اچو تہ ڌرتي جو قرض لاهيون
گهڻي ٽائيم کان وٺي ڪري ان ريت سنڌ جي عوام کي ذهني طور يرغمال بڻائي ڪري سندن حق ڦٻايا ويندا هئا، کين ڪوڙا آسرا ۽ ڏٽا ڏئي ڪري مصنوعي خواب ڏيکاريا ويندا هئا، سنڌ جو عوام ازل کان وٺي ڪري سٻاجهڙو رهيو آهي جنهن سبب کين سندن ان سٻاجهڙائپ گهڻو ئي نقصان ڏنو آهي، ان جي باوجود وقت هتان جي عوام کي گهڻن ئي حقيقتن کان آشڪار ڪيو آهي، هاڻ هن وقت سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي ۾ شعور جي جهلڪ نظر اچي ٿي، هن دفعي واري صورت حال، اڳ وارين صورت حالن کان مختلف نظر اچي ٿي هر ڪو سمجهي چڪو آهي تہ هتان جي حڪمرانن کي عوامي مفادن کان وڌيڪ ذاتي مفاد عزيز آهن.
سنڌ ڌرتي جي هاڻوڪي حالت تي هر قلم ڌڻي توڙي باشعور فرد فڪر مند آهي پر ڇا سندن اِها فڪر سنڌ جي هاڻوڪي حالت کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد گار ثابت ٿيندي، يقنن اهو فڪر تڏهن ڪارڳر ثابت ٿيندو جڏهن ان فڪر کي عملي طور سنڌ جي خوشحالي لاءَ قطب آڻبو، سنڌ ڳڻتي جوڳي حالت مان تڏهن ئي ٻاهر نڪري سگهي ٿي جڏهن سنڌ جا ماڻهو پنهنجي بهتر مستقبل لاءَ هن دفعي ووٽ وسيلي پنهنجا حڪمران درست نموني چونڊن، انهن حڪمرانن جو بائڪاٽ ڪن جيڪي کوکلن دعوائن تي ڪامراني جا ڪوٽ ٻڌن ٿا، عوام جي جذبن سان کيڏي ڪري کين اونداهي جي غار ۾ ڌڪيلن ٿا، هاڻ ڌرتي جي قرض لاهڻ جو وقت اچي ويو آهي.
جنهن ڌرتي منجهان اسان کي انيڪ قدرتي وسيلا جهڙوڪ تيل، گيس توڙي اڻ کٽ مادنيات ميسر ٿئي ٿي جن جي وسيلي مختلف ايجادون پايا تڪميل تائين پهچن ٿيون ۽ زروريات زندگي جون آلاتون تيار ٿين ٿيون، هاڻ ان ڌرتي کي اهنجن ۽ صدمن کان ٻاهر ڪڍڻ لاءَ اسان توهان کي سوچي سمجهي ڪري پوءَ فيصلو وٺندو پوندو، ڇو تہ زمين کي بجر بہ حڪمران ئي بڻائيندا آهن ۽ زمين کي جنت جي ٽڪري بہ حڪمران ئي پنهنجن پاليسين تحت بڻائيندا آهن، اِن لاءَ هن دفعي بهتر حڪمراني جي چونڊ اسان جي ڌرتي کي بجر بنائڻ کان بچائي وٺندي.
