڻ منجھ قيد آهن.
اِهي ماڻهو خود پرستي جي بيماري ۾ مبتلا آهن، اِهڙن کي شاعر سمجهڻ بہ شاعري جي توهين ۾ شمار ٿيندي.
انهن کان علاوه هڪڙو ٻيو گروھ آهي، جيڪي صاحب پڻ اِن ساڳي ڪرت سان لاڳاپيل آهن، مطلب تہ ڏينهن ۾ ڪي چار يا پنج فوٽو اپلوڊ ڪري ڇڏيندا، فوٽو بہ وري ماشاءَالله اَهڙا جو ڏسڻ شرط ئي اندر سڙي وڃي تہ ٻيلي هي بہ ڪو فوٽو آهي جو اپلوڊ ڪيو اٿس، مطلب تہ عجيب و غريب فوٽو
مثال طور هڪڙا لکندا آهن
Traveling to Karachi
هاڻ ان صاحب کان پڇجي تہ صاحب ڇا ڪراچي ٻين ڪانہ ڏٺي آهي ڇا
جو تون ڏسڻ يا گهمڻ ٿو وڃي تہ وڏي ڳالھ ٿي وئي، وڏي ڳالھ تہ تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ڪو اهڙو ڪم/عمل ڪجي جو ٻين نہ ڪيو هجي تڏهن ئي اهو ڪم وڏي ڳالھ چورائبو آهي، ها وڏي ڳالھ تڏهن ٿي ها جڏهن لکي ها
Traveling to UK or Traveling to Germany
هاڻ چئجي ها تہ ها يار واقعي وڏي ڳالھ آهي، چاچا چگيز خان (ڪاٺير) جو پٽ آمريڪا وڃي پيو، يا فلاڻي ماستر، ڪلارڪ يا پٽيوالي جو پٽ جرمني وڃي پيو، هاڻ هي ڳالھ وڏي نوعيت جي ليکجي ها ۽ قابل فڪر بہ هجي ها
وري ٻيا لکندا آهن
Eating Biryani with Ali and 60 others at Dubai hotel
هاڻ ان صاحب عقل کان پڇجي تہ ادا برياني کائڻ ۾ ڪهڙي وري وڏي حڪمت جهڙي ڳالھ رکيل هئي جو تون اِن عمل کي بہ فيس بڪ تي رکي آزار وڌايو، هر ڪو برياني کائيندو آهي يا وري هر ڪنهن جي کاڌل هوندي آهي آخرڪار ان اسٽيٽس رکڻ ۾ نواڻ ڪهڙي آهي، وري جاهلاڻو عمل اِهو تہ ويٺو هوٽل ۾ اڪيلو هوندو مگر اِهو اسٽيٽس 60 ڄڻن کي ٽيگ ڪري ڇڏيندو.
واھ ڙي فيس بڪ تنهنجا ڪرشماتي معجزا
اهڙن فيس بڪ يوزرس تي وڏي باھ چڙهندي آهي، اصلي پارو مٿي چڙهڻ لڳندو آهي، ادا توهان کي سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻو آهي تہ ماڻهن جي اصلاح ڪريو يا وري اِهڙيون شيون ٻين سان ونڊ ڪريو جن مان ٻين کي ڪو فائدو پهچي
ڪا تربيت ٿي
ڪا نواڻ اچي
ڪا نئي سوچڻ جي راھ هموار ٿي
يا وري ڪنهن لاءَ ڪو فائدو وارو دڳ لڀي پوي
ائين ٿورئي ٿيندو آهي تہ هر گهڙي هر منٽ بس صرف پنهنجا ڌنڌلا، ڪارا، ڦڏا ۽ چٻا فوٽو پيا اپلوڊ ڪجن ۽ ٻين کي پيو ذهني اذيت ڏجي
يقينن ائين توهان کي بہ فيس بڪ تي ڪجھ مها مهانڊن جا مهانڊا ڏسي ڪري وڏي باھ چڙهندي هوندي
ڌڻي کي مڃو، پنهنجي ڏيکاءُ کان پرهيز ڪريو، ها پنهنجا فوٽو اپلوڊ ڪريو تڏهن جڏهن ڪنهن خاص مقام، جڳھ يا خصوصي گڏجاڻي ۾ شرڪت جو موقعو توهان کي نصيب ٿي يا وري زندگي ۾ ڪا ڪميابي نصيب ٿي، يا وري ٻين لاءَ ڪو اصلاحي يا معلوماتي عنصر هجي جنهن جي اپلوڊ ڪرڻ سان اهو سمجهو تہ ان عمل سان ٻين ۾ اتساھ يا محنت جو جذبو اُڀرندو پوءَ ڀلي اپلوڊ ڪريو، باقي اجائي سجائي جاهلاڻا وندر کان پاسو ڪريو ۽ پنهنجو ۽ ٻين جو وقت برباد نہ ڪريو نہ تہ تاريخ اوهان کي
ڪڏهن بہ ڪنهن بہ قيمت تي معاف نہ ڪندي.