ڪالم / مضمون

سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

يوسف جميل لغاري پنھنجي ديس جي دکن ۽ ڏکين حالتن کان آگاھ آھي. ھو پنھنجي قوم جي دردن ء سورن جي پوري پروڙ رکي ٿو. ان ڪري اھي سڀ ڳالھيون ھن ڪتاب جي ورقن تي کڻي اچي ٿو.
ھيءَ ڪتاب سندس مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. اھي مضمون ۽ ڪالم مختلف وقتن تي اخبارن م ڇپجندا رھيا آھن، جن کي ھتي سھيڙي ھڪ جاءِ تي رکيو ويو آھي.
Title Cover of book سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

سانجهِي ويلُ سُڏِڪَندڙ خُوابُ

هر روز الاءَ تہ ڪيترا خواب نيڻن ۾ سمائجي ڪري ساڀيان لاءَ پاڻ پتوڙن ٿا، هر هڪ خواب جفا ۽ وفا جي راھ تي هلندي ڪنهن ڪشمڪش جي اوتڻ ۾ اچي ڪري قربان ٿي ٿو، نماڻيون اکيون هن سماج جي ٺهيل دقيانوسي دستورن اڳيان مجبور ٿي ڪري مايوس ٿين ٿيون، ان سڀ ڪجھ هوندي بہ اندر مان هڪ آواز، هڪ صدا بلند ٿئي ٿي تہ اِها ڪاري رات هاڻ وڌيڪ پنهنجي گرفت کي مضبوط ڪري نہ سگهندي، چوندا آهن تہ ظلم جي رات کڻي ڪيتري بہ طويل ڇو نہ هجي پر ان کي صبح ٿيندي ئي ختم ٿيڻو هوندو آهي، اهڙي ريت هر رات جي ختم ٿيندي ئي نئي سج سان گڏ نئي اميد پڻ پيدا ٿيڻ لڳي ٿي جيڪا خوابن کي قوت بخشڻ جو باعث بڻجي ٿي.
پنهنجو ديس، وطن ۽ ڏيھ پکين کي بہ پيارو هوندو آهي، سڄو ڏينهن اڏامون ڪري وري بہ سانجهي ويل سڀئي پکي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ورن ٿا، اِها ورڻ واري ريت جي پاڻ سان بہ ڪجھ دلفريب ۽ دلربائي رشتو جڙيل آهي، سانجهي ويل جڏهن شام جا پاڇا نمودار ٿيڻ لڳن ٿا تہ ان مھل من اندر ماٺ ٿيل سڀ سور جاڳي پون ٿا، درد مهمان بڻجي ڪري دل جي دروازي تي دستخط ڏيڻ لڳن ٿا، سڄو سور بڻيل وجود هڪ دفعو وري ڏکارو ٿي پوي ٿو، ڏکارو هوندي بہ مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بہ هڪ ڪمال جي ڪاريگري آهي، دنيا ۾ تہ اڄڪلھ هر ٽيون فرد ڪنهن نہ ڪنهن شعبي ۾ ڪاريگر هجي ٿو، ڪو درد ڏيڻ ۾، ڪو ڏکارو ڪرڻ ۾، ڪو تڪيلف ۽ اذيتن ڏيڻ ۾ تہ وري ڪو اميدن تي پاڻي ڦيرڻ ۾ ڪمال جي ڪاريگري رکي ٿو.
انهن ڪاريگرين جي آڏو جڏهن ڳوٺ جا سٻاجهڙا نوجوان شڪار بڻجي ڪري سامهون پهچن ٿا تہ پوءَ انهن کان عجيب و غريب سوال ڪيا وڃن ٿا، اهڙي نوعيت جي آڏي پڇا ڪئي وڃي ٿي جو ماڻهو سوال جي جواب ڏيڻ بجاءَ پنهنجي جان ڏيڻ کي بهتر سمجهندو آهي، لفظن سان شخصيت جي تزليل ڪئي وڃي ٿي، کاٻي اک سان ڏٺل سڀ خواب کن پل ۾ ڌوڙ ٿي ڪري مٽي ۾ ملي وڃن ٿا، احساس اُسرڻ بجاءَ مروڙجي وڃن ٿا، هن سماج جا اِهي ئي ناروا سلوڪ نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترن ئي زندگي جي روشني کي اجهامڻ جو سبب بڻجن ٿا، اهڙا سلوڪ ازل کان زندگي جي مهڪ ۽ خوشبو سان ساڙ ڪندڙ آهن، سانجهي ويل سڏڪندڙ خواب جڏهن اکين ۾ لهي اچن ٿا تہ پوءَ اندر ۾ هڪ آند ماند پيدا ٿئي ٿي.
ائين محسوس ٿيندو آهي تہ ڄڻڪ سماج اندر موجود هر ڪا ڪرڙي اک مون ڏي نهاريندي هجي، هر ڪا سهاڳڻ پنهنجي سهاڳ وڃائڻ کان پوءَ مون کي ميار ڏيندي هجي، هر ڪا پکي شڪاري جي هٿ سان شڪار ٿيڻ کان پوءَ مون کي ان ڏوھ جو ڏوهي سمجهندي مون کان حساب طلب ڪندو هجي، هر وڻ، ٽڻ ۽ ساھ وارو جاندار آڪسيجن جي ڪمي جي شڪايت مون سان ڪندو هجي، هر ڪا ڳلي هر ڪا واهڻ، هر ڪا وستي پنهنجي اڪيلائي جو داستان مون سان سلڻ چاهيندي هجي، جڏهن بہ سانجهي ويل خواب سڏڪڻ شروع ڪندا آهن تہ آڪاش مٿان نمودار ٿيل ڪڪر روئڻ شروع ڪن ٿا، کنوڻ واڄٽ ڪري دانهون ڪرڻ شروع ڪري ٿي، سڄو سنسار سوڳ وار ٿيڻ لڳي ٿو.