هن سماج جو هر هڪ باشعور ۽ ذميوار فرد جڏهن پنهنجي مٿان بهتر حڪمراني واري چونڊ جي ذميواري محسوس ڪندو تڏهن ئي اهو فرد بهتر حڪمراني جي عمل ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهندو ۽ ڌرتي جي قرض لاهڻ لاءَ پاڻ ملهائيندو، ان جي برعڪس هن معاشري جا جيڪي فرد غير سنجيدگي توڙي لاغرصي واري زندگي گذاري رهيا آهن جن کي پنهنجي مستقبل توڙي پنهنجي ڌرتي جي مستقبل جي ڪنهن بہ حساب سان ڪا ڳڻتي نہ آهي يقين رکو اُهي فرد اڳتي هلي ڪري گهڻن ئي ڀوڳنائن کي ڀوڳئيندا، کين پچتاءُ اچي پلئہ پوندو، ان لاءَ کين سگهو ئي ترت اپاءُ وٺڻ گهرجن
ڌرتي جنهن کي جيجل ماءُ جو خطاب ڏئي ساڻس اسان مخاطب ٿيندا آهيون، جنهن جي ڪوڪ ۾ اسين پرورش وٺندا آهيون، موت کان پوءَ جنهن جي سحن ۾ اسين ابدي طور آرامي ٿيندا آهيون، لازم آهي اسين ان جي بهتري لاءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، ان جي رهواسين جي فلاح، بهبود توڙي ڪامراني لاءَ پاڻ کي متحرڪ رکون، سستي ۽ ٽوٽائپ کي ترڪ ڪريون، اسان جي ان بي سستي، لاغرصي ۽ منهنجو ڇا وڃي واري فطرت اجتماعي طور اسان جي قوم کي ڪافي سارو نقصان ڏنو آهي ۽ اسان جي ڌرتي دردن جو ديس بڻجي وئي آهي، خوشحالي تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي جڏهن پاڪيزه توڙي شفاف ذهن رکندڙ فرد ايوانن ۾ پهچندا جن جي اولين ترجيع ڌرتي کي پر سڪون بنائڻ هجي، جن جا خواب نوجوانن جي جذبن تي اڏيل هجن، جن جا ڪم اسان توهان لاءَ قابل فخر هجن.
تڏهن ئي وڃي ڪري هي ڌرتي عالم انسانيت لاءَ بقا جو ڪم ڏئي سگهي ٿي، جتي بني آدم جي ترقي ممڪن ٿي سگهي ٿي، هن وقت ملڪ اندر لاقانونيت جي جيڪا فضا قائم ٿيل آهي انهي جو وڌ ۾ وڌ شڪار بہ اسين سنڌي ٿئون ٿا، اسان جي استادن کي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ٿو وڃي، اسان جي نياڻين جي سرعام تذليل ڪئي وڃي ٿي، اسان جي جوانن کي جبري طور کنڀي ڪري لاپتا ڪيو ٿو وڃي، اسان جي تعليمي ادارن ۾ ڪا سڌار يا بهتري نٿي آندي وڃي، اسان جون اسپتالون صحت جي بنيادي سهولتن ڏيڻ کان انڪاري آهن، هر شعبو هر ادارو تباهي ڪناري پهچي چڪو آهي، هي سڄي تباهي، سڄو نقصان صرف سنڌ جي کاتي ۾ ليکي ٿي وڃي
ان سڄي ڪار گذاري جا ذميوار اسان جا حڪمران آهن، اُهي اقتدار ڌڻي هجڻ جي باوجود بہ سنڌ جي بقا توڙي سندن حقن جي تحفظ لاءَ هڪ ٻڻڪ بہ ٻاهر نٿا ڪڍن، جنهن سبب سنڌ دشمن قوتون اڃا وڌيڪ سگهاريون ٿينديون ٿيون وڃن ۽ وري ڀوڳنا سنڌ جي عوام کي ڀوڳڻي ٿي پوي، سنڌ جا نسل در نسل فرد در بدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿين ٿا، اچو تہ سنڌ کي ان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪڍي ڪري خوشحالي واري گس تي آڻيون، سنڌ کي ماءُ جي هنج جيان بڻايون جتي سنڌ ڌرتي جي هر هڪ فرد کي سک، سڪون، امن و امان ۽ شان و شوڪت گذارڻ جو موقعو ملي، خوشحال سنڌ جا ماڻهو دنيا آڏو سنڌ توڙي سنڌين جي شان ۽ مان کي چار چنڊ لڳائي ڪري کين وڌيڪ مهذب ۽ معتبر قوم ثابت ڪندا، اچو تہ ڌرتي جي قرض کي لاهيون، پراڻن ڀوتارن، وڏيرن توڙي لٽيرن کي اسميبلي حالن تائين پهچڻ جو موقعو ئي نہ ڏيون..
روزاني هلال پاڪستان، ڪراچي
9 جون 2018