ائين جڏهن زماني جا سڀ وهم ۽ وسوسا گڏجي ڪري ڪنهن هڪ ذهن کي يرغمال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن تہ اُن وقت ٽٽندڙ اميدون خوابن سان سلهاڙجي ڪري سڏڪڻ لڳن ٿيون، ڪائنات جون سڀ تخليقون بي اثر ۽ بي سواديون ٿي وڃن ٿيون، سڀئي شاعريون ۽ ڊائريون ڪنهن ڪوري ڪاغذ جيان خالي ۽ اڻپوريون ٿي ڪري سانوڻ جي مينهن وانگر جذبن سان کيڏڻ جي شروعات ڪن ٿيون، اِها شروعات جيڪا نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترن ئي ارمانن ۽ احساسن جو جنازو کڻي چڪي آهي، نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترن اميدن جو قاتل آهي، اِها شروعات جيڪا آدم جي پٽ هابيل، ڪابيل کي ماري ڪئي هئي سان ان شروعات جي اڃا پڄاڻي نہ ٿي سگهي آهي، اِها شروعات تہ اڃا اڳ کان بہ اڳڀري ٿي ڪري معصوم مکڙين جي مسڪراهٽ کي کسي رهي آهي، نا اميدي جو فصل جيڪو تيار ٿي ڪري هر ڪنهن اک مان سانجهي ويل خواب کي سڏڪڻ تي مجبور ڪري ٿي، سان گهڙي طويل هجڻ جي باوجود بہ پنهنجي ختم ٿيڻ جي خوف سان ٽمٽار هجي ٿي.

اُنداهيون ڪجھ وقت تہ ڪنهن کي يرغمال بڻائي سگهن ٿيون پر انهن کي هميشه ڪنهن تي فوقيت حاصل ناهي ٿي، تاريخ گواھ آهي تہ جڏهن بہ ظلم، ڏاڍ ۽ جبر حد کان وڌيو آهي تڏهن بغاوتن جنم وٺڻ شروع ڪيو آهي ۽ انهن بغاوتن جي اڳيان هر ڪنهن جابر توڙي ظالم حڪمران پنهنجا ڳوڏا کوڙيا آهن، انڌاري رات کي شڪست نصيب ٿي آهي ۽ فتح هر حال ۾ حق ۽ سچ جي ٿي آهي.

روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
12 آگسٽ 2